سيڪشن: ٻاراڻو ادب

ڪتاب: مريخ جا مسافر ۽ ٻيون ڪهاڻيون

باب:

صفحو:5 

باب ڏهون

ميلاپ

ٻي ڏينهن ڪمريءَ جي اڳواڻيءَ ۾ پارٽي شهر پهتي، شهنشاهه جي درٻار لڳل هئي. سلطنت جا امير وزير پنهنجن مرتبن موجب ويٺا هئا. بادشاهه سلامت راڻيءَ جي پاسي ۾ تخت تي ويٺو هو. هي شهر مان جتان به لنگهيا، ماڻهن جا ميڙاڪا سندن پويان هلڻ لڳا. زميني ماڻهو حيران هئا ته هيءَ مخلوق ڪٿان آئي آهي. بادشاهه، وزيراعظم جي معرفت معلوم ڪيو ته هيءَ ڪهڙي ماجرا آهي. ان تي ڪمريءَ ڀريل درٻار ۾ سڄو داستان ڪري ٻڌايس. تنهن کان پوءِ ڊاڪٽر مرلينا ڀڳل ٽٽل زميني زبان ۾ پنهنجي آمد جو مقصد بيان ڪيو ۽ ٻڌايو ته هو فقط ڇهه ڏينهن ٽڪندا. درٻار ۾ چُڻ ڀڻ ٿيڻ لڳي. ڪنهن کي به پڪ نه پي ٿي ته مريخ به انسانن جي آماجگاهه بنجي سگهي ٿو. بهرحال فيصلو ٿيو ته کين محل جي اندر شاهي مز مان خاني ۾ ٽڪايو وڃي. سڀني کي ڌار ڌار رهايو ويو.

زميني خوراڪ جي استعمال سبب مريخين ۾ ڪافي پيچيدگيون پيدا ٿيون، پر مناسب طبي امداد سبب انهن تي ڪنٽرول ڪري ورتائون. ڊاڪٽر مرلينا ڪيترا ڀيرا شهنشاهه سان ملي ۽ کيس قائل ڪري ورتائين ته هو واقعي مريخ کان آيا آهن ۽ اهو به ته سندن ابا ڏاڏا هن ئي زمين جا رهاڪو هئا. شهنشاهه هن جي ذهانت کان گهڻو متاثر ٿيو. ان دوران باقي مريخين زميني زبان سکڻ شروع ڪئي. زميني گاڏيءَ ۾ جيڪو برقي جنريٽر لڳل هو، سو اتان ڪڍي شاهي محل ۾ هنيو ويو ۽ سڄو محل بجلي جي بلبلن سان جهرمر ڪرڻ لڳو. ماڻهن جي لاءِ اهو انوکو تجربو هو ۽ هو قطارن ۾ چمڪندڙ محل ڏسڻ اچي رهيا هئا.

ڇهن ڏينهن تائين مريخي خوب گهميا ڦريا. ڪيپٽن لوز کي روزانو رپورٽ موڪلي ويندي هئي، جيڪا هو ٽيپ تي محفوظ ڪندو پي ويو. ستين ڏينهن هو شهنشاهه کان موڪلائي واپس وڃڻ جي لاءِ تيار ٿيا. ماڻهن کين ڀنل نيڻن سان روانو ڪيو ۽ کانئن موڪلائڻ ٻيلي تائين گڏ آيا. ڪجهه زميني سوکڙيون به ساڻن گڏ هيون. اتي پهتا ته هڪ پريشان ڪندڙ مشڪل پيش آين. زميني گاڏي استعمال جي لائق نه رهي هئي. ڪي جهنگلي جانور گاڏي کي ٿونا هڻندا رهيا هئا، ٻئي گاڏيون چٻيون ٿيون پيون هيون، آسپاس گينڊن ۽ سوئرن جي پيرن جا نشان هئا. پارٽيءَ جا همراهه سخت پريشان ٿيا. سڄي صورتحال کان ڪيپٽن لوز کي واقف ڪيو ويو. هن افسوس جو اظهار ڪيو، پر راڪيٽ تائين پهچڻ جو ٻيو ڪوبه ذريعو نه هئن. لاچار هو واپس وريا. زميني ماڻهو ڏاڍا ڪي خوش ٿيا، جو ڪنهن بهاني سان مزمانن جي روانگي ملتوي ٿي ويئي. شاهي محل پهچي مرلينا تفصيلي ڳالهه ٻولهه جي ذريعي ڪيپٽن لوز کي صورتحال کان واقف ڪيو. هن مٿي رپورٽ ڪئي، اتان حڪم آيو ته پارٽيءَ کي زمين تي ڇڏي ڏيو، جيستائين ٻي گاڏي راڪيٽ تائين پهچي. ڊاڪٽر مرلينا جي دل خوشيءَ سبب جهومڻ لڳي. ڪجهه وقت لاءِ وڌيڪ ڪمريءَ جي صحبت نصيب ٿيس.

