سيڪشن: ٻاراڻو ادب

ڪتاب: مريخ جا مسافر ۽ ٻيون ڪهاڻيون

باب:

صفحو:10 

ماضي حال ۽ مستقبل

گوتم کي اڄ هڪ ضروري ڪانفرنس ۾ وڃڻو هو، ڇاڪاڻ ته کيس ان جي صدارت ڪرڻي هئي، پر اڄ هو ماضيءَ جي يادن ۾ گم هو ۽ کيس ورَ ورَ ڏيو اهي خيال پي آيا ته هو هيڏو وڏو ماڻهو ڪيئن ٿيو؟ جڏهن ته ننڍي هوندي کيس هڪ ويلي جي ماني به مشڪل سان نصيب ٿيندي هئي. هن جو پيءَ ننڍي هوندي هڪ روڊ حادثي ۾ مري ويو هو ۽ سندس ماءُ کيس پورهيو ڪري پڙهائيءَ جو خرچ پکو ڏيندي هئي. پهريون درجو پاس ڪرڻ کانپوءِ هڪ ڏينهن استاد صاحب سڀني شاگردن کان پُڇيو ته اوهين وڏا ٿي ڇا ٿيندا؟ ڪنهن وراڻيو انجنيئر ته ڪنهن چيو ڊاڪٽر، ڪنهن وري چيو پائلٽ. مطلب ته هر ڪنهن پنهنجي خواهش ٻڌائي، جڏهن هن جو وارو آيو ته استاد هن کان پڇيو ”ڇورا تون وڏو ٿي ڇا ٿيندين؟“ گوتم اُٿي بيهي ورندي ڏني ”سائين، ڊي- سي!“ اهو ٻڌي هن جا سڀ ڪلاسي هن تي کلڻ ۽ چٿرون ڪرڻ لڳا، ’اڙي ٻُوٿ ته ڏسوس هي به ٿو ڊي سي ٿئي‘، اهي ڳالهيون اڄ به کيس ياد هيون، آخر سخت محنت کانپوءِ ۽ هن مئٽرڪ پاس ڪئي، پوءِ وٽس ايترو پئسو ڪونه هو جو وڌيڪ پڙهي سگهي، مجبور ٿي ماڻس وڏيري وٽ ويئي کانئس پئسا اُڌارا گهريا، پر وڏيري پئسن ڏيڻ بدران هن کي ڌڪا ڏيئي گهر مان ڪڍيو. گوتم مجبور ٿي نوڪريءَ جي ڳولا ۾ نڪتو، ٻه ٽي مهينا درَ درَ جا ڌڪا ٿاٻا کائڻ کانپوءِ مس مس هڪ مل ۾ هن کي ٽي سؤ ماهوار پگهار تي نوڪري ملي، پر سا به هن پنهنجي ايمانداريءَ ڪري وڃائي، جو هن مل مالڪ کي ملاوت کان منع ڪئي، اهڙي طرح هن پنهنجي ايمانداري جي ڪري ڪيتريون ئي نوڪريون وڃايون، آخرڪار هڪ رحمدل شخص هن جي پڙهائيءَ جو بار پنهنجي ڪلهن تي کنيو ۽ هن ڪاليج ۾ داخلا ورتي، هاڻ هي وڌيڪ سخت محنت ڪري پڙهڻ لڳو. هن جا امتحان ٿيان ۽ هي ڏاڍي سٺي گريڊ ۾ پاس ٿيو ۽ ان سان گڏ هن جي اسڪالرشپ به منظور ٿي. نيٺ هڪ ڏينهن هن جو سپنو ساڀيان ٿيو ۽ هي پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان ۾ ويٺو ۽ سڀني اميدوارن ۾ پهريون نمبر پاس ٿيو، سڄو ڳوٺ اوڙو پاڙو هن کي مبارڪون ڏيڻ آيو، هر ڪو خوشي مان جهومي رهيو هو، گوتم به ان ڏينهن ڏاڍو خوش هو، پر ان ڏينهن سڀ کان گهڻي خوشي گوتم جي ماءُ کي هئي جيڪا ڪپڙن نه پي ماپي.

”سائين اوهين هت ويٺا آهيو هوڏانهن سڀ اوهان جي اوسيئڙي ۾ ويٺا آهن.“ پٽيوالي چيو.

