باب اٺون
ڳالھھ جي پڄاڻي
جڏھن راڪاس بخار خيزان پوريءَ طرح پڪڙيو ويو، تڏھن
ھو پنھنجي ڌڻيءَ سان شرط ڪرڻ ۽ انجام ٻڌڻ لڳو. چوڻ
لڳو تھ ”ھاڻ جيڪو ڪم مون کي چوندين سو ڪندس، پر
ڀلائي ڪري مون کان اٽر نھ پيھائج، نڪي تختا
چيرائج. آئون ڪپھھ يا پشم جي گرڻي ھلائي سگھندس،
يا کوھھ مان پاڻي، يا کاڻين مان اڱر ڪڍي سگھندس.“
واٽسن چيو تھ ”اڱرن جي اسان کي گھرج ڪانھي. اسان
وٽ ڪاٺيون گھڻيون آھن. انھن مان اڱر ٿي سگھندا.
کاڻ جي ڪوئلن کي ڇا ڪنداسين؟ ٻيو کاڻيون بھ في
الحال اسان کي ڪم جون نھ ٿينديون، پر جيڪا ڪپاھھ
اسان وٽ ٿئي ٿي، انھيءَ مان جي اسين ڪپڙو ٺاھي
سگھياسين، تھ انھيءَ جھڙي ٻي ڪمائتي شيءِ ڪانھ
ٿيندي.“
پوءِ واٽسن وڃي پنھنجن سان صلاح ڪئي. ڪپڙي جي سڀ
ڪنھن کي گھرج ھئي. سڀيئي ھن کي مدد ڏيڻ لاءِ تيار
ٿيا. واڍو، رازو، لوھار، سڀ اچي شامل ٿيا ۽ ھڪڙي
گرڻي ٺاھي وڌائون. ھاڻوڪي ڪارخانن وارا جيڪر
انھيءَ تي کلن، پر انھيءَ وقت جي لاءِ ۽ انھيءَ
ھنڌ جي لاءِ اھا تمام چڱي ھئي، ۽ تمام ڪمائتي ثابت
ٿي.
ٿورن ورھين ۾ اھو ٻيٽ اھڙو آباد ٿيو ۽ انھيءَ بيٺڪ
جا ماڻھو اھڙا سکيا ۽ آسودا ٿيا، جو ڳالھھ ڪرڻ کان
ٻاھر. ڀلا ٽي ديو يا راڪاس ملي وين، جن ھنن جو سڀ
ڪم ڪار پئي ڪيو. ھو پاڻ بھ سست ڪين ويٺا. ھنن
راڪاسن جي لاءِ ڪم موجود پئي ڪيائون. پڪا گھر
جوڙيائون، گھر جو سامان جوڙيائون، ٻيڙيون، گاڏيون
۽ ٻيو گھڻو ئي سامان تختن مان ٺاھي سگھيا.
آب روان تختن چيرڻ جو ڪم ڪندو ھو، بادوزان ان
پيھندو ھو، ۽ بخارا خيزان ڪپڙا جوڙيندو ھو. زالون
بھ سست نھ ويٺيون. مانيون پچائينديون ھيون، ڪپڙا
سبنديون ھيون ۽ ٻارن جي لاءِ بھ ھڪڙو مڪتب
ٺھرايائون، جتي ھو لکڻ پڙھڻ سکندا ھئا، ۽ ڇوڪرين
کي سئيءَ جو ڪم بھ سيکاريندا ھئا. ھڪڙي ديول بھ
ٺھرايائون، جتي ھو سڀ ننڍا وڏا، سچيءَ دل سان خدا
جي بندگي ڪندا ھئا. ماڻھو ڪپھھ کان سواءِ، سڻي بھ
پوکڻ لڳا، جنھنڪري سوٽي ڪپڙو، توڙي ريشمي ڪپڙو،
توڙي سڻيءَ جو ڪپڙو سندن پوشاڪ لاءِ موجود ٿيڻ
لڳو.
