هانس اينڊرسن
وڏائيءَ جو انجام
هڪ صندوق ۾ هڪ گول لاٽونئڙي ۽ هڪ بال پيو هو. انهن
سان گڏ صندوق ۾ ٻيا به ڪافي رانديڪڙا پيل هئا. هڪ
ڏينهن لاٽونئڙيءَ، بال کي چيو، ”اسين ڪافي وقت کان
هن صندوق ۾ پيا آهيون، هڪ ئي هنڌ رهون ٿا ۽ هڪٻئي
جي طبيعت ۽ مزاج کان به چڱي طرح واقف آهيون ۽
هڪٻئي جون چڱايون مدايون به ڄاڻون ٿا.... سو
جيڪڏهن اسين پاڻ ۾ شادي ڪري وٺون ته ڪيئن ٺيڪ
رهندو؟“
پر بال، جيڪو مراڪش جي انتهائي قيمتي ۽ اوچي ڪپڙي
مان ٺهيل هو، ۽ هر وقت پنهنجي باري ۾ پيو سوچيندو
هو، ايترو ته ڪو شهزادو به پنهنجي لاءِ نه سوچيندو
هوندو. سو هن لاٽونئڙيءَ جي انهيءَ ڳالهه جو جواب
ڏيڻ به گوارا نه هو.
ٻي ڏينهن انهيءَ ڪمري ۾ هڪ ڇوڪرو آيو. انهيءَ ڪمري
جا سڀئي رانديڪا ۽ شيون انهيءَ ڇوڪري جي ملڪيت
هيون. هن ڪمري ۾ اچي لاٽونئڙيءَ کي کنيو ۽ انهي تي
ڳاڙهو ۽ هئڊو رنگ ڪيو ۽ انهيءَ جي نوڪ ۾ ٽامي جي
هڪ خوبصورت ڪلي هنئي. هاڻ اها لاٽونئڙي ڏسڻ ۾ ڏاڍي
سهڻي ۽ قيمتي پي لڳي.
هاڻ لاٽونئڙيءَ، بال کي چيو، ”پيارا بال. مون
ڏانهن ڏس ته سهي.... هاڻ منهنجي باري ۾ ڪهڙو خيال
اٿئي.... ڇا هاڻ به تون مون سان پرڻجڻ پسند نه
ڪندين؟ هاڻ ڏس ته آءٌ ڪيترو نه سٺو ۽ قيمتي ٿي ويو
آهيان..... بلڪل تو وانگر .... جيڪڏهن اسان پاڻ ۾
شادي ڪئي ته اها دنيا ۾ ڪنهن لاٽونئڙي ۽ بال جي
پهرين شادي هوندي. ماڻهو اسان جي ڪهاڻي پڙهندا ۽
صدين تائين اسانجا قصا پنهنجي ٻارڙن کي
ٻُڌائيندا.... اسان جي جوڙي به واهه جي ٿيندي....
تون ٽپا ڏيئي سگهين ٿو ۽ آءٌ ڦري نچي سگهان ٿي...
جيڪڏهن اسان پاڻ ۾ شادي ڪئي ته دنيا ۾ اسان کان
وڌيڪ خوش ٻيا ڪي زال مڙس نه هوندا.....“
لاٽونئڙيءَ جي اها ڳالهه ٻُڌي، بال جواب ته ڏنس،
پر ڏاڍي طنزيه انداز ۾. هن چيس، ”هونهه! تون
منهنجي باري ۾ ائين ٿي سوچينءَ.... توکي خبر آهي
ته آءٌ ڪير آهيان.... توکي خبر آهي ته منهنجا ماءُ
۽ پيءُ... مراڪش جي سڀ کان وڌيڪ قيمتي چپلن ۾ لڳل
هئا ۽ ڇا توکي انهيءَ ڳالهه جي خبر آهي ته منهنجي
چمڙي کي اسپين مان آڻي. منجهس اسپيني هوا ڀري مون
کي بال وانگر ٺاهيو ويو آهي.“ ”تون ٺيڪ پيو چوين.“
لاٽونئريءَ سندس ڳالهه مڃيندي چيو. ”پر آءٌ به ڪو
عام قسم جي ڪاٺ مان ٺهيل لاٽونئڙي ڪونه آهيان.
شايد توکي اهو پتو ڪونهي ته مونکي ڄمونءَ جي ڪاٺ
مان تراشي تيار ڪيو ويو آهي ۽ مون کي ڪنهن عام قسم
جي ڪاٺير نه پر انتهائي مهارت سان مشين تي مشهور
واڍي ٺاهيو آهي. اهو واڍو به ڪو معمولي ماڻهو ڪونه
هو. پنهنجي جوانيءَ ۾ فوج جي ميجر هو. هن مون کي
پنهنجي هٿن سان تيار ڪيو آهي.... سندس چواڻي ته
مون جهڙي لاٽونئڙي ٺاهڻ سندس زندگي جو خوشگوار
تجربو هو.“
”واهه.... ته ڇا آءٌ تنهنجي ڳالهين تي يقين ڪري
وٺان؟“ بال بي يقيني مان، پڇيو.
