باب ٻيو
پھريون راڪاس
ھڪڙي ورھھ پوري ٿيڻ کان بھ اڳي، ھر ھڪ ڪٽنب ڪاٺ
وڍي پنھنجو پنھنجو گھر ٺاھي ويٺو. ملڪ گرم آب ھوا
وارو ھو، تنھنڪري اتي ڪيترائي جھنگلي ميوه دار وڻ
ھئا. انگور، انجير، ناريل، ڪيوڙا ۽ ٻيا ڪيترائي
ميون جا وڻ ھئا، جن جا ھنن کي نالا نھ ٿي آيا.
ھنن ھڪڙو فصل بھ پوکيو، جو تمام چڱو لٿو. ان تھ
جھجھو ٿيو، پر اھو پيھن ڪيئن؟ جو ماني پچائين.
لاچار ٻھ لسا پھڻ ھٿِ ڪري، انھن ۾ ان چپي سنھو ڪري
ڪم آڻڻ لڳا. انھيءَ ڪري ھنن کي ايتري مشڪلات ٿي،
جو ڳالھھ ڪرڻ کان ٻاھر. خاص جابسن کي، جنھن جو
ڪٽنب سڀ کان وڏو ھو.
ھڪڙي ڏينھن جابسن نئون ملڪ گھمڻ ويو. گھمندي
گھمندي ھڪڙي ميدان تي آيو، جو اڳي ڪونھ ڏٺو
ھئائين. ان مان ندي پئي وھي، جنھن جي ٻنھي ڪنارن
سان وڏا وڻ ھئا. اھڙي مزي جھڙي جاءِ ھئي. جو اتان
موٽڻ ھن جي دل نٿي چيو، تنھنڪري ويو اڳتي ھلندو،
تان جو ھڪڙي اھڙي شيءِ نظر پيس، جنھن کي ڏسي ھو
دھلجي بيھي رھيو.
اھو ھڪڙو پربت جيڏو راڪاس ھو، جو زمين تي سنئون
ٿيو پيو ھو. اکيون پوريون پيون ھيس. تنھنڪري جابسن
ڳچ تائين چتائي بيٺي ڏٺس. نيٺ ڊپ لٿس. راڪاس کي
ڏاڍي مزي جھڙي پوشاڪ پئي ھئي. گھڻي ڀاڱي تي وڻن جي
ڇانو ھيس، باقي جتي جتي اس پئي پيس، اتي ھن جي
پوشاڪ ڏاڍي پئي چمڪي.
جابسن بيٺي ئي راڪاس اکيون پٽيون ۽ ھن ڏي مرڪي
نھارڻ لڳو. انھيءَ ھوندي بھ جابسن ڊپ کان اٿي ڀڄڻ
لڳو، پر راڪاس اتي ئي گاھھ تي پئي مٺي آواز سان ھن
کي سڏي چوڻ لڳو تھ ”ڀلا مانس مون کان ڊڄ نھ. آئون
برابر قد جو وڏو ۽ زور وارو آھيان، مگر ظلم ڪندڙ
ناھيان. تو کي ڪو نقصان نھ پھچائيندس.“
پھرين تھ جابسن دل پي ھنئي تھ وڃي يا نھ وڃي. پر
جڏھن ھو ڏاڍو نرم طبع ۽ مروت وارو ڏسڻ ۾ آيس، تڏھن
دل جھلي، آھستو رڙھي ھن کي ويجھو ويو. راڪاس چيس
تھ ”منھنجو وڏو قد ڏسي تون ڇو ٿو مون کان ڊڄين؟ ھو
جبل، جو پريان ڏسجي ٿو، سو قد ۾ مون کان بھ وڏو
آھي.“
جابسن ورندي ڏني تھ ”اھو سچ آھي پر تون جو جيئرو
آھين. پر مون پڙھيو آھي تھ راڪاس خراب ٿيندا آھن،
اگرچھ مون اڳي ڪڏھن ڪونھ ڏٺو آھي، نڪي انھن ۾
ويساھھ ئي ھئم“.