نيٺ ھنن ھڪڙو وڏو جھاز جوڙيو، جڏھن اھو جھاز ٺھي
تيار ٿيو، تڏھن ٽنھي راڪاسن جي وچ ۾ اچي اِھو
جھيڙو لڳو تھ منجھانئن ڪير انھيءَ جو ھلائڻ وارو
ٿئي. آب روان چيو تھ ”مون کان سواءِ تھ ھي چري بھ
ڪين سگھندو“، بادوزان چيو تھ ”اھو سچ، پر تون رڳو
جون وانگي ريڙھي سگھندينس. جڏھن آئون پنھنجا پر
مٿس ويھي پکيڙيندس، تڏھن پاڻيءَ جي مٿان اڏامندو
ھلندو.“
بخار خيزان وري چيو تھ ”برابر، اڏامي بھ اوڏي
ويندينس، جيڏي تنھنجي دل چوندي، نھ ھنن جي. پر
آئون ئي ڪنھين بھ پاسي ان کي ھلائي سگھندس. پوءِ
جي اوھين ٻئي منھنجي برخلاف ھوندؤ تھ بھ حرڪت
ڪانھي. جھاز کي يا ماڻھن کي نقصان ڪونھ پھچندو“.
آب روان تھ کڻي بس ڪئي ۽ دعويٰ ڦٽي ڪيائين، ڇالاءِ
جو ڄاتائين تھ ھو جھاز کي وٺي بھ نديءَ جي منھن
تائين ھلي ھا، سمنڊ تي ھلڻ جي ھن کي طاقت ڪانھ
ھئي، تنھنڪري ٻين، ٻن واري سان انھيءَ کي ھلائڻ جو
ذمو کنيو ۽ ٺھراءُ ڪيائون تھ جڏھن بادوزان جو رخ
بھ انھيءَ پاسي ھوندو جيڏي جھاز ھلڻو ھوندو تڏھن
ھو ڪپتان ٿيندو، پر جي ڪنھن ٻئي پاسي ھلڻ ضرور
ٿيندو تھ بخار خيزان ڪپتان ٿيندو.
ھاڻي ماڻھن کي اميد ٿي تھ ھڪ دفعي پنھنجو وطني ملڪ
انگلنڊ موٽي ڏسن، يا اھو ھنڌ ڳولي ڪڍن، جتي وڃي
رھڻ لاءِ وطن مان پري نڪتا ھئا. پر جيڪي ويھھ
ورھيھ ھو ھن ٻيٽ ۾ رھيا ھئا، تن ۾ ھنن انھيءَ کي
اھڙو سڌاريو ھو ۽ انھيءَ سان اھڙي دل ٻجھي ويئي
ھين، جو انھيءَ کي ڇڏڻ ڪري ارمان پئي ٿين. تنھن
کان سواءِ جي ماڻھو جھاز ڀڄڻ مھل جوانيءَ جي عمر ۾
آيا ھئا، سي ھينئر ڪراڙا ٿيا ھئا، ۽ انھن جي مرضي
نھ ھئي تھ سمنڊ جي ڊگھيءَ مسافريءَ جي تڪليف سھن.
پر جيڪي انھيءَ ٻيٽ ۾ ڄاوا ھئا يا جيڪي ننڍڙيءَ
عمر ۾ آيا ھئا، تن جي مرضي ھئي تھ انگلنڊ ڏسن، جو
پنھنجن مائٽن کان انھيءَ جو گھڻو ذڪر ٻڌو ھئائون.
تنھنڪري اھي انھيءَ جھاز ۾ چڙھي روانا ٿيا، ۽ پاڻ
سان اتي جو پيدا ٿيل جڙيل مال بھ کنيائون. انھن جي
عيوض ۾ وري انگلنڊ مان اھڙيون ٻيون شيون آندائون،
جن جي اتي گھرج ڄاتائون.
انھيءَ کانپوءِ، ھو انھيءَ پاسي اچڻ وڃڻ لڳا ۽ اھا
نو آبادي ماڻھن جي تعداد ۾، توڙي دولت ۾، ايترو
وڌي ويئي، جو ھڪڙو وڏو ملڪ شمار ۾ اچڻ لڳو. ھاڻ
منھنجي ڳالھھ پوري ٿي، دير بھ ٿي ويئي آھي، سڀئي
وڃي آرام ڪريو.