هڪ مهيني کان پوءِ مريخ وارن رابطو ڪيو، گرائونڊ ٽرانسيور جي وسيلي اطلاع موصول ٿيو ته پارٽيءَ کي اڃا اڻ ڄاڻايل مدي تائين زمين تي رهڻو پوندو، ڇو ته زمين مريخ کان پري هٽندي پئي وڃي. سالن کان پوءِ جڏهن مريخ ۽ زمين ويجهو لنگهندا ته راڪيٽ موڪلي سگهبو. هونئن به ڪروڙين روپين جي لاڳت سان تيار ٿيندڙ مهم روز روز موڪلي نه ٿي سگهجي.

شهنشاهه جي اجازت سان ڪمري ۽ مرلينا پاڻ ۾ شادي ڪري ورتي. باقي مريخين به زميني ڇوڪرين سان شاديون رچايون. شهنشاهه جي اجازت سان هڪ سائنسي اداري جو بنياد رکيو ويو، جتي زميني ماڻهن کي فني تعليم ملڻ لڳي. هڪ سال کان پوءِ مرلينا ۽ ڪمريءَ وٽ هڪ چنڊ جهڙو سهڻو پٽ ڄائو، جيڪو مريخي زميني اتحاد جي نشاني قرار ڏنو ويو.

 

ليوٽالسٽائي

 

شيطان جي دوستي

 

 

 

روس جو هڪ نهايت غريب هاري، هڪ ڏينهن صبح جو سوير هر هلائڻ جي لاءِ پنهنجي ٻنيءَ ۾ ويو. وٽس ٻنپهرن جي کائڻ لاءِ ڪجهه مانيون هيون، جيڪي هن ڪم شروع ڪرڻ کان اڳ، ڪوٽ جي هيٺان لڪائي، ٻنيءَ جي هڪ پيچري تي رکيون. ٻنپهرن جو جڏهن ڪم ڪري ٿڪجي چُور ٿي پيو ۽ بُک به تمام گهڻي لڳيس ته ڍڳي کي هر مان کولي چَرڻ جي لاءِ ڇڏيائين ۽ پاڻ گهاٽي وڻ جي ڇانوَ ۾ ماني کائڻ جي لاءِ ويٺو. پر ڪوٽ کنيائين ته ان جي هيٺان مانيون موجود نه هيون. هو حيران ٿي ويو ته نيٺ مانيون ڪيڏانهن ويون؟ جيتوڻيڪ سندس سمجهه ۾ ڪجهه به نه آيو، پر پوءِ به هو پريشان نه ٿيو.

هيڏانهن ٻوڙن ۾ شيطان جو هڪ چيلو لڪو ويٺو هو. جنهن ئي هن جون مانيون چورايون هيون ۽ هاڻ انهيءَ انتظار ۾ هو ته هاري گارگند ڪري، پنهنجي پريشانيءَ جو اظهار ڪري، جيئن سندس اعمال نامو خراب ٿئي.

پر اهو هاري هڪ نيڪ ۽ شريف انسان هو ۽ شيطان چاهيو ٿي ته کيس گمراهه ڪري. هن اڳ ۾ به پنهنجا ڪيترائي چيلا موڪليا هئا، پر هڙئي ناڪام ٿي موٽي آيا هئا. هي چيلو به انهيءَ ئي ڪوشش ۾ رڌل هو. پر سندس حيرت جي تڏهن انتها نه رهي، جڏهن هن ڏٺو ته هاريءَ پاڻي پيتو ۽ ٿوري دير آرام ڪري، ٻيهر اُس ۾ ڪم شروع ڪري ڏنائين. اهو ڏسي شيطان جي چيلي کي حد کان وڌيڪ مايوسي ٿي. ڇو ته شيطان هن سان وعدو ڪيو هو ته هو هاريءَ کي گمراهه ڪندو ته کيس پنهنجو نائب بنائيندو. ڇو ته ان هنڌ فقط اهو ئي هڪ هاري هو، جيڪو نيڪ ۽ شريف هو، کيس ڏسي شيطان اندر ئي اندر پيو جلندو ۽ کامندو هو. شيطان جي چيلي ڪجهه سوچيو پوءِ خوشيءَ سبب مرڪڻ لڳو. گهڙي کن کان پوءِ هو هڪ عام انسان جي روپ ۾ وٽس آيو ۽ پڇيائنس، ”ڇا آءٌ تنهنجي ڪا مدد ڪري سگهان ٿو.“

