سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: ٽي ديوَ يا راڪاسَ

باب: 3

صفحو : 3

باب ٽيون

راڪاس ڪم شروع ڪري ٿو

 

سگھو ئي ھو وڃي ڳوٺ پھتا، جابسن جا زال ۽ ٻار کيس ھڪڙي ٽڪر جيڏي جانور تي ويٺل ڏسي ڏڪي ويا. ٻار تھ دانھون ڪري وڃي اندر لڪا، پر زال بھ رئڻھارڪي ٿي ويئي. پوءِ ھٿ ٻڌي راڪاس جي پيرن ۾ ڪري پئي ۽ عرض ڪرڻ لڳيس تھ مڙسس کي ڇڏي ڏئي. راڪاس چيو تھ ”ھو آزاد ويٺو آھي. مون رڳو ھن کي پنڌ جي تڪليف کان بچائڻ لاءِ پاڻ تي ويھاري آندو آھي. ھاڻ جيڪو تنھنجو ڪم ھجي، اھو مون کي چوءِ تھ ڪريان، ڇاڪاڻ جو مون کي نڪمو ويھڻ نٿو وڻي.“

ايتري ۾ جابسن بھ ٽپو ڏئي ھيٺ لٿو، ۽ زال کي ساري ڳالھھ ڪري ٻڌايائين. ھوءَ اکيون اگھي خوش ٿي ويھي رھي ٻارن بھ جڏھن پيءُ ماءُ کي راڪاس سان ڳالھائيندو ڏٺو، تڏھن رڙھي ويجھا ٿيا. ڪنھن پئي چيو تھ ”جي اٿي بيھي تھ، جيڪر ھٿن سان اسان کي وڻ مان ناريل پٽي ڏئي“ پيءُ ماءُ بھ سمجھاين تھ نھ ڊڄو. تنھنڪري ھو آھستو آھستو ھن وٽ آيا ۽ سگھو ئي ھن تي ٽپا ڏئي چڙھڻ ۽ ھن سان راند ڪرڻ لڳا.

انھيءَ وچ ۾ ھنن جي پيءُ ماءُ پاڻ ۾ ويٺي صلاح ڪئي تھ ”ھن کي ڪھڙي ڪم لايون.“ زال چيو تھ ”ھن کي رھڻ لاءِ بھ تھ اسان جي گھر کان ڪو ٻيو وڏو گھر گھربو. ۽ کاڌي لاءِ بھ جڏھن اسان سڀني کي کائي، تڏھن ھن جو پيٽ ڀرجي.“ جابسن چيو تھ ” سچ ٿي چوين. انھيءَ جو مون خيال ئي ڪونھ ڪيو ھو. بھتر آھي تھ ساڻس انھيءَ بابت صفائي ڪريون.“ تنھن تي ھو ويجھو وڃي ھن کان انھيءَ بابت پڇڻ لڳو.

راڪاس چيو تھ ”آئون رڳو تازي پاڻيءَ جو ڍڪ پيئندو آھيان بس.“ ھن چيوتھ ”اھو تھ آسان آھي.“ زال وري راڪاس کي چيو تھ ”پيئڻ جو توکان نٿا پڇون پر کائڻ جو ٿا پڇون.“ ھن چيو تھ ”آئون کائينو ڪين آھيان. اگرچھ گھڻو ئي زور اٿم. سو اوھين منھنجي کاڌي جي ڪا بھ ڳڻتي نھ ڪريو. باقي رھڻ جي لاءِ مون کي ڪا اڏيل جاءِ نھ گھرجي، آئون گاھھ تي ليٽي ساھي کڻندو آھيان ۽ آرام وٺندو آھيان.“