گوتم جي سوچ جو سلسلو ٽٽي پيو ۽ هو پنهنجي امڙ جي دعائن ۽ محنتن کي ياد ڪندو اٿي ڪانفرنس روم ڏانهن روانو ٿي ويو.
 

اجايو  وهم

 

”سارنگ او پٽ سارنگ ابا هيڏي دير ٿي ويئي آهي هينئر ڪيڏانهن پيو وڃين؟“ ڦاپل پنهنجي ننڍڙي پُٽ سارنگ کي سڏيندي پڇيو.

”امان! آءُ هتي ٻاهر ناند (راند) ڪرڻ پيو وڃان ٻاهر آتر (آچر) بيٺو آهي نه!“ سارنگ پنهنجي ٻاتڙي زبان ۾ ٻاتائيندي چيو.

”ڇورا هيڏي مهل ٻاهر نه ويندو ڪر نه ته گيب گدڙي کڻي ويندئي!“ ڦاپل سارنگ کي ڊيڄاريندي چيو.

گيپ گدڙيءَ جو نالو ٻڌي سارنگ سڄو ڪنبي ويو ۽ ڀؤ کان وٺي کٽ ڏانهن ڊوڙ پاتائين ۽ جلدي جلدي رلي ڪري ائين سسڪي ويو ڄڻ ته ڪنهن ويهاڻي مٿان رلي پيئي هجي، ٿوري دير کانپوءِ ماڻس به اچي ڀر ۾ ليٽي.

”امان او امان.....“ سارنگ آهستي چيو.

”جي پٽ....!“

”امان اها ديب دڌڙي (گيب گدڙي) ڇا آهي؟“

”ڇورا ديجان! ماٺ نٿو ڪرينءَ، ڏاڍي زور آور اٿئي، ڪو ننڍڙو ٻار رات جو گهر کان ٻاهر نڪرندو آهي ته ان جو ڳاٽو مروڙي ماري ڇڏيندي آهي،“ ماڻس هٿن جي اشارن سان سمجهائيندي چيس، ”چڱو هاڻ سمهي پئو نه ته بڇيانءِ ٿي گيب گدڙي.“

سارنگ اهو ٻڌي ماڻس جي ڪڇ ۾ سسڪي پيو ۽ سمهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو، ڀؤ کان سڄو پگهر ۾ شم ٿي چڪو هو. اوچتو وٺي ڪتي ڀؤنڪاٽ ڪيو ته سارنگ رڙ ڪري اُٿيو ۽ ماڻس کيس ٺپري سمهارڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي. سوچيندي سوچيندي الائجي ڪيڏي مهل ننڍ کڻي ويس، صبح جو ماڻس کيس اُٿاريو ۽ راتو ڪو پارو ٿو بچيل ڀت آڻي اڳيان رکيائينس. سارنگ ڀت کائي ٿيلهو کڻي اسڪول روانو ٿي ويو. اتي آچر کيس مهڻو ڏيندي چيو ”واهه يار واهه! آءُ بيهي بيهي ٿڪجي پيس ۽ تون رات آئين ئي ڪونه.“ ”آتر (آچر) امان چوي ٿي ته جيڪو به نماشام مهل گهر کان ٻاهر نڪرندو ان کي ديب دڌڙي (گيب گدڙي) کڻي ويندي ۽ ان جو ڳاٽو مروڙي ڇڏيندي.“ اها ڳالهه سارنگ تمام آهستي چئي، پر استاد ٻڌي ورتي ۽ سارنگ کي سڏي چيائين، ”سارنگ پٽ! تو ڪڏهن گيپ گدڙي ڏٺي آهي.“ ته سارنگ وراڻيو  ”نه سائين!“ اُستاد چيس، ”پُٽ اهي سڀ ماڻهن جا وهم ۽ ڏند ڪٿائون آهن، انهن ڳالهين جو حقيقت سان ڪوبه واسطو ڪونهي، اهو فقط ٻارن کي ڊيڄارڻ لاءِ مائٽ چوندا آهن.“ اتي سارنگ پڇيو، ”سائين ڇا گيب گدڙي ڪنڌ ڪونه مروڙيندي آهي؟“

