سيڪشن: ٻاراڻو ادب

ڪتاب: مريخ جا مسافر ۽ ٻيون ڪهاڻيون

باب:

صفحو:1

مريخ جا مسافر ۽ ٻيون ڪهاڻيون

(ناولٽ ۽ ڪهاڻيون)

يوسف سنڌي

ڇپائيندڙ پاران

هيءُ ڪتاب ”مريخ جا مسافر ۽ ٻيون ڪهاڻيون“ سنڌي ادب جي معروف ترجمه نگار محترم يوسف سنڌيءَ جو ٻاراڻي پرڏيهي ادب جي سائنسي ناوليٽ ۽ ٻين ڪهاڻين جو مجموعو آهي، جنهن کي پاڻ انتهائي سهڻي انداز ۾ سنڌي لفظن جو ويس پهرائي سنڌي ٻارڙن لاءِ سولي سنڌي ٻوليءَ ۾ سائنسي معلومات ۽ وندر ورونهن تي مشتمل معياري ڪتاب ترجمو ڪري ٻاراڻي ادب ۾ اضافو ڪيو آهي.

جناب مخدوم جميل الزمان صاحب چيئرمن سنڌي ادبي بورڊ جن جي هدايتن تحت خصوصي طور 2013ع جو سال ٻاراڻي ادب جي ترقي ۽ اشاعت جو سال ڪري ملهايو پيو وڃي. ٻاراڻي افسانوي ادب جو هيءُ ڪتاب انهيءَ نئين رٿا جي اسڪيم جي هڪ ڪڙي آهي، جنهن ۾ ٻارڙن جي ترقي ڪرڻ جا تجربا ۽ مشاهدا نظر اچن ٿا.

هيءُ ڪتاب ”مريخ جا مسافر ۽ ٻيون ڪهاڻيون“ آءٌ پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ اداري طرفان پڌرو ڪري سُرهائي محسوس ڪري رهيو آهيان، جنهن لاءِ آءٌ جناب 
مخدوم جميل الزمان صاحب چيئرمن سنڌي ادبي بورڊ، جو تهدل سان شڪر گذار آهيان، جنهن پنهنجي مفيد مشورن سان منهنجي رهنمائي ڪري. اشاعتي مرحلي کي آسان بنايو آهي.

اميد آهي ته، اسان جو هيءُ پيار ڀريو پورهيو سنڌ جي معصوم ۽ سٻاجهڙن ٻارڙن وٽ مڃتا ماڻيندو.

13- ذوالقعد 1434هه                                                  الهڏتو وگهيو

20- سيپٽمبر 2013ع                                                          سيڪريٽري

 

پنهنجي پاران

 

مون لکڻ جي شروعات ٻارن لاءِ ڪهاڻيون لکڻ سان ڪئي ۽ منهنجي پهرين ڪهاڻي آڪٽوبر 1979ع ۾ ”گل ڦل“ ۾ ”عظيم سوکڙي“ جي نالي سان ڇپي هئي ۽ پوءِ منهنجو لکڻ جو اهو سلسلو هلندو رهيو ۽ اڃا تائين جاري آهي.

اُن وچ ۾ مون ٻارن لاءِ به گهڻو ڪجهه لکيو ۽ ترجمو ڪيو، جيڪو مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندو رهيو ۽ بدقسمتيءَ سان انهن مان گهڻو مواد هاڻ مون وٽ موجود ڪونهي.

هن ڪتاب ۾ هڪ سائنسي ناولٽ ۽ تيرهن ڪهاڻيون شامل آهن، جن مان ڪجهه ترجمو، ڪجهه طبعزاد، جيڪي ٻارن جي دلچسپي ۽ انهن جي ڏانوَ وٽان آهن، جيڪي پڪ سان ٻارن کي وڻنديون.

آءٌ هن ڪتاب جي ڇپائيءَ جي سلسلي ۾ سنڌي ادبي بورڊ ۽ اُن جي لائق سيڪريٽري محترم الهڏتي وگهئي جو دل جي گهراين سان ٿورائتو آهيان، جنهن ذاتي دلچسپي وٺي هن ڪتاب کي اشاعت هيٺ آندو.

