سيڪشن: ٻاراڻو ادب

ڪتاب: مريخ جا مسافر ۽ ٻيون ڪهاڻيون

باب:

صفحو:3 

باب چوٿون

تحقيقات

مريخي راڪيٽ ”سلوپ“ زمين تي بلڪل اُن هنڌ جي ويجهو لٿو، جتي ’پروب‘ کي حادثو پيش آيو هو. انهيءَ ۾ تحقيقاتي ٽيم جا ميمبر سوار هئا. جن ۾ طبعيات جو نوجوان ماهر ميرن، انجنيئر جول اوهرن، جهازن ران رڊلان، علم حياتيات جا ماهر ٽام مبيلا ۽ ڊاڪٽر مرلينا شامل هئي. سڄي مهم جو اڳواڻ رڊلان هو. جنهن زمين تي پهچڻ شرط ڪيپٽن لوز کي زميني گرهه بابت معلومات موڪلڻ شروع ڪري ڏني هئي. ”سلوپ“ جا اوزار بلڪل ٺيڪ نموني ڪم ڪري رهيا هئا. ميرن اعلان ڪيو ته ”ايڊياڪ ۽ ائٽم توقع موجب معياري آهن. آڪسيجن بابت اسان جو جيڪو خيال هو، تنهن کان گهڻي وڌيڪ آهي. ڏسو ته چئني ڏسائن ساوڪ ئي ساوڪ آهي.“

ٽام چيو، ”اهڙي ساوڪ ته اڄ سوڌي نه ڏٺي ويئي آهي. پنهنجي مريخي نيلگو درياءَ جي آس پاس به نه. هيءَ ته واقعي عجيب و غريب ڳالهه آهي. پڪَ سان هي گرهه مئل ڪونهي. چئني طرفن زندگيءَ جا آثار موجود آهن. پکي به اُڏامندا پيا نظر اچن. پڪ سان هتي زندگي جي شروعات ڪري سگهجي ٿي.“

”اسين ٻاهر ڪڏهن نڪرنداسين“. مرلينا چيو، ”منهنجي بي تابي وڌندي پيئي وڃي. اسين هڪ اهڙي گرهه تي بيٺا آهيون، جنهن جو سپنو اسان جا وڏڙا هڪ هزار سالن کان ڏسندا پيا اچن.“

مرلينا ايئر لاڪ ۾ داخل ٿي ويئي. دروازو بند ڪري ٻاهرينءَ دٻاءَ موجب پنهنجو پاڻ کي سنڀالڻ لڳي. پينل تي اشارو ٿيو. مرلينا ٻاهريون دروازو کوليو ڏاڪڻ هيٺ لڙڪائي ۽ ان وسيلي زمين تي لهي ويئي. کيس خلائي لباس پاتل هو، جيڪو سج جي روشنيءَ ۾ جرڪي رهيو هو، مرلينا تازي تواني نظر اچي رهي هئي. خوشيءَ ۾ سندس دل ٻلين جيان ٽپا ڏيڻ لڳي. هوءَ مريخ جي تاريخ ۾ پهرين عورت هئي، جنهن ڌرتيءَ تي قدم رکيو هو. سندس پويان ٽام مبيلا ۽ رڊلان به لٿا. آخري خلاباز ميرن هو، جيڪو جهاز مان هيٺ لٿو. هو چئني ڏسائن دنيا کي ڏسڻ وائسڻ ۾ مصروف ٿي ويا. جنهن تائين پهچڻ جي گهڙين جو هو صدين کان اوسيئڙو ڪري رهيا هئا.