ته استاد وراڻيو، ”نه پُٽ!“

جيڪي ٻار ڊڄڻا هوندا آهن سي گيب گدڙيءَ جو نالو ٻڌي ڊڄي ويندا آهن ۽ پوءِ گيب گدڙيءَ جي ڀؤ کان هنن جو هينئون ڦاٽي پوندو آهي ۽ هو مري ويندا آهن.“

”سائين! جيڪڏهن آئون ڊڄندس ته آءٌ مري به ويندس.“

پُٽ! ٻار کي ڪڏهن به ڪنهن کان ڊڄڻ نه گهرجي. جيڪڏهن تون به ڊڄندين ته تون به مري ويندين“

اهو ٻڌي سارنگ چيو، ”سائين! هاڻ آئون گيب گدڙيءَ کان ڪونه ڊڄندس، هاڻ آءُ روز آچر جي گهر بجلي تي پڙهڻ ويندس ۽ انهن وٽ ٽي وي به آهي.... ۽ آءُ ٽي وي تان ٻارن جا پروگرام ۽ ڪارٽون به ڏسندس.“ اهو ٻڌي استاد چيو، ”شاباس پٽ! سٺا ۽ بهادر ڇوڪرا ڪڏهن به اجاين ڳالهين ۽ وهمن تي اعتبار ڪونه ڪندا آهن“.

اهو ٻڌي سارنگ دل ۾ پڪو پهه ڪيو ته آئندي ڪڏهن به گيب گدڙي کان ڪونه ڊڄندس.

 

 

وطن جي راهه ۾

 

ٻارو! آئون ڪو هي پهريون ڀيرو اوهان جي لاءِ ڪهاڻي لکي نه رهيو آهي، پر اڳ ۾ به اوهان جي لاءِ ڪهاڻيون لکندو رهندو آهيان. مون وٽ جنن، ديون ۽ پرين جون آکاڻيون ناهن، آئون ته هن دنيا جون ڳالهيون ٿو ڄاڻان، جنهن ۾ پاڻ رهون ٿا ۽ آئون توهان کي اهڙي ئي هڪ ڪهاڻي ٻڌائيندس، جنهن کي پڙهي اوهين ڪجهه سوچيو ۽ جيڪو ڪجهه سوچيو، ان تي عمل به ڪريو. منهنجي ڪهاڻي روس جي هڪ بهادر نينگريءَ جي ڪهاڻي آهي، جنهن جو نالو ”زويا“ هو. هوءَ 1922ع ۾ پيدا ٿي ۽ 1941ع ۾ کيس ڦاسيءَ تي چاڙهيو ويو. اسان وٽ ته هتي شهرن ۾ ڇوڪريون چچين ۽ ڪوئن کي ڏسيو ڊڄيو وڃن ۽ وٺيو رڙيون ڪن، پر ٿورو پنهنجي مقابلي ۾ روس جي ڇوڪرين کي به ڏسو، جن لڙائيءَ ۾ ڏاڍي بهادري ڏيکاري هئي.روس جون ڇوڪريون پنهنجي ملڪ جو قدر ڪن ٿيون ۽ وقت اچڻ تي پنهنجو تن، من ۽ ڌن به قربان ڪريو ڇڏين. زويا به اهڙين بهادر ڇوڪرين مان هڪ هئي.

اها انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي جڏهن جرمن فوجون تيزيءَ سان ماسڪو ڏانهن وڌي رهيون. سترهن سالن جي زويا به پنهنجي ڳوٺ جي ٻين ڇوڪرين وانگر هڪ ننڍي فوجي دستي ۾ پنهنجو نالو لکايو هو. اهو دستو ’دريا‘ ضلع ۾ ڪم ڪري رهيو هو، جنهن جي هڪ ڳوٺ ’پت ري شوف‘ ۾ جرمن سوار فوج جو هڪ وڏو دستو ترسيل هو.

هڪ رات زويا پنهنجي ڪمانڊر جي حڪم تي اُن ڳوٺ ۾ گهڙي ويئي ۽ اُتي وڃي جرمنن جون ڪيتريون جهوپڙيون، تنبو ۽ گهوڙن جو طنبيلو ساڙي ڇڏيو.