يوسف سنڌي

2013/03/15

حيدرآباد

باب پهريون

 

حملو

 

سائو ستابو ٻيلو زندگيءَ سان ڀرپور هو. پکي چهڪي ۽ وڻ جي هڪ شاخ کان ٻي شاخ تائين ٿيندا، لاتيون لنوي رهيا هئا. زمين جون هڙئي خوبصورتيون ۽ رنگينيون هن ئي خطي ۾ مڙي آيون هيون. دنيا جي اڪيلي آبادي ”نوئيلاٽس“ هتان کان فقط ڏيڍ ميل پرڀرو، هڪ سر سبز ۽ شاداب ميدان ۾ هئي. باقي سڄي ڌرتي يا ته ٻيلن سان ڀريل هئي، يا وري ويران ۽ رڻ پٽ جو ڏيک ڏيئي رهي هئي. هڪ هزار سال اڳ ڪارن ۽ ڳورن ۾ هڪ زبردست لڙائي لڳي هئي، جنهن ۾ سڄي ڌرتيءَ جون وسنديون ويرانيءَ ۾ بدلجي ويون ۽ ڪيترائي انسان مارجي ويا ۽ هزارين سالن جي انساني تهذيب ۽ سائنسي ترقي ڌوڙ ۾ ملي ويئي. وڏا وڏا ملڪ ڌرتيءَ جي گولي تان ايئن گم ٿي ويا، ڄڻ سندن وجود ئي نه هو. جبلن جي چُرن ۽ زير زمين خندقن ۾ بچي ويندڙ ڪجهه ڳورن انسانن وري زندگي شروع ڪئي ۽ ”نوئيلاٽس“ شهر جو بنياد رکيو. هاڻي زمين جي سڄي آبادي انهن بچي ويل ڳورن ماڻهن جي نسل تي ٻڌل ۽ رڳو هن ئي شهر تائين محدود هئي. تنهن کان سواءِ ڪجهه ڪارا سائنسدان به اهڙي نموني بچي نڪتا، هو انسانيت جي مڪمل تباهيءَ کان اڳ راڪيٽ ۾ چڙهي مريخ طرف اُڏري ويا، جتي هنن هڪ نئين تهذيب جو بنياد وڌو. پر زمين ۽ مريخ جي رهاڪن کي هڪٻئي بابت ڪابه خبر نه هئي.

زمين تي بچي ويل ڳورو انساني نسل هڪ هزار سالن ۾ انهيءَ جي مس وڃي قابل ٿيو ته تمدني زندگيءَ جي شروعات ڪري سگهي، ريلون، رستا، هوائي جهاز، بجلي، ڪارخانا ۽ فئڪٽريون هنن جي لاءِ ڏند ڪٿائي حيثيت اختيار ڪري چڪيون هيون. زمين تي جيڪا قيامت گذري هئي، اها هاڻ ٻُڍڙين جي قصن ۽ ڪهاڻين جو موضوع بنجي چڪي هئي. ٻارڙا اهي قصا ڏاڍي حيرت مان ٻُڌندا هئا. ٻڍڙيون جڏهن چونديون هيون ته هزار ڏيڍ سال اڳ زمين تي هڪ عجيب و غريب مخلوق رهندي هئي، جيڪا هوا ۾ اُڏامندي هئي ۽ سمنڊ جي تهه ۾ سفر ڪندي، چنڊ ۽ مريخ تائين ايندي ويندي هئي، ته ٻارڙن جون حيرت مان اکيون ڦاٽي وينديون هيون ۽ هو پُڇندا هئا.

”ناني! هو جن ته ڪونه هئا؟“

”جن!“ ناني چوندي هئي، ”انهن کان به وڌيڪ سگهارا... اک ڇنڀ ۾ ڪٿان کان ڪٿي وڃي پهچندا هئا. زمين جي هڪ ڪُنڊ تان سڏيندا هئا ته آواز ٻي ڪنڊ تي پيو ٻُڌبو هو. زمين تي پنهنجي لٺ کوڙيندا هئا ته پاڻي، تيل ۽ الائجي ڪهڙيون ڪهڙيون شيون زمين جو پيٽ ڦاڙي ٻاهر نڪري اينديون هيون. چنڊ تي گهمندڙ ڦرندڙن جون تصويرون زمين تي اينديون هيون ۽ سندن آواز ٻڌڻ ۾ ايندو هو. خبر ڪونهي ته ڪهڙي ڪَل دٻائيندا هئا، جو چوڌاري سهائي پکڙجي ويندي هئي ۽ پوءِ وري ڪو اهڙو منتر ڦوڪيندا هئا، جو چوڌاري اوندهه پکڙجي ويندي هئي.“

ٻارڙا حيرت مان وات پٽيو، اهي ڪهاڻيون ٻڌندا هئا، ۽ پوءِ ويٺي ويٺي ڪو ٻارڙو سوال ڪندو هو، ”ناني ڙي ناني! پوءِ اها مخلوق ڪيڏانهن ويئي.“

”پنهنجي ئي هٿان تباهه ٿي ويئي ٻچا!“ نانيءَ جي گُنجهيل منهن تي ڏک ۽ اُداسي ڇانئجي ويندي هئي ۽ سندس آواز ۾ ڪرڀ ڀرجي ويندو هو، جنهن کي ٻار بلڪل محسوس ڪري نه سگهندا هئا.

