سيڪشن: ٻاراڻو ادب

ڪتاب: مريخ جا مسافر ۽ ٻيون ڪهاڻيون

باب:

صفحو:4 

باب ستون

زميني مخلوق

ڪمريءَ کي احساس ٿيو ته هو ڪو سپنو ڏسي رهيو آهي. تمام ڊگهو سپنو. جنهن ڪنهن مهل ڀيانڪ صورت اختيار ٿي ڪري ورتي ته ڪنهن مهل من موهيندڙ منظر سندس اکين جي اڳيان اچي ٿي ويا. ۽ پوءِ مٿس غشي طاري ٿي ٿي ويئي. هوش ۾ آيو ٿي ته چرڻ ڦرڻ جي ڪوشش ٿي ڪيائين. پر ناڪام ٿي رهيو. ڄڻ ڪنهن کيس سوگهو ڪري ٻڌو هجي. هڪ ٻي ڳالهه به هن جي لاءِ حيرانيءَ واري هئي ته ڪارا چهرا سندس ڀرپاسي ڦرندا پي نظر آيا. هڪ ڀيرو هوش ۾ آيو ته ڇا ٿو ڏسي ته ٻيلو غائب هو. هن جي مٿان ڪا اڇاڻ ٻري رهي هئي (جيڪو بلب هو)، پر کيس ڪهڙي خبر ته بجلي يا بلب ڇا هوندو آهي. هن ته اهو ئي سمجهيو ته ڪا عجيب و غريب شئي روشن آهي. هڪ بلب سندس نڪ کان فقط هڪ هٿ جي فاصلي تي هو، جنهن جي روشني هلڪي ۽ وڻندڙ هئي. اوچتو زوردار گوڙ ٿيو ۽ پوءِ ايئن لڳو ته ڄڻ ڪو کيس لوڏي رهيو آهي. ٻه ماڻهو ڪمريءَ جي ڇاتي تي چڙهيو ويٺا هئا، پر کيس نظر نه پي آيا. هن کي ساهه کڻڻ ۾ تڪليف پي ٿي، سندس ڪن وڄي رهيا هئا. مٿو ڦري رهيو هئس. پوءِ اونداهيءَ گهيري ورتس، ڳچ دير تائين اهائي ڪربناڪ ڪيفيت رهي. پوءِ هڪ ڪارو چهرو مٿس جهڪيو. ڪو شخص سندس مٿو کڻي رهيو هو. ۽ پوءِ مٿو هڪ اڇي بلوري سانچي ۾ بند ڪيو ويو. سمورو آواز ۽ گوڙ گم ٿي ويو ۽ چوڌاري خاموشي ڇانئجي ويئي. پوءِ کيس محسوس ٿيو ته نه رڳو سندس مٿو، پر سندس سڄو جسم ڪنهن عجيب و غريب ڪپڙي ۾ بند ڪيو ويو آهي. عجيب ماڻهو هاڻ سندس ڇاتيءَ تان لهي ويا. هو بلڪل بي جان بنجي ويو. ڄڻ موت جي وهڪري ۾ وهي رهيو هجي. هوريان هوريان سندس ذهن ڪم ڪرڻ لڳو. ماضي جون ساروڻيون ذهن تي اُڀري آيس. ننڍپڻ جا منظر اکين جي اڳيان گهمي ويس. ڪيڏو نه خوشگوار منظر هو. پوءِ جوانيءَ جا شروعاتي ڏينهن ياد آيس. جڏهن هو گهمڻ ڦرڻ واسطي ٻيلي ۾ ويندو هو. ٽڪرين تي وڙڪندو هو. انهيءَ دوران سندس ملاقات هڪ ڇوڪريءَ سان ٿي هئي، پر خبر ڪونهي ته ڪيڏانهن ويئي. سندس سفر جاري هو ۽ هاڻ هو هڪ نئين سفر تي وڃي رهيو هو. هن اهو سوچي اکيون ٻوٽي ڇڏيون.

