ڪني پاڻيءَ جو تلاءُ
رات جو مينهن پيو ته رهيل ڪسر به پوري ٿي ويئي. هڪڙو هيٺالو،
ٻيو جهوپڙيون، ٽيون سيارو، باقي مينهن رهيل هو،
اهو به آڌيءَ رات جو اچي ڪڙڪي – صبح جو دونهين نه
دُکي، مٿان پوڙهن جي کنگهه ۽ کانگهارا، ٻارن جا
ڪيڪراٽ جهڙي قيامت! پر جي قيامت به هڪ ڏينهن جي
هجي، ته ماڻهو ڊڄي به، جتي ڏهاڙي قيامت هجي، ته
پوءِ ڪهڙي سُڌ ته قيامت ڪڏهن آئي، ڪڏهن ويئي! اتي
قيامت تي به ڪهل اچيو وڃي!
مينهن گند کي ڦُلاري وڌو آهي. اڳي ته رڳو تلاءُ جي ڌپ، نڪ
ساڙيندي هئي هاڻي ته گهٽي گهٽي، جهوپڙي جهوپڙي ڌپ
ٿي ويئي آهي؛ پر نڪ اهڙو ته بي نڪو آهي، حرام جو
سڙي! ٽيهن سالن کان نڪ اهڙي جو اهڙو آهي، ويتر
وڌيڪ تکو ٿي ويو آهي. ڪتو به ائين ڍونڍ کلي نه
تاڙي، جيئن ماڻهوءَ جو نڪ!
هو به گپ ۽ گند مان لڇ لڇ ڪندو، گپ هاڻا پير کڻي تلاءَ جي ڪپ تي
اچي ويٺو آهي. پريان ريل جا پٽا ڇلڪندا ڏسڻ ۾ پيا
اچن. گندي ناليءَ جو پاڻي اُٿلي تلاءَ ۾ پئجي رهيو
آهي، ۽ انهيءَ گندي ناليءَ جي سرن ٻڌل ڪپ سان اُها
واٽ آهي، جتان ماڻهو هلي، ريل جا پٽا اُڪري“ پريان
پڪي رستي تي پهچندا آهن- ۽ اتان ٽڙي پکڙي وڏي شهر
۾ الوپ ٿي ويندا آهن!
هو انهيءَ سِرن ٻڌل ڪپ پريان واٽ جي ٻوڙن منجهه، اڌ لڪل اڌ پڌرو
نظر اچي رهيو آهي.
”اڙي ڪير آهين، هتي ڇا پيو ڪرين؟ ڪجهه ته ڌيان ڪر. نياڻيون
سياڻيون پيون لنگهن، پرڀرو نه ٿو وڃين جهنگ جو
خيال.....!“ ڪو آواز مٿان واٽ تان اچي ٿو.
”۽ توهان سڀ صبح جو قطار ڪريو وڃيو ويهو. اوبنهن پٽي واري پاسي
۽ ريلن جون ريلون لنگهيو وڃن، اوڏي مهل لڄ ڪانه ٿي
اچيو!“
”اڙي رمون ته ڪونه آهين؟ لخلانت ٿئي!“
هو به ٻوڙن مان هٿ ٻاهر ڪڍي“ جواب ۾ ڀونڊو ٿو گهروڙي.
”اڙي چريا، ريل گاڏيءَ وارن کي ڪهڙي خبر ته ڪير ويٺا آهن؛ توکي
ته اسين سڃاڻون ٿا نه!“
”سڃاڻو ٿا ته پوءِ ڇا؟ بي حيائي ته مڙئي بي حيائي!“
”اڙي هي مامرو سڄو سڃاڻڻ ۽ نه سڃاڻڻ جو آهي.“
”سچي!“
”ٻيو نه وري- ماڻهوءَ کي رڳو پڪ ٿئي ته فلاڻي هنڌ ڪو ڪونه
سڃاڻيس ته اصل ليڪو ئي لنگهي وڃي!“
”اهو ڪيئن؟“
”اهو تون نه سمجهندين، تون ته آهين چريو، واقفن ۾ هجين يا
اڻواقفن ۾، ڪندين اُهو ئي جيڪو من ۾ ايندءِ! خدن
ريل جا پٽا اُڪرڻ لڳي ٿو.
”خدن يار، شهر وڃين نه- وزم وڙي ته وٺيو اچجانءِ. سنهن اٿئي
مولا جو. ڪالهونڪر ٻاڙيا وتون!“
”اڙي هتي ٻاڪر ڪُٽو لڳو پيو آهي. راتوڪي مينهن ماڻهن کي ڊاهي
وڌو آهي. توکي لڳي آهي وزم پاڻيءَ جي! آئون پاڻ
دوا وٺڻ پيو وڃان، جيوڻ جي ڪِڪي چاق ڪانهي.“ هو
ريل جو پٽو اُڪري وڃي ٿو.
سج پنهنجا ڪِرڻا ڪڍيا آهن. اُتر جي تکي هوا جي ٿڌاڻ ڪجهه گهٽ
ٿيڻ لڳي آهي. ڪي ماڻهو جهوپڙين مان پاڻي پيا ڪڍن،
ته ڪي ڪاٺين سان ناليءَ ۾ روڪيل پاڻي پيا وهائين.
تلاءُ مان ڊب نسريو بيٺا آهن. مڇرن جا مُچ پاڻي تي
چتيون بڻيا پيا آهن. هوا سان ڊڀ لڏن لمن ٿا، پاڻي
۾ هلڪيون لهريون پيدا ٿين ٿيون ۽ مڇر به لهرن سان
هيٺ مٿي ٿين ٿا.
”اڙي هروڀرو ٿا پاڻي ڪڍو. رات جو ٻيو وسڪارو ٿيو ته تلاءَ جو
پاڻي اندر ڌوڪي ايندو. پوءِ ڪيڏانهن ڪڍندئو پاڻي!
