باب ستون
ٽيون راڪاس ڀڄي وڃي ٿو ۽ وري پڪڙجي ٿو
واٽسن کي اعتبار ئي نٿي آيو تھ ھنن سچو پچو ڪو
راڪاس پڪڙيو آھي. چوڻ لڳو تھ ”جي ھو ٻاٽليءَ ۾ آھي
تھ انھيءَ بند جي ھن کي ڳڻتي ڪانھي، جو ھو ماٺ ڪيو
پيو آھي.“ آب روان چيس تھ ”اھو خيال نھ ڪر. ھو
ھينئر ٿڌو ٿيو ويٺو آھي، پر توکي سگھو ئي پاڻھئي
خبر پوندي.“
جڏھن ھو گھر پھتا، تڏھن آب روان، واٽسن کي چيو تھ
”انھيءَ راڪاس کي بخاري جي ڪنڊ ۾ باھھ کي ويجھو
رک.“ چوڻ لڳس تھ ”سيڪ ۽ گرمي ھن جي حياتي آھي.
جيسين ٽھڪندو نھ رکنديس، تيسين ھو تنھنجي ڪنھين ڪم
جو ٿي نھ سگھندو.“
ان موجب واٽسن پنھنجي نئين راڪاس کي خوش ڪرڻ لاءِ،
ٻاٽلي کڻي ھڪڙي ٽھڪندڙ پاڻيءَ جي ٿانو ۾ رکي، جو
باھھ تي رکيو ھو. لحظي ۾ ٻوچ اڏامي ويو ۽ راڪاس
ٻاٽليءَ مان نڪرڻ لڳو: ويو وڌندو ۽ وڏو ٿيندو ۽
مٿي چڙھندو. نيٺ بخاري جي مٿين ٽنگن مان نڪري ڀڄي
ويو.
واٽسن کي ڏاڍو ارمان ٿيو. وڃي آب روان کي اھا
ڳالھھ ٻڌايائين. انھيءَ چيس تھ ”ڇوڪر توسان ڏاڍي
ٺڳي ڪئي آھي، پر پاڻ وري پڪڙينداسينس.“ واٽسن چيو
تھ ”انھيءَ پڪڙڻ مان ڪھڙو فائدو، جو ھن کي قابو
رکي ڪين سگھنداسين؟“ آب روان چيو تھ ”منھنجي صلاح
اٿئي تھ جھاز مان جيڪو سامان بچائي ڪڍي آيا آھيون،
انھي ۾ ڏس تھ ڪو لوھھ يا ٽامي جو ٿانءُ آھي؟ ھن کي
جھلي سگھندو.“
واٽسن وڃي ماڻھن کان پڇا ڪئي. نيٺ ھڪڙي وٽ پتل جو
ڪو ٿانءُ ھو، جو ھن ملھھ تي ورتس. پوءِ چوڻ لڳو تھ
”ھاڻ ھن کي موڪل آھي، ھن کي تھ ڀڃي. ھي ٿلھو ۽
مضبوط آھي. آب روان چيو تھ مون کي خبر آھي تھ ھو
ڪاوڙ ۾ انھيءَ کان ٿلھا ۽ مضبوط ٿانو ڀڃي وجھندو
آھي پر في الحال اھو چڱو آھي، انھيءَ تي چڪڻ آھي
جو ساڻس ڳنڍيل آھي، ۽ جڏھن ھن کي ڪاوڙ ايندي، تڏھن
اھو ڍڪڻ ڌڪي مٿي ڪري نڪري ويندو. پر ھي ٽنگ ننڍو
آھي ۽ ڍڪڻ بھ ننڍو اٿس، تنھنڪري سارو انھي مان
نڪري نھ سگھندو.
ٻئي ڏينھن ھو وري جبل جي گرم حوض تي ويا ۽ جڏھن ھو
انھي مان نڪرڻ لڳو، تڏھن اڳي وانگي ھن کي پڪڙي
آيا. رستي تي واٽسن، ”آب روان“ کان پڇيو تھ
”تنھنجي انھيءَ پٽ جو نالو ڇا آھي؟
مون ھيستائين توکان پڇيو ئي ڪين.“ ھن چيو تھ
”انھيءَ جو نالو ”بخار ميزان“ آھي.“*
|