 

باب پنجون

 

آسماني بلا

ڪمري هوش ۾ آيو ته سندس ڌيان هڪدم اُن گونج ڏانهن ويو، جيڪا هن بي هوش ٿيڻ کان اڳ ٻڌي هئي. انهيءَ مهل چوڌاري خاموشي هئي. ڪٿي اهو آسماني بلا جي سنگتين جو آواز ته نه هو؟ هن سوچيو. شايد هو پنهنجي دوست يا ڀاءُ جي موت جو بدلو وٺڻ آيا هجن. انهيءَ خيال کيس چست ڪري ڇڏيو. هن نيزو پٽ تان کنيو ۽ پوري سگهه سان ايئن جهليو، ڄڻ ڪو مٿس حملو ڪرڻ وارو هجي. ”اچ ته سهي ڪمري خبر وٺنئي.“ هو ڀڻڪيو، ”آئون پنهنجي قوم کي بي عزت ٿوروئي ڪو ٿيڻ ڏيندس. اسين هڏماس جا ٺهيل آهيون ۽ تون باهه ۽ ڌاتوءَ جو آهين ته ڇا ٿي پيو، پر منهنجو هي نيزو توکي به موت جو مزو چکائي ڇڏيندو.... ٿورو اچ ته سهي..... ٻه ٻه هٿ ڪريون.“ پوءِ هن چئني طرفن نظر وڌي. ٻيلو خاموش هو. ڪٿي به ڪا بلا نظر نه پي آئي. هو انهيءَ جي ڳولا ۾ اُٿي کڙو ٿيو. قومي عزت جي حفاظت جي خيال کان سندس رت ٽهڪڻ لڳو. هو هلندي هلندي ڳائڻ لڳو:

ڪمري، ڪمريسو جو پُٽ!

”نوئيلائٽس“ جو ڪمري،

زندگيءَ جو مزو ماڻي چڪو آهي.

هاڻي سندس من ۾ جيڪا خواهش آهي ته

فقط اها....

هو اهڙي شان ۽ مان سان جان ڏي

جو سندس منهن تي

مُرڪ کيڏي رهي هجي.

۽ دشمن،

حيران ۽ پريشان هجي،

ڪمري،

ڳائيڻو ڪمري.

هوريان هوريان سندس آواز اوچو ٿيندو ويو. هو هر هر اهو گيت ڳائيندو، ٻيلي ۾ مئل بلا جي ڀاءُ يا ساٿيءَ کي ڳولهيندو رهيو. جيڪو وڏي گونج سان آسمان مان آيو هو ۽ هاڻ ڪٿي لڪي ويو هو. هاڻ هن ۾ ايتري طاقت اچي ويئي هئي، جو هو نيزي جي هڪ ئي ڌڪ سان انهيءَ بلا جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري ٿي سگهيو.

پر..... پر..... هن جيڪي ڪجهه ڏٺو، تنهن جي لاءِ تيار نه هو. هن ڪڏهن به جن ڀوت نه ڏٺو هو. پر هينئر جيڪو هو ڏسي رهيو هو، اهو به چانديءَ جو. جيڪو کائنس ٽيهن وکن جي پنڌ تي نچي رهيو هو. هو هڪدم وڻ جي پويان ٿي ويو ۽ سوچڻ لڳو ته هو ان ڀوت جو پنهنجي نيزي سان مقابلو ڪري سگهندو به يا نه! گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ هو ”ناممڪن“ جي نتيجي تي پهتو. هو اڃا به گهڻو ڊڄي ويو. هن ڇا ڏٺو ته ڀوت پنهنجو چمڪندڙ مٿو مزي سان لاهي هيٺ رکيو. ان جي هيٺان ڪاراڻ نظر اچڻ لڳي. پر اهڙي ڪاراڻ، جنهن ۾ زندگي روان دوان هئي. هن رڙ ڪئي، سندس رڙ ۾ للڪار به هئي ته ڊپ به هو. پوءِ اهو ڪارو بدن هن ڏانهن مُڙيو. ڪمريءَ ڏٺو ته سندس ڪارين اکين ۾ هلڪي جوت هئي. اهي وڌيڪ ڊيڄاريندڙ لڳي رهيون هيون.