”ڇو نه!.... آءٌ بلڪل سچ پيو ڳالهايان..... جيڪڏهن
ڪوڙ ڳالهايان ته خدا ڪري سڄي عمر ڦري نه سگهان.“
”اصل ۾ تون پنهنجي باري ۾ سٺي کان سٺي ڳالهه چوڻ
جو فن ڄاڻين ٿي.“ بال چيس، ”ٿي سگهي ته تون پنهنجي
باري ۾ سڀ صحيح چئي رهي هجين.... پر انهيءَ هوندي
به آءٌ هڪ بال ٿي ڪنهن لاٽونئريءَ سان پرڻجي نٿو
سگهان... توکي اهو به ٻُڌائي ڇڏيان ته منهنجي مڱڻي
هڪ جهرڪي سان ٿي چڪي آهي. آءٌ جڏهن به هوا ۾ اڇلجي
مٿي ويندو آهيان ته جهرڪي پنهنجي آکيري مان ڳچي
ڪڍي مون کي ڏسندي آهي ۽ پُڇندي آهي ته ڇا تون مون
سان ملڻ آيو آهين..... آءٌ چوندو آهيان. ”هائو...“
پر آءٌ اهو جواب کيس ٿورو ئي ڪو ڏيندي آهيان. پر
دل ئي دل ۾ پنهنجو پاڻ کي چوندو آهيان.... ۽
انهيءَ اقرار کي مڱڻي تصور ڪندو آهيان.... پر سٺي
لاٽونئڙي.... آءٌ واعدو ٿي ڪريان ته توکي سڄي
زندگي وساري نه سگهندس. تون ڏاڍي سٺو لاٽونئڙي
آهين. زمين تي ڦرين ٿو ته ٻارڙا ڪيڏا نه خوش ٿا
ٿين.... هڪ سٺي رانديڪي کي ٻيو ڀلا ڇا گهرجي....
ته ٻارڙا کانئس خوش رهن.“
”اها ته ڏاڍي خوشي جي ڳالهه آهي... جيڪڏهن تون مون
کي ياد رکين ته ان کان وڌيڪ ڀلا ٻي ڪهڙي سٺي ڳالهه
منهنجي لاءِ ٿيندي.“ لاٽونئڙيءَ جواب ڏنو ۽ انهيءَ
کان پوءِ وري ٻنهي جي وچ ۾ ڪابه ڳالهه ٻولهه نه
ٿي.
ٻي ڏينهن رانديڪن جو مالڪ ڇوڪرو آيو. ائين سمجهو
ته انهي جو نالو ببلو هو. هن ڪمري ۾ اچي رانديڪن
واري صندوق کولي ۽ انهي مان بال ڪڍيو. ڪجهه دير
کان پوءِ بال محسوس ڪيو ته هو انتهائيءَ مٿاهين تي
هوا ۾ پهچي ويو آهي. ٿڌي هوا جا جهونڪا هن جي بدن
سان ٽڪرائجڻ لڳا. هو ڪنهن پکيءَ جيان هوا ۾ اُڏي
رهيو هو. ڪجهه گهڙين کان پوءِ هيٺ ٿي آيو ۽ پوءِ
بار بار هوا ۾ آزاد پکين وانگي اڇلجڻ ٿي لڳو. هو
جڏهن به زمين تي اچي ٿي لڳو، ٻيهر ايتري ئي زور
سان هوا ۾ بلند ٿيو ٿي. ڇو ته هن پکين وانگي هوا ۾
آزادي سان اُڏرڻ ٿي چاهيو، شايد انڪري به ته سندس
جسم ۾ اسپيني هوا ڀريل هئي. پر نائون ڀيرو جڏهن هو
هوا ۾ بلند ٿيو ۽ زمين تي واپس آيو ته وري واپس
هوا ۾ بلند نه ٿيو..... هو ڪٿي وڃائجي ويو ۽ ڇوڪرن
جي نظرن کان گم ٿي ويو هو. بال سان کيڏندڙ ڇوڪرا،
بال کي چرين جيان ڳولهڻ لڳا. هنن بال کي ٻوڙن ۽
وڻن ۾ ڳولهيو، پر بال کين ملي نه سگهيو. هنن جون
سڀئي ڪوششون ناڪام ويون.... هاڻ اهو ڇوڪرن جي لاءِ
ڳولهڻ ممڪن نه هو. هو هنن جي پهچ کان گهڻو پري هو.
لاٽونئڙي، بال جي گم ٿيڻ جو ٻُڌو ته پنهنجو پاڻ کي
چيائين: ”مونکي خبر آهي ته بال ڪٿي هوندو.... هو
هن مهل جهرڪيءَ جي آکيري ۾ هوندو ۽ هن جهرڪيءَ سان
شادي ڪري ورتي هوندي.“
لاٽونئڙي هاڻ هر وقت بال کي ياد ڪندي رهندي هئي.