ھڪڙي ڇوڪري چيو تھ ”ڏاڍي مزي جھڙي ڳالھھ آھي. گھڻا
ئي منجھس راڪاس ھئا.“ ھاپڪنس پڇيو تھ ”ڳالھھ تھ
چڱي آھي، پر مون کي ٻڌاءِ تھ انھيءَ مان ڪھڙي
نصيحت ٿي نڪري؟“
اسين تھ ھن زماني ۾ اھڙا نصيب وارا ناھيون، جو
اھڙيون مددون اسان کي ملن.“ ٻڍي گھورڙئي چيو تھ
”ڇو، اوھان کي اھڙيون مددون نٿيون ملن؟ اوھان جي
جانڊھھ ڪير ڦيرائي ٿو؟ درياھھ جو پاڻي ڪير ٿو
ڦيرائي، جو نڪي کائي، نڪي ڪنھن جاءِ ۾ رھي ۽ نھ
وري اجورو ئي وٺي؟“
ھاپڪنس ورندي ڏني تھ ”سچ ٿو چوين. مون کي اِھا
ڳالھھ خيال ۾ ئي نھ آئي.“ گھورڙي چيو تھ ”آب روان
جي معنيٰ وھندڙ پاڻي ڪين آھي؟“ اِتي ھڪڙيءَ
ڇوڪريءَ رڙ ڪري چيو تھ ”برابر، برابر، تنھنڪري تھ
ھو گھر کي ڌوئي صاف ڪندو ھو، ۽ ٻارن کي ترڻ
سيکاريندو ھو ۽ پاڻيءَ ۾ راند ڪرائيندو ھو. پر
وھندڙ پاڻي، ڪاٺ، تختا ۽ ٻيون شيون ڪيئن کڻي آڻي
سگھندو؟“
ٻئي ھڪڙي ڇوڪر چيو تھ ”ڇو نھ آڻي سگھندو؟ ٻيڙيءَ ۾
آڻيندو. انھيءَ ڏينھن ڏٺو ڪين ھيھءِ تھ اونڌي
صندوقڙي پاڻيءَ ۾ ڪيئن ٿي تري؟ ٻيڙي بھ انھن وانگي
آھي. ڪاٺ ۽ تختا تھ ھونءَ بھ ترندا آھن.“ گھورڙي
چيو تھ ”ھاڻ تڏھن چئو تھ بادوزان ڇا آھي؟“ ٻارن
ٿوري وقت تائين خيال ڪيو، پوءِ ھڪڙي ڇوڪر چيو تھ
”ھاڻ مون سھي ڪيو آھي. بادوزان آھي ھوا يا واءُ،
جو تڏھن پاڻي گھڻيون لھرون ڪندو، ۽ گجي پيدا ڪندو.
۽ واءُ جانڊھھ کي ڪين ڦيرائيندو آھي، جيئن پاڻي
ڦيرائيندو آھي؟“
ھاپڪنس چيو تھ ”سچ آھي. واءُ دنيا ۾ پاڻيءَ کان
پوءِ ٻي وڏي ضروري ۽ طاقت واري شيءِ آھي، جنھن جي
لاءِ اسان کي خدا تعاليٰ جو شڪر گذار ٿيڻ کپي. پر،
ھو ٽيون راڪاس جو ھنن ٻنھين کان زياده زور وارو
آھي، سو ڇا آھي؟ ٻڍي گھورڙي چيو تھ ”اھو آھي
بُخار، جو باھھ، تي پاڻيءَ چاڙھڻ سان اٿندو آھي ۽
تنھنڪري انھيءَ جو پيءُ آھي پاڻي ۽ ماءُ آھي باھھ،
جنھن کي مون مائي آتش سوزان سڏيو آھي، يعني ”ٻرندڙ
باھھ.“ آگبوٽ ۽ آگ- گاڏيون انھيءَ بُخار يا ٻاڦ
جي زور تي نٿا ھلن؟ آگبوٽ انھيءَ جي مدد سان، واءُ
جي پرواھھ ئي ڪانھ رکندا آھن، ھو ڀلي تھ ڪھڙي بھ
طرف پيو لڳي.“
ھاپڪنس چيو تھ ”اھو بھ برابر آھي تھ جيتوڻيڪ
اھڙيون زور ڀريون طاقتون پيون ڪم ڪن تھ بھ ماڻھن
جو پورھيو گھٽيو ڪين آھي، پاڻ زيادھھ ٿيو آھي.