کيس پَڪ ٿي ويئي ته موت سندس سامهون بيٺو آهي. هو ساڻس ٻه ٻه هٿ ڪرڻ جي لاءِ ڊوڙيو. نيزو سندس هٿ ۾ هو. هر وک کيس ڀوائتي مخلوق جي ويجهو ڪري رهي هئي. سندس زبان تي جنگي نعرو هو. موت هوريان هوريان چُريو ۽ پنهنجي هڪ ٻانهن مٿي کنيائين. ڪمريءَ جي سيني ۾ سُيون چڀڻ لڳيون، پر هن ڪابه پرواهه نه ڪئي. موت هڪ ڀيرو ٻيهر چُريو. پوءِ ايئن محسوس ٿيو، ڄڻ ڪنهن سندس دل ۾ هلڪي سُئي ٽنبي ڇڏي هجي.

هاڻي چهرو صاف نظر اچي رهيو هو. ڪارو چهرو. هن جي منهن جا نقش ڏاڍا خوبصورت هئا. اوچتو هڪ ٻي عجيب ڳالهه ٿي، هن پنهنجي ٽنگن مان ست ڇڏائيندي محسوس ڪيو ۽ هن ڏڪندڙ هٿن سان نيزو اڇليو، جيڪو ”موت“ جي پيرن ۾ وڃي ڪريو. ”موت“ ڦڙتي کان ڪم نه وٺي ها ته شايد پورو ٿي وڃي ها.

 

باب ڇهون

 

انڪشاف

 

اوچتي حملي تي مرلينا گهٻرائجي ويئي. هن سامهون نظر وڌي ته هڪ ڳورو ماڻهو بيٺل نظر آيس. اهو پهريون ڳورو ماڻهو هو، جيڪو هن پنهنجي زندگيءَ ۾ ڏٺو هو. هن ڏاڍي تيزيءَ سان پنهنجي پوزيشن سنڀالي. هن جي هڪ هٿ ۾ بندوق ۽ ٻي ۾ دستي بم هو. ”پڪَ سان وحشي اڪيلو نه هوندو.“ هن سوچيو، ”ضرور سندس ٻيا ساٿي به هوندا ۽ ٿي سگهي ته اسان جو گهيرو ڪرڻ ۾ مصروف هجن.“

کي پريشاني ورائي ويئي، ”سلوپ“ گهڻو پري نه هو. رڊلان ۽ ٻيا ساٿي سڏ ڪرڻ سان هڪدم پهچي وڃن ها، ”پر جي هي وحشي تعداد ۾ وڌيڪ هجن ته پوءِ؟... ۽ ٿي سگهي ٿو ته نيزي کانسواءِ وٽن ٻيا جديد ۽ خوفناڪ هٿيار به هجن. اهڙي صورتحال ۾ هو تباهه ڪندڙ ثابت ٿي سگهن ٿا، ڪيپٽن لوز نه ته هن پارٽيءَ جي ميمبرن جي تباهي سهي ٿي سگهيو ۽ نه وري سلوپ جي. جنهن کين هتي آندو هو. مٿان وري عزت جو مسئلو به هو. هوءَ عورت هئي. ۽ جيڪڏهن اُتي ڊپ نالي ڪا شئي نه هجي ته هوءَ ساٿين کي سڏي ها ته ڪر سندس بي عزتي ٿئي ها“. مرلينا سوچيو.