ٻن ڏينهن کانپوءِ زويا پنهنجي دستي ۾ آئي، پر اڃا هن ٿَڪ ئي نه ڀڳو هو، جو ڪمانڊو جو ٻيو حڪم اچي پهتو ۽ هيءَ هڪ دفعو وري لڪَ ڇپ ۾ دشمن جي ڪئمپ ۾ پهچي ويئي، جتي هن هڪ وڏي طنبيلي ۾ باهه لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ جرمنن جا اٽڪل ٻه سؤ گهوڙا ٻڌل هئا، پر خبر اٿوَ ڇا ٿيو؟ زويا کي هڪ جرمن سپاهي گرفتار ڪري ورتو.

ان وقت روس ۾ جرمن فوجن جو ڪمانڊو ’ليفٽينٽ ڪرنل روڊ‘ هو، جنهن زويا کان ڪيتريون ئي ڳالهيون پُڇيون، پر هن همٿ واري ڇوڪريءَ وطن جي سپاهين جو راز دشمن کي نه ٻڌايو. ايستائين جو هن پنهنجو اصلي نالو به لڪايو ۽ ’تانيا‘ جي فرضي نالي سان مشهور  ٿي. خبر اٿوَ ته ان خاموشيءَ جي سزا هن کي ڪهڙي ملي؟ شايد اهو ٻڌي اوهين ڏڪي وڃو ۽ ڪيترن جي اکين مان لڙڪ به وهي ايندا. زويا کي جرمن سپاهين چمڙي جي پٽن سان ڏاڍو ماريو ۽ هن جي پٺيءَ کي ڦٽڪن سان چيري ڇڏيو. برف جي ٿڌين نادين تي ليٽايو ۽ انهن تي اگهاڙي جسم سان گهليو ويو. ان کان علاوه هن جي زبان کولائڻ لاءِ قسمين قسمين جون سزائون ڏنيون ويون. پر واهه ڙي زويا تنهنجي بهادري! هڪ لفظ به زبان مان نه ڪڍيائين ۽ چيائين:

جي لوڻ لڱين لائينءَ، چيري چيري چم،

مون ڪر اڳي نه ڪيو، اهڙو ڪوجهو ڪم،

جان جان دعويٰ دَم تان تان پرت پنهوارن سين.

۽ پوءِ آخر اهو ڏينهن به اچي ويو، جڏهن زويا کي موت جي سزا جو حڪم ٻڌايو ويو. جرمن سپاهين ڳوٺ جي سڀني ماڻهن کي ڍورن وانگر هڪالي اُن طرف آندو، جتي ڦاسيءَ جي تختي تي وطن جي هيءَ سورمي بيٺي هئي. سندس ڳاٽ اوچو هو ۽ اکين ۾ وطن جي حب ۽ پيار جو سمنڊ ڇوليون هڻي رهيو هو. اوچتو هن جسم کي حرڪت ڏني ۽ زور سان پنهنجي ساٿين کي چوڻ شروع ڪيو:

”ساٿيو! هي اڄ اوهان جي چهرن تي مايوسي ڇو آهي! منهنجي بهادر وطن جا بهادر سپوتو! همت ڪريو، اڳيان وڌو ۽ جرمن فوجين کي ماري ڀڄايو. انهن جي گودامن کي ساڙيو ۽ انهن کي ايترو ته ستايو، انهن کي ايترو ته پريشان ڪريو،جو هي اوهان جي سر زمين ڇڏي رڙيون ۽ رانڀاڙ ڪندا هتان ڀڄي وڃن، آئون موت کان نه ٿي ڊڄان، پنهنجي وطن جي لاءِ جان قربان ڪرڻ ان کان وڌيڪ ٻي فخر جي ڪهڙي ڳالهه آهي ۽....“ هوءَ وڌيڪ چئي نه سگهي، جلاد ڦندو هن ڳچيءَ ۾ وڌو ۽ ڦندي جي سرڪڻ زويا جي ڳچيءَ کي دٻائڻ لڳي. بهادر زويا ڦندي جي رسي کي هٿن سان جهلي ڍرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پيرن جي پٻن تي بيهي پوري سان چيائين:

”الوداع! ساٿيو، جنگ جاري رکجو، ڊڄو متان، سوڀَ اسان جي ٿيندي، اسان جو محبوب اڳواڻ اسان جي مدد لاءِ ضروري ايندو.... ضرور....“

زويا مري ويئي، پر هن دنيا جي عورتن جي ڳاٽ ڪري ويئي. سترهن سالن جي هن ڇوڪريءَ جيڪا قرباني پيش ڪئي آهي، ان جو مثال دنيا  ۾ ڏاڍو مشڪل ملندو.