پوءِ کيس خلائي اسپتال پهچايو ويو. جتي هو ڪيترو عرصو رهيو، انهيءَ جو اندازو هو لڳائي نه سگهيو. کيس ڪابه خبر نه هئي ته سج ڪڏهن اڀرندو ۽ لهندو هو. اسپتال ۾ کيس هڪ پڃري ۾ بند ڪيو ويو. جنهن جي چئني پاسن لوهي سيخون لڳل هيون. هن گهڻو ئي گوڙ ڪيو. پر سندس احتجاج تي ڪنهن به ڌيان نه ڏنو. جهاز مريخ طرف اُڏامندو پي ويو. ڪمري لڳاتار پڃري ۾ بند رهيو. ڊاڪٽر مرلينا سندس نفسياتي مطالعو ڪري رهي هئي ۽ زميني زبان سمجهڻ جي به ڪوشش ڪري رهي هئي، اهو بي حد ڏکيو ڪم هو. پر لڳاتار محنت نيٺ رنگ لاٿو ۽ مرلينا نيٺ زميني زبان سمجهڻ جي لائق ٿي ويئي. ڪمپيوٽر به پنهنجو ڪم ڪيو ۽ هر اهو لفظ جيڪو ڪمري ڳالهايو ٿي، تنهن جو ترجمو ٿي پئي ويو. اهڙي طرح گهٽ ۾ گهٽ مرلينا لاءِ اوپرائپ جي ديوار ختم ٿي ويئي، جيڪا زبان جي ڪري هئي. هوءَ زميني زبان ڳالهائڻ لڳي هئي. جيتوڻيڪ ڪنهن ڪنهن مهل ڏکيائي به پيش ٿي آيس. هوءَ پهريون ڀيرو جڏهن ڪمريءَ سان سندس زبان ۾ مخاطب ٿي ته هو حيران ٿي ويو.

”خوش ته آهين نه!؟“ مرلينا وڏي پاٻوهه مان پڇيس. ”منهنجو خيال آهي ته هاڻ تنهنجي اڪيلائي ختم ٿي ويندي. آئون تنهنجي زبان ڳالهائڻ لڳي آهيان.“ ڪمري پنهنجي خيال ۾ ٻُڏل هو ۽ سندس منهن ٻئي پاسي هو، سو ڇرڪي مُڙيو ته ڪشش ثقل گهٽ هئڻ سبب هڪ پاسي لڙڪي پيو. پوءِ هو بنهه احتياط سان اٿي بيٺو. مرلينا مرڪي پڇيس، ”ڌڪ ته ڪونه لڳئي؟“

”مائي! آئون بلڪل ٺيڪ آهيان.“ جواب ۾ ڪمريءَ چيو. سندس لهجو بنهه سرد هو. مرلينا وٽ هڪڙو ننڍڙو ريڪارڊ هو. تنهن ڏانهن اشارو ڪندي چيائينس، ”تون هن مشين جي مدد سان منهنجي زبان ڳالهائي رهيو آهين.“

”هائو، هڪ مشين هن کان به وڏي هئي. تنهن کان به خوب ڪم ورتم ۽ خود مونکي به سخت محنت ۽ جهيڙو ڪرڻو پيو.“ اهو چئي ڪمري کليو ۽ کلندي چيائين، ”ڳوري وحشيءَ کي ڪنهن به مشين جي ضرورت ڪونهي.“ اهو ٻڌي مرلينا کي گهڻي حيراني ٿي ۽ چوڻ لڳي ”اها ته ڏاڍي سٺي ڳالهه آهي.“

 هاڻي هن اڳواٽ سوچيل سمجهيل سوال پڇڻ شروع ڪيا. ”ڏس ڪمري! هڪ ڳالهه ذهن ۾ رک، اسين تنهنجا دشمن نه آهيون.“

”واهه سائين واهه! جيڪڏهن دوست منهنجي نس نس ۾ برف ڀري ڇڏين. منهنجا سڀ هٿيار کسي وٺن. منهنجا ڪپڙا لاهي وٺن ۽ مونکي جهنگلي جانور وانگي پڃري ۾ بند ڪري ڇڏين ته پوءِ دشمن کان ڊڄڻ جي ڪهڙي گهرج آهي.“ اهو چئي ڪمريءَ مُرڪي ڏنو. پر سندس مرڪ ۾ طنز ڀريل هئي.