”ابا چون ٿا ته هنن ڪو اهڙو ڀوائتو هٿيار جوڙيو هو، جو انهيءَ جي اُڇلڻ سان چوڌاري باهه ۽ دنهه جو جهنم ڀڙڪي ٿي اُٿيو ۽ انهيءَ جي وڪڙ ۾ جيڪا به شئي ٿي آئي، سا اک ڇنڀ ۾ سڙي ڦلهيار ٿي ويندي هئي. اهي هٿيار هو سوين ميل پري ويهي هڪٻئي تي اڇليندا هئا. هڪ ڀيري جو جنگ لڳي ته هنن هڪٻئي تي اهڙن هٿيارن جو اهڙو ته وسڪارو لاهي ڏنو، جو سڄي دنيا باهه ۾ ٻرڻ لڳي ۽ انهن جي نشاني تي جيڪا به شئي آئي، اها چٽ ٿي ويئي، جنگ ختم ٿي ته زمين جو چهرو ئي بدلجي ويو ۽ ان مخلوق جو نالو نشان به نه رهيو ۽ اها بلڪل اسان جهڙي مخلوق هئي، شايد اهي اسان جا ئي ابا ڏاڏا هئا.“

ڪمري، انهيءَ مخلوق جو هڪ جوان ”نوئيلاٽس“ جي ويجهو، ٻيلي ۾ هڪ وڻ سان ٽيڪ ڏيو ويٺو، قدرتي نظارن جي جادوءَ ۾ گم هو. اوچتو ٻيلو هڪ ڊيڄاريندڙ آواز سان ٻُري اُٿيو آواز هر گهڙيءَ وڌندو پي ويو. ڪمريءَ کي اچي ڊپ لڳو. هو گهٻراهٽ ۾ اُٿي بيٺو ۽ جتان آواز پي آيو، ان طرف ڏسڻ لڳو. ٻيلي جا پکي پکڻ ۽ جانور آواز جي دهشت کان رڙيون ڪرڻ لڳا ۽ پوءِ هڪدم خاموشي ڇانئجي وئي، ڄڻ ڪنهن مٿن جادو ڪري ڇڏيو هجي.

ڪمريءَ جي ذهن ۾ غير انساني مخلوق جا قصا ۽ ڪهاڻيون ڦرڻ لڳا. جيڪي هن پنهنجي ڏاڏيءَ جي واتان ٻڌا هئا. ڀوائتي غير انساني مخلوق، جنهن کي ڏسيو انسان ۽ جانور بي هوش ٿيو ڪريو پون.

ڪمري چرين وانگي ٻيلي کي گهورڻ لڳو. پر وڏن وڏن وڻن جي زمين تي جهڪيل ڏارن ۽ وڏن وڏن ٻوڙن کان سواءِ کيس ٻيو ڪجهه به نظر نه پي آيو. پوءِ هن جهڪي پٽ تان پنهنجو نيزو کنيو ۽ جيڏانهن منهن هئس، تيڏانهن اٿي ڀڳو. اوچتو هڪ ڌماڪو ٿيو، ڪا شئي زمين سان ٽڪرائي، وڻ ۽ زمين ڪنبڻ لڳا. ڄڻ زلزلو اچي ويو هجي. ڪمري ڊوڙندي منهن ڀر اچي پٽ تي ڪريو ۽ پوءِ آهستي آهستي خاموشي ڇانئجي وئي.

ڪمريءَ جا حواس بحال ٿيا ته هن هڪ عجيب منظر ڏٺو وڻن جي چوٽين تي باهه جا اُلا ٻري رهيا هئا. ڏور فضا ۾ ڌُنڌ جي هڪ لڪير پکڙجي رهي هئي. ميل کن پر ڀرو مٽي ۽  ڌڌڙ جا ڪڪر اُٿي ٻيلي تي ڇانئجي رهيا هئا. هن نيزو کنيو ۽ ان طرف وڌيو... ۽ پوءِ هڪدم ڇرڪي بيهي رهيو. ان پاسي کان هلڪي هلڪي سيٽيءَ جو آواز اچي رهيو هو. ڊپ جي هلڪي لهر سندس جسم ۾ ڊوڙي ويئي. سندس پير ٿڙڻ لڳا. پر هن پاڻ کي سنڀالي ورتو ۽ خيالن جي هڪ لهر سندس ذهن ۾ آئي ته پڪ سان ڪا خوفناڪ بلا انساني آباديءَ تي حملي آور ٿي آهي. ڪٿي هوءَ سڄي انساني آباديءَ کي تباهه نه ڪري ڇڏي. مون کي همت ڪرڻ گهرجي ۽ قوم تي زندگي قربان ڪري انهيءَ کي بچائڻ گهرجي. هڪ فرد جي قرباني قوم جي مقابلي ۾ ڪابه حيثيت نه ٿي رکي. قوم جي بچائڻ جي تصور منجهس همت پيدا ڪئي. ڊپ جي جاءِ همت ۽ ولولي اچي والاري. هو ڊگهو چڪر ڪاٽي ٻيلي جي انهيءَ حصي ۾ پهتو، جتي هن مٽيءَ جو طوفان اُٿندي ڏٺو هو.