ريڊيو سندس هيڊ پيس ۾ هو ۽ هيڊ پيس پٽَ تي پيل هو، جيڪو گهٻراهٽ ۾ هن ڪيرائي ڇڏيو هو. اهو نوجوان ڪجهه پرڀرو فالج واري حالت ۾ پٽ تي پيو هو. وقت گذرندو رهيو. مرلينا جون نظرون سامهون ٻيلي تي کتل هيون. پر اُتي کيس ڪابه شئي يا چرپر نظر نه آئي. بندوق ۽ دستي بم سان سندس حوصلو وڌيو تنهن کانسواءِ رڊلان ۽ ٽام جا آواز به ويجهو ايندا ويا. هنن وٽ مريخ جا هلڪا ڦلڪا هٿيار هئا، جن سان هو هڪ ريجمينٽ جو مقابلو ڪري سگهيا ٿي. ڪافي دير ايئن گذري ويئي. هاڻ مرلينا کي پڪ ٿي ويئي ته اهو پٽ تي پيل نوجوان اڪيلو آهي. هن دستي بم پنهجي خلائي لباس جي کيسي ۾ رکيو. هيڊ پيس پٽ تان کنيو ۽ بندوق هٿ ۾ کڻي پنهنجي شڪار کي ڏسڻ لاءِ اڳيان وڌي. رڊلان ۽ ٽام جا آواز به ويجهو پوندا ويا. ”ميرن ميندار“ مئل پروب ڳولهي لڌو هو ۽ هاڻ ان کي پهتل نقصان جو جائزو وٺي رهيو هو.

ڪمري منهن ڀر پَٽ تي پيو هو. کيس پکين جي پَرن وارا ڪپڙا پاتل هئا. مرلينا کيس هوريان هوريان سڌو ڪيو. ڊپ سبب سندس منهن پيلو پئجي ويو هو. ڪاريون اکيون کليل هيس. جنهن ۾ سوچ جا پاڇا ترندا نظر آيس. وات ٿورو چُٻو، نڪ ڊگهو ۽ منهن ويڪرو هئس. مرلينا سندس منهن مهانڊي کان ڏاڍي متاثر ٿي. هڪ ڀيرو سندس نظرون هن جي سوچيندڙ اکين تي پيون ته سندس دل ۾ رحم جو جذبو جاڳي پيو، ”ويچارو وحشي خبر ڪونهي ڇا پيو سوچي...؟“

اوچتو مرلينا کي خيال ٿيو ته هي وحشي سائنسدانن جي تحقيقاتي رٿائن ۾ اهم مقام رکي ٿو. هيستائين مريخ ۾ عام خيال اهو ئي هو ته زمين تي ڪابه باشعور مخلوق نٿي رهي. پر هن وحشي جي ملڻ تحقيقات جو رخ موڙي ڇڏيو. زميني گرهه مئل نه هو. پر مريخين جهڙي مخلوق آباد هيس. فرق رڳو رنگ جو هو. هو ڪارا ۽ زميني ڳورا هئا. ڏسڻ ۾ پٺتي پيل. پر حقيقت جو پتو تحقيقات مان ئي پئجي ٿي سگهيو. مرلينا جا خيال انهيءَ پروگرام جي چوڌاري ڦري رهيا هئا. ”ويچارو وحشي“ هن ڀڻڪو. ”اسان کي هڪ ڏکيائي درپيش آهي، توکي به ۽ مونکي به اسان کي اهو معلوم ڪرڻو آهي ته تنهنجي تهذيب ڪهڙي نوعيت جي آهي ۽ منجهس جيئري رهڻ جي صلاحيت به آهي يا نه. اسان کي اهو به جائزو وٺڻو آهي ته تون هڪ پائيدار ۽ محنتي نسل سان واسطو رکين ٿو يا نه. ۽ ڪٿي فتحن ۽ ٻين قومن تي غلبي جا خواب ته نٿا ڏسو... تو مون کي ڏٺو ۽ ڏسڻ شرط مون تي نيزو اڇليو... تنهنجي اندر بنهه خطرناڪ جراثيم آهن ۽ منهنجي قوم انهن جي سخت دشمن آهي. اهو سوچي مرلينا جُهڪي پٽ تان ڪمريءَ جو نيزو کنيو. ان جو منهن ڏٺائين ۽ ٻه ٽڪر ڪري اڇلي ڇڏيائين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org