”اسين تنهنجا دشمن نه آهيون.“ مرلينا زور ڀريو، ”ياد ڪر تو ئي ٻيلي ۾ پهرين مون تي حملو ڪيو هو.“

”هائو، بلڪل صحيح ٿي چوين. پر انهيءَ جا ڪجهه سبب هئا. مونکي حيرت ۾ وجهندڙ واقعن سان منهن ڏيڻون پيو. هڪ آسماني راڪاس کي مارڻون پيم. توکي ڏٺم ته ڪو رولاڪ جن سمجهيم. اهڙين حالتن ۾ ماڻهو پنهنجو بچاءُ ته ڪندو ئي آهي.“ ڪمريءَ چيو.

”پر اهو آسماني راڪاس موتمار نه هو. اها ته هڪ مشين هئي، جيڪا ان زمين جي تحقيق واسطي موڪلي ويئي هئي، جنهن تي تون رهين ٿو. تو مشين تباهه ڪري ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ اسان کي اچڻو پيو.“ مرلينا چيس.

ڪمري سوچڻ لڳو ته هيءَ ڪاري مائي سچ نه پئي ڳالهائي. ڇو جو اهو راڪاس وڄ گوڙ ڪندو آيو هو ۽ اسان جي قديم داستانن ۾ اهو ئي بيان ڪيو ويو آهي ته اهڙو راڪاس جڏهن به ظاهر ٿيندو آهي ته سخت تباهي آڻيندو آهي. اهو تصور ڪندي هو ڪنبي ويو.

”ان آسماني راڪاس… تنهنجي مشين سان مون سخت ويڙهه ڪئي هئي.“ ڪمري چيو، ”مون ان جون اکيون ڪڍي ڇڏيون.“ تڏهن ته هن پنهنجي تيز نوڪدار لوهي ٻانهن سان مون تي حملو ڪيو هو.“

”افسوس! جو تون سمجهين سگهين ها!“ مرلينا چيو، ”مشين اسان آسمان تان موڪلي هئي. اهي اکيون جيڪي تو ڪڍي ڇڏيون هيون، سي زمين جون تصويرون مريخ تي موڪلين ها ۽ تون جيڪو چوين ٿو ته لوهي ٻانهن سان هن توتي حملو ڪيو هو. اهو ته رڳو مشين جي خرابي جي ڪري ٿيو هوندو.“

”واهه!“ ڪمريءَ بيزاريءَ مان چيو، ”ٺهيو ڀلا مونکي اهو ته ٻڌاءِ ته اوهين ڪير آهيو ۽ مونکي هتي پڃري ۾ ڇو بند ڪيو ويو آهي.“

”وقت اچڻ تي توکي سڀ خبر پئجي ويندي.“ اهو چئي مرلينا هلي ويئي. 
 

باب اٺون

 

قيدي

 

نه ڄاڻ ڪيترا ڏينهن، راتيون، هفتا ۽ مهينا گذري ويا. ڪمري ڪو اندازو لڳائي نه سگهيو. نيٺ هو مريخ تي پهچي ويا. ڪمريءَ کي خلائي اڏي تي لاهي هڪ ڪوٺڙيءَ ۾ بند ڪيو ويو. هن جي لاءِ مريخ جي زندگي ڏاڍي ڏکي به هئي ته اوپري به. ڏکي ان ڪري ته هو جانورن جيان واڙيل هو ۽ اوپري ان ڪري ته هو هڪ اهڙي سر زمين تي پهچي ويو هو، جيڪا هن جي سر زمين کان گهڻي مختلف هئي. ٻيو ته کيس رات ۽ ڏينهن جو پتو نه هو. گرم هوائون، مشيني خوراڪ، ڪارا مهانڊا، ايليومينم جا ڪپڙا ۽ اٿاهه تنهائي، هر شئي هڪ مصيبت هئي. وڌيڪ اهو ته ڏهه ڏهه ٻارنهن ٻارنهن ڪلاڪ سندس مطالعو ڪيو ٿي ويو. ڪمريءَ کي ڪاري رنگ کان بُڇان هئي، پر ڊاڪٽر مرلينا جي قرب ڪري اها بُڇان هوريان هوريان گهٽبي ويئي. اهو ئي حال مرلينا جو به هو، کيس اڇي چمڙيءَ کان ڇرڪ ٿي نڪتا. سنئون سڌو مهانڊو مريخي حسن جي معيار تي پورو نٿي لٿو. ان لحاظ کان ٻنهي ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق هو. پر اهي هڙ ئي رڪاوٽون هوريان هوريان دور ٿي ويون ۽ ٻيئي هڪٻئي جي ويجهو اچي ويا.