جابسن ۽ سندس زال ھي ٻڌي نھايت خوش ٿيا. ڀلا نڪو کاڌو، نڪو پگھار، نڪا رھڻ جي جاءِ، نوڪر تھ چڱو ۽ سستو ملين. رڳو چڱي طبيعت جو ھجي ۽ خوش رھندو اچي. ٻئي وڃي راڪاس کي چوڻ لڳا تھ ”اسان جي مرضي ناھي تو کي گھڻو ڪم ڪرائي اجائي تڪليف ڏيون. جيترو ڪم ٿورو يا گھڻو تنھنجي دل چوي سو پيو ڪر، وڌيڪ نھ“. ھن چيو تھ انھيءَ جو ڪو بھ فڪر ڪو نھ ڪريون. جيترو ڪم وڻيو اوترو مون کان وٺو. آئون ٿڪبو ئي ڪين آھيان.“

ھو حيران ٿي ويا. چيائونس تھ ”اھا عجب جي ڳالھھ آھي. نڪي کائين نڪي ٿڪجين. رڳو رات جي ننڊ ڪري؟ راڪاس چيو تھ ”آئون رات جو ڪين سمھان رات ڏينھن پيو ڪم ڪندو آھيان.“ تنھن تي ھو پاڻ زيادھھ حيرت ۾ پيا. پنھنجي خوش نصيبيءَ تي خدا جا شڪرانا ڪيائون. ھاڻ انھيءَ خيال ۾ ٿيا تھ راڪاس کي ڪھڙي ڪم ۾ لڳايون.

جابسن چيو تھ ”پھرين ٿا ان پيھڻ ۾ لڳايونس. آئون تھ اھو ڪم ڪري ٿڪجي پيو آھيان، پيھڻ تھ نھ ٿيو، ٻن پھڻ جي وچ ۾ گھمائڻو ۽ چپڻو ٿيو. پر اھي پھڻ تھ ھن جي اڳيان رڳي راند ٿيندي، بھتر آھي تھ جانڊھھ جھڙا ڪي تمام وڏا ڳرا پھڻ لسا ڪري ھٿ ڪريون، تھ پوءِ راڪاس جھٽ ۾ انھيءَ کي ڦيرائي ملڪ جو ان پيھي وجھندو.

پر جنھن ٽڪر مان پھڻ آڻڻا ھئا سو پري ھو. جڏھن اھڙا پھڻ وڍي تراشي تيار ڪبا، تڏھن اھي ڪيئن کڻي آڻبا؟ اھا ڳالھھ ٻڌي راڪاس چيو تھ ”اھي آئون آسانيءَ سان کڻي ايندس.“ پوءِ تھ جابسن اٿيو ۽ پنھنجا اوزار ھڪڙي وڏي پيتي ۾ وجھي، راڪاس جي ڪنڌ تي رکيائين، ۽ پاڻ بھ انھيءَ پيتيءَ ۾ ويھي رھيو. پوءِ وڏي ڇڙھھ ھٿ ۾ کڻي ھو روانا ٿيا.

سگھو ئي ٽڪر تي وڃي ھن پھڻ وڍي تيار ڪيا، اھي بھ انھيءَ پيتيءَ ۾ رکي راڪاس جي پٺ تي رکي گھر آيو. پھڻ زمين ۾ بيھاري راڪاس کي چيائون تھ مٿئين کي ھيٺيئن تي ڦيرائي. اھو ڪم راڪاس اھڙي آسانيءَ سان ڪرڻ لڳو جو ڄڻ تھ ھن عمر اھو ڪم پي ڪيو.

رات جو جابسن ھن کي منٿ ڪئي تھ ڪم ڇڏي ساھي کڻي، پر راڪاس ائين نھ ڪيو. سڀ گھر جا ڀاتي سمھي رھيا ۽ ھن ڪم پي ڪيو.

اتي ٻارن ٻڍي گھورڙي کان پڇيو تھ ”انھيءَ راڪاس جو نالو ڇا ھو؟“ ھن چيو تھ انھيءَ جو نالو ”آب روان“ ھو“. ھنن چيو تھ ”ڪھڙو نھ عجب جھڙو نالو آھي!“ پوءِ ھاپڪنس جي چوڻ تي گھورڙي ٿورو آرام وٺي پنھنجي ڳالھھ شروع ڪئي.

*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com