هو بڙ بڙ ڪرڻ ٿو لڳي.
”شپڙڪ“ پاڻي ۾ پٿر ڪري ٿو ۽ مڇرن جو ريلو اڏائڻ لڳي هو.
”اڙي اٿي ويئو، ڪُتي جا پُڇ!“ هو رڙ ڪري ٿو ۽ هڪ ٻيو پٿر سندس
ڪن وٽان ٿيندو؛ پاڻي ۾ ڪري ٿو ۽ مڇر جيڪي پهرين
پٿر لڳڻ تي اُڏامي، پوءِ ويهي رهيا هئا، سي وري
اڏامڻ لڳن ٿا.
”اڙي ڇورا، رات مينهن پيو؛ پر توهان تي ڪو اثر نه پيو. هجو
ماڻهوءَ جا ڦر ته اثر پَويوَ....“
”رمون چريو- رمون چريو....“ ٻار چيڙائڻ لڳنس ٿا. هو ڏيلهو کڻي
ٻارن کي اُلاري ٿو، ته پريان ايندڙ آواز تي هٿ
جهلي ٿو وٺي.
”اڙي هلو ڇورا، صبح سوير رؤنشو. اڙي بَچُو! تون ته گهر هل،
پڻهين کٽ تي پيو آهي، ۽ توهان به ڀڄو نه ته هڻانوَ
نه کلا.“ پريان ساجن، ڇوڪرن کي دڙڪا ڏيندو هن
ڏانهن پئي آيو.
”ساجن چڱو ٿيو ته ڇورن کي ڀڄائي ڇڏيئي، نه ته اڄ آئون به لاک
کاهي ڇڏيان ها!“ هو هٿ وارو ڏيلهو تلاءَ ۾ اڇلي
ٿو. لهريون پيدا ٿين ٿيون، مڇر اڏامڻ لڳن ٿا.
”رمون، تون به ته ڪجهه هوش ڪر نه“ ساجن اٽلندو مٿس ڇوهه ٿو
ڇنڊي.”هو ته آهن ڇورا پاڻ زورا، پر تون به ته
پاڻيءَ مان نڪريو وڃين!“
”پوءَ هو”چريو چريو“ ڇوٿا چونم؟“
”اڙي بابا، هو ڀلي پيا ڌوڙ پائين، باقي چڙندين ته پوءِ ڇورا تنگ
ڪندءِ، تون ڪو چريو ٿورئي آهين.“
”هان- آئون چريو ڪونه آهيان نه ساجن!“ هو خوش ٿي وڃي ٿو.
نه بابا تون چريو ڪونه آهين.
”پڪ؟“
”پڪ، اصل پڪ. تون اسان وانگر آهين جو تون چريو آهين ته پوءِ
اسين به چريا آهيون. غريب يا ته سڀ چريا آهن يا
پوءِ هڪڙو به ڪونهي.“
”پوءِ ڀلا ٻار مون کي چريو ڇو ٿا ڪن؟“
”اڙي رمون، سمجهه سمجهه جو فرق آهي. ٻارن کي ڪهڙي ڄاڻ ته تون
ڏاڍو ڏاهو ۽ عقلمند آهين.
”پوءِ چئبو ته اها سڄي ڳالهه سمجهڻ نه سمجهڻ جي آهي.“
”اها ڳالهه ڪيئي ته عقل جي. يار رمون، تون ته اسان کان به وڌيڪ
عقل وارو آهين.“
”ساجن يار، موٽندي وزم پاڻي وٺيو اچجانءِ، سنهن اٿئي مولا جو.“
مزوري لڳي ته حاضر.“
اڄ ته واهه جي لڳندءِ. اسان مستن جون دعائون اٿئي“ رمون ٿوري
دير لاءِ بيهي رهي ٿو ۽ سامهون جهوپڙين ڏانهن
نهارڻ لڳي ٿو. ٻن- ٽن جهوپڙين مان دونهون نڪرندو
نظر اچي ٿو. ٻار وري ڳوڻ جا ”در“ سيري جهاتيون
پائڻ لڳا آهن. ناليءَ جو پاڻي اٿلون ڪري رهيو آهي
۽ ٻنهي پاسي تلاءَ ۾ ڪري رهيو آهي- پريان ريڊئي
تان قرآن شريف جي تلاوت اچي رهي آهي. مانڊڻي کلي
وئي آهي. رمونءَ جي اکين ۾ چمڪ اچي وڃي ٿي. ٻيڙيءَ
جو آسرو ٿئيس ٿو.
هو ٽلندو جهوپڙين جي ويجهو اچي ٿو. ٻار کيس ڏسي ”چريو چريو“ ڪن
ٿا پر هوڏانهن نهارڻ بنا يعقوب جي مانڊڻيءَ تي اچي
ٿو. هاڻ ريڊيو تان قرآن شريف جو اڙدو ترجمو اچي
رهيو آهي. يعقوب ۽ علڻ الائي ڪهڙي ڳالهه تي ڳنڍيا
پيا آهن. هن کي پهرين ته سمجهه ۾ نه ٿو اچي.
”اڙي صبح سوير الاهه رسول جو نالو وٺجي يا فلمي گانا لڳائجن!“
”تنهنجي مرضي. اسين به تيسين چانهه ڪونه ٿا پيئون سيلون
لڳائيندين ته چانهه جون سُرڪيون ڀربيون“ وري علڻ
رمونءَ کي ڏسي چوڻ لڳي ٿو؛ ”واهه ڙي يار رمون، وڏو
ڪو ترڙ نڀاڳو آهين، ڪالهه اهڙي ڪا پِٽ هينئي جو
کيسا ئي خالي ڪري ڇڏيئي!“
رمونءَ جو منهن لهي ٿو وڃي، پر وري همت ڪري چويس ٿو؛ پوءِ اڄ
آزمائجانءِ!“
”آزمايان وري ڌوڙ، ڪالهه جمعو هو، ڀلارو ڏينهن، بلئڪ ۾ وارو لڳي
ويو. اڄ هڪ به ٽڪيٽ نڪتي ته به شڪر!“
”هان يار، فلم ڪيئن هئي؟“ يعقوب وچان پڇيس ٿو. ”هاءِ يار،
راڻيءَ جا اُهي لوڏا هئا، جو ڊاهي وڌائين.“
”اسٽوري ڪيئن هئي ڀلا؟“
”اسٽوري ته واهه جي هئي. هو هيرو آهي، نالو ڇا اٿس؟ ها،
نصرالله، ان کي مسلمان مجاهد ڏيکاريو اٿن ۽ راڻي
ڏيکاري اٿن ڪافرياڻي، بس ٻنهي جو عشق ٿي وڃي ٿو.