روس وارن زويا جو ڏاڍو قدر ڪيو ۽ کيس ’رُوس جي هيروئن‘ جو خطاب ڏنو. عام ۽ خاص کيس رُوس جي ڌيءَ، چئي ساڻس پنهنجي محبت جو اظهار ڪيو، زويا هڪ ڇوڪري هئي، جيڪا دنيا ۾ ظلم ۽ ڏاڍ کي دور ڪرڻ جي لاءِ نمونو بنجي آئي هئي.

اسان جي سنڌ ۾ به اهڙيون ڪيتريون ئي سورميون پيدا ٿيون آهن، جن ۾ ٻاگهل ٻائي ۽ مائي بختاور جو نالو سڀني کان مٿاهون آهي.
 

سلڇڻي نينگري ۽ شرارتي ڪئو

 

جميله جو گهر هڪ خوبصورت باغ جي وچ ۾ هو، چوڌاري رنگ برنگي گلن جون ٻاريون هيون، ان کان سواءِ باغ ۾ انبن، زيتونن، ڪيلن، توتن ۽ صوفن جا وڻ  هئا، جميله ڏاڍي سلڇڻي نينگري هئي، صبح جو سوير اُٿي هٿ منهن ڌوئي قرآن شريف جو دؤر ڪندي هئي. دؤر ڪرڻ کانپوءِ باغ جو سير ڪرڻ ويندي هئي، گهر موٽي گهرو ڪم ڪار ۾ ماڻس جو هٿ ونڊائيندي هئي ۽ پوءِ ٿيلهو کڻي اسڪول پڙهڻ ويندي هئي. ماسترياڻيون جميله کان ڏاڍيون خوش هونديون هيون، ڇو ته هوءَ ماءُ پيءَ وانگر هنن جو پڻ چوڻ مڃيندي هئي، ۽ دل لڳائي پڙهندي هئي، جميله جي گهر ۾ ڪتاب ڪٻٽن ۾ ڏاڍي سهڻي نموني رکيل هئا، واندڪائيءَ جي وقت هوءَ اُهي ڪتاب پڙهندي هئي.

سندس باغ جي هڪ ڪنڊ ۾ هڪ ڪئو ۽ ڪئيءَ جو ٻر هوندو هو، هنن جا ننڍڙا ٻار به هئا، ننڍڙا ننڍڙا ڪئنرا چمڪدار اکين ۽ لسين کلن وارا اهي ٻار سڄو ڏينهن پيا پنهنجي ٻِر اندر کيڏندا هئا، هو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي امڙ  سان گڏ ٻِر کان ٻاهر به نڪرندا هئا، پر اڪيلا ڪڏهن به نه ويندا هئا، ڇو ته ماڻس کين ٻڌايو هو ته ٻاهر ڏينهن جو ٻلي ۽ رات جو چٻرو کين کائي سگهيو ٿي.