بال هن جو تمام سٺو دوست رهيو هو ۽ ڳچ عرصي تائين
صندوق ۾ ٻين رانديڪن سان گڏ ساڻس گڏ رهيو هو. کيس
بال سان اُنسيت ٿي ويئي هئي يا انهي ڪري به بال
کيس گهڻو ياد هو، جو هن ساڻس شادي نه ڪئي هئي.
لاٽونئڙيءَ کي انهيءَ ڳالهه جو گهڻو ڏک هو ته بال
ساڻس شادي نه ڪئي هئي. کيس انهيءَ ڳالهه جو به ڏک
هو ته بال هن سان شادي ڪرڻ جي بدران جهرڪيءَ نالي
پکي سان شادي ڪئي هئي.
وقت گذرندو ويو ۽ پنج سال گذري ويا. هاڻ لاٽونئڙي
پوڙهي ۽ پراڻي ٿي ويئي هئي. پر هڪ ڏينهن هيئن ٿيو
جو هو هميشه کان وڌيڪ سهڻو ۽ جوان ٿي ويو. ڇو ته
ببلوءَ هن جي چوٽيءَ تي سنهري رنگ ڪيو هو. هاڻ هو
اڳ کان به وڌيڪ سهڻو نظر ٿي آيو. جڏهن ڏوري هن جي
چوڌاري ويڙهي کيس اڇلبو هو ته هو واهه جي ڦرندي ۽
خوب ٽپ ڏيندي هئي.... پر هڪ ڏينهن اهڙو ته اڇليو،
جو ببلوءَ جي نظرن کان گم ٿي ويئي. هوءَ به
ڪيڏانهن هلي ويئي. ببلو ۽ سندس دوستن کيس ڪافي
ڳولهيو، پر هو کين ڪٿي به نه مليو. سڄو باغ ۽ کڏا
کوٻا به ڳولهيائون. پر لاٽونئڙي نه ملڻي نه هئي،
سا نه ملي.
ڀلا ٿورو اوهين ٻڌايو ته هو ڪيڏانهن ويو هو!؟
ته ٻُڌو! هو ٽپ ڏيئي ڪچري دان ۾ هليو ويو، جتي سڀ
فضول ۽ بيڪار شيون پيل هونديون آهن. اتي ڪيتريون
ئي شيون پيون هيون. لاٽونئڙي دل ۾ سوچيو:
”واهه!.... ڪيڏي نه سٺي هنڌ تي پهچي ويو آهيان.
هتي سڀ پراڻيون شيون موجود آهن. انهن کي گڏ ڪيو
ويندو ۽ پوءِ منهنجي سڄي گندگي صاف ڪري، هڪ ڀيرو
ٻيهر چمڪايو ويندس.“
هو اڃا اهو سوچي رهيو هو ته هن جي نظر هڪ سڙيل صوف
تي پئي، جيڪو هڪ ڪنڊ ۾ نهايت مايوسيءَ واري ڪيفيت
۾ پيو هو، ڇو ته هاڻ کيس ڪوبه کائڻ جي لاءِ تيار
نه هو.... لاٽونئڙيءَ کيس ڌيان سان ڏٺو ته ڇرڪي
پيو. اهو اصل ۾ سڙيل صوف نه هو. پر هڪ پراڻو....
ڪنو ٿيل بال هو. اهو بال ايترو ته ڪنو ۽ گندگي سان
ٿڦيل هو، جو لاٽونئڙي سوچيو ته شايد هي بال ڪيترن
ئي سالن کان ڪنهن گندي گٽر ۾ پيل رهيو آهي. پاڻي ۾
پيل رهڻ جي ڪري هن جي کل ڳري ويئي هئي ۽ سڄو رنگ
اُڏري چڪو هئس. لاٽونئڙيءَ تي نظر پوندي ئي بال
خدا جو ٿورو مڃيو ۽ چيو، ”خدا جو شڪر آهي، جو هن
گندگيءَ جي ڍڳ ۾ ڪو ته اهڙو آيو، جيڪو منهنجي
حيثيت موجب آهي ۽ آءٌ ساڻس ڳالهائي سگهان....“
لاٽونئڙيءَ حيرت مان هن ڏانهن ڏٺو. کيس اهو آواز
ڄاتل سڃاتل لڳو، بال چئي رهيو هو.
”آءٌ مراڪش ۾ تيار ٿيو هئس. مونکي هڪ نهايت
خوبصورت ۽ حسين عورت ٺاهيو هو ۽ منهنجي جسم ۾
اسپين جي هوا ڀريل آهي. پر ڪوبه ان ڳالهه جي اهميت
سمجهي نٿو سگهي. تنهنڪري نه ڪنهن منهنجو قدر ڪيو ۽
نه ئي وري ڪنهن منهنجي سار سنڀال ڪئي، هڪ ڀيرو
منهنجي هڪ جهرڪيءَ سان مڱڻي ٿي هئي، پر افسوس جو
آءٌ هڪ گٽر ۾ ڪري پيو هئس ۽ آءٌ اتي پنج سال يا
انهن کان به وڌيڪ گندگيءَ ۾ پيو هيس. جنهن جي ڪري
منهنجو حسن ۽ خوبصورتي تباهه ۽ برباد ٿي ويئي.