اصل مزو اچي ويو.“
ريڊيو تان قرآن شريف جو ترجمو ختم ٿئي ٿو ۽ يعقوب سيلون لڳائي
ٿو. سهگل جو مٺو آواز اچي رهيو آهي؛”دک ڪي دن
بيتين ناهين.“
”يار ڪيڏو نه درد آهي سهگل جي آواز ۾“ علڻ گنڀير ٿي وڃي ٿو.
يعقوب ڪنڌ ڌوڻيندو رهي ٿو، ”يار پل مرڪون ٿا، پهر روئون ٿا،
سهگل جا سر ته هانوَ ۾ کپيو وڃن.“
”علو، ٻيڙي ته پيار.“ رمون ٻاڏائيس ٿو.
”يعقوب، ڏي هڪ ٻيڙي يار رمونءَ کي ۽ ٺاهه چانهه ٻه ڪوپ.“
رمون اُتساهه مان علڻ ڏي ڏسي ٿو.
”رمون يار، مئٽني ۽ فسٽ ۾ بلئڪ ڪيم، جوا ڪيم، هارايم، کيل ڏٺم،
اڃا اچي ڊٺس ته مٿان مينهن اچي ڪڙڪيو اهو اٿئي سڄو
حال.“
رمون رڳو ڏانهن تڪيندو ٿو رهي.
”پئسا ڪمايئي ته پوءِ جوا ڇو کيڏيئي؟“ يعقوب پڇيس.
”بس کٽيءَ کنيو، دل چيو ته من ٻه ٽي سئو ٻيا به نڪري پون، ته
هڪڙو ڪوٽ وٺان، جيجل کي عينڪ به ٺهرائي ڏيان- ۽
توکي به هڪ وڳو وٺي ڏيان.“ هن رمونءَ کي ڳراٽڙي
پاتي، ”اڙي تنهنجا ڪپڙا ته پسيا پيا آهن، اڙي
زورآور مرڻو اٿئي ڇا؟“
” ڪري به ڇا، ٻيو لٽو هجيس به نه“ يعقوب سار ڏياريس. ”رمون يار،
مينهن پوي ته مون ڏانهن هليو ايندو ڪر نه، ائين ته
مري ويندين!“
”اڙي مري ويس ته ڇا ٿيندو؟ هي مري ويو ته ڇا ٿيندو.؟ تون مري
وئين ته ڇا ٿيندو؟ اسين سڀ مري وياسين ته ڪهڙو اُڀ
ڊهي پوندو، يعقوب دل جي باهه ڪڍندي چوي ٿو.
”ها، آهي مشڪري جو ائين ٿا مرون! متان دل لاٿي اٿئي. آئون مري
سگهان ٿو، تون مري سگهين ٿو پر اسين سڀ نه ٿا مري
سگهون. اصل اڻ ٿيڻي آهي، گٽر کي ٻوڙي پوءِ
مرنداسون ڪيئن يعقوب؟“
”ها، سچو آهين علو، سچو. آئون ڀانيان ٿو ته رمون انهيءَ تلاءَ
کان ڊنو آهي، ته متان پاڻي ڀرجي وري جهوپڙين ۾
هليو اچي مڇرن سوڌو، ڪيئن يعقوب؟“
يعقوب ۽ علو کلڻ لڳن ٿا.
”اڙي رمون بادشاهه آهين، ڪٿان جو ڪٿان وڃي نڪتين. اچي وٺ چانهه.
بس يار پنهنجي پنهنجي سمجهه جي ڳالهه آهي.“ يعقوب
ڪوپ وڌائي رمونءَ کي ڏئي ٿو. يعقوب ريڊئي جو آواز
مٿي ڪري ٿو. ايتري ۾ مائي ساول اچي ٿي.
”ابا ياقب، ٻه حب ته ڏجانءِ تپ جا.“
”اما سائل، ڪيئن چاق آهين نه.“ علو پڇيس ٿو.
”ڪير؟ علڻ پٽ آهين! ابا، شابس اٿئي. نه ڪا خبر ڪا سار لهين ته
جيئرا آهيون، ڪير مري ويا آهيون.“
”امان، هن تي ميار ڪانهي. هي ته آهي ناٽڪي ڦر.“ علوءَ جي پاران
يعقوب جواب ڏئي ٿو.
”ابا ٽانڪي هجي يا ٻاٽڪي، پنهنجن کي ڪو وساريو آهي ڇا؟ مڙهو
بيمار نه هجي ته آئون اچي نڪران ها. مون به چيو ته
علوءَ کي گهڻن ڏينهن کان ڏٺو ڪونه اٿم. خدا ڪري
چاق هجي.“
”چاچا جيئل چاق ڪونهي ڇا؟ اڄ ضرور ايندس پڇڻ.“ علو ڦڪو ٿي چويس
ٿو.
