سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: ٽي ديوَ يا راڪاسَ

باب: 6

صفحو : 6

باب ڇھون

ٽيون  راڪاس پڪڙجي ٿو

 

ھنن ٻن راڪاسن جيڪو چڱو ڪم ڪيو، تنھن انھيءَ ڳوٺ ۽ آسپاس جي ملڪ کي گھڻو سڌاريو. سڀ گھر تختا پوشيءَ جا ٿي ويا ۽ در دريون عمدي قسم جا ٿي پيون. سڀني ماڻھن کي گھر جو سامان عمدو ملي ويو. ميزون، ڪرسيون ۽ پيتيون وغيره. مڙسن ۽ زالن ٻنھي کي ھاڻ ايتري فرصت ۽ فراغت ملي، جو انھن ڪيتريون ٻيون شيون جوڙيون، جي ھو اڳي جوڙي نھ ٿي سگھيا.

تنھنڪري انھيءَ ۾ عجب ڪونھ ھو تھ سڀني کي ٻين راڪاسن ڳولي لھڻ جوحرص ٿيو، انھيءَ لاءِ تھ ھو پاڻ لاءِ زيادھھ ڪم ڪرائين. انھي بابت آب روان کان بار بار پئي پڇيائون.

انھي ھڪڙي ڏينھن ٿڌو ساھھ کڻي چيو تھ ”ھن ٻيٽ ۾ مون کي باقي ھڪڙو راڪاس ٿو سجھي ۽ اھو منھنجو پٽ آھي، جو گھڻن ورھين کان ڇڄي ڌار ٿي ويو آھي ۽ مون وري ھن کي نھ ڏٺو آھي.

ماڻھن چيو تھ ”تڏھن انھي جي ھٿ اچڻ جو امڪان ڪونھي؟ متان ھي ٻيٽ ڇڏي ھليو ويو آھي؟“ ھن چيو تھ ”نھ، آھي ھن ٻيٽ ۾.“ اتي جي رھاڪن ۾ ”واٽسن“ نالي ھڪڙو ڏاڍو محنتي ماڻھو ھو، تنھن انھيءَ راڪاس جي ڳولي لھڻ لاءِ ڪمر ٻڌي. آب روان کان وري بھ اچي انھيءَ جو پتو پڇيائين. انھيءَ چيس تھ ”پويون دفعو مون انھيءَ کي ھن ٻيٺ جي پڇڙيءَ ۾، تمام  پري، ٻن جبلن جي وچ ۾ ھڪڙي گرم چشمي ۾ وھنجندو ڏٺو ھو. پر انھيءَ پاسي اتي جي ماڻھن مان ڪو بھ ڪونھ ويو ھو.

”حقيقت ھي آھي تھ اھو منھنجي زال آتش سوزان1جي طبيعت جھڙو آھي. سخت گرميءَ کانسواءِ ھو رھي نھ سگھندو آھي. اھو جبل جو حوض ھميشه پيو ٽھڪي، انھي جي گرميءَ ڪري ھن جي طاقت پاڻ زياده ٿي ٿئي.“ واٽسن پڇيس تھ ”ھو ڪم تھ گھڻو ڪندو آھي؟“ راڪاس چيو تھ ”آئون رڳو ٻڌي جي ڳالھھ ٿو ڪريان تھ جيترو ڪم آئون ۽ بادوزان گڏجي ڪندا آھيون، اوترو ھو يڪو ئي ڪندو آھي. پر مشڪلات آھي ھن جي پڪڙڻ ۽ قابو ڪرڻ ۾، ڇا لاءِ جو ھو ڪم تڏھن ٿو ڪري، جڏھن ھن کي بند ڪجي ٿو. تنھن کان سواءِ ھو اسان جي عادت جي برخلاف ڏاڍو کائو آھي.“

واٽسن چيو تھ ”پوءِ تڏھن اسان کي ڪھڙو فائدو؟ جيترو ھن جي ڪمائي مان پيسو پيدا ٿيندو، اوترو ھو کائي ويندو.“ ھن چيو تھ ”انھيءَ جو ڊپ ڪونھ ڪر. ھو رڳو ڪاٺيون ۽ ڪوئلا کائيندو آھي، ۽ اھي ٻرندا ٻرندا ڳھندو ويندو آھي. جيترو گھڻو کارائيس اوترو گھڻو ڪم ڪندو.“ واٽسن پڇيو تھ ”ھن جي بند ڪرڻ جھڙي جاءِ ڪيئن پيدا ڪبي؟“ آب روان چيو تھ ”جيتوڻيڪ ڪڏھن ڪڏھن ھو آسمان سان وڃي لڳندو آھي، تڏھن بھ ڪنھن وقت ھن کي سوڙھو ڪري دٻي تمام ننڍڙي ڪوٺڙيءَ ۾ بند ڪري ٿو سگھجي. جيئن تنگ جاءِ ۾ بند ھوندو، تيئن زيادھھ ڪم ڪندو.“