يقين ڪر ته آءٌ برباد ٿي ويس.... منهنجي زندگي
ڏاڍي حسين ٿي سگهي ٿي،..... پر الائجي ڇو منهنجو
هي حشر ٿيو.
لاٽونئڙيءَ ڪوبه جواب نه ڏنو. پر هوءَ هن جي باري
۾ سوچي ضرور رهي هئي. هوءَ جيئن جيئن سوچيندي وئي،
تيئن تيئن کيس يقين ٿيندو ويو ته هي اهو ئي بال
آهي، جيڪو پنهنجي حيثيت تي گهڻو وڏائيءَ ۾ هو ۽
ساڻس شادي ڪرڻ کان انڪار ڪيو هئائين.
ٿوري دير کان پوءِ هڪ ڀنگي ڪچري دان کي صاف ڪرڻ جي
لاءِ آيو. بال جي وات مان نڪتو.
”آهه.. هت هڪ بي حد خوبصورت لاٽونئڙي به آهي.“
بال جي ان ڳالهه تي لاٽونئڙي ڇرڪي هن ڏانهن ڏٺو،
پنهنجي تعريف تي هو خوش ته گهڻو ٿيو، پر هن خاموشي
اختيار ڪري ورتي. هن ڪنهن مغرور بال سان ڳالهائڻ
نٿي چاهيو، پر دل ئي دل ۾ هن جي لاءِ همدردي محسوس
ڪري رهيو هو. ۽ سوچي رهيو هو ته ”وڏائي“ جو نتيجو
ڪيترو نه خراب ٿو نڪري.“
(هانس اينڊرسن جي ڪهاڻي The
Top and Ball جو
ترجمو)
ارغون سائو
خوشيءَ جو راز
آڳاٽي زماني ۾، هڪ ڳوٺ ۾، ٻه پوڙها زال ۽ مڙس
رهندا هئا. هنن جي زندگي نهايت سک، آرام ۽ خوشيءَ
سان گذري رهي هئي. هو نه ڪنهن ڳالهه تي پاڻ ۾
وڙهندا هئا. ۽ نه ئي وري منجهن ڪو اختلاف ٿيندو
هو. ائين پي لڳندو هو، ته هنن خوشي ۽ سک سان زندگي
گذارڻ جو راز ڄاڻي ورتو آهي. هنن کي هڪٻئي کان
ڪڏهن به ڪا شڪايت پيدا نه ٿيندي هئي ۽ هو سدائين
هڪٻئي جي ساراهه پيا ڪندا هئا. هو نه پئسي وارا
هئا ۽ نه ئي ڪو وري صفا ڀينگا. جيڪو ٿورو ڪي گهڻو
پنهنجي محنت سان ڪمائي وٺندا هئا. انهيءَ تي مطمئن
رهندا هئا. هو جوف ۽ هٻڇ کان پري هئا، تنهنڪري ئي
خوش رهندا هئا.
هڪ ڏينهن صبح جو ناشتو ڪرڻ کان پوءِ پوڙهي مڙس
اُٿندي چيو، ”هاڻي آءٌ بازار جو هڪ چڪر هڻي اچان!“
”ڇو؟ تون ڇا جي لاءِ بازار وڃڻ ٿو چاهين؟“ زالهنس
پڇيو.
”پنهنجو گهوڙو وڪڻڻ ٿو چاهيان. گهڻو پوڙهو ٿي ويو
آهي. هاڻ مون کي مٿس ويهڻ جي گهڻي گهرج به نٿي
پوي.“ مڙسهنس وراڻيو.
”تون صحيح ٿو چوين.... تون جيڪو به سوچينءَ ٿو،
اهو صحيح ئي هوندو آهي.“ زالهنس وراڻيو.
”تون به جيڪو ڪم ڪرينءَ ٿي، سو سٺو ٿي ڪرينءَ!“
مڙسهنس جواب ڏنس. زالهنس ان جواب تي ٻارن وانگي
خوش ٿي ويئي. پوءِ هن پنهنجي مڙس کان پڇيو.
”هاڻ اهو ٻُڌاءِ ته اڄ تنهنجي لاءِ ڇا رڌيان؟“
”ٻُڍڙي! اڃا هينئر ته ناشتي مان وانڌا ٿيا آهيون ۽
توکي وري رڌپچاءُ جو اچي اُلڪو ٿيو آهي. گهڻو کائڻ
سان ماڻهوءَ جو دماغ ڪم نٿو ڪري.“ پوڙهيءَ کلندي
وراڻيس.
”تنهنجو دماغ ڪم نه ڪندو هوندو، پر مون سان ائين
نه ٿيندو آهي. آءٌ ته اڄ برياني رڌينديس.“ زالهنس
چيو.