مريخ تي ڏينهن ۽ رات جو تصور به عجيب هو. سندس ڪوٺيءَ ۾ عجيب روشني پکڙبي هئي. هيڏانهن مريخين ۾ ڳوري زميني انسان جي اچڻ جو زبردست هُل هو. ماڻهو ان عمارت ڏانهن ڇلنگيون ٿيو ٿي آيا، جنهن ۾ هو قيد هو. مريخي پوليس ڏاڍي ڏکيائيءَ سان اهو واعدو ڪري ماڻهن کي منتشر ڪيو ته جلد ئي زميني انسان کي ٽي وي تي ڏيکاريو ويندو. مريخي ٻارن کي جيڪي لوڪ ڪهاڻيون ٻڌايون وينديون هيون، تن ۾ گهڻو ڪري ڳورن ماڻهن جي ظلمن جو ذڪر هوندو هو. هنن انهيءَ انسان جي هڪ عجيب، غريب ۽ ڀوائتي شڪل ٺاهي رکي هئي. جڏهن ڪمري ٽي.وي تي ظاهر ٿيو ته مريخي مايون نفرت سبب ٿوڪارڻ لڳيون ۽ ٻارن پنهنجون اکيون ٻوٽي ڇڏيون. پر، پوءِ جڏهن هنن ڊڄندي ڊڄندي اکيون کوليون ته، پاڻ جهڙي منهن مهانڊي ۽ نڪ نقشي واري هڪ ڊگهي انسان کي ڏسي گهڻو حيران ٿيا. ڪيترا ٻار ته مائرن کان پُڇي ويٺا ته هي زميني جانور ماڻهوءَ جهڙي شڪل اختيار ڪري وٺندا آهن ڇا!؟ جواب ۾ هنن وراڻيو، بد بخت خراب ۽ سٺي شڪل اختيار ڪري وٺندا آهن. ڏسو ته سهي هن ڪيتري نه خراب ۽ ڪني شڪل اختيار ڪئي آهي. واقعي به ڪارن مريخين جي معيار موجب ڪمري تمام گهڻو بدصورت هو. هيڏانهن ڪمريءَ جو حال برو هو. هن کي جڏهن پنهنجي شڪل شيشي جي هڪ عجيب ڏٻي ۾ نظر آئي ته هو ڪجهه گهڙين جي لاءِ حيران ٿي ويو ۽ پوءِ حيرت جي جاءِ اڻ ڄاڻ ڊپ اچي والاري. هو جنن جي ديس ۾ پهچي ويو هو. ڪمري سوچڻ لڳو ته هيءَ ڪاري مائي کيس بيوقوف بنائي رهي آهي. پر اصل ۾ جنڙي آهي جنڙي. هو ڊپ سبب ڪنبڻ لڳو. ڄڻ سيءَ پوڻ لڳو هجيس. هڪ ڏينهن ته هو حيرت مان ڇرڪي پيو. ان ڏينهن مريخين کي ٽي وي تي زمين جون اهي تصويرون ڏيکاريون ويون، جيڪي پروب تباهه ٿيڻ کان اڳ ڇڪيون هيون. ڪمري پنهنجي شهر جو ٻيلو ۽ ان جي ڀرپاسي جو ڏٺل وائٺل ماحول ڏسي گهڻو خوش ٿيو. پر اها خوشي عارضي هئي. پنهنجي وطن ۽ عزيزن جي ياد ٻيهر تازي ٿي ويس ۽ هو گهڻي دير تائين سڏڪا ڀريندو روئندو رهيو.

