سفيد پوش همراهه جڏهن زالهنس کي گهوڙي جي بدلي ۾
رڍ وٺڻ تي خوش ٿيندي ڏٺو ته چيو: ”ڀلا ٿورو پنهنجي
مڙس کان اهو ته پُڇو ته هن رڍ ڪيڏانهن ڪئي؟“
”هائو! ٻُڌائي تو اُن رڍ جو ڇا ڪيو؟“ زالهنس،
مڙسهنس کان پڇيو:
”آءٌ اها رڍ کڻيو پي ويس ته هڪ شخص کي بدڪ سان
ويندي ڏٺم. بدڪ اهڙي ته ٿلهي ۽ چرٻيءَ واري هئي،
جو کڻي ڳالهه ڇڏ. مون سوچيو جيڪڏهن رڍ ڏيئي کانئس
بدڪ وٺان ته اسين ٻيئي ان جو گوشت ڀُڳي مزي سان
کائينداسين.“ پوڙهي چيو.
”واقعي! تون ڪيڏو نه سٺو آهين. سدائين منهنجي خوشي
۽ پسند جو خيال ڪندو آهين. بدڪ جو ڀُڳل گوشت مون
کي گهڻو وڻندو آهي.“ زالهنس چيو. ان موقعي تي ان
همراهه مداخلت ڪندي چيو: ”پر هو پاڻ سان بدڪ ڇو نه
کڻي آيو. اهو ته پُڇوس.“
زالهنس جڏهن سواليا انداز ۾ مڙسنهس کي ڏٺو ته هن
ٻُڌايس. ”آءٌ بدڪ کڻي گهر پئي آيس، جو منهنجي نظر
هڪ نينگر تي پئي، جيڪو صوفن جي ٽوڪري کڻيو پي ويو.
مون سوچيو صوف توکي وڻندا آهن ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ تو
صوف جي سُڌ پڻ ڪئي هئي. تنهن ڪري جيڪڏهن صوف وٺيون
وڃان ته تون ڏاڍي ڪا خوش ٿيندينءَ.“
”اهو ته تو ڏاڍو چڱو ڪيو. تون ڪيڏو نه سٺو آهين.
سدائين منهنجو خيال پيو رکندو آهين“. زالهنس
خوشيءَ جو اظهار ڪندي چيو.
سفيد پوش شخص پوڙهيءَ جي زال جو رد عمل ڏسي پريشان
ٿي ويو ۽ هن پگهر ڳڙڻ لڳو. هن ڪنهن مهل پوڙهي ته
ڪنهن مهل زالهنس کي ٿي ڏٺو. پوءِ مائيءَ کي چوڻ
لڳو:
”تون ان ڳالهه تي خوش پئي ٿيئن؟ پر توکي ته ان
ڳالهه تي ڪاوڙ اچڻ کپي.“
”اُن ۾ ڪاوڙجڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ ڇا ان ڪري ته
منهنجو مڙس منهنجي لاءِ صوف وٺي آيو آهي... انڪري
ڪاوڙجان!“ زالهنس وراڻيو
”پر مائي! اهو ته سوچ ته گهوڙي جهڙي قيمتي شيء
ڏيئي هن فقط صوف آندا آهن. ڇا اهو نقصان وارو سودو
ڪونهي.“ ان همراهه پڇيو
”پر گهوڙو ته اسان جي ڪنهن به ڪم ڪو نه هو.“
زالهنس وراڻيو.
”ان جو مطلب ته تون مڙسهين جي ان حرڪت تي خوش
آهين!؟“ همراهه پڇيو.
”هائو خوش آهيان. گهڻي خوش آهيان ته منهنجو مڙس
منهنجي خوشيءَ جي لاءِ صوف وٺي آيو آهي. اها سندس
محبت آهي ۽ محبت جو ڪوبه ملهه نه هوندو آهي.“
زالهنس وراڻيو.
پوڙهي جي زال جي ان جواب سفيد پوش همراهه کي ماٺ
ڪرائي ڇڏيو ۽ هن کي ڪوبه جواب نه سُجهيو ۽ هن
ڦڪائيءَ کان کڻي ڪنڌ هيٺ ڪيو. پوڙهي آڏي اک سان
کيس ڏٺو ۽ پوءِ مرڪندي زالهنس کي چيائين.