انهن ٻارن مان هڪڙو ڏاڍو شرارتي هو، گهر ڀاتين کان نظر بچائي هو ٻرکان ٻاهر نڪري ويندو هو ۽  پوءِ ابي امڙ جا دڙڪا ٻڌي وري موٽي ايندو هو. هڪ شام جو موسم ڏاڍي وڻندڙ هئي، هي ٻار به پنهنجي ابي امڙ سان گڏ باغ ۾ گهڻي دير تائين نچندا ٽپندا رهيا ۽ جڏهن اوندهه ٿيڻ لڳي ته موٽي ٻر ۾ آيا. ماڻس سڀني کي کاڌو کارايو ۽ کين آکاڻي ٻڌائڻ لڳي. ننڍڙو شرارتي ڪئو اڃا به ٻاهر گهمڻ جو سوچي رهيو هو، آخر موقعو ملندي ئي هو ٻاهر نڪري آيو، ان وقت رات ٿي چڪي هئي، آسمان تي چنڊ چمڪي رهيو هو، ٿڌڙي هير گهُلي رهي  هئي ۽ ڪئو ٺينگ ٽپا ڏيندو ڊوڙي رهيو هو، ايتري ۾ جميله جي گهر مان گيتن ۽ موسيقي جو آواز ٻُڌائين. گيت جي ڌن تي ڪئو مست ٿي ويو ۽ گهر ڏانهن رخ رکيائين. جميله پنهنجي گهر جي ڀاتين سان ويٺي ٽي وي تان گيت ٻڌي رهي هئي . ڪئي هن کان اڳ ۾ ڪڏهن به اهڙو خوبصورت سينگاريل گهر نه ڏٺو هو. سو هو هر ڪمري جو جائزو وٺڻ لڳو، گهمندي گهمندي هو جميله جي ڪمري ۾ گهڙي ويو. ڪٻٽن ۾ رکيل ڪتاب ۽ رانديڪا ڏسي حيران ٿي ويو، ايتري ۾ هن جي نظر فرش تي پيل هڪ ڪئي تي پئي هو  ٽپ ڏيئي اچي ان جي ڀر ۾ ويو ۽ ساڻس کيڏڻ لڳو، اصل ۾ اهو چاٻيءَ وارو هٿرادو ڪئو هو، ان اٿل پٿل سان هن جا ڦيٿا ڦرڻ لڳا. آواز ٻڌي جميله ڪمري ۾ آئي ته هن شرارتي ڪئي کي هڪ ڪنڊ ۾ ويٺل ڏٺو، اهو ڏسي هن کي ڏاڍو رحم آيو، هن هڪدم کڻي ڪُئي کي جهليو، ڪئو ڊپ وچان صفا مَت کان نڪري ويو. جميله کيس هڪ پڃري ۾ بند ڪري ڇڏيو.

هاڻي ته روزانو هوءَ کيس مزي مزي جون شيون کائڻ لاءِ ڏيندي هئي، پر هو ڪجهه به نه کائيندو هو. هو ته سڄو ڏينهن پنهنجي گهر، ابي امڙ ۽ ڀائرن کي  ياد ڪري پيو روئيندو هو. ٻن ٽن ڏينهن اندر هن جي حالت خراب ٿي ويئي. پريشان ٿي جميله کيس جانورن جي ڊاڪٽر ڏانهن کڻي ويئي. جيڪو سندس پيءَ جو دوست هو. هن ڪُئي کي ڏسي چيو، ”ڌيءَ! هي جهنگلي ڪئو آهي سو پڃري ۾ رهي نه ٿو سگهي، وري ٻچو به آهي، هن کي پنهنجي گهر ياد ايندو هوندو تون هن کي ڇڏي ڏي.“

جميله ڏاڍي ڏک سان ڪئو باغ ۾ آزاد ڪري ڇڏيو، ڪئي وٺي ڊوڙ پاتي ۽ پنهنجي ٻر ۾ گهڙي ويو. هن جا ماءُ پيءَ هن جي ياد ۾ روئي ڌوئي ويٺا هئا، هن کي ڏسي سڀئي ڏاڍا خوش ٿيا، هو سمجهي رهيا هئا ته ٻليءَ يا چٻري کيس ڳڙڪائي ڇڏيو هوندو. شرارتي ڪئو پنهنجي ماءُ سان ڀاڪر پائي ڏاڍو رنو ۽ پڪو انجام ڪيائين ته آئينده هو سدائين وڏن جو چيو مڃيندو، ۽ ڪڏهن به سندن نافرماني نه ڪندو.

 

بدلو هيئن به وٺبو آهي

 

ارشد ۽ اسلم هڪ ئي ڪلاس ۾ پڙهندا ۽ هڪ ئي پاڙي ۾ رهندا هئا، پر ان جي باوجود به ڌار ڌار رهندا هئا، ان جو ڪارڻ اهو هو ته ارشد ڏاڍو شرارتي ڇوڪرو هو. هو اڪثر ڇوڪرن سان وڙهندو هو، ڪڏهن ڪنهن کان ڪتاب ڦري وٺندو هو ته ڪڏهن ڪنهن کي گاريون ڏيندو هو ۽ ڪڏهن ڪنهن کي هلندي چماٽ هڻي ڪڍندو هو، مطلب ته سڀ ڇوڪرا هن کان ڏاڍو ڊڄندا هئا. ارشد جي انهن شرارتن جي ڪري ڪيترائي دفعا اسڪول مان نالو ڪڍيو ويو هو، پر هو هر ڀيري اهو واعدو ڪري هيڊ ماستر کان معافي وٺي داخلا ڪرائيندو هو ته آئيندهه ڪنهن سان به ڪونه وڙهندو. ڪجهه ڏينهن ته هو ڪنهن کي ڪجهه به نه چوندو هو، پر پوءِ ساڳيو ڳن ساڳيو ڪهاڙو.