”ابا، اچو نه اچو، شل وڏيون ڄمارون ماڻيو. سدائين خوش هجو. ڳوٺ
کان نڪتا آهيون ته من پنهنجن سان ملڻ لاءِ ماندو
ٿو ٿئي، نه وڪڻي ها وڏيرو زمينون، نه وٺي ها چوڌري
۽ نه ٿيون ها بي گهر. اَلا اَلا“
”توکي ته چوڌري ڪڍيو، پر اسان جا ته وڏيري ئي لاهه ڪڍي ڇڏيا،
امان، گهٻراءِ نه، مولا چڱي ڪندو.“ علو آٿت ڏئيس
ٿو.
”رمون ماٺ ماٺ ۾ پولار ۾ پيو نهاري. اوچتو ڇرڪ ڀريندي چئي ٿو؛
”ها امان، گهٻراءِ نه، انهيءَ تلاءَ کي منهن ڏبو.“
هو ٽئي کلڻ لڳن ٿا. ”يار رمون، سچي تون بادشاهه آهين.“ يعقوب
مرڪي چئيس ٿو.
يعقوب ريڊئي جي سئي ڦيرائي ٿو. آواز پيو اچي. ”جيڪر هيس ڌاري،
مارن تڏهن وساري.“ اوچتو يعقوب گنڀير ٿي علوءَ کي
چوڻ لڳي ٿو؛ ”ها يار،اسين رمونءَ تي کلون ته پيا،
پر چوي ته سچ پيو. پهرين ته مٿان آيل مصيبت کي
منهن ڏيون، پوءِ ٻين ڳالهين کي ڏسبو.“
”ها يار، چوي جيڪر سچ ٿو.“ علوءَ به رمونءَ ڏانهن مڃتا ۾ نهاري
ٿو. ”يار ڏاڍو درد آهي هن پنهور جي آواز ۾ - ”جيڪر
هيس ڌاري، مارن تڏهن وساري.“ هو ٻول ورجائڻ لڳي
ٿو. ”ها يار، پنهنجي پٽ ۾ پاڻ ڌاريا آهيون، تڏهن
ته وسارجي ويا آهيون!“
ٻار وري گهٽيءَ ۾ نڪري اچن ٿا. ”رمون چريو، رمون چريو“ جا آواز
اچڻ لڳن ٿا. ٻارن کي سچي رونشو لڳو آهي. ڪجهه
ڏينهن اڳي اهو ساڳيو رمون چاق چڱو ڀلو هو. مزوري
ڪرڻ ويندو هو، پوءِ الائي ويٺي ڇا ٿيس، جو اڌ چريو
ٿي پيو. پهرين بڪ بڪ ڪرڻ لڳو اجائي سجائي، پوءِ
هوريان هوريان ماٺ ٿيندو ويو ۽ ٻارن کي به وندر
ملي ويئي. غريب ٻار ٻيو ڪن به ڇا؟ نه اسڪول نه
ميدان، نه باغ، نه راند روند، نه ڪم نه ڪار. اهي
ئي رستن تي ڌڪا ٿاٻا، هوٻيا ۽ هوڪرا. اڄ رمون ور
چڙهي وين ۽ کيس چيڙائڻ لڳا؛ ”رمون چريو – رمون
چريو.“
”اڙي نڀاڳا وڃو نه ٿا گهر، ڇو اچي مٿو کاڌو اٿو. يعقوب کين
ڇڙٻيو ۽ ڀرسان پيل ڪاٺي کڻي مٿن الريو. ٻار شايد
ان ردعمل لاءِ تيار به هئا. ٿورو هيسجي ويا. علوءَ
به پادر لاهي ڏانهن اڇليو ۽ ٻار ٽڙي پکڙي ويا.
”اها سڄي حرامپائي انهيءَ ولڻ جي پٽ جي اٿئي. پاڻ به کيچل ڪري ۽
ٻي لوڌ به وٺيو اچي.“ يعقوب ريڊئي جي سئي
ڦيرائيندي چيو.
”ها پاڻ مري ويو، پويان هن چٺ کي ڇڏي ويو.“
”سچ پڇين ته آهيون اسين به چٺ.“ علو چوي ٿو. ”اصل وڏي چٺ!“
رمون وري اچي انهيءَ تلاءُ جي ڪپ تي ويهي رهيو. گٽر هاڻي سڄو
تلاءُ ۾ پئجي رهيو هو. هو ويٺو رهيو. بيٺي ڪلاڪ
گذري ويا. ماڻهو پي آيا ويا. ٻار ته هيسجي اهڙا
ڊنا هئا، جو الائي ڪيڏانهن گم ٿي ويا هئا. رمون به
چپ ويٺو هو. ته ڪنهن پڇيس ته ڇو هو اتي ويٺو هو ۽
نه ئي هن ڪنهن سان ڳالهايو- اصل ٻيڙي به نه گهري.
بس رڳو ڪيڏي ڪيڏي مهل رکيو پٿر پي تلاءُ ۾
اڇليائين. ننڍيون لهرون پيدا ٿيو، کن ۾ گم ٿي ٿي
ويون.
ماستر کي لنگهندي الائي ڪيئن ڪهل اچي ويئي. رمونءَ کي ڏسي چوڻ
لڳو، ”رمون، حق تي چريو ٿا چونئي آئون ڀانيان ٿو
ڪلاڪن کان ويٺو آهين- هاڻي ته سج به لڙڻ وارو
آهي.“
رمونءَ ماستر کي اڻ ٻڌو ڪري وري هڪ پٿر تلاءَ ۾ کڻي اڇلايو ۽
وري لهرون پيدا ٿيون ۽ مڇرن جو ريلو اڏاميو ۽ وري
اچي پاڻيءَ مٿان بيهي رهيو.
