باب پھريون
گھورڙيو ڳالھھ شروع ڪري ٿو
ھڪڙي ڏينھن شام جو ”ھاپڪنس“ نالي ھڪڙو شخص پنھنجي
گھر جي در تي ويٺو ھو، ۽ سندس ٻارن آسپاس پئي راند
ڪئي، تھ ھڪڙو ٻڍو گھورڙيو، ڪي شيون وڪري جي لاءِ
کڻي اتي آيو. ھنن کي گھڻيون شيون وٺڻيون نھ ھنيون،
جو ھو پئسي وارا ماڻھو نھ ھئا. پر ھو ويچارو ٻڍو
ٿڪل ٿي ڏٺو، تنھنڪري ھن کي اتي ويھاري مانيءَ جي
آڇ ڪيائون.
ٻڍي چيو تھ ”آئون پري کان آيو آھيان، سمجھيم نٿو
تھ ڪٿي راند گذاريان ۽ آرام وٺان.“ ھاپڪنس چيو تھ
”اسان کي اندر تھ جاءِ تنگ آھي، باقي پٺين جاين
مان ھڪڙي ڪوٺيءَ ۾ توکي ڪک وڇائي ٺاھي ڏينداسين،
اتي سمھي ننڊ ڪج.“
گھورڙئي ھن جي شڪر گذري ڪئي ۽ ھن کي دعائون
ڪيائين. پوءِ چوڻ لڳو تھ ”انھيءَ جي عيوض ۾ جي ھنن
ٻارن جي مرضي ھوندي تھ آئون کين ھڪڙي ڳالھھ
ٻڌائيندس.“ تنھن تي سڀ ٻار اچي ھن جي چوڌاري گڏ
ٿيا، ۽ چوڻ لڳا تھ ”اچو تھ ڳالھھ ٻڌون! اچو تھ
ڳالھھ ٻڌون!
ھڪڙي ڇوڪر چيو تھ ”مون کي اميد آھي تھ اھا پرين ۽
جنن ۽ ديون ۽ راڪاسن بابت ھوندي.“ ٻي ڇوڪر وري چيو
تھ ”نھ نھ جنن پرين کي ڇا ڪبو؟ مون کي سچي ڳالھھ
گھرجي.“ ھن جي پيءُ چيو تھ ”سچي ھجي يا ڪوڙي ھجي،
پر جي انھيءَ مان ڪا نصيحت نڪرندي ھجي تھ بس آھي.“
ٽئين ڇوڪر اتي رڙ ڪري چيو تھ ”ٻڍا اسان کي ڪا مزي
جھڙي آکاڻي ٻڌاءِ، اھڙيون جھڙيون منھجي ڪتاب ۾
آھن.“
ٻڍي چيو تھ ”ھيترن سڀني کي آئون ڪيئن خوش ڪري
سگھندس؟ انھيءَ ھوندي بھ آئون ائين ڪرڻ جي ڪوشش
ڪندس.“ پوءِ ھن ھن طرح ڳالھھ شروع ڪئي:
اڳوڻي زماني ۾ ھڪڙو شخص ”جابسن“ نالي رھندو ھو. ھو
غريب ماڻھو ھو ڪٽنب وڏو ھوس، تنھنڪري ارادو ڪيائين
تھ سمنڊ لنگھي ڪنھن پرانھين ملڪ ۾ وڃي رھي، ۽ سکيو
قوت گذران ڪري.
ھن جا ڪي غريب مائٽ بھ ساڻس شامل ٿيا، ھنن پنھنجا
ٽپڙ وڪڻي ڀاڙي جي لاءِ پيسا گڏ ڪيا. ھن ٻڌو ھو تھ
ٻاھرين بيٺڪن ۾ زمين جا ٽڪر آباديءَ لاءِ ملن ٿا،
تنھنڪري ارادو ڪيو تھ پنھنجي زال ۽ ٻار ٻچا ساڻ
وٺيو وڃي. نيٺ سڀ سنبري ويجھي بندر تي آيا، ۽ ھڪڙي
جھاز ۾ چڙھي روانا ٿيا. انھيءَ جاءِ جو نالو مون
کي وسري ويو آھي، مگر ھو اصل اتي ڪين پھتا.
انھيءَ جو سبب ھيءُ ھو تھ سمنڊ تي اچي طوفان لڳو،
۽ جھاز ڪيترا ڏينھن پي ٽلڪيو ۽ نيٺ ٽڪر تي لڳي ڀڄي
پيو. ماڻھن ويچارن کي پنھنجي ساھھ بچائڻ جي لڳي.
پر ڏٺائون تھ جنھن ھنڌ اچي لڳا ھئا، اتي زمين ڀلي
ھئي ۽ ٻيو ڪو بھ ماڻھو اتي ڪونھ ٿي رھيو، تڏھن ھو
ڏاڍا خوش ٿيا. چوڻ لڳا تھ ”اھو پاڻ چڱو ٿيو. ھتي
سڀ پاڻ ۾ ٿينداسين. ڀڳل جھاز مان آباديءَ جا اوزار
۽ ڪپڙا ڪڍي اينداسين، تھ پوءِ ھتي پنھنجي نئين
بيٺڪ بنائي رھنداسين ۽ خوش گذارينداسين.“ زالن وري
چيو تھ ”جھاز مان اڳوپوءِ رڌڻ جا ٿانو بھ کنيو اچو
تھ چڱو“. ان موجب ماڻھو ڀڳل جھاز ڏي ويا. ۽ جيڪو
ڪمائتو سامان آڻي سگھيا، سو کڻي آيا.
* |