هڪ ڀيري هڪ ڇوڪري بسڪوٽ پي کاڌا ته ارشد هن کان بسڪوٽ ڦري کائي ڇڏيا ۽ هو ڇوڪرو روئندو هيڊ ماستر ڏانهن وڃڻ لڳو. ارشد به هن جي پويان وڃڻ لڳو، جيئن ئي ڇوڪرو آفيس ۾ داخل ٿيو، ارشد ٺوڪي ٻاهران ڪڙو ڏيئي ڇڏيو ۽ ڇوڪرن ڏانهن مُڙي چيائين ”جيڪو به ٻڌائيندو ان جو خير ڪونهي.“ سڀ ڇوڪرا ڊڄي ويا، ڪير به ڪونه ڪڇيو، ٿوري دير کانپوءِ دروازو کڙڪائڻ جو آواز اچڻ لڳو. سڀ ڇوڪرا ڊڄيو بيٺا هئا، ڪنهن ۾ به ايتري همت ڪانه هئي جو دروازو کولي.

آواز بدستور وڌندو ويو، آخر مجبور ٿي اسلم اڳيان وڌڻ لڳو، سڀ ڇوڪرا کيس روڪڻ ۽ ڊيڄارڻ لڳا، پر هن ڪنهن جي به پرواهه نه ڪئي ۽ اڳيان وڌي ڪڙو کولي ڇڏيائين، سڀني ڇوڪرن جا منهن حيرت کان کلي ويا. هيڊ ماستر ٻاهر ايندي پڇيو ”ڪڙو ڪنهن ڏنو هو؟“

”سائين! ارشد ڏنو هو.“ اسلم وراڻيو.

هيڊ ماستر ڪاوڙ مان ڳاڙهو ٿي ويو هو ۽ چوڻ لڳو ”ارشد ڪٿي ؟“

”سائين گهر ويو هليو.“

”ڪيستائين ڀڄندو.... اچڻ ڏينس ته خبر وٺانس.“ اهو چئي هيڊ ماستر ڇوڪرن کي ڪلاسن ۾ وڃڻ لاءِ چيو ۽ سڀ ڇوڪرا ڪلاسن ۾ هليا ويا.

ٻي ڏينهن جڏهن ارشد آيو ته ماستر صاحب ارشد، اسلم ۽ ان  ڇوڪري کي گهرايو ۽ ارشد کان پڇيو. ”تون ڪلهه هن ڇوڪري کان بسڪوٽ ڦري ڇو کاڌا هئا؟“

ارشد چيو، ”مون ڦري ته ڪونه کاڌا هئا، پر مون پنهنجن پئسن  تي ورتا هئا ۽ هن  کي جهلڻ لاءِ ڏنا هئا پر هي کائڻ لڳو ته مون کائنس ڦري ورتا، هي ڪوڙ پيو ڳالهائي، توهان منهنجي دوست کان پڇي ڏسو.“ ارشد لاپرواهيءَ مان جواب ڏنو.

”گهراءِ پنهنجي دوست کي!“ ماستر صاحب حڪم ڏنو. ارشد پنهنجي دوست کي سکائي پڙهائي وٺي آيو، جڏهن ٻئي ماستر وٽ پهتا ته ماستر ارشد جي دوست کان پڇيو، جنهن وراڻيو ته، ”سائين! ارشد منهنجي سامهون بسڪوٽ ورتا هئا.“ اهو ٻڌي ماستر ان ڇوڪري کي ڏاڍي مار ڏني، جيڪو شڪايت کڻي آيو هو. پوءِ ماستر وري ارشد کان پڇيو.

”تو ڪڙو ڇو ڏنو هو؟“

”مون ڪونه ڏٺو هو.“ ارشد وراڻيو.

”تون ڪوڙ پيو ڳالهائين ڪڙوتو ڏنو هو.“

”اوهان کي ڪنهن ٻڌايو.“ ارشد پڇيو.

”مون کي اسلم ٻڌايو هو.“

اهو ٻڌي ارشد ڪاوڙ  مان اسلم ڏانهن ڏٺو، ڄڻ کيس ڪچو ئي کائي ويندو. ماستر صاحب ڏنڊو کنيو ۽ ارشد کي چڱي سيکت ڏني.