ڪمري قيد ۾ رهي بيزار ٿي پيو. هڪ ڏينهن هن دٻيل لفظن ۾ مرلينا کي ٻاهر گهمائڻ ڦيرائڻ جي گذارش ڪئي.

”اها ڳالهه منهنجي اختيار کان ٻاهر آهي ۽ اهو حڪومتي معاملو آهي.“ مرلينا وراڻيس.

اهو ٻُڌي ڪمريءَ جي وحشت منهن ڪڍيو ۽ جهڙپ ڏيئي مرلينا کي جهلي ورتائين ۽ پوءِ سندس ٻيئي ٻانهون پٺيان موڙي، ٻي هٿ سان گهٽو ڏيڻ لڳس. مريخي فضائن ۾ پليل مرلينا توقع کان وڌيڪ ڪمزور نڪتي. هوءَ هڪ ڪَک جيان لُڏڻ لڳي. سندس اکين جا ڌوڏا نڪري آيا. اهو ته چڱو ٿيو جو ڪمريءَ ڇڏي ڏنس، نه ته ڪجهه گهڙيون وڌيڪ اها ڪيفيت رهيس ها ته ڪر مرلينا جو لاش اتي هجي ها، ڪمري ڪنڊ ۾ سُسي ويهي رهيو. مرلينا ڊوڙ پائي ٻاهر نڪتي ۽ دروازو بند ٿي ويو. هن جا حوصلا ايترا ته خطا ٿي ويا، جو پويان مڙي به نه ڏٺائين.

 


 

باب نائون

زمين ڏانهن واپسي

 

زمين تي تحقيقات جو وسيع پروگرام بنجي چڪو هو ۽ هاڻي ڪنٽرول روم ۾ هڪ اهم اجلاس ٿي رهيو هو. ڪيپٽن لوز، زميني مهم جي ميمبرن سان مخاطب هو. ڪارڊ ونجل، ڊاڪٽر مرلينا، ٽام بيلا ۽ ميرن ميندار ويٺا ڌيان سان ٻُڌي رهيا هئا. ڪمري جي ڪنڊ تي ڪارو ڪپڙو ٽنگيل هو. جنهن تي ڌرتيءَ جو نقشو ڳاڙهي مس سان ٺهيل هو. ڊاڪٽر مرلينا کان وحشيءَ بابت پڇيو ويو ته ڇا هو ايندڙ مهم جي ميمبرن سان سهڪار ڪندو ۽ مرلينا پنهنجي مختصر خطاب ۾ ڪمريءَ جو رويو واضح ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هو ضرور سهڪار ڪندو. ايڪڙ ٻيڪڙ واقعن کان سواءِ باقي سندس رويو ٺيڪ هو. مختلف فني پيچيدگين تي بحث کان پوءِ فيصلو ٿيو ته جلد ئي فيصله ڪن مهم زمين تي موڪلڻ گهرجي.

خدا خدا ڪري اهي خوشيءَ جون گهڙيون اچي پهتيون، جڏهن ڪمريءَ کي وقتي آزادي نصيب ٿي ۽ جيل جي ڇٻر تي ٻن هٿياربند محافظن جي نظرداريءَ هيٺ هو پسار ڪرڻ لڳو. مرلينا سان دوستاڻا ناتا بحال ٿيڻ کان پوءِ زميني مهم جون تياريون شروع ٿي ويون. ڪلوز سرڪٽ، انٽرڪام، برقي اوزار، ٽيلي اسڪوپ، ريفريجريٽر ۽ ٻيو گهريلو سامان جهاز ۾ سيٽ ڪيو ويو. ڪمريءَ کي ٻين ميمبرن سان گڏ ويهڻ جي اجازت هئي. پر سندس هٿ ۽ پير ٻڌا ويا ته جيئن ڀُل چڪ ۾ ڪنهن هنگامي سوئچ تي آڱر نه رکي ڇڏي.