”ڇو نه بلڪل!“ هاريءَ وراڻيو:

پهرينءَ سال شيطان جي چيلي کيس صلاح ڏني ته هو هيٺاهين علائقي ۾ کيتي ڪري. تنهنڪري هاريءَ ائين ئي ڪيو. ان سال مينهن جو هڪ ڦڙو به نه وٺو ۽ سج جي تپش سبب بيٺل فصل سڙي ويا. پر اسان جي هن هاريءَ کي ڪوبه نقصان نه ٿيو ۽ کيس تمام گهڻو فائدو ٿيو. ٻئي سال چيلي صلاح ڏنيس ته ٽڪريءَ جي چاڙهه واري پاسي پوک ڪري. هن ڀيري به هاريءَ ائين ڪيو. هڪ سال حد کان وڌيڪ مينهن پيو ۽ ٻوڏ ٿي ويئي ۽ ٻين سڀني هارين جو فصل ٻُڏي ويو. پر اسان جي هاريءَ کي تمام گهڻو فائدو رسيو. اناج مان گُدام ڀرجي ويس ۽ فصل جي ٻُڏڻ ڪري مارڪيٽ ۾ انّ جو اگهه به چڙهي ويو. هاري گهڻو سرهو ٿيو ۽ فصل جي وڪري کان پوءِ به وٽس ڪافي اناج بچي پيو. ان دوران شيطان جي چيلي کيس ٻُڌايو ته ڪهڙي نموني ڪڻڪ منجهان نشيدار پاڻياٺ ٺاهبي آهي. هاريءَ اها تيار ڪئي پاڻ به چکي، ۽ ان جو وڪرو به شروع ڪري ڏنو. جنهن مان پڻ هن جهجهو ناڻو ڪمايو. پئسن جي گهڻائيءَ، هن جي دماغ مان غربت ۽ مفلسيءَ جا ڏينهن وساري ڇڏيا. ڄڻ اهي ڪڏهن هئا ئي ڪونه! شيطان جي چيلي، شيطان کي پنهنجي ڪاميابيءَ جي باري ۾ ٻُڌايو ته هو ٽڙي پيو ۽ بي يقينيءَ واري حالت ۾ چيائين: ”ڇا واقعي تو ائين ڪيو آهي. اڄ شام جو تنهنجي ڪار گذاري ڏسڻ هلندس.“

اُن شام جو هاريءَ هڪ دعوت ڪئي هئي. جنهن ۾ هن سڀني رئيسن ۽ وڏيرن کي گهرايو هو ۽ کين نشيدار جا جام ڀري ڏيڻ سان گڏ خود به پي رهيو هو.

شيطان ۽ سندس چيلو زمين طرف آيا ۽ هاريءَ جي گهر ۾ لڪي ويهي رهيا. شيطان انهن سڀني کي نشيدار پاڻياٺ پيئندو ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ مرڪڻ لڳو ۽ چيائين: ”اڃا ته گهڻو ڪجهه ٿيڻ وارو آهي.“ ٿوري دير کان پوءِ پاڻياٺ جو پهريون دور هليو. پيئڻ کان پوءِ هڪٻئي جون ساراهون ڪرڻ لڳا ۽ تقريرون ڪيائون، جيڪي سراسر ڪوڙ تي ٻڌل هيون. اهو ڏسي شيطان چيو ته جيڪڏهن هي ائين هڪٻئي جون ڪوڙيون تعريفون ڪندا رهيا ته جلدئي اسان جي ڪارڪنن ۾ شامل ٿي ويندا. اهو ٻُڌي چيلي چيو، ”هو ڏس! هينئر هو لومڙن جهڙيون حرڪتون ڪري رهيا آهن ۽ ترت ئي بگهڙن جهڙيون حرڪتون ڪرڻ لڳندا.“