”اڙي رمون، توسان پيو ڳالهايان. گونگو ٿي ويو آهين ڇا؟“
”ماستر، ڀلا ٻڌاءِ، جڏهن گهڻو مينهن وسي ٿو، ته پوءِ پاڻي ڇو ٿو
اچي جهوپڙين ۾.“
”ظاهر آهي مينهن وسندو ته پاڻي ضرور ايندو جهوپڙين ۾، ٻيو
ڪيڏانهن ويندو-“
”نه، اهو مينهن وارو پاڻي نه، تلاءُ وارو پاڻي.“
”اڙي، ڀوڪ، جڏهن تلاءُ پاڻيءَ سان ڀرجندو ته ضرور اٿلندو، ڏسين
ڪونه ٿو ته هي گٽر ڪيئن پيو اٿلي. اهو پاڻي به ته
تلاءَ ۾ پوي ٿو.“
”ڀلا جي گٽر هتي نه هجي ته؟“
”پوءِ به تلاءُ اٿلندو پر دير سان. ها جي مينهن نه پوي ته پوءِ
ڪونه اٿلندو. پر گٽر ته بابا سرڪاري آهي- هو انهن
بنگلن جو سڄو گند ڪچرو کڻي اچي ٿو. انهيءَ کي ڪير
بند ڪندو؟“
”اسين بند ڪنداسين.“ رمون جي آواز ۾ هوڏ هئي.
”بابا، اها طاقت اسان ۾ نه آهي. ميونسپالٽيءَ وارو ته پاڻ گٽر
کولڻ ايندا آهن-“ وري سوچيندي چوڻ لڳو، ”ها پر جي
هتي تلاءُ نه هجي، ته گٽر به نه اٿلي.“
”پوءِ ڇا ٿئي!“
پوءِ اهو گٽر جو پاڻي مورڳوئي بنگلن ڏانهن موٽي وڃي هتي روڪ
ٿئيس ته اهي سڀ بنگلا گٽر سان ڀرجي وڃن.“
”سچي!“ رمونءَ جون اکيون چمڪي اٿيون.
”ٻيو ڪوڙ ٿو ڳالهايانءِ؟ ابا، وير چڙهندي آهي ته دريا به ابتو
وهڻ شروع ڪندو آهي، هي ته گٽر آهي.“
”پوءِ پنهنجن جهوپڙين ۾ مينهن جو پاڻي گهڙي ڪونه ايندو؟“
”نه، بنهن نه.“
پوءِ يعقوب جي مانڊڻي ڪانه ٻڏندي.“
”نه.“
”پوءِ جيئل جي جهوپڙي ڪانه ڪرندي.“
”نڪو“
”پوءِ پوءِ خدن ۽ علڻ جا ٻار بيمار ڪونه ٿيندا.“
”پوءِ ڇو ٿيندا؟“
”پوءِ پوءِ......“ هو وڌيڪ ڪجهه چئي نه ٿو سگهي.
”پر تلاءَ کي مٽيءَ سان ڀريندو ڪير!“ ماستر رمونءَ کي چوندو،
پائنچا بچائيندو، ناليءَ جي پاسي تان لنگهڻ لڳي
ٿو.
”آئون ڀريندس، ٻيو ڪير“ رمون ڇاتيءَ تي هٿ رکي چوي ٿو.
”ها، ٻيلي تون ئي ڀري سگهين ٿو، ٻئي جي طاقت ناهي. تون ته آهين
بادشاهه ماڻهو.“ ماستر اڳتي هلندي ترسي، هن ڏانهن
نهاريندو، مرڪندو هليو وڃي ٿو.
هو وائڙن وانگر گهٽين مان لنگهندو پيو وتي. پير گپ سان ڀرجي ويا
اٿس. ٻار هاڻي ڊڄي ڇڙوڇڙ ٿي ويا آهن. هو ٻارن کي
ڏسڻ لاءِ واجهائي پيو. جهوتون ڏيندو، هڪ جهوپڙيءَ
کان ٻي جهوپڙيءَ تائين هلندو پيو وتي. هڪ هيسايل
ٻار ڳوڻ جي ٽپڙي کڻي کيس ڏسڻ لڳي ٿو. رمون بيهي
رهي ٿو. ٻار ڪجهه نه ٿو چئيس.
”ها چئه ته رمون چريو- چئه چئه.“ ٻار تهائين ڊڄي وڃي ٿو ۽ منهن
ٽپڙيءَ جي اندر ڪريو ٿو ڇڏي.
هو اتان وري اڳتي هلي ٿو، پري کان هڪ ٻار ٻيو نظر اچيس ٿو، جيڪو
وکر وٺيو گهر پيو وڃي.
”ها بابلا، آئون آهيان رمون- رمون چريو-“ ٻار تپرس ۾ ڏانهنس
نهاري ٿو. لڳيس ٿو رمون سچ پچ چريو آهي، يا مار
کائڻ لاءِ هشيون پيو ڏئيس؛ پر ٻار مرڳوئي هن کي
ڏسي، ڊوڙي ڀڄي وڃي ٿو. رمون اتان هوريان هوريان
هلندو اچي جيئل جي گهر پهچي ٿو، ڄڻڪ آخري داءُ
هڻندو هجي.
”ابا کمن، آهي ڪو گهر ۾؟“
کمن سڏ تي ڊوڙندو ٿو اچيس، پر اوچتو هن تي نظر پوندي ئي ڄڻڪ
بريڪ لڳي ٿو وڃيس.
”اڙي بابا، ڊڄ نه- آئون آهيان رمون- رمون چريو. مون کي
چيڙائيندو ڪونه چريو چريو ڪري. پٿر به نه هڻندو
ڇا؟“ کمن پهرين ته تپرس جي لکا ڏئي ٿو. پوءِ همت
ڪري ڳالهائڻ لڳي ٿو: ”تنهنجي مرضي آهي ته آئون
پادر کاوان، لٺيون لڳن ۽ بابا الڳ ابتو ٽنگيم.“
”اڙي نه نه، هاڻي حرام جو توهان جي دانهن ڏيان. تون ڀلي ٻين کي
سڏي آ، سڀئي پٿر هڻو، اصل وڏا، پر هتي نه – هتي
علوءَ وارا ڏسندو ته کل لاهي ڇڏيندو، آئون هيئن ٿو
ڪريان جو تلاءَ جي ٻيءَ ڀر ٿو بيهان، هان- پوءِ
توهان ناليءَ تان بيهي مون کي پٿر هڻو، ڀتر هڻو،
سمجهيو!“ ائين چئي هو تلاءُ ڏانهن وڃڻ لڳي ٿو.