جڏهن اسڪول مان موڪل ملي ته ارشد رستي ۾ اسلم کي روڪيو ۽ مارڻ لڳو، پر اسلم به ڪنهن کان گهٽ ڪونه هو، ڏسڻ ۾ هو ساڌو پئي آيو، پر جيئن ئي ارشد مٿس پهريون وار ڪيو ته اسلم آسانيءَ سان گسائي ويو، پوءِ ته ارشد وار ڪندو رهيو، پر اسلم روڪيندو ۽ گسائيندو رهيو، ارشد جڏهن وار ڪندي ٿڪجي پيو ته اسلم وجهه وٺي کيس ڏاڍي مار ڪڍي، ايتري قدر جو ارشد جي نڪ مان رت وهڻ لڳو ته اسلم جي دل ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳي ۽ هن هٿ روڪي ڇڏيو. ان کانپوءِ اسلم، ارشد کان معافي گهري، پر ارشد چيو ”ڪا ڳالهه ڪونهي غلطي منهنجي ئي هئي جو مون بدلي جي باهه ۾ توکي رستي ۾ روڪيو، معافي ته مون کي وٺڻ گهرجي، خير آءُ توکي دوست بنائڻ ٿو چاهيان.“ اهو چئي ڀاڪر پائي مليا ۽ پاڻ ۾ پرچي ويا، پر هن ڀيري ارشد اسلم کان انوکو بدلو وٺڻ جو سوچيو هو.

هو اسلم کي ڪڏهن ميلي ۾ وٺي ويندو هو ته ڪڏهن وري بي مقصد تفريح ڪرائيندو هو. مطلب ته هن پنهنجون عادتون اسلم کي ڏيئي ڇڏيون ۽ اسلم جون عادتون پاڻ اختيار ڪري ورتيون. هاڻي اسلم فلمن جو به شوقين ٿي ويو هو. اسلم جو وڌندڙ شوق ڏسي ارشد دل ئي دل ۾ خوش ٿيندو هو.

هاڻي جيڪڏهن اسلم اچي چوندو هو ته فلم ڏسڻ هل ته ارشد ڪونه ڪو بهانو ڪري لهرائي ويندو هو ۽ اسلم ٻين دوستن سان گڏجي فلم ڏسڻ هليو ويندو هو. اسلم جي وڃڻ کان پوءِ ارشد خوب پڙهندو هو. هيڏانهن اسلم جون عادتون بلڪل بدلجي ويون هيون. امتحان جا ڏينهن ويجها هئا، ٻه ڏينهن باقي هئا جيڪي اک ڇنڀ ۾ گذري ويا.

امتحان جو پهريون ڏينهن هو، ارشد جيڪو ياد ڪيو سو امتحان ۾ آيو هو ۽ هو دل کولي اطمينان سان لکي رهيو هو، پر اسلم خاموش ويٺو هيڏانهن هوڏانهن نظرون ڊوڙائي رهيو هو ته ڪٿان ڪو ڪاغذ جو ٽڪرو ملي يا ڪير ٻڌائي، پر اُتي ڪير ٿي ڪنهن کي ڪم آيو.

هن هر هر ارشد ڏانهن ٿي ڏٺو ۽ کيس هلڪا سڏ به ٿي ڪيائين، پر ارشد جو ته اهو انوکو بدلو هو ۽ هُن هِن ڏانهن ڏٺو به ڪونه ٿي. اسلم کان بدلو وٺڻ لاءِ ارشد پنهنجون سموريون حرڪتون ڇڏي ڏنيون هيون. امتحان ختم ٿيا، رزلٽ نڪتي ته ارشد سڄي ڪلاسن ۾ پهريون نمبر آيو هو، پر اسلم  ناپاس ٿي پيو هو.

سڀ ان تبديليءَ تي حيران هئا. سڀ سوالي نگاهن سان اسلم ڏانهن ڏسي رهيا هئا، اسلم ارشد ڏانهن ڏٺو ٿي، پر شرم کان ڪنڌ جهڪائي ٿي ڇڏيائين.

هيڏانهن ارشد ڏاڍو خوش هو، ڇو ته هن پنهنجي خلاف ڪيل شڪايت ۽ موچڙن جو  انوکو بدلو ورتو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org