ٻيو دور هليو ته اُن سان گڏ هنن بد شد ڳالهائڻ شروع ڪري ڇڏيو ۽ هڪٻئي تي گارين جا ڌوڙيا لاهي ڏنائون ۽ جلدئي هٿين پئجي ويا. هڪٻئي تي ڪرسيون وسائڻ لڳا. اسان واري هاريءَ کي خوب موچڙا لڳا. چيلي شيطان کي چيو. ”هاڻ ڏسجئين ته هي سوئرن جهڙيون حرڪتون ڪندا.“ ٽيون دور هليو ته هنن رڙيون ڪرڻ ۽ گوڙ ڪرڻ شروع ڪري ڏنو ۽ جانورن جهڙا آواز ڪڍڻ لڳا. هنن ايترو ته هُل بکيڙو ڪيو جو خدا جي پناهه ۽ پوءِ اهڙو ته ٻڙ دڪ متو، جو جنهن جو جيڏانهن منهنجو، اهو وٺي اوڏانهن ڀڳو. ڪيترا ته نشي جي حالت ۾ ٽڙندا ٿاٻڙندا روانا ٿي ويا. اسان واري هاريءَ به موچڙا کائي ٻاهر جو رخ رکيو. پر هڪ نشي ۽ ٻيو موچڙن کائڻ سبب ٿڙي دروازي وٽ ئي ڪري پيو ۽ مٽي کڻي پنهنجي منهن ۽ بُت تي ملڻ لڳو.

اهو سڄو حال ڏسي شيطان اصل ٽڙي پيو ۽ پوءِ پنهنجي چيلي کي دل کولي داد ڏنائين ۽ پڇيائينس: ”مون کي اهو ته ٻُڌائي ته تو هنن ۾ جانورن  جهڙيون خصلتون ڪيئن پيدا ڪيون.“ شيطان جي چيلي وراڻيو: ”اصل ۾ مون اندازو لڳايو ته هاريءَ وٽ ايترو ته انّ گڏ ٿي ويو آهي، جو کيس گهرج ڪونهي. جانورن جهڙين خصلتن جو نالو انسان جي اندر ۾ موجود هوندو آهي. رزق ۾ برڪت، بي فڪري، مال ۽ دولت جي ريل ڇيل ان جذبي کي اُڀاري ٿي ڇڏي ۽ هو خدا جي واٽ کي وساري، غلط رستي تي هلڻ ٿو لڳي. خدا جي اها نعمت جيڪا هو کائي سڪون جي ننڊ سمهي ٿو، سا هن جي لاءِ عيش عشرت ۽ بي حيائيءَ جا دروازا به کولي ٿي ڇڏي.“

شيطان پنهنجي چيلي جون اهڙيون عالماڻيون ڳالهيون ٻُڌي حيران ٿي ويو ۽ ڪجهه دير ته کيس ڏسندو رهيو ۽ پوءِ پنهنجي پڳ لاهي کڻي هن جي مٿي تي رکيائين ۽ کيس پنهنجي نائب ۽ سڀني چيلن جو سردار بنائي ڇڏيائين.

آسڪروائلڊ

 

ڪروڙ پتي فقير

 

 

 

اڄڪلهه جي زماني ۾ انسان جي اهميت ۽ قدر پئسن جي ڪري ٿئي ٿو، نه ڪي ذاتي گُڻن جي ڪري، ماڻهو انهيءَ شخص کي اعتبار جوڳو سمجهن ٿا، جنهن وٽ پئسو ڏوڪڙ جام هجي. سٺو ۽ وڏو بنگلو هجي، ڪار هجي. اهڙن ماڻهن جي لاءِ ”هيگ ارڪسن“ بنهه بي ڀروسو شخص هو. ڇو ته وٽس ڪوڙي ڪوڏي به نه هئي. باقي جيستائين خوبصورتيءَ جو سوال آهي ته هو ڏاڍو ٺاهوڪو جوان هو. پر هن جي خوبصورتيءَ تي هن جي غربت پاڻي ڦيري ڇڏيو هو. هو هر لحاظ کان قابل هو. منجهس سڀ خوبيون هيون، سواءِ هڪ خوبيءَ جي ته هو مالدار نه هو. کيس پنهنجي پيءُ جي ورثي مان فقط هڪ تلوار ۽ ڪجهه ڪتاب مليا هئا. اها تلوار سندس پيءُ جي ڪارنامن جي يادگار هئي. جيڪا هاڻ ڀت تي آرسيءَ وانگي لڙڪي پيئي هوندي هئي ۽ ڪتابن کي هن هڪ پراڻي صندوق ۾ بند ڪري رکي ڇڏيو هو. کيس سڄي سال ۾ فقط ٻه سؤ پاؤنڊ ملندا هئا، جيڪي کيس سندس هڪ ماسي ڏيندي هئي. هن پئسن ڪمائڻ جي لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي، ڪيترن هنڌن تي نوڪري به ڪيائين. پر افسوس جو سندس ڀاڳ ۾ شايد پئسو هوئي ڪونه. پهرين ته هو دلال بنيو، ڪميشن تي شيون خريدي، پوءِ وڪرو ڪرڻ لڳو. پر ڪو فائدو نه ٿيس. پوءِ چانهه جو واپار شروع ڪيائين، پر اهو ڪم به ڄمي نه سگهيس. پوءِ شراب وڪڻڻ شروع ڪيائين. پر اهو ڪم ايترو ته بيزار ڪندڙ هو، جو کانئس ٿي نه سگهيو. نتيجي ۾ هو هڪ سهڻو، خوش اخلاق، باوقار، پر صفا ڀينگو نوجوان هو.