واٽسن چيو تھ ”خوشيءَ سان تھ ھو بند ۾ ڪين پوندو ھوندو“ ھن چيو تھ ”نھ، ھو محنت ۽ ڪم ڪري ئي انھي لاءِ ٿو تھ پاڻ کي ڇڏائي ۽ آزاد ڪرائي. ھن کي آزادگي اھڙي وڻي ٿي، جھڙي ادي بادوزان کي ٿي وڻي.“ واٽسن چيو تھ ”تڏھن جي تون مون کي مدد ڪندين تھ اميد آھي تھ اسين ھن کي ھٿ ڪري سگھنداسين.“ ان موجب ھو ٻئي ڏينھن روانا ٿيا.

واٽسن، آب روان جي پٺيءَ تي ويٺو ھو. پنڌ ڪندا پئي ويا. واٽسن ھن کي چيو تھ ”جي تنھنجو پٽ اسان کي رستي تي  گڏجي وڃي تھ پوءِ جيڪر ڪيئن بند ڪري سگھونس؟“ ھن ورندي ڏني تھ ”انھي جي مون کي اڳئي ڳڻتي ھئي. انھيءَ ڪم لاءِ مون ھڪڙو ٿانءُ کنيو آھي.“ ۽ ھڪڙي وڏي ٻاٽلي ڏيکاريائينس. اھا ڏسي واٽسن کلڻ لڳو. چيائين تھ ”تون مون سان چرچا ٿو ڪرين.“

سگھو ئي ھو انھيءَ گرم چشمي تي اچي پھتا. پري کان انھيءَ مان ٻاڦ جو ھڪڙو ڪڪر نڪرندو ڏٺائون. آب روان دانھن ڪري چيو تھ ”ڏس، ڏس اھو اٿئي.“ واٽسن ڏاڍي ڌيان سان انھيءَ پاسي نھاريو، پر انھيءَ ٻاڦ جي ڪڪر کان سواءِ ٻيو ڪي بھ ڪين ڏٺائين. پر جھٽ ۾ انھيءَ ڪڪر مان ھڪڙي راڪاس جھڙي شڪل بنجي پئي، جنھن جي چوٽي وڃي آسمان سان لڳي. پوءِ ٿورو ٿورو ھو ھوا ۾ چڙھيو ۽ درجي بدرجي گم ٿي ويو.

واٽسن چيو تھ ”ھو تھ برابر، پر ويو ھليو. شايد وري ھٿ نھ اچي“ آب روان چيو تھ ”نھ، ھاڻ اسان کي خبر پئي تھ ڪٿي ٿو رھي وري ڪنھن ٻئي وقت وٺنداسينس. ٻئي ڀيري بھ ھو اتي آيا، اھو راڪاس منھن ڪونھ پين. آب روان چيو تھ ”اھو پاڻ چڱو ٿيو جڏھن حوض مان نڪري مٿي چڙھندو آھي، تڏھن پڪڙينداسونس.“

ائين چئي ھو ٻاٽلي ڪڍي اونڌي ڪري چشمي جي مٿان جھلي ويٺو. ٻوچ واٽسن کي ڏنائين ۽ چيائينس تھ ”جڏھين ڏسين تھ ٻاٽلي انھيءَ اٿندڙ ٻاڦ سان ڀري آھي، تڏھن ھڪدم کڻي ٻوچ ڏجئينس.“ پھرين تھ واٽسن کي کل آئي، تھ ھيڏو سارو راڪاس ٻاٽليءَ ۾ ڪيئن بند ٿيندو! پر ستت ئي ٻاڦ اٿڻ لڳي، ۽ انھيءَ سان ٻاٽلي ڀرجي ويئي. تڏھن واٽسن ھن کي کڻي ٻوچ ڏنو.

*


 

1  ۑڠڷۑ تڎڷڈڏ بإێێ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com