هو يعقوب جي مانڊڻيءَ تي اچي ٿو. ڪئيسيٽ جو آواز ڪن پيو ڦاڙي.
”جنم جنم تيرا ساٿ رهي گا.“ يعقوب ۽ ستار ملو پاڻ
۾ ڳنڍيا پيا آهن.
”آئون چوان ٿو ته هڪڙو ته صبح کان وٺي رات تائين گانا هلايو،
ٻيو وري ڪوڙي ڪافرن جي جنب جنب جي بڪواس.“
”هي ڪافرن جي ڪانهي پاڪستاني آهي!“
”وري مٿان ڪوڙ، هندوستاني لڳائي چئين ٿو ته پاڪستاني آهي!“
”پڇي ڏس ڪنهن کان به!“
مانڊڻي جي چوڌاري بيٺل ماڻهو“ ملان ستار ۽ يعقوب جي ڏي وٺ مان
ماٺ ڪريو مزو وٺي رهيا آهن. هونئن به ملان سدائين
ڪنهن نه ڪنهن سان ڳنڍيو پيو هوندو هو.
يعقوب جي پڇڻ تي ماڻهن هائوڪار ڪئي، ته ملان زمين تي پير زور
زور سان هڻندو، بڙ بڙ ڪندو هليو ويو.
رمون سرندو سرندو يعقوب جي ڀرسان اچي بيٺو.
”ڏي مون وارا سڀ پئسا.“ رمون اوچتو رڙ ڪئي.
”سڀئي؟“
”ها، سڀئي ۽ هينئر جو هينئر.“ رمونءَ وري حڪم واري انداز ۾ چيو.
”اڙي رمون چريا، هينئر ته سڀ ڪونهن.“
”سڀ ڪونهن ته، ڀلا پنج کن ته ڏي.“
يعقوب جند ڇڏائڻ لاءِ سڀ پئسا ميڙي، پنج ڳڻي ڏئيس ٿو.
رمون پئسا وٺي وري يعقوب کي ورائي ڏئي ٿو.
”هان هي وٺ پنج رپيا ۽ ڏي مون کي پنجن رپين جا بسڪوٽ ۽ کٽمٺڙا
پڙو ٻڌي ڏي سمجهيئه.“
”ڇو ڇا ڪندي ماني ڪري کائيندين ڇا!“
”منهنجي مرضي.“
يعقوب بسڪوٽ ۽ کٽمٺڙا برنين مان ڪڍي پڙو ٻڌي ٿو ڏئيس ۽ رمون
وٺنديئي هلڻ لڳي ٿو.
”ڏٺئو رمونءَ کي- مڙس سڌو سنئون چوي نه ٿو ته پنجين رپين جو مال
کپي- پهرين پنج رپيا پنهنجا وٺي ٿو ۽ وري پوءِ
ورائي ڏي ٿو.“
رمونءَ جي ڪن تي يعقوب جو آواز پئي ٿو ۽ اوچتو بيهي ٿو
رهي.”پئسا هوندي سوندي ائين ڇو وٺان شيون توکان،
تنهنجي مرضي آهي ته ماڻهو سمجهن ته خيرات پيو
وٺان“ ماڻهو سڀ کلڻ لڳن ٿا ۽ يعقوب به مرڪي ٿو ڏي.
رمون کٽمٺڙن جو پڙو کنيو اچيو جهوپڙين جي گهٽين ۾ نڪري ٻار پتي
راند پيا ڪن.
”ٻارو هي ڏسو کٽمٺڙا ۽ بسڪوٽ.“ ٻار راند ڇڏي هن ڏانهن ڊوڙڻ لڳن
ٿا.
”نه نه، ائين نه ملندو ڇورا. پهرين مون کي پٿر هڻو ته پوءِ.“
ٻار تپرس وچان کيس ڏسڻ لڳن ٿا.
”ٻارو آئون ٿو تلاءَ جي ٻي ڀر بيهان، توهان اچي مون کي جيڪي
وڻيو سو هڻو، جنهن جو نشانو لڳندو، انهيءَ کي هڪ
هڪ کٽمٺڙو انعام ۾ ملندو. ائين چئي هو ڀڄڻ لڳي ٿو
۽ ٻار هن جي پويان ڊوڙڻ لڳن ٿا.
هو گپ مان ترڪندو، ڪنيون ناليون ٽپندو، ماڻهن سان ٽڪرائيندو،
ڊوڙندو ٿو وڃي ۽ ٻيا ”هو هو“ ڪندا، سندس پويان
ڀڄندا ٿا وڃن. رولو ڪتا به رونشي ۾ شامل ٿيندا
ٻارن سان گڏ ڊوڙڻ لڳن ٿا. لنگهندڙ ماڻهو اچرج سان
هنن کي ڏسڻ لڳن ٿا. هو گٽر تان سرن واري واٽ ڏيو
ريل جي پٽن واري پاسي کان ٿيندو، تلاءَ جي ٻي ڀر
وڃڻ لڳي ٿو. ٻار پويان اٿس- پاڻ اوچتو بيهي رهي ٿو
۽ هٿ جي اشاري سان ٻارن کي روڪيندو چوڻ لڳي ٿو.
”بابا اها ڪار ڪانهي- توهان گٽر وٽ بيهو مٿاهان ٿيندو ۽ آئون
ٻئي پاسي ٿو بيهان، جنهن جو نشانو لڳي اهو اچي
کٽمٺڙو وٺي وڃي.“
”۽ بسڪوٽ؟“ هڪ ٻار پڇيس ٿو.