”اُٿ! ماني ڪڍ، ڏسان ته سهي تو ”چلبر“
ڪيئن ٺاهيو آهي.“
زالهنس ٻوڙ وڌيندي، مڙسهنس کي چيو، ”تنهنجي وڃڻ
کان پوءِ، مون گهر جي صفائي ڪئي. پوءِ چلبر ٺاهڻ
جي تياري ڪرڻ لڳيس. گهر ۾ ٻيو ته سڀ ڪجهه موجود
هو، پر ادرڪ نه هئي ۽ ادرڪ کانسواءِ چلبر ۾ مزو
نٿو اچي. تنهن کان سواءِ ادرڪ توکي به ته وڻندي
آهي. آءٌ سوچڻ لڳس ته ڇا ڪريان، ايتري ۾ موسيٰ
گاڏيءَ وارو آيو، مون کي سڏ ڪيو ”ڀاءُ! آءٌ توکي
گهوڙي جي زين ڏيان ٿي، تون مون ان جي بدلي ۾ ادرڪ
آڻي ڏي.“
موسيٰ حيران ٿي چيو: ”ادرڪ جي بدلي ۾ زين پئي
وڪڻين!“
”هائو! ته ٻيو وري ڇا ڪريان، جڏهن گهوڙو ئي نه
رهيو آهي ته زين ڪهڙي ڪم جي. مون چيو، موسيٰ
گاڏيءَ وارو زين کڻي ويو ۽ اها وڪڻي ادرڪ وٺي آيو
۽ مون تنهنجي لاءِ هيءَ چلبر تيار ڪيو آهي.“
پوڙهي پيار ڀرين نظرن سان زال کي ڏٺو ۽ چيو، ”تون
ڪيتري نه سٺي آهين ۽ هر وقت منهنجو خيال پئي رکندي
آهين.“
پوءِ هن سفيد پوش همراهه ڏانهن مرڪندي ڏٺو ۽
پڇيو“. منهنجا ڀاءُ! تون ان ڳالهه تي حيران ته نه
ٿيو آهين ته منهنجي زال ادرڪ جي ڪري زين وڪڻي
ڇڏي.....!؟“
همراهه ماٺ ۾ رهيو ۽ ڪابه ورندي نه ڏنائين پوءِ
سڀئي گڏجي ماني کائڻ لڳا، ان دوران زال مڙس کل ڀوڳ
جون ڳالهيون پڻ ڪندا رهيا.
”واهه واهه! ڪهڙو نه سٺو چلبر ٺاهيو اٿئي.“ پوڙهي
واکاڻ ڪندي چيو، ”تنهنجي رڌيل ڪابه شيء ڪڏهن به
خراب نه هوندي آهي.“
”چڱو! اهو ته ٻڌائي، چلبر کان پوءِ اسين ڇا
کائينداسين.“ زالهنس پڇيو.
”ڇا کائينداسين، تون ئي ٻُڌائي؟“ پوڙهي چيو
”اسين صوف کائينداسين. مشڪ جهڙي سڳنڌ وارا، تازا ۽
رسيلا صوف.“ زالهنس جواب ڏنو ۽ سڀ ٽهڪ ڏيئي کلڻ
لڳا.
سفيد پوش همراهه پنهنجي خاموشي ختم ڪئي ۽ پنهنجي
کيسي مان اشرفين جي ٿيلهي ڪڍي پوڙهي ڏانهن
وڌائيندي چيو: ”هي وٺ منهنجا ڀاءُ! تنهنجو حق. تون
شرط کڻي وين ۽ آءٌ هارائجي ويس.“
”نه هن جي گهرج ڪونهي. اهو سڀ مذاق هو.“ پوڙهي
چيو.
پوڙهو گهڻي دير تائين انڪار ڪندو رهيو ۽ همراهه
ٿيلهي وٺڻ جي لاءِ زور ڀريندو رهيو. پوءِ جڏهن کيس
يقين ٿي ويو ته همراهه اشرفين جي ٿيلهي دل جي خلوص
سان پيو ڏي ته هن وٺي لاٿي. پوڙهي پاران ٿيلهي وٺڻ
کان پوءِ همراهه چيو:
”مون هي اشرفيون اوهانکي ان ڪري نه ڏنيون آهن ته
ڪو مون شرط هارايو آهي، پر ان ڪري ڏنيون اٿم ته اڄ
اوهان ٻنهي زال مڙس کان مون کي هڪ سٺو سبق مليو
آهي.“
”سبحان الله! اهو تون ڇا پيو چوين منهنجا ڀاءُ
اسين ڳوٺاڻا ۽ ڄٽ اوهان شهرين کي ڪهڙو ٿا سبق ڏيئي
سگهون.“ پوڙهي وراڻيو.