”واهه واهه! توکي منهنجي پسند جو ڪيڏو نه خيال
آهي. پر مسالن ۾ ٿوري چهري ڪج.“ پوڙهي زالهنس کي
محبت ڀري نظرن سان ڏسندي چيو ۽ سوچيو ته گهوڙو
وڪڻڻ کان پوءِ هو انهن پئسن مان سڀني کان پهرين،
پنهنجي محبت ڪندڙ ۽ همدرد زال جي لاءِ هڪ ڪرتو ۽
شلوار خريد ڪندو. اڃا هو اهو سوچي رهيو هو، جو
زالهنس اُٿي ۽ پنهنجي مڙس جي لاءِ هڪ چادر کڻي آئي
۽ چيائين. ”ٺيڪ آهي! ڀلي وڃ، پر وڌيڪ ٽڪڻ جي ضرورت
ڪونهي. ڪم سولائي سان ٿي وڃي ته ٺيڪ آهي. نه ته
واپس هليو اچج.“
پوڙهي گهوڙو ڪڍيو ۽ ان تي سوار ٿيو. زال کان
موڪلائي بازار ڏي روانو ٿيو. زال ڪجهه دور تائين
کيس ويندي ڏسندي ۽ هٿ لوڏيندي رهي. پوءِ هوءَ سوچڻ
لڳي ته کيس ڪيترو نه سٺو مڙس مليو آهي. ساڻس ڪڏهن
به ناهي وڙهيو ۽ نه ئي وري ڪڏهن گهٽ وڌ ڳالهايو
اٿس، جڏهن به ڳالهائيندو آهي ته نرميءَ سان
ڳالهائيندو آهي ۽ هر ڪم سندس ئي خواهش موجب ڪندو
آهي.
پوڙهو، گهوڙي تي چڙهي شهر طرف وڃي رهيو هو جو هن
جي نظر هڪ ماڻهوءَ تي پئي، جيڪو هڪ ٿلهي متاري رڍ
کي رسي ۾ ٻڌيو ڪاهيو پي ويو. پوڙهو سمجهي ويو ته
اهو شخص به شهر پيو وڃي، ته جيئن اُتي رڍ کي وڪڻي
سگهي. هن سوچيو، اها رڍ آءٌ پاڻ ڇو نه خريد ڪري
وٺان . گهر ۾ ان جو کير به پيو استعمال ٿيندو ۽
منهنجي زال رڍ جي اُن ڪتي، ڪپڙو اُڻي سگهندي، اهو
سوچي پوڙهي کيس سڏ ڪيو.
”اي ادا، اڙي منهنجا ڀاءُ.... ٿورو هيڏانهن ته
اچ!“
”ڇا مون کي اوهين پيا سڏ ڪريو... چاچا پوڙها.“ ان
شخص، پوڙهي کان پڇيو. ”هائو هائو! توکي ئي ته
سڏيان پيو..... ڇا تون اها رڍ وڪڻڻ جي لاءِ وٺي
پيو وڃين.“ پوڙهي پڇيس.
”ها! رڍ کي وڪڻڻ جي لاءِ شهر پيو وڃان.“ ان شخص
ويجهو ايندي وراڻيو.
”آءٌ به پنهنجو گهوڙو وڪڻڻ جي لاءِ شهر پيو وڃان.
ڇا تون هن گهوڙي جي بدلي ۾ مون سان رڍ جو سودو
ڪندين.“ پوڙهي پڇيو.
”ڇا پيو چوين پريا مڙس! رڍ جي بدلي گهوڙو پيو
ڏينءَ.... بازار ۾ توکي گهوڙي جو وڌيڪ ملهه
ملندو.“ ان شخص وراڻيو:
”پئسن ۾ ڀلا ڇا رکيو آهي. منهنجي ته ڪنهن به ڪم نه
ايندا. اجاين سجاين ڪمن تي خرچ ٿي ويندا. پر هيءَ
رڍ منهنجي زال جي ڪم اچي سگهي ٿي.“ پوڙهي وراڻيس.
انهيءَ جواب تي همراهه کي گهڻي حيرت لڳي ۽ سوچڻ
لڳو ته سودو ته سٺو آهي. رڍ ڏيئي گهوڙو وٺڻ گهرجي.
بازار وڃي اهو مهانگي ملهه تي وڪڻي ڇڏيندس. هو
راضي ٿي ويو ۽ پنهنجي رڍ ڏيئي گهوڙو وٺي لاٿائين.
ٻيئي ڄڻا ان سودي تي خوش هئا. ان همراهه کي وڌيڪ
قيمتي شئي ملي ويئي ۽ پوڙهي کي رڍ. جنهن سان هو
پنهنجي زال کي خوش رکي سگهيو ٿي. رڍ ۽ گهوڙي جي
مٽا سٽا کان پوءِ ٻيئي ڄڻا پنهنجي پنهنجي واٽ وٺي
روانا ٿي ويا.
پوڙهو اڃا ٿورو ئي اڳيان ويو، جو هو شخص کي ڏٺائين
جيڪو ڪڇ ۾ بدڪ کنيو تکو تکو وڃي رهيو هو. پوڙهي
ڏٺو ته بدڪ ڏاڍي سٺي آهي ۽ اهڙيون ٿلهيون متاريون
بدڪون تمام گهٽ نظر اينديون آهن. هن سوچيو ته
زالهنس کي بدڪ جو ڀڳل گوشت گهڻو وڻندو آهي،
تنهنڪري هيءَ رڍ ڏيئي بدڪ وٺي لايان ته زالهنس ڪا
خوش ٿيندي ڇا، اهو سوچي هن بدڪ واري کي سڏ ڪيو.