”پوءِ اها توهان جي مرضي، وڻيوَ بسڪوٽ وٺو، وڻيوَ ته کٽمٺڙو-
بس.“
ٻار اوسي پاسي کان پٿر کڻي هن کي هڻڻ لڳن ٿا، ڪي پٿر هن تائين
پهچي نه ٿا سگهن ۽ پاڻي ۾ لهرون پيدا ٿي وري گم ٿي
وڃن ٿيون، هڪڙو پٿر هن کي پيرن ۾ اچي لڳي ٿو.
”ڌوپار“ هڪ ٻار رڙ ڪري ٿو- عارب ڊوڙندو هن وٽ اچي ٿو ۽ کٽمٺڙو
وٺي وڃي ٿو.
هڪ ٻار کي کٽمٺڙي ملڻ سان ٻارن ۾ تهائين جوش اچي وڃي ٿو.
”تلاءَ جي ڀروارا پٿر کٽي ٿا وڃن، ٻار ٿورو پريان وڃي پٿر چونڊڻ
ٿا لڳن. هڪ ٻار ريل جي پٽي ڏانهن اچي پٿر کڻڻ لڳو.
”متان اهي کنيا اٿو؟ ريل ڪيرائيندو ڇا- اڙي پري ٿي اتان- اهي
پٿر ڪار ڪونهن- اهي لڳا ته به ڪجهه نه ملندو؛
بابا، ٻيو جتان آڻيو هر وٿ ڪار آهي- ٺڪر، دٻا،
شيشا، گند، ڪچرو جيڪو وڻيوَ سو آڻيو بس، توهان
لاءِ سولائي ڪري ڇڏيم-“
هڪ پٿر اوچتو هن کي لوندڙي وارو لڳي ٿو ۽ رت وهڻ لڳي ٿو. ٻار
هيسجي بيهي ٿا رهن.
”پرواهه نه ڪر- اچ خميسا اچ. پنهنجو کٽمٺڙو وٺي وڃ- واهه جو
چيٽو آهين!“
هڪ ريل گاڏي انهيءَ وچ ۾ اچي بيهي ٿي، شايد سگنل نه مليو اٿس.
اتي گهڻو ڪري گاڏيون اچي بيهنديون آهن- ماڻهو درين
مان ليئا پائي ڏسڻ ٿا لڳن.
هي عجيب قسم جي راند ڏسي انهن کي الائي ڇا ٿو ٿي وڃي. رمون چرئي
کي ڏسي هو به رونشي مان درين مان ڪيلن جون کلون ۽
ٻيو گند ڪچرو ڏانهس اڇلائڻ ٿا لڳن. عجيب نظارو ٿو
لڳي، ڄڻڪ سڄي خلق چري ٿي پئي هجي. ريل جو هارن وڄي
ٿو ۽ ٽرين هلڻ لڳي ٿي ۽ جيڪو گاڏو رمونءَ جي ڀرسان
لنگهڻ لڳي ٿو، ان مان گندو ڪچرو رمونءَ ڏانهن
اڏامندو اچي ٿو ۽ رمون ويتر کلڻ لڳي ٿو. ريل جي
درين مان ماڻهو رمونءَ کي ائين کلندو ڏسي، رونشي ۾
کلڻ لڳن ٿا. ”هو هو“ جا آواز ڪندا وڃن ٿا.
سج لڙي هيڊو ٿي چڪو آهي. اتر جي هوا ۾ ٿڌ وڌي ويئي آهي- ٻار ٿڌ
هوندي به پگهريل آهن، ته به ڪٿان نه ڪٿان ڪانه ڪا
شيءِ کنيو اچيو هن ڏانهن اڇلائين.
”نه رمون! هاڻي راند بس ڪر! توکي ته ڪجهه لڳي ئي ڪونه ٿو.“ هڪ
ٻار چويس ٿو. ٻار ٿڪجي پيا آهن.
”چڱو ٻارو، ترسو، آئون اچان ٿو. هو مٿي اچي ٿو. ٻار رمونءَ جي
حالت ڏسي ڊڄي ٿا وڃن. گند سان ڀريل، منهن مان به
ٻن ٽن هنڌان رت وهندڙ، لوندڙي وٽ رت ڄميل، عجيب
ڀوائتي شڪل.
ٻار هيسجي وڃن ٿا.
”ٻارو ڊڄو نه – اچي، هاڻي هي بچيل مال اوهان کي ورهائي ٿو ڏيان.
اچي وٺو- هان خميسا هي ٻه کٽمٺڙا، عارب توکي بسڪوٽ
ٿا وڻن؛ وٺ هي بسڪوٽ ۽ ڪيڏانهن ويو عارب، اچي عارب
تولاءِ ۽ هي وٺ ڙي تون ۽ هاڻي هي توکي-“ هو ٻارن
کي بچيل مال ورهائي ڏيڻ لڳي ٿو.
سج هاڻي لڙي چڪو آهي. سنجها جي مهل جي اوندهه هوريان هوريان وڌي
رهي آهي، تلاءَ جي ڪني پاڻيءَ جو رنگ، مٿان وهندڙ
گٽر جي پاڻيءَ جو رنگ، جهوپڙين ۽ بنگلن تي ڇائيندڙ
اونداهه جو رنگ هڪ ٿيندو وڃي. جهوپڙين ۾ دونهيون
دکڻ لڳن ٿيون، پريان بنگلن ۾ بتيون ٻرڻ شروع ٿي
ويئون آهن.
رمون گٽر جي مٿان ائين بيٺو آهي، ڄڻڪ ڪو وڏو ڪم ڪيو اٿس. ماڻهو
ڪم تان موٽڻ لڳا آهن. پريان خدن پيو اچي. خدن
رمونءَ کي ڏسي ڇرڪي وڃي ٿو؛
”اڙي ڇا ٿيو اٿئي؟ لڦيو پيو آهين، وري انهن ڇورن.....“
”خدن، ڏس تلاءُ ڀريو آهي نه.....“ هو خدن جي ڳالهه ڪٽيندي چئي
ٿو.