انهيءَ کان به وڏي ڏک جي ڳالهه اها هئي، جو کيس هڪ سهڻي ڇوڪري ’لورا مائن‘ سان محبت ٿي ويئي. اها هڪ رٽائرڊ فوجي آفيسر جي ڌيءَ هئي، جيڪو سخت ڪاوڙيل رهندو هو. لورا به هيگ سان محبت ڪندي هئي، اهو هڪ ڏاڍو خوبصورت جوڙو هو. لورا جو پيءُ هيگ کي گهڻو پسند ڪندو هو، پر هو هڪ اصول وارو انسان هو. تنهنڪري هڪ بکئي ۽ ڀينگي نوجوان جي هٿ ۾ پنهنجي نياڻيءَ جو هٿ ڏيئي نٿو سگهيو.

”ڏس ميان!“ هڪ ڏيهاڙي هن هيگ کي چيو: ”جيڪڏهن تو وٽ ڏهه هزار پائونڊ هجن ته آءٌ توسان پنهنجي ڌيءُ جو رشتو ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيان. ٻي حالت ۾ تون پنهنجي دل مان اهو خيال ڪڍي ڇڏ.“

اهو شرط ڏاڍو ڏکيو هو. انهي جي ڪري هيگ گهڻو ڏکارو هو. هڪ ڏينهن هو گهڻو غمگين لورا وٽان اچي رهيو هو، جو رستي ۾ کيس خيال آيو ته پنهنجي دوست ”ايلن ٽريور“ سان ملندو وڃان. ايلن هڪ سٺو مصور هو. پر شڪل صورت ڪا ايڏي سٺي نه هيس. منهن تي ماتا جا نشان ۽ ڊگهو نڪ هئس. پر جيستائين مصوريءَ جي فن جو واسطو هو ته هو هڪ لاجواب مصور هو. هن جون ٺاهيل تصويرون هٿو هٿ وڪجي وينديون هيون. کيس خوبصورت چهرن سان عشق هو. تنهنڪري سندس دوستي هيگ سان ٿي هئي. هو اڪثر چوندو هو، ”مصورن جي لاءِ سهڻا چهرا هڪ رحمت هوندا آهن. هو انهن کي ڏسڻ ۽ انهن سان ڳالهيون ڪرڻ پسند ڪندا آهن.“

جڏهن هيگ، هن جي اسٽوڊيو ۾ گهڙيو ته هو هڪ فقير جي وڏي تصوير مڪمل ڪري رهيو هو. فقير، جيڪو هن جو ماڊل هو، هڪ ڪنڊ ۾ بيٺو هو. هن جي منهن جي اُداسي ۽ هن جي مفلسيءَ پٿر دل کي به ميڻ ڪري ٿي ڇڏيو. فقير جي چيلهه جهڪيل هئي ۽ نااُميدي جا گهرا پاڇولا هن جي گهُنجهيل منهن تي پکڙيل هئا. بت تي ميرا ڪپڙا پيل هئس ۽ پيرن ۾ ڇڳل بوٽ پايو ويٺو هو، هو حسرت ۽ مايوسيءَ جي تصوير بڻيو بيٺو هو. هن جي هڪ هٿ ۾ پراڻو ٽوپلو هو، ته جيئن ماڻهو ان ۾ خيرات وجهي سگهن. ٻي هٿ جو وزن هڪ لٺ تي وڌل هئس.

”ڪهڙو نه زبردست ماڊل آهي.“ هيگ آهستي چيو:

”ها! واهه جو آهي.“ ٽريور زور سان وراڻيو، هو سدائين زور سان ڳالهائيندو هو.