”اي بدڪ وارا ڀاءُ ٿورو هيڏي ته اچ.“ اهو ٻُڌي بدڪ
وارو همراهه بيهي رهيو. پوڙهو وڌيڪ سندس ويجهو ٿيو
۽ پڇيائينس، ”ڇا تون هن رڍ جي بدلي مون کي پنهنجي
بدڪ ڏيندين؟“
اهو ٻُڌي بدڪ وارو همراهه حيران ٿي ويو. سوچڻ لڳو
ته ڪٿي همراهه جي ڪل ته ٿڙي ڪانه ويئي آهي.
”پريا مڙس! چڱي طرح سوچي وٺ ته ڇا پيو چوين. رڍ
ڏيئي بدڪ پيو وٺين. جيتوڻيڪ تنهنجي رڍ جي مقابلي ۾
منهنجي بدڪ جي ڪا قيمت ئي ڪونهي... تنهنجي رڍ وڌيڪ
اگهه تي وڪامي سگهي ٿي.“
”تون ان جي ڪابه پرواهه نه ڪر.“ مون کي پئسن سان
غرض ڪونهي. مون کي تنهنجي بدڪ وڻي ويئي آهي... سو،
جيڪڏهن تون منهنجي رڍ جي بدلي ۾ ڏينءَ ته خوشي
ٿينديم.“ پوڙهي چيو.
اهو ماڻهو ڪجهه دير ته پوڙهي جي شڪل ڏسندو رهيو.
جڏهن کيس پڪ ٿي ويئي ته پوڙهو ڪو بي وقوف شخص
ڪونهي ۽ نه ئي ساڻس مذاق پيو ڪري ته هو مٽا سٽا تي
راضي ٿي ويو ۽ رڍ وٺي بدڪ ڏنائين. پوءِ ٻنهي هڪٻئي
کان موڪلايو ۽ پنهنجي پنهنجي واٽ وٺي روانا ٿي
ويا.
پوڙهو اڃا ٿورو اڳڀرو مس ٿيو ته هڪ نينگر کي
ڏٺائين، جيڪو مٿي تي صوفن جي ٽوڪري کڻيو پي آيو.
ٽوڪري ۾ پيل ڳاڙهن ۽ رسدار صوفن جي سڳنڌ پري پري
تائين اچي رهي هئي. پوڙهي کي خيال آيو ته زالهنس
کي اهڙا تازا ۽ رس سان ڀريل صوف گهڻو پسند آهن.
جيڪڏهن آءٌ اهي صوف هن جي لاءِ وٺي وڃان ته جيڪر
هوءَ گهڻي خوش ٿيندي. هن نينگر کي سڏ ڪري گهرايو ۽
چيو:
”نينگر! هيڏانهن اچ! ڇا تون منهنجي بدڪ جي بدلي ۾
صوفن جي هيءَ ٽوڪري مون کي ڏيئي سگهندين؟“ نينگر
کي پوڙهي جي ان ڳالهه تي گهڻي حيرت ٿي ته هو صوفن
جي بدلي ۾ بدڪ ڏيئي رهيو آهي. پر ٿلهي متاري بدڪ
ڏسي هو انڪار ڪري نه سگهيو ۽ پوڙهي کان بدڪ وٺي
کيس صوفن جي ٽوڪري ڏيئي ڇڏيائين.
پوڙهو هاڻ ٿڪجي پيو هو. سامهون هڪ هوٽل تي نظر پيس
ته خيال ڪيائين ته ڇو نه اُتي ويهي ٿڪ به ڀڃجي ۽
چانهه جو ڪوپ به پيئجي، هو هوٽل ۾ گهڙيو ۽ هڪ
ڪرسيءَ تي ويهي، چانهه جو آرڊر ڏنائين. بلڪل ان
مهل هڪ پڙهيل ڳڙهيل سفيد پوش همراهه هوٽل ۾ گهڙيو
۽ پوڙهي جي سامهون ويهي رهيو. اوچتو هن جي نظر
صوفن جي ٽوڪريءَ تي پيئي، جنهن جي خوشبوءِ چئني
طرفن پکڙجي رهي هئي ۽ هن هڪ نظر پوڙهي تي وڌي ۽
پڇيو.
”ڇا تون هي صوف وڪڻڻ جي لاءِ کڻيو پيو وڃين!“
”نه سائين! هي صوف وڪري جي لاءِ نه آهن. آءٌ هنن
کي گهر کڻي پيو وڃان. هي مون پنهنجي زال جي لاءِ
ورتا آهن.“ پوڙهي وراڻيو.