اها چڱي موچاري کليل جاءِ هئي. ان جي بلڪل وچ ۾ هڪ بلا پنهنجي ٽن ٽنگن تي، چمڪندڙ منهن سان بيٺي هئي. هن جون پنج چمڪندڙ اکيون چئني طرفن گهوري رهيون هيون. اهي ٿوري ٿوري وقفي کان پوءِ بيهنديون کيس گهورينديون ۽ پوءِ گهمڻ ٿي لڳيون. ڪمري پهرين ته ٿورو ڇرڪيو، پوءِ پنهنجو نيزو تاڻي اڳتي وڌيو. هو آسماني بلا کان ذرو به نه ڊنو. جيڪا کيس گهوريندي پنهنجي پُڇ مان اڇو دونهون ڪڍي رهي هئي. ائين پي لڳو ته هوءَ سخت ڪاوڙ ۾ آهي. آسپاس جا وڻ دونهه جي ڪري سڙي رهيا هئا، زمين ڪاري ٿي ويئي هئي.

ڪمري وڏيون ٻرانگهون ڀريندو بلا جي ڀرسان پهتو ۽ ڌڪ هڻڻ جي لاءِ پاسا بدلائڻ لڳو. جيئن ئي بَلا جون اکيون گهمندي هن جي سامهون بيٺيون ۽ کيس گهورڻ لڳيون ته هن پوري طاقت سان نيزو سندس اکين ۾ ٽنبي ڏنو. ڇَن جو آواز آيو ۽ شيشي جون سفيد ڪرچيون پري پري تائين پکڙجي ويون. ڪمري ڌڪ هڻي ٿورو پوئتي هٽيو ته جيئن بلا حملو ڪري ته سندس وٺ ۾ نه اچي. پر جڏهن جواب ۾ ڪوبه رد عمل نه ٿيو ۽ هوءَ ائين ئي بيٺي رهي ته ڪمري جي همت وڌي ۽ هن اڳتي وڌي ٻي اک ۾ ڌڪ وهائي ڪڍيس. بلا ڪابه مزاحمت نه ڪئي. ڪمريءَ سوچيو ته هن جي نيزي جي ڌڪ نه رڳو آسماني بلا جون اکيون ڪڍيون آهن، پر سندس چرڻ پُرڻ جي سگهه به کسي ورتي آهي. اهو سوچي هن باقي ٽنهي اکين ۾ به نيزو وهائي ڪڍيو، پر حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه اها هئي ته بلا نه ڪاوڙ ڪئي ۽ نه وري ڪا حرڪت ڪئي. اهو ڏسي ڪمريءَ جو حوصلو اڃا به وڌيو ۽ هو بلا سان ٻکجي ڄڻ ملهه وڙهڻ لڳو. اوچتو بلا جي پيٽ مان تارن جا ڇڳا ۽ شيشي جا ٽڪرا نڪتا، ڪمري ڇرڪي پيو. اڃا سندس حيرت دور ئي ڪانه ٿي هئي، جو بلا جي هڪ ٻانهن نڪتي ۽ کيس ڌڪو ڏنائين ۽ هو اُڇلجي وڃي پري ڪريو.

ڪمريءَ کي ڌڪ ته لڳو، پر هو ڪپڙا ڇنڊي اُٿي کڙو ٿيو. پر ٻيهر ويجهو وڃڻ جي همت نه ٿيس. هو کيس يڪ ٽڪ ڏسندو رهيو. ٿوري دير کان پوءِ هو ٿورو پرڀرو بيهي نيزي جو منهن هن جي جسم ۾ چڀڻ لڳو. بلا ماٺ ڪيو پنهنجن ٽن ٽنگن تي بيٺي رهي ۽ سندس هڪ هڪ شئي تباهه ٿيندي ويئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org