سيڪشن؛  ٻاراڻُ ادب

ڪتاب: ٽي ديوَ يا راڪاسَ

باب: 4

صفحو : 4

باب چوٿون

ٻئي راڪاس جو اچڻ

 

جابسن جا ٻار اڌ رات جو جانڊھھ جي آواز تي اٿيا. پھرين تھ ڊڄي ويا ۽ ماءُ کي سڏيائون. انھيءَ چين تھ ”ابا راڪاس ان پيو پيھي، اوھين ڊڄو نھ، سمھي رھو.“ صبح جو اٿن تھ راڪاس سڀ ان پيھو ويٺو ھو ۽ وڌيڪ پيھڻ لاءِ گھريائين. جيسين جابسن خيال ڪيو تھ ڪھڙو ڪم ڏيانس، تيسين راڪاس گھر ٻھاري ڌوئي صاف ڪيو، ۽ پوءِ ٻارن کي وٺي درياھھ جي ڪناري تي ويو ۽ ھنن سان راند ڪرڻ ۽ ھنن کي ترڻ سيکارڻ لڳو.

جڏھن وھنجي ٿي گھر آيا، تڏھن پنھنجي سنگتيءَ جي ڏاڍي تعريف ڪرڻ لڳا. انھيءَ وچ ۾ جابسن راڪاس جي لاءِ ھڪڙو ڪم رٿي ڪڍيو. ھن ٻيلي ۾ ھڪڙو وڏو درخت ڪريل ڏٺو ھو، ۽ ھميشه انھيءَ کي گھر آڻڻ لاءِ خواھش پي ڪيائين. انھيءَ لاءِ تھ انھي کي چيري منجھانئس تختا ڪڍي تھ گھر جي ڇت ۽ فرش ۾، توڙي ڪن ٻين ڪمن ۾ لڳائي، پر اھڙي وڏي ۽ ڳري وڻ کي گھر تائين آڻڻ مشڪل ھو.

پر ھاڻ اھو ڪم ڏاڍو آسان نظر آيس. راڪاس کي اتي وٺي ويو، ۽ ھن کان وڻ کڻائي  ھليو آيو. پوءِ ھن کي ڏيکاريائين تھ ڪيئن ڪرٽ يا وڏيءَ ڪارائي سان انھيءَ کي چيري تختا ڪري. سگھو ئي ھو اھو ڪم اھڙي آسانيءَ سان ڪرڻ لڳو، جو جابسن کان بھ چڱو. تڏھن جابسن دل ۾ خيال ڪيو تھ ”ڇو نھ اٺ ڏھھ ڪارايون گڏ ٻڌي ھن کي ڏيان. ھي اھڙو زور وارو آھي جو ھن کي جھڙي ھڪڙي ھلائڻي تھڙيون ڏھھ، ائين ڪرڻ سان اٺ ڏھھ تختا گڏ پيا نڪرندا.“

پر ايتريون ڪارايون يا ڪرٽ ڪٿان اچن؟ راڪاس جي خبر ساري ڳوٺ ۾ پئجي وئي ھئي. جن وٽ ڪارايون ھيون. انھن کان ھو اڌاريون وٺي آيو. ھڪڙو ماڻھو، جو واڍڪو ڪم ڄاڻندو ھو، تنھن اھي سڀ ڪارايون ھڪڙي ڪاٺ جي چونڪ ۾ ڄمايون. ٻين ھڪڙي وڏي کٽ کنئي. انھي ۾ البت وقت لڳو. پر جڏھن اھو ڪم ٺاھي بيھاريائون ۽ راڪاس ڪم ڪرڻ لڳو، تڏھن ھڪڙي ڏينھن ۾ سڄي وڻ جا تختا تيار ٿي ويا.

جن کان جابسن ڪارايون ورتيون ھيون، تن کي عيوض ۾ تختن ڏيڻ کان پوءِ بھ، ايترا تختا بچيا جن مان ھن پنھنجي گھر جي تختاپوشي ڪئي، ۽ در ۽ ميزون ۽ ٻيو ضروري سامان بھ جوڙيائين. اھو ڪم واڍي خوشي سان ڪيو، مگر انھي شرط تي تھ جابسن سندس ان پنھنجي راڪاس آب روان کان پيھائي ڏيندو. جابسن کي اھو سودو پسند آيو ۽ سگھو ئي ٻئي ڪم ٿي ويا. جڏھن ٻين ماڻھن ڏٺو تھ جابسن جو گھر ڏاڍو سھڻو ٿيو آھي تڏھن ھو پاڻ بھ وڻ وڍڻ لڳا، ۽ جابسن کي اجورو ڏيئي راڪاس کان کڻائي آيا ۽ چيرائي تختا ڪيائون.