ان همراهه جي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا ۽ هن چيو:
”منهنجا اڻ پڙهيل ڀاءُ! تون مون کي پُرسڪون ۽
مطمئن زندگي گذارڻ جو نسخو ٻُڌايو آهي.“
رڊ يارڊ ڪپلنگ
چيتي جا چٽڪمرا
نشان
اها ڪافي پراڻي ڳالهه آهي، آفريقا جي ٻيلن ۾ هڪ
تپندڙ ميداني علائقو هو. جنهن ۾ اُس سبب سُڪل ۽
سڙيل گاهه کانسواءِ ٻي ڪابه شيءَ نظر نه ايندي
هئي. ان وارياسي، تپندڙ ٽڪرين سان آباد، هئڊي گاهه
سان ڀريل علائقي ۾ هڪ چيتو رهندو هو. پر اُهو
اڪيلو نه هو. ٻيا به ڪيترائي جانور ان علائقي ۾
آباد هئا. انهن ۾ هڪ زرافه، زيبرا ۽ ڪيترن ئي قسمن
جا هرڻ به هئا. جن مان ڪو هرڻ ڀوري رنگ جو هو ته
ڪو وري ڳاڙهسرو، ڪو ڊگهن سڱن وارو ته ڪو ٿلهو
متارو، ته ڪو وري مُڙيل سڱن وارو هو. جيڪي ٺينگ
ٽپا ۽ چوڪڙيون ڏيندا ٿي رهيا. پر انهن سڀني جانورن
مان چيتو وڌيڪ سهڻو ۽ شاندار ٿي لڳو. هن جي ڀوري
رنگ ۾ دلڪشيءَ سان گڏ اها به خوبي هئي ته هو انهن
۾ لڪي ويندو هو. اها ڳالهه زيبرا، زرافه ۽ ٻين
جانورن جي لاءِ پريشان ڪندڙ هئي. ڇو ته هو جڏهن
ڪنهن ڀوري ٽڪريءَ وٽ، ڀوري رنگ جي گاهه ۾ ليٽي
پوندو هو ته زيبرا، زرافه ۽ هرڻ کيس ڏسي نه سگهندا
هئا ۽ هو جڏهن ڀُل چُڪ ۾ هن جي ويجهو اچي ويندا
هئا ته ڀڄي نه سگهندا هئا ۽ ڏاڍي سولائيءَ سان
چيتي جو شڪار ٿي ويندا هئا. چيتي جو ساٿي هڪ
آفريقي شيدي نوجوان هو، جيڪو ساڻس گڏ شڪار ڪندو
هو. جانور جڏهن به ويجهو ايندا هئا ته ان شڪاريءَ
جي ڪمان مان تير نڪري پوندا هئا. ٻي طرف چيتو
پنهنجي چنبن ۽ ڏندن سان شڪار کي کڻي دسيندو هو.
ائين ڪوبه جانور هنن کان بچي نه سگهندو هو. ٻيئي
پنهنجي پنهنجي ڪم جا ماهر هئا ۽ جانورن جي لاءِ
لڳاتار خطرو بڻيل هئا. ڪجهه وقت ته جانور انهن جو
شڪار ٿي کاڄ بنجندا رهيا. پر نيٺ هڪ اٽڪل
سوچيائون. جانور هر ان شيء کان ڀڄي پري ٿيندا هئا.
جيڪا شڪار يا چيتي سان ملندڙ جلندڙ لڳندي هئي. پر
اها اٽڪل به ڪم نه آين. نيٺ هنن اهو علائقو ڇڏڻ جو
سوچيو. زرافا پنهنجي ڊگهين ٽنگن جي مدد سان سڀني
کان اڳيان ۽ تکو هلڻ لڳو ۽ ٻيا جانور هن جي پويان
هلندا ويا. اهو سفر ڪيترن ئي ڏينهن تائين جاري
رهيو. نيٺ هو هڪ اهڙي ٻيلي ۾ پهچي ويا، جتي تمام
وڏا وڏا وڻ هئا. انهن جي ڇانوري ۽ پاڇي ۾ لڪڻ جي
هڪ سٺي جاءِ ملي وين. گهڻو وقت اُتي رهڻ جي ڪري
اُس ۽ ڇانو هڪ ٻيو رنگ ڏيکاريو. اُس جا روشن نشان
۽ ڇانوَ جون ڪاريون لڪيرون هنن جي جسمن تي پونديون
رهيون ۽ چٽجي ويون. زيبري جي بت تي روشني ۽ ڇانوري
ڊگهيون ڊگهيون ليڪون وجهي ڇڏيون. هرڻن جو رنگ
ڪارسرو ٿي ويو ۽ انهن جي جسمن تي آڏيون ڦڏيون ڀوري
رنگ جون ليڪون چٽيون نظر اچڻ لڳيون ۽ هو بلڪل ائين
ٿي لڳا، ڄڻ وڻن جا اُڀريل ڇوڏا هجن. جنهن جو کين
فائدو اهو ٿيو ته هاڻ شڪاري انهن جا آواز ۽ خوشبو
ته سُنگهي ٿي سگهيا. پر انهن کي ڏسي نٿي سگهيا.
ائين جانور ان ٻيلي جي ڪوسي ٿڌي ۾ ڏاڍي نرمي سان
زندگي گذارڻ لڳا.