”هن قسم جو فقير ملڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.“

”ويچارو!“ هيگ چيو، ”ڪيترو نه ڏکارو ۽ پريشان حال شخص آهي. پر توکي فقير جي تصوير جي لاءِ اهڙوئي پريشان حال شخص گهربل هو.“

”بيشڪ!“ ٽريور چيو: ”تون هڪ فقير کي خوش ته ڏسي نٿو سگهين.“

”تون پنهنجي ماڊلن کي گهڻو اجورو ڏيندو آهين.“ هيگ ڪرسيءَ تي ويهندي پڇيو.

”هڪ شلنگ في ڪلاڪ.“

”۽ هن تصوير جا تون گهڻا پئسا وٺندين.“

”ٻه هزار“.

”پاؤنڊ؟“

”هائو“.

”جينئس! شاعر، مصور، ڊاڪٽر سدائين جينئس هوندا آهن….. بهرحال منهنجو خيال آهي ته توکي ماڊلن کي وڌيڪ اجورو ڏيڻ گهرجي. نيٺ هو به ته توسان محنت ۾ برابر جا شريڪ هوندا آهن.“

”نه ڀاءُ! مصور گهڻي محنت ڪندو آهي. ڪلاڪن جا ڪلاڪ اُڀو بيهي تصويرون ٺاهڻ ڪم سولو ته ڪونهي. اسان جو ڪم ته مزدورن وانگي سخت محنت ڪرڻ آهي. هيءُ ڪم به ايترو ئي اهم آهي.“ ٽريور زور سان کليو، پوءِ چيائين: ”ٺيڪ سائين! هاڻ ماٺ به کڻي ڪريو. مون کي تصوير اڄ ئي مڪمل ڪرڻي آهي.“

ٿوري دير تائين ٽريور خاموشيءَ سان ڪم ڪندو رهيو. هيگ به ماٺ ڪيو ويٺو کيس ڪم ڪندو ڏسندو رهيو. پر هن جو ڌيان فقير تان نه هٽيو.

ٿوري دير کان پوءِ ٽريوير جي نوڪر اچي چيو: ”فريم ٺاهڻ وارو اوهان سان ملڻ ٿو چاهي.“

ٽريور ڊگهو ساهه کنيو ۽ برش رکندي چيو: ”ميان! سڪون ڪٿي آهي؟…… ها يار هيگ وڃين متان… آءٌ پنجن منٽن ۾ هليو اچان.“

ٽريور جي وڃڻ کان پوءِ فقير به ڪاٺ جي صندوق تي ويهي رهيو. جيئن ٿوري ساهي پٽي وٺي. فقير ايترو ته ڏکويل ۽ مايوس نظر پي آيو. جو هيگ غير ارادي طور تي پنهنجا کيسا ڦلورڻ شروع ڪيا، ته جيئن انهن ۾ ڪجهه هجي ته فقير کي ڏيئي سگهي. ”غريب ٻڍڙو“ هن سوچيو: مون کان وڌيڪ هن کي پئسن جي گهرج آهي. آءٌ جيڪڏهن هي پائونڊ کيس ڏيئي ڇڏيان ته مون وٽ سڄي مهيني جي خرچ پکي لاءِ ڪجهه ڪونه بچندو. …. پر خير ڪا ڳالهه ڪونهي…. ويچارو پوڙهو لڳي ٿو ته بيمار آهي…. ڇو نه ڪجهه نيڪي ڪمائي وٺجي.“

هو، هوريان هوريان فقير جي ويجهو ويو ۽ هن جي هٿ هڪ پائونڊ جو نوٽ رکي ڇڏيو. پوڙهي فقير ڏاڍي حيرت مان کيس ڏٺو. پوءِ نوٽ کي ڏٺو. پوءِ چيائين: ”مهرباني سائين… خدا خوش رکندو.“

ايتري ۾ ٽريور واپس اچي ويو ۽ هيگ کانئس موڪلائي روانو ٿي ويو. هن ٿوري دير اڳ جيڪو عمل ڪيو هو، انهيءَ جي سرشاري سبب سندس منهن ڳاڙهو ٿي ويو. هن اهو واقعو لورا کي ٻُڌايو. جيئن هو به کيس ان درياهه دليءَ تي داد ڏي. لورا ويچاري ته اڳ ۾ ئي هيگ جي هر ڳالهه کان متاثر هئي. پوءِ ان ڳالهه کان ڇو نه متاثر ٿئي ها. هيگ کي لورا جي گهر کان پنهنجي گهر تائين پنڌ وڃڻو پيو. سندس کيسا خالي هئا ۽ وٽس ڀاڙي جا پئسا نه هئا.