هنن جي ڳالهين جي دوران چانهه اچي ويئي ۽ ٻيئي
چانهه پيئڻ لڳا. ڳالهين ڳالهين ۾ همراهه پوڙهي کان
پڇيو. ”تو هي صوف ڪهڙي اگهه ۾ ورتا آهن؟“
”آءٌ پنهنجو گهوڙو وڪڻڻ جي لاءِ گهران نڪتو هئس ۽
ان جي بدلي هي صوف وٺيو پيو وڃان.“ پوڙهي مرڪندي
وراڻيو. سفيد پوش همراهه اهو ٻُڌي حيران ٿي ويو ۽
پڇيائين. ”يعني تو گهوڙو ڏيئي هي صوف ورتا آهن.“
”نه سائين! ائين ڪونهي.“ پوڙهي چيو: ”مون گهوڙو
ڏيئي هڪ رڍ ورتي هئي.“
”پوءِ ڇا ٿيو؟“ همراهه پڇيو. هاڻ هن جي ان ڳالهه ۾
دلچسپي وڌي ويئي هئي. پوڙهي سڄو واقعو شروع کان
وٺي آخر تائين کيس ٻُڌايو. همراهه اها ڳالهه ٻُڌي
حيران ٿي ويو. هن پوڙهي تي چٿر ڪندي چيو:
”هاڻ ٿورو گهر وڃي ته ڏسو! تنهنجي ان ڪارنامي کي
ٻُڌي تنهنجي زال ته ڇتي ٿي پوندي. هوءَ ويچاري اُن
آسري ۾ ويٺل هوندي ته تون گهوڙو وڪڻي ڪجهه ڏوڪڙ
پاڻ سان کڻي ايندين، پر جڏهن هوءَ اهو ڏسندي ته
ڏوڪڙن جي بدران گهوڙو وڪڻي تون هي صوف وٺي آيو
آهين ته هوءَ توسان واهه جو جهيڙو ڪندي.“
همراهه جي ڳالهه جي دوران پوڙهو لڳاتار مرڪندو
رهيو. هن ڳالهه ختم ڪئي ته پوڙهي چيس، ”نه منهنجا
سائين! منهنجي زال کي بنهه ڪاوڙ نه ايندي. هوءَ ته
صوفن تي ساهه پساهه ٿي ڇڏي، تنهن کان سواءِ هو
ڏاڍي خوش مزاج آهي. مون سان ڪڏهن به نه وڙهندي
آهي.“
”منهنجا ڀاءُ اجائي خوش فهميءَ ۾ متان رهين. گهوڙي
جهڙي قيمتي شيء ڏيئي تون هيءَ صوفن جي ٽوڪري وٺيو
پيو وڃين ۽ سمجهين ٿو ته تنهنجي زال توتي نه
ڪاوڙبي. پر پاڻ خوش ٿيندي.... واهه ڀائو واهه!“
همراهه چيو.
”ته ڇا تنهنجي خيال ۾ هي سودو خراب آهي؟ ٿورو
سُنگهي ته ڏس! ڪهڙي نه سٺي مشڪ جهڙي خوشبوءِ پيئي
اچي.“ پوڙهي چيو
”پريا مڙس! اهو فيصلو ائين نه ٿيندو. شرط ٿا رکون.
تون چوين ٿو ته تنهنجي زال توتي نه ڪاوڙبي... جڏهن
ته آءٌ چوان ٿو ته هوءَ ضرور ڪاوڙبي. جيڪڏهن تون
کٽي وينءَ ته آءٌ توکي اشرفين جي هڪ ٿيلهي ڏيندس ۽
جيڪڏهن هارائجي وينءَ ته ايتريون ئي اشرفيون مون
کي ڏج.“ همراهه چيو
”منهنجا ڀاءُ! تون ڪوبه اُلڪو نه ڪر. آءٌ هڪ ڀيرو
وري چوان ٿو ته منهنجي زال خوش ٿيندي.“ پوڙهي چيو.
”ته پوءِ اشرفين جي هڪ هڪ ٿيلهي لڳي شرط!“ همراهه
چيو
”منهنجا ڀاءُ! اشرفين جي ڳالهه نه ڪر... اشرفين جي
ٿيلهي ته وڏي ڳالهه آهي. پر مون وٽ ته هڪ اشرفي به
ڪونهي.“ پوڙهي چيو
سفيد پوش همراهه کي پنهنجي ڳالهه تي ايترو ته يقين
هو، جو هو هر شرط رکڻ جي لاءِ تيار هو. تنهنڪري هن
چيو:
”جيڪڏهن تو وٽ اشرفيون نه آهن ته ڪا ڳالهه ڪانهي.
جيڪڏهن تون کٽي وين ته آءٌ توکي اشرفيون جي هڪ
ٿيلهي ڏيندس. پر جي تون هارائجي وين ته پوءِ تون
مون کي صوفن جي هيءَ ٽوڪري ڏج!“
”تون به عجيب ماڻهون آهيو. اشرفين جي قيمت هنن
صوفن سان ڪَٿي رهيو آهين، جيڪي آءٌ پنهنجي زال جي
خوشيءَ جي لاءِ وٺيو پيو وڃان.“ پوڙهي ٿورو منهن
گُنجهائيندي چيو
”چڱو ٺهيو ڀلا! تون ڪجهه به نه ڏج! پر جيڪڏهن آءٌ
هارائجي ويس ته توکي اشرفين جي هڪ ٿيلهي ڏيندس.“
همراهه چيو.