ڪيترن ڏينهن جي سفر کان پوءِ سندن جهاز زمين جي مدار ۾ پهچي ويو ۽ زميني گاڏي راڪيٽ کان ڌار ٿي زمين طرف رواني ٿي ويئي. ڪيپٽن لوز زمين جي مدار ۾ چڪر هڻڻ لڳو. هڪ خوشگوار صبح جو اهل مريخ ”انٽارڪٽيڪا“ جي ان ٻيلي ۾ لٿا، جيڪو ڪڏهن سڄو سال برف سان ڄميل هوندو هو ۽ جنهن جي ويجهو ٻارنهن هزار ماڻهن تي ٻڌل واحد زميني شهر ”نوئيلاٽس“ واقع هو، ڪمري جي خوشيءَ جي ڪا حد ئي نه رهي. ڪشش ثقل جي ڪري سندس جسماني طاقت موٽي آئي، جنهن کان محروم ٿي ويو هو. پنهنجن ٻين ساٿين سان گڏ هڪ متحرڪ ڏاڪڻ وسيلي هيٺ لٿو ۽ پنهنجي جسم تي چڙهيل هڙئي اوزار لاهي ڦٽا ڪيائين ۽ قدرتي لباس ۾ آزاد نموني گهمڻ ڦرڻ لڳو. اها سهولت مريخين کي حاصل نه هئي، جو زميني ڪشش ثقل جي ڪري سندن جسم درهم برهم ٿيڻ ٿي لڳو. کين ايلومينيم جي لباس ۾ مصنوعي دٻاءُ قائم رکڻو پيو، پر حفاظتي خيال کان هو خوش هئا ته مريخ کان هزار ڀيرا سٺو خطو کين سائنسي تجربي لاءِ ملي رهيو آهي. زمين تي پهچڻ شرط ڪمريءَ جي رويي ۾ غير معمولي تبديلي پيدا ٿي ويئي. جنهن سان مريخين کي خدشو ٿيڻ لڳو ته ڪٿي هو، پنهنجن ٻين هم جنسن سان ملي، سندن لاءِ خطرو نه بنجي وڃي. ڪارڊونجل وٽ ”سوپ رائفل“ هئي. هن هڪ وڻ جو نشانو وٺي ڊسچارج بٽڻ دٻايو، هڪ زبردست ڌماڪو ٿيو ۽ سڄو وڻ باهه جي شعلن ۾ وٺجي ويو. ان مظاهري جو ڪمريءَ تي چڱو خاصو اثر ٿيو. کيس مريخين جي فني برتري جو معترف ٿيڻون پيو. تنهن ڪري باقي سفر ۾ هو غير معمولي سنجيدو رهيو.

جڏهن ٽيم ٻيلي ۾ رواني ٿي ته، ڪمريءَ کي سامهون ٻوڙن ۾ هڪ نانگ سُرندو نظر آيو، ان کان اڳ جو ”ڪارڊ ونجل“ نانگ جي وات تي هٿ رکي، ڪمريءَ کيس ڌڪو ڏيئي پٽ تي ڪيرايو. هن ”سويپ رائفل“ سان ڪيترائي فائر ٻوڙن تي هلايا، نانگ ته پنهنجي راهه وٺي رمندو رهيو، پر ڪمري ڊڄي ويو. هن مرلينا جي معرفت ”ڪارڊ ونجل“ کي پڪ ڏياري ته مون ڪا شرارت نه ڪئي هئي، پر نانگ جي هٿان ڏنگجي تنهنجي موت جو انديشو هو.