رات جو هيگ وٽ ڪرڻ جي لاءِ هونئن به ڪجهه ڪين هو، تنهنڪري هو ٽريور وٽ هليو ويو. ان وقت رات جا يارهن ٿيا هئا ۽ ٽريور اڪيلو ويٺو ڪافي پي رهيو هو. هيگ به هن جي سامهون ويهي رهيو.

”ايلن! تو اها تصوير مڪمل ڪري ورتي؟“ هيگ پڇيو: ”ها! اها فريم به ٿي ويئي!“ هن خوش ٿي چيو. پوءِ چيائين: ”يار! ان ماڊل کي توسان ڏاڍي دلچسپي پيدا ٿي ويئي آهي. هن مون کان تو بابت ڪيترائي سوال پُڇيا، ته تون ڪٿي رهندو آهين…. ڇا ڪندو آهين….. ڪيترو ڪمائيندو آهين…. ڇا ٿو چاهين…..؟“

”اها وري ڪهڙي چريائپ آهي! تو کيس منهنجي باري ۾ ٻُڌائي ڇڏيو. هاڻ هو پڪ سان منهنجي دروازي تي اچي بيهندو. خير مون وٽ کيس ڏيڻ جي لاءِ ڪيترائي پراڻا ڪپڙا آهن. جن کي وٺي هو گهڻو خوش ٿيندو. تو ڏٺو ته هن ويچاري جي قميص پٺيءَ کان ڦاٽل هئي.“

”پر هو انهن ڪپڙن ۾ ڪيترو نه شاندار پي نظر آيو. ”ايلن ٽريور چيو: ”مصور جو ڪم ته شين کي جيئن هو آهن تيئن ڏيکارڻ آهي. آءٌ هڪ فقير کي هڪ خوبصورت سوٽ ۾ ته ڏيکاري نٿو سگهان. بهرحال آءٌ هن کي تنهنجن پراڻن ڪپڙن جي باري ۾ ضرور ٻُڌائيندس. اها ته تنهنجي وڏي مهرباني آهي.“

”ايلن.“ هيگ سنجيدگي سان چيو: ”ڇا سڀ آرٽسٽ تو وانگي سخت دل هوندا آهن.“

”ها يار! آرٽسٽ جي دل ان جو دماغ هوندو آهي. اسان جو ڪم شين کي ڏيکارڻ هوندو آهي. نه ڪي کين ٺاهڻ ۽ سنوارڻ.... ها اهو ته ٻُڌاءِ ڀلا لورا ڪيئن آهي. منهنجي ٻُڍڙي فقير کي به ان سان وڏي دلچسپي آهي.

”تنهنجو مطلب ڪهڙو آهي؟... تو فقير سان لورا جي باري ۾ پڻ ڳالهيون ڪيون ڇا؟“

”بلڪل! هو خوبصورت لورا، ان جي سنگدل پيءُ ۽ لورا سان تنهنجي شادي جي لاءِ ڏهن هزار پائونڊن جو مطالبو.... سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو.“

”توکي هڪ فقير سان اهڙين ذاتي ڳالهين تي ڳالهائڻ نه گهرجي ها.“ هيگ شڪايت ڪئي.

”منهنجا دوست! اهو شخص جنهن کي تون فقير چئي رهيو آهين، اهو يورپ جو امير ترين شخص آهي، جيڪو بيٺي بيٺي سڄو لندن خريد ڪري سگهي ٿو. هر ملڪ ۾ هن جو گهر آهي. هو ته سون جي پليٽن ۾ ٿو کائي. هن جي مدد سان جنگ کٽي سگهجي ٿي.“

”او منهنجا خدا! تون ڇا پيو چوين.“ هيگ گهڻو حيران هو.

”ها! جيڪو فقير تو منهنجي اسٽوڊيو ۾ ڏٺو هو، ”اهو بيرن هيبرگ“ هو.“

هيگ ان جو نالو ٻُڌي حيران ٿي ويو. وڌيڪ هڪ لفظ به ڳالهائي نه سگهيو. ”بيرن منهنجو ڏاڍو سٺو دوست آهي. هو مون کان هر قسم جون تصويرون خريد ڪندو رهندو آهي. گذريل مهيني هن مون کان فرمائش ڪئي هئي ته آءٌ هن جو پورٽريٽ فقير جي ويس ۾ ٺاهيان. توکي ته خبر آهي ته اميرن جون فرمائشون عجيب عجيب هونديون آهن ۽ ڏس هو انهن ڪپڙن ۾ واقعي هڪ فقير لڳي رهيو هو.“

”هيگ پاڻ کي سنڀاليو ۽ چيو: ”بيرن هيبرگ! منهنجا خدا، مون هن ڪروڙ پتيءَ کي هڪ پائونڊ ڏنو.“

”هڪ پائونڊ.“ ٽريور زور سان کليو.