ڪپڙن جا ڪارخانا، اِھو بخار خيزان يا اٿندڙ ٻاڦ ٿي
ھلائي، ۽ انھن ۾ سوين ماڻھو ڪم ٿا ڪن. جي اِھي
راڪاس ڪم ڪندڙ نھ ھجن تھ نڪي ايترو ان پيدا ٿئي،
نڪي ايتري ڪپاھھ ۽ سڻي، نڪي جيڪر ماڻھو ايترو اٽو
۽ ڪپڙو انھن مان اِھڙو جلد پيدا ڪري سگھن، ۽ نڪي
وري ھھڙا عمدا گھر ۽ عمدو گھر جو سامان اسان وٽ
ھجي ھا.
ھاپڪنس جي زال جا ھيستائين پنھنجي ٻارن جي ڪم ۾
مشغول ھئي، ۽ ماٺ ڪيو ويٺي ٻڌائين، تنھن ھينئر چيو
تھ ”جي اِھي راڪاس ماڻھن کي پاڻ زياده ڪم ڪرائن
ٿا، تڏھن انھن جي ھئڻ مان ڪھڙو فائدو؟“ مڙسس ورندي
ڏني تھ ”ڇو، اسين سست رھڻ نٿا گھرون. ظاھر آھي تھ
جي خدا تعاليٰ اسان کي اھي قدرتي طاقتون مدد لاءِ
نھ ڏئي ھا، تھ اسان جو جيڪر برو حال ھجي ھا. اسين
بھ ڪم ڪريون ٿا ۽ ھو بھ، پر ھو تمام گھڻو ڪم ٿيون
ڪن، تنھنڪري اسان کي زياده خوراڪ ۽ پوشاڪ جون شيون
۽ ٻيو ضروري سامان موجود ٿي سگھي ٿو.“ پر ھاڻ ھلو
تھ ھلي ماني کائون، مون کي باس اچي ٿي.“
جوڻس کلي چيو تھ ”ڀلي ھلي کائو، پر اھو منھنجن ھٿن
جو ڪم آھي، اوھانجن راڪاسن مان ڪنھن جو بھ تھ
انھيءَ ۾ واسطو ڪونھي.“ ٻڍي گھورڙي چيو تھ ”ماني
ائين نھ چؤ. اِھي پٽاٽا ۽ اِھو گوشت، ٻاڦ جي مدد
کان سواءِ اھڙو نرم ۽ ڳريل نھ ٿئي ھا، نڪي اھي
لوھھ ۽ ٽامي جا ٿانو، ٻاڦ جي ڪلن جي مدد کان
سواءِ، کاڻين مان نڪرن ھا.“ اِتي ھڪڙي ڇوڪر چيو تھ
”امان ھنن مانين جو اٽو ڪنھن پِيٺو؟“
ماڻس کلي چيو تھ ”برابر، اھو بھ انھن راڪاسن پيٺو،
۽ ھيءَ کنڊ بھ بادوزان ٻاھرين ملڪن مان کڻي آيو.“
مطلب تھ ھاڻ سڀني کي خبر پيئي تھ ٻڍي گھورڙئي جي
ڳالھھ ڏاڍي مطلب ۽ نصيحت واري ھئي. سڀيئي کلڻ ۽
چرچا ڪرڻ لڳا، ۽ پوءِ ويھي گڏجي ماني کاڌائون. دير
ڪرڻ ڪري بک بھ ڏاڍي لڳي ھين، تنھنڪري ڏاڍي چاھھ
سان ڍؤ ڪري ماني کاڌائون. پوءِ خدا تعاليٰ جي شڪر
گذاري ڪيائون، جنھن ھھڙيون نعمتون ھنن کي ڏنيون
ھيون. ھر ڪنھن کي ھاڻ معلوم ٿيو تھ جي آب روان،
بادوزان، آتش سوزان ۽ بخار خيزان جي مدد نھ ھجي
ھا، تھ اھڙا خوش ۽ سکيا نھ ھجون ھا.
پورو ٿيو
* |