ٻي پاسي ان ٻيلي ۾، جتان اهي نڪري آيا هئا، آفريقي
شڪاري ۽ چيتو حيران ۽ پريشان هئا ته هو هاڻ پنهنجو
پيٽ ڪيئن ڀرين. نيٺ جڏهن کين ڪو ٻيو جانور هٿ نه
لڳو ته هنن ڪوئن ۽ سهن کي شڪار ڪري پنهنجو پيٽ ڀرڻ
شروع ڪيو. پر اهڙو شڪار ۽ کاڌو هنن جي لاءِ پيٽ جي
سور جو سبب ٿي بڻيو. هڪ ڏينهن اتفاق سان هنن جي
ملاقات هڪ بن مانس سان ٿي، جيڪو جانورن ۾ عقلمند
جانور سمجهيو ويندو هو. چيتي کانئس پڇيو. ”يار اهو
ته ٻُڌائي ته سڀ جانور ڪيڏانهن هليا ويا آهن؟“ اهو
ٻُڌي شڪاريءَ کيس اک ڀڳي. اهو ئي سوال شڪاريءَ
پنهنجي انداز ۽ عالماڻي نموني پڇيو ته بن مانس کيس
ٻيهر اک ڀڳي (اصل ۾ کيس پنهنجي علم جي نمائش جو
وڏو شوق هو). ”اوهان جو شڪار ڪنهن ٻي هنڌ هليو ويو
آهي، اوهين به اوڏانهن وڃو!“
شڪاريءَ کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. هن ٻيهر عالماڻو
رنگ اختيار ڪندي پنهنجو سوال ورجايو. ”مون کي اُن
ڳالهه جي ڳولا آهي ته هن علائقي جا مخصوص جانور
ڪهڙي پاسي لڏي ويا آهن؟“
بن مانس به ساڳئي نموني وراڻيو: ”اهي پراڻا جانور
پراڻي ٻيلي سان وڃي گڏيا آهن ۽ آءٌ توکي به نصيحت
ٿو ڪريان ته تون به جلدي پنهنجي جاءِ بدلائي ڇڏ.“
جواب مناسب پراڻ چٽو هو، تنهنڪري نه چيتي کي ۽ نه
ئي وري شڪاريءَ کي سمجهه ۾ آيو ته جانور ڪيڏانهن
هليا ويا؟ بهرحال هو ڳولا ۾ نڪري پيا. ڪيترن ڏينهن
جي مسافري ۽ هل هلان کان پوءِ نيٺ هو هڪ ٻيلي ۾
پهتا. جنهن ۾ تمام وڏا ۽ گهاٽا وڻ هئڻ سان گڏ اُس
۽ ڇانوَ جا نشان به هئا. ڪٿي ليڪون ٿي نظر آيون ته
ڪٿي نشان. چيتي پڇيو، ”هي وري ڇا؟ ڪٿي ته ايترو
گهرو ۽ ڪٿي وري رڳو روشني جون ليڪون؟“ شڪاريءَ
وراڻيس، اهو ته مون کي خبر ڪونهي ته هي ڇا آهي، پر
لڳي ائين ٿو ته هيءَ اهوئي ٻيلو آهي. جنهن جي اسان
کي ڳولا آهي. هتي مون کي زرافه جي خوشبوءِ به پئي
اچي. پر مون کي هو ڪٿي به ڏسڻ ۾ نٿو اچي.“
ٿوري دير هلڻ کان پوءِ وري شڪاريءَ چيو: ”چڱو،
ٿورو انتظار ڪر، ٿي سگهي ٿو ته اسان کان انهن
جانورن جون شڪليون وسري ويون هجن، ڇو ته اسان کي
شڪار ڪندي به ڪافي وقت ٿي چڪو آهي.“
پر چيتي ساڻس اتفاق نه ڪيو ۽ چيو، ”نه! ائين به
ڪونهي، مون کي انهن جون شڪليون چٽي طرح ياد آهن،
مون کي ته سندن ٽنگن جون هڏيون به ياد آهن. زرافه
لڳ ڀڳ سترهن فوٽ ڊگهو آهي. هن جي جسم جو رنگ
سونهري، هئڊو، ڀورو ۽ ڪجهه گڏيل سڏيل آهي. زيبرا
جو قد ساڍا چار فوٽ کن ٿيندو. هن جو رنگ ٿورو ڀورو
۽ بادامي آهي.“
آفريقي شڪاريءَ چيو، ”ٺيڪ! پر پوءِ ته کين هن
ڇانوَدار ڪاري ٻيلي ۾ ڪجهه اهڙو نظر اچڻ گهرجي،
جهڙو دُنهه سان ڀريل ڪمري ۾ پڪل هئڊا ڪيلا....“
|