سڀ ڪنھن وس پڄندي جيڪي پاڻ وٽ وڌيڪ ڏٺو ۽ جابسن کي گھربل ھو، سو ھن کي عيوض ۾ آڻي ڏنو. ڪنھن مڇيءَ جي ٽوڪري آندي. ڪنھن ڇيلي جون ٻھ رانون آنديون، ڪنھن ڦاسايل پکي آندا. انھيءَ طرح جابسن جو گھر وڏو گدام ٿي ويو.

مطلب تھ اتي ماڻھن جي لاءِ انھي راڪاس جيترا ڪم ڪيا، تن جو بيان ڏيڻ مشڪل ٿيندو. ساري ڳوٺ يا بيٺڪ کي انھي مان فائدو رسيو، پر گھڻو فائدو جابسن کي ٿيو.

انھي جي ريس تي ٻيا ماڻھو بھ فرصت جي وقت ملڪ گھمڻ لڳا تھ من ڪو ٻيو اھڙو راڪاس ھنن کي بھ  ھٿ لڳي وڃي آب روان کان اڪثر پڇندا ھئا تھ ”ھن ٻيٽ ۾ ڪو ٻيو بھ راڪاس آھي؟“ ۽ ھو چوندو ھون تھ ”منھنجو ھڪڙو ڀاءُ آھي سھي، پر اسين ورلي گڏبا آھيون. آئون ميدانن ۽ تراين ۾ رھندو آھيان، ۽ ھو اڪثر جبلن ۽ ٽڪرن تي رھندو آھي.“ ھو پڇندا ھئس تھ ”اھو بھ تو جيترو ڪم ڪري سگھندو آھي يا نھ؟“ ھو چوندو ھو ”ھائو پر جڏھن دل چوندي اٿس، ڇا لاءِ جو ھو پھھ وارو آھي. ڪڏھن ڪڏھن شوخ ۽ گھرو ٿيندو آھي. آئون اڪثر ماٺ وارو آھيان. پر ڪڏھن ڪڏھن ھو مون کي بھ ڪاوڙائي ڇڏيندو آھي“.

انھيءَ اشاري تي ماڻھو ڪيترا ڏينھن انھيءَ جي پٺيان ڳولائو رھيا، پر انھي کي نھ ڏٺائون. ھڪڙي ڏينھن ”جئڪسن“ نالي ڪو ماڻھو ڪنھن سرھھ يا گڊ جي پٺيان، ھڪڙي جبل جي چوٽيءَ تي چڙھي ويو، تھ اتي ھن کي ھڪڙي تمام وڏي شيءِ ويٺل ڏسڻ ۾ آئي، ھن جي شڪل پوري طرح ڏسي نھ سگھيو، مگر اھا اھڙي چمڪندڙ ھئي، جو ھو انھيءَ ڏي نھاري نٿي سگھيو. ايترو ڏٺائين تھ ھن کي ٻھ وڏا پر ھئا، جي جھاز جي سڙھن جيڏا ھئا، پر ھئا اھڙا جھڙا مک جا کنڀ ٿيندا آھن. جئڪسن کي پڪ ٿي تھ اھو آب روان جو ڀاءُ آھي.

اھا خبر ھيس تھ اھو راڪاس پورن وارو ۽ چيڙاڪ آھي، تنھنڪري پھرين انھيءَجي نزديڪ وڃڻ کان ڊنو. پر جڏھن خيال ڪيائين تھ آئون بھ جابسن وانگي راڪاس وارو ٿيندس، تڏھن ھمت آيس ۽ ھن کي ويجھو ويو. چتائي ڏٺائين تھ انھيءَ راڪاس جو منھن مرڪندڙ آھي. تنھنڪري پڇيائينس تھ ”تون آب روان راڪاس جو ڀاءُ تھ نھ آھين، جنھن کي اسان ھيترو پي ڳوليو آھي؟ ھلي مون وٽ ڪم ڪندين؟“

اِتي گھورڙيو ٿڪو ھو، تنھنڪري ٿورو ساھي کڻڻ لڳو.

*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com