”توکي اڳواٽ مون کي ٻُڌائڻ کپندو هو.“ هيگ چيو.

”ڏس هيگ! مون کي ڪهڙي خبر ته ڪو تون فقيرن جي لاءِ ايتري نرم دل رکين ٿو. ٻيو ته مون کي اها خبر نه هئي ته هيبرگ پنهنجي اصلي شخصيت ظاهر ڪرڻ پسند ڪندو به يا نه.“

 ”هو سوچي رهيو هوندو ته آءٌ ڪيترو نه بي وقوف آهيان.“ هيگ چيو.

”نه نه!“ جڏهن تون هليو وين ته مون ڏٺو ته هو مرڪي رهيو هو. پوءِ هن مون کان تو بابت ڪيترائي سوال ڪيا. ان مهل ته مون کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو هو ته هو تو ۾ ايتري دلچسپي ڇو پيو وٺي. پر هاڻ سمجهي ويس هاڻ هو اهو پائونڊ گڏ ڪندو ۽ ان تي توکي منافعو ڏيندو. واهه.... ڪهڙي نه دلچسپ ڪهاڻي آهي... جيڪا هو مزي مزي سان پنهنجن دوستن کي ٻُڌائيندو.“

ٽريور کلندي پنهنجي ڳالهه ختم ڪئي.

“منهنجو خيال آهي ته هاڻ مون کي هلڻ گهرجي. مهرباني ڪري ايلن! تون اها ڪهاڻي ڪنهن کي ٻُڌائج نه.... جيڪو به ٻُڌندو سو مون تي کلندو.“ هيگ اُٿندي چيو.

”نه يار! اها ته تنهنجي همدردي ۽ مهرباني جي ڪهاڻي هوندي. ويهه ته سهي... ۽ ٻُڌاءِ ته لورا ڪيئن آهي.“ پر هاڻ ڪابه ڳالهه هيگ کي رڪجڻ تي مجبور نه ڪري سگهي. هو نهايت ڏکارو گهر موٽي آيو.

ٻي ڏينهن صبح جو، جڏهن هيگ اڃا ناشتو ڪري رهيو هو ته نوڪر کيس هڪ ڪارڊ آڻي ڏنو. جنهن تي ”گسٽاڊ نوڊن“ لکيل هو. هو هيبرگ جي طرف کان ساڻس ملڻ آيو هو.

”منهنجو خيال آهي ته هو مون کي معافي گهرڻ جي لاءِ چوندو.“ هيگ سوچيو ۽ پوءِ چيائين: ”همراهه کي اندر وٺي اچ!“

هڪ اڇن وارن وارو پوڙهو شخص اندر داخل ٿيو. کيس ٿلهن شيشن وارو چشمو پاتل هو.

”سائين! ڇا آءٌ مسٽر هيگ ارسڪن سان ملاقات ڪري سگهان ٿو.“

”حڪم ڪريو سائين! آءٌ ئي هيگ ارسڪن آهيان.“

”آءٌ مسٽر بيرن هيبرگ جي طرفان آيو آهيان.“

”مون کي افسوس آهي.“ هيگ هن جي ڳالهه ڪٽيندي چيو: ”آءٌ کانئس معافي گهرڻ ٿو چاهيان . اوهين منهنجي پاران کانئس معافي جي گهُر ڪريو.“

ايندڙ شخص ڪجهه ڪڇڻ پڇڻ کانسواءِ هڪ لفافو کيس ڏيندي چيو، ”بيرن هي خط اوهانجي لاءِ ڏنو آهي.“

لفافي تي لکيل هو.

”هيگ ارسڪن ۽ لورا مارٽن جي لاءِ شاديءَ جو تحفو“.

هڪ پوڙهي فقير جي طرفان .

لفافي جي اندر ڏهن هزار پاؤنڊن جو چيڪ هو.

جڏهن لورا ۽ هيگ جي شادي ٿي ته ”بيرن هيبرگ“ خاص مهمان هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org