”منهنجا ڀاءُ ضد نه ڪر. تون وڏي غلط فهمي ۾ آهين.“
پوڙهي چيو.
”ٺيڪ آهي تنهنجي خيال ۾ جيڪڏهن آءٌ غلط فهمي ۾
مبتلا آهيان ته تون اها دور ڪر. مون کي پاڻ سان
وٺي هل ته جيئن ڏسي سگهان ته تنهنجي زال توتي
ڪاوڙجي ٿي يا نه.“
سفيد پوش همراهه جي زور ڀرڻ تي نيٺ پوڙهو راضي
ٿيو؟ اُن همراهه کي پاڻ سان وٺي پنهنجي گهر پهتو.
زال پنهنجي مڙس کي ڏسي ڏاڍي خوش ٿي ۽ همراهه ڏانهن
اشارو ڪندي چيائين:
”چڱو ڪيئي جو مهمان کي به پاڻ سان وٺي آيو آهين...
اڄ مون سٺو کاڌو رڌيو آهي.“
”هائو! هن سائينءَ سان هو ٽل تي ملاقات ٿي، ڏاڍو
ڪو ڀلو ماڻهو ٿو ڏسجي، تنهنڪري پاڻ سان گڏ وٺي آيو
آهيانس.“ پوڙهو وراڻيو
”معاف ڪجو منهنجي ڪري اوهان کي اجائي تڪليف ٿي!“
سفيد پوش همراهه پوڙهيءَ کي چيو.
”ان ۾ تڪليف جي ڪهڙي ڳالهه آهي. اوهانکي ڏسي مون
کي ڏاڍي خوشي ٿي آهي. اسان وٽ ته مزمان ايندا
رهندا آهن..... اچو اندر اچي ويهو.“ پوڙهيءَ چيو
گهر ۾ گهڙندي ئي پوڙهي، صوفن جي ٽوڪري زالهنس کي
ڏيندي چيو، ”ڏس ته سهي! آءٌ تنهنجي لاءِ ڇا وٺي
آيو آهيان؟“
پوڙهيءَ ٽوڪري وٺندي چيو. ”واهه! هي ته صوف آهن!
هنن مان ڪيڏي نه سٺي خوشبوءِ پيئي اچي. آءٌ ته
صوفن ڪاڻ اصل مريو ٿي وڃان!“ زالهنس، اجنبي شخص کي
مخاطب ٿي چيو.
”منهنجو مڙس منهنجي خوشي ۽ پسند جو گهڻو خيال
رکندو آهي.“
”پر اوهان اهو ته پڇيو ئي نه ته اوهانجي مڙس هي
صوف ڪيئن ورتا آهن؟“ سفيد پوش شخص هڪدم جواب ڏنو،
جيڪو پوڙهيءَ جي طريقي کي ڏسي پريشان ٿي ويو هو.
”جيتوڻيڪ اهو ڄاڻڻ ايڏو ڪو ضروري ڪونهي. پر اوهان
چئو ٿا ته اهو به کڻي پُڇي وٺنديس.“ زالهنس چيو،
”اوهين بيٺا ڇو آهيو. ويهو نه!“
ان کان پوءِ زالهنس رڌڻي ۾ ويئي ۽ ماني کڻي آئي.
جڏهن هوءَ ٺهي جڙي دسترخوان تي سامهون ٿي ويٺي ته
زالهنس، مڙسهنس کي مخاطب ٿي چيو، ”هائو“ هاڻ
ٻڌائي...... هي صوف ڪيئن ورتئي؟“
”آءٌ صبح جو جڏهن گهران نڪتس ته رستي ۾ هڪ همراهه
کي هڪ ٿلهي متاري رڍ نيندي ڏٺم.“ پوڙهي چيو. اڃا
هن جملو ئي پورو نه ڪيو هو ته زالهنس سندس ڳالهه ۾
دلچسپي وٺندي پڇيو.
”ڇا رڍ ڪافي ٿلهي هئي؟“
”هائو! واهه جو گوشت ۽ چرٻي هيس.“ پوڙهي وراڻيو.
پوءِ هن ٻڌايو،
”مون جو اها ٿلهي متاري رڍ ڏٺي ته ان همراهه کان
پُڇيم ته ڇا تون منهنجي گهوڙي جي بدلي ۾ اها رڍ
ڏيئي سگهين ٿو؟“
”ته ڇا اهو شخص رڍ ڏيڻ تي راضي ٿي ويو؟“ زالهنس
حيرت مان پڇيو.
”هائو! اهو شخص راضي ٿي ويو ۽ مون گهوڙو ڏيئي
کانئس اها رڍ وٺي لاٿي.“ پوڙهي جواب ڏنو.
”تو اهو ڏاڍو چڱو ڪيو. رڍ کير به ڏيندي آهي ۽ اُن
به. اسين ٻيئي ان جو کير پي ٿي سگهياسين ۽ اُن مان
تنهنجي لاءِ سوئٽر اُڻي ٿي سگهيس.“ زالهنس خوشيءَ
جو اظهار ڪندي چيو. |