ڊاڪٽر مرلينا ڪمريءَ جي خلوص کان متاثر ٿي سندس پيرن جو رسو کولائي ڇڏيو ۽ ڊيڄارڻ ڌمڪائڻ بدران هڪٻئي تي اعتماد کي ترجيح ڏيڻ لڳا. اهڙي طرح اهو قافلو ڪمريءَ کي پنهنجو سرواڻ مڃڻ تي مجبور ٿي پيو. زمين جي باري ۾ سندس معلومات صحيح هئي. هن ٻڌايو ته ”نوئي لاٽس“ هتان کان ٽيهن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي، يعني منهنجي لاءِ هڪ ڏينهن ۽ مريخين جي لاءِ ٽن ڏينهن جو پنڌ آهي. اهڙي طرح اها پارٽي منزلن تي منزلون ڪندي دڳ طرف هلڻ لڳي. رستي ۾ ڪمريءَ مريخين کي نانگن، بلائن ۽ پکين بابت حيرت انگيز معلومات ڏني. غير معمولي ڪشش ثقل جي ڪري مريخين جي لاءِ هلڻ بي حد ڏکيو هو. پوءِ به پهرئين ڏينهن جو سفر هنن جي لاءِ خوشگوار رهيو ۽ هلڻ ۾ نسبتاً سولائي ٿيڻ لڳين. حفاظتي هٿيارن کان سواءِ مريخين وٽ ننڍا سامان، هيلپنگ بيگس، خوراڪ جا دٻا، ريڊيو ٽرانسيور ۽ دوائن جو اسٽاڪ به موجود هو. هنن اهو سامان پاڻ ۾ هڪ جيترو ورهائي ڇڏيو هو، جيئن هر فرد جي لاءِ سولائي ٿي وڃي. رات هنن هڪ صاف ۽ کليل ميدان ۾ گذارڻ جو فيصلو ڪيو، ٻه شاميانه لڳايا ويا. رات جي ماني سڀني گڏجي کاڌي. شاميانن جي چوڌاري برقي تارون ويڙهي، انهن جا سرا بيٽري سان جوڙيا ويا، ته جيئن ڪو خطرناڪ جانور لنگهي ته گهنٽيون وڄڻ لڳن ۽ سڀ خبردار ٿي وڃن. فيصلو اهو ٿيو ته ڪمري شاميانن کان ٻاهر پٽ تي سمهندو ۽ مريخين مان واري واري سان هڪ مٿس چوڪي ڏيندو. پهرين رڊلان، گارل ۽ ڪارڊ ونجل مٿس، شروعاتي ٽي پهر پهرو ڏنو. آخري پهر مرلينا جو وارو هو. هوءَ اکيون مهٽيندي اٿي ۽ اوندهه ۾ ڪمري جي ڀرسان اچي ويهي رهي، اوچتو ٻوڙن ۾ سر سر ٿي، ميٽر جون سيون تيز تيز حرڪت ڪرڻ لڳيون، ڪمري رڙيون ڪرڻ لڳو، ”مرلينا پنهنجي جاءِ تان متان چرين.“ هوءَ ويچاري ڊڄي ڪمريءَ کي چهٽي ويئي ۽ ڊپ سبب ڏڪي رهي هئي. نانگ هوريان هوريان سُرندو پري هليو ويو ۽ مرلينا جي پيٽ ۾ ساهه پيو. اڃا سڀ جاڳي رهيا هئا. جو مدار ۾ گهمندڙ راڪيٽ مان ڪيپٽن جو آواز آيو. هڪ ٽرانسيور تي نياپو وصول ڪيو ويو ۽ سڄي ڏينهن جي ڪار گذاري پندرنهن منٽن ۾ لکائي ويئي. ايندڙ ڏينهن ٺيڪ ٺاڪ گذريو. رات جو ڊاڪٽر مرلينا هوريان هوريان ڪمري کي مريخ بابت ڄاڻ ڏني. جواب ۾ ڪمريءَ ”نوئيلاٽس“ جي مختصر تاريخ ٻڌايس، اهڙي طرح صبح ٿي ويو. ٻئي ڏينهن شام جو ”نوئيلاٽس“ پهچي وڃن ها. پر ڪارڊونجل جو پير ترڪڻ سبب مڙي پيو ۽ هو وڌيڪ سفر ڪرڻ جي بدران اتي ئي خيما کوڙي ٽڪي پيا. سفر ٻي ڏينهن تائين ملتوي ڪيو ويو. سامهون ”نوئيلاٽس“ جا اوچا اوچا گهر نظر اچي رهيا هئا. شهر جو گنبذ سج جي سنهري ڪرڻن ۾ چمڪي رهيو هو. ڀت کان ٻاهر سايون ستابيون ٻنيون نيڻ نهار تائين پکڙيل هيون. منظر ڏاڍو من موهيندڙ هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org