راڪاس چيو تھ ”برابر اھي خراب راڪاس بھ آھن، پر
دنيا ۾ سچا ۽ چڱا راڪاس بھ آھن، جي خلق کي ڏاڍو
فائدو پھچائڻ گھرن ٿا. آئون انھن مان ھڪڙو آھنا“.
جابسن چيو تھ ”تڏھن تون بيشڪ ڏاڍو ڪمائتو ٿي
سگھندين، ڇا لاءِ جو جيڏو تنھنجو قد آھي اوڏو تو
کي زور ھوندو“. پوءِ ويھي خيال ڪرڻ لڳو تھ ”جڏھن
ھي ھيئن ٿو چوي، تڏھن ھن کان ڪھڙو ڪم وٺان؟ جيڪو
ڪم آئون مھيني ۾ ڪندس، سو ھي ھڪڙي ڏينھن ۾ ڪري
سگھندو“.
پوءِ راڪاس کان پڇڻ لڳو تھ ”ڀلا ڪھڙو ڪم تون ڪرڻ
گھرين ٿو؟“ ھن ورندي ڏني تھ ”جيڪو تون مون کي
چوندين، پر ھيتري ڳالھھ آھي تھ آئون ھن ملڪ ۾ ڪم
ڪرڻ تي ھريل نھ آھيان. پھرين مون کي سيکارڻو پوندو
رتھ ڪيئن اھو ڪم ڪجي. پوءِ آئون پاڻھي پيو ڪندس.“
جابسن چيو تھ ”جي ائين آھي تھ جيڪو ڪم تون ڪرڻ
گھرندين، سو آئون توکي سيکاري سگھندس.“
پر انھيءَ وقت جابسن جي خيال ۾ آيو تھ ”ھيءُ جو ڪم
ڪندو سو اجورو بھ تھ ضرور وٺندو ۽ مون کي تھ ھن جي
اجوري ڏيڻ جيترو پيسو ئي ڪونھي.“ تڏھن ڊڄي راڪاس
کان پڇيائين تھ انھيءَ پورھئي جو اجورو ڪيترو
وٺندين؟“ راڪاس کلي چيو تھ ”اجورو؟ آئون ڪو بھ
اجورو ڪونھ وٺندس. اجوري جي معنيٰ ئي مون کي نٿي
اچي.“ ھي ٻڌي جابسن ڏاڍو خوش ٿيو.
دل ۾ چيائين تھ ”اھڙو نوڪر، جو سون ماڻھن جو ڪم
ڪري ۽ مزوري يا پگھار اصل نھ وٺي، اھڙو ڪو ٻيو
مزو؟“ خوشيءَ کان ڀانيائين تھ ڊوڙي گھر وڃي زال کي
اھا خوشخبري ٻڌائي، تھ راڪاس چيس تھ ”جي تون چوين
تھ آئون تو کي گھر کڻي ھلان. جلد پھچندين ۽ پنڌ جي
تڪليف کان بھ ڇٽندين.“ جابسن پھرين ڊنو، پر پوءِ
دل جھلي، اھا ڳالھھ مڃيائين.
راڪاس چيو تھ ”توکي عجب لڳندو سھي، پر مون اڳي
ڪڏھين ڪنھن کي کنيو ڪين آھي. پھرين مون کي ڏيکار
تھ توکي ڪيئن کڻان؟ مون تي چڙھي ويھندين يا آئون
توکي ڀاڪر ۾ وجھي کڻي ھلان؟“ جابسن دل ۾ چيو تھ
”ھھڙي بلا جي ڀاڪر ۾ پوڻ کان گھوڙي وانگي مٿس چڙھڻ
بھتر آھي.“ تنھنڪري پھرين ھن راڪاس جي پٺن تي ڪي
تختا رکي، پنھنجي ويھڻ جي جاءِ ڪئي، ۽ ھڪڙي وڏي
ڇڙھي بھ ھٿ ۾ کنيائين. پوءِ آرام سان لسو، پر تکو
ھليو.
* |