”ها، پاڻي پوندس ته ڇو ڪين ڀرجندو!“
”اڙي پاڻيءَ سان نه، اڄ اسان تلاءَ کي لٽڻ شروع ڪيو آهي. ڏسين
ڪونه ٿو. اسان هن گندي تلاءَ کي گند سان ڀري ڇڏيو
آهي.“
خدن غور سان هن ڏانهن ڏسي ٿو. هن کي ٻيو ته ڪجهه نظر نه ٿو اچي
پر ڪجهه نارنگين جون کلون، ڪجهه ڪاڳر ۽ دفترين جا
ٽڪرا ٽرندا نظر ٿا اچن.
”رمون، ائين ٿو لڳي، تون هاڻي سچ مڃائي چريو ٿي ويو آهين.“
ساجن به اچي پهتو آهي. هو به رمونءَ کي ڏسي ڇرڪي وڃي ٿو.
”ساجن! رمونءَ جون ڳالهيون ٻڌيون اٿئي. مڙس تلاءَ کي ٿو ڀري سو
گند ڪچرو ميڙيون ان ۾ پيو وجهي.“
ساجن ڪڇي ڪونه ٿو ۽ رمونءَ ڏانهن نهاريندو رهي ٿو. ڳالهين
ڳالهين ۾ ماستر ۽ علو به اچي پهچن ٿا. رمون فخر
سان هنن ڏانهن نهاري ٿو.
”اڄ انهن ڇورن کي پادر هڻڻا پوندا. ماستر تون اها ڍرائي نه ڪر،
ڇورا سڀ کري ويا آهن. اڙي رمون! هڪڙو اڳي ئي ڌپ،
منهن ته ڌوئي ڇڏ.“ خدن وري کين سڄي ڳالهه ٻڌائڻ
لڳي ٿو.
”چئبو ته رمون تلاءَ کي لٽيندو!“ سڀ کلڻ لڳن ٿا. رمون سندن کلڻ
تي ڪاوڙجڻ لڳي ٿو.
”ڇو نه ڀربو تلاءُ؟ آئون ان کي ڀريندس، ڀلي اوهان مدد نه ڪريو.
اهو گٽر ابتو نه وهايم، ته پوءِ پيءُ جو پٽ
ناهيان!“
”اڙي بابا رمون، ائين ڪيئن تلاءُ ڀربو.“ ماستر سمجهائيندي چويس
ٿو.
”ڏسجو، ڪيئن نه ٿو اها کڏ هتان گم ڪريان توهان ته پيا روز هتان
لنگهو، ڏسجو.“
”اچي وٺ، هي هي تنهنجو وزم.“ خدن سگريٽ ڏئيس ٿو.
”۽ مون به تولاءِ آندو آهي. اڄ اهڙي دعا ڪيئي، جو واهه جي مزوري
لڳي.“ رمون هنن جي هٿن مان وزم پاڻي وٺيو، اهي به
تلاءُ ۾ اڇلائي ٿو.
”اڙي هي ڇا ڪيئي!“ علو رڙ ڪري ٿو.
”سڀ ڪجهه هن تلاءَ ۾ وجهو. ٺڪر، ٺوٻر، ڀتر، مٽي، واري، بجري
آئون مري وڃان ته منهنجو لاش به کڏ ۾ اڇلائجو.
ائين چئي هو پنهنجي اوسي پاسي کان، جيڪي هٿ لڳيس
ٿو، اهو کڻي تلاءَ ڏانهن اڇلائڻ لڳي ٿو. هو سڀ
اچرج مان کيس تڪڻ لڳن ٿا.
انهيءَ ڏينهن کان وٺي رمون اوسي پاسي کان ته ٺهيو پر شهر مان
گند ڪچرو کڻي اچي تلاءَ ۾ وجهڻ شروع ڪيو آهي. هاڻي
کيس نه رڳو ٻار پر هر ڪو کيس رمون چريو چوڻ لڳو
آهي.
پهرين ته کيس رڳو پنهنجا سڃاڻندا هئا پر هاڻي شهر ۾ به کيس هر
ڪو سڃاڻڻ لڳو آهي. کيس ردي ۽ بيڪار شيءِ جتان به
ملي ٿي اها کڻيو، ٻڌيو، گهليو اچيو تلاءَ ۾ ڇڏي پر
تلاءُ هڪ جهوني کڏ آهي اڃا ڀرجي نه سگهي آهي.
رات وري ڏاڍو مينهن پيو آهي. ماڻهن رات جاڳي گذاري آهي پر پاڻي
جهوپڙين ۾ گهڙڻ بدران پٺتي تلاءَ ڏي وڃي رهيو آهي!
صبح جو ماڻهو پنهنجون جهوپڙيون ڀونگيون، ٽڪرا ٽپڙيون لڳائي
بلائتيون پيا ڪن. هي پهريون ڀيرو آهي جو پاڻي جي
ايڪڙ ٻيڪڙ دٻن کان سواءِ پاڻي ڪٿي به بيٺل نظر نه
ٿو اچي.
ماڻهو هوريان هوريان تلاءَ جي چوڌاري جمع ٿيندا ٿا وڃن. تلاءُ
ٽمٽار لڳو پيو آهي ۽ تلاءُ جو ڪنو پاڻي گٽر ۾ پئجي
انکي ابتو وهائي رهيو آهي پريان بنگلن ڏانهن.
تلاءُ جي بچيل سچيل مٿاڇري پاڻيءَ ۾ ٻوڙن جي پويان رمونءَ جو
لاش لڌو آهي. لڳي ٿو هن سڄي رات ويهي تلاءُ کي
لَٽيو آهي. هر ڪنهن جي اکين ۾ ڳوڙها آهن.
آڪاس تي اڃا ڪارا ڪڪر ڇانيل آهن پر هاڻي ڪنهن کي مينهن جو ڊپ
هراس ڪونهي. |