سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: رهيل قرض

باب: --

صفحو :3

 

ڀاڳ – نڀاڳ

آئون هڪ امير ماڻهو آهيان، زميندار به اهيان ته وڏيرو به، اسيمبليءَ جو ميمبر به چونڊيو آهيان. شوقين به آهيان ته عياش به. ”ٽنهي“ قسمن جو شڪاري آهيان. جانورن جو، ماڻهن جو ۽ زائفائن جو. لکن جا قرض اٿم ته ڪارخاني جا ”ليسن“ به اٿم، جي هر مند ۾ وڪڻيو لک ڪمايو وٺان. مطلب ته مون ۾ ڪا اهڙي عادت ڪانهي، جا هڪ سنڌي زميندار ۾ نه هجي. پر تڏهن به مان هڪ عام زميندار وانگر نه آهيان. مون ۾ ۽ هنن ۾ رڳو هڪڙو فرق آهي. مون کي سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي مسئلن جي ٿوري گهڻي پروڙ آهي ۽ دل ۾ احساس به اٿم ته سنڌ تي ڏکئي ۾ ڏکي مهل آهي، جي اسان هاڻي اکيون نه پٽيون ۽ ڪجهه به نه ڪيوسين ته اسين فنا ٿي وينداسون. اسان جي ٻولي ۽ ثقافت کي ڌاري ٻولي ۽ ثقافت جي وڏي مڇي ننڍي مڇيءَ وانگر ڳڙڪائي ويندي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو منهنجي پاران ڪم شروع آهي. اڃا ته آئون هڪڙو آهيان، پر يار دوست اٿم مون کان به موچارا، انهن کي به مون تيار ڪرڻ شروع ڪيو آهي. اهي به مون وانگر عياش ۽ خود غرض آهن، رڳو پنهنجي ميمبريءَ جي سيٽ پڪي ڪرڻ ٿا گهرن. باقي مسئلا وڃي پون کڏ ۾. پر ڪهڙا به آهن، آهن ته سنڌي. مون انهن کي سمجهائڻ شروع ڪيو آهي اميد ته هن قصي کي سمجهي ويندا.

مون پنهنجي رٿا پٽاندر ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. اڄ هڪڙي رسالي جي ايڊيٽر کي گهرايو اٿم. هو مون وٽ ڏهين وڳي پهچڻ وارو آهي. مون کي پڪ آهي ته هو پوري مهل تي پهچندو. مهل جي پابندي سڦلتا جي ڪنجي آهي. پهريون ته مون کي مهل جو احساس ئي ڪو نه هوندو هو. ڪنهن کي مهل ڏيندو هوس ته مهل تي پهچڻ ته ٺهيو مرڳو ئي وسري ويندو هو. پر هاڻي مجال آهي جو ائين ٿئي. اهو مون ٻين قومن سان گڏ رهي سکيو آهي.

گهنٽيءَ جو آواز اچي ٿو. شايد هو اچي ويو آهي. نوڪر ايڊيٽر جو نالو وٺي مون کي هن جي اچڻ جو ٻڌائي ٿو ۽ آئون کيس اندر وٺي اچڻ لاءِ چوان ٿو.

اهو ايڊيٽر هڪ سنڌي لکاري آهي. ڪهاڻيون لکندو آهي. چون ٿا ته سٺيون ڪهاڻيون لکندو آهي. مون سندس ايڪڙ ٻيڪڙ ڪهاڻيون پڙهيون آهن. سي به ياد ڪونهن. اسان کي پنهنجون بيڪاريءَ واريون مصروفيتون ايتريون آهن، جو مهل ئي ڪو نه ٿي ملي. بس ايتري سڌ اٿم ته هي ايڊيٽر پڙهيل ڳڙهيل نوجوان آهي. منجهس نه رڳو جوش ۽ جذبو اهي پر ڪم ڪرڻ جي لڳن به اٿس. سنڌي ٻوليءَ جي چاڪري سندس حياتيءَ جو مقصد آهي. جڏهن پهروين ڀيرو مون سان مليو هو ته ڏاڍي عجيب ڳالهه ڪئي هئائين.چيو هئائين؛ ”سنڌي ٻوليءَ جي چاڪري ۾ پنهنجي خودغرضي لڪل آهي. اڄڪلهه جي سنڌي ٻولي غريب آهي ته آئون به غريب آهيان، پر جڏهن سنڌي ٻولي شاهوڪار ٿيندي، ان ۾ هر موضوع تي هزارين ڪتاب نڪرندا ۽ سنڌ جي اسي لک ماڻهن ۾ ڪنهن ڪتاب جون هزار ڪاپيون نه پر لک ڪاپين جو وڪرو ٿيندو، ته پوءِ آئون به امير ٿي ويندس. اها ٻي ڳالهه آهي ته ائين ٿيڻ کان پهرين آئون بکون ڪاٽي مري وڃان.“ سچ ته هو بکون ڪاٽي پنهنجي ٻارن ٻچن کي تڪليف ۾ وجهي رسالي مان ڪمائڻ ته ٺهيو پر مور پئسا ڪڍڻ به وڏي ڳالهه آهي. پر تڏهن به هن کي سٺي مهل جو اوسيئڙو آهي. هو اچي ٿو ۽ آئون اٿي سندس آڌرڀاءُ ڪريان ٿو. آئون هن کي صوفي تي ويهڻ لاءِ چوان ٿو. ڪو وقت هوندو هو ته آئون انهن ساهتيڪارن ۽ شاعرن کي بيڪار نه پر واهيات سمجهندو هوس ۽ سچ ته اهو آهي مون لاءِ تپيدار ۽ صوبيدار ئي سڀ ڪجهه هئا، پر هاڻي اکيون کليون اٿم ۽ احساس ٿيو اٿم ته اسان جي ٻوليءَ ۽ ثقافت جا رکوالا اهي لکاري ۽ فنڪار ئي آهن. اسان ته ميمبري ۽ ليسنن تي سنڌ جا سودا ڪيو وجهون، پر هي مڙس ڦاهيءَ جي تختي تي پهچي به پنهنجي ڳالهه تان نٿا لهن. انهن جي ئي لکڻي آهي جن ملڪ ۾ سجاڳي آندي آهي، اها ئي ڳالهه آهي جو آئون هاڻي انهن جي ايتري عزت ڪريان ٿو ۽ کين اٿي بيهي ملان ٿو.

مان ايڊيٽر سان خير عافيت ڪريان ٿو، هو ڳالهين ڪندي منهنجي اڳيان اخبار کولي ٿو ۽ منهنجو ڌيان اخبار جي هڪ خبر ڏانهن ڇڪائي ٿو. اخبار ۾ انهن ڪتابن جي لسٽ ڇپي آهي، جن کي انعام ڏنا ويا آهن. انهيءَ لسٽ ۾ ڪنهن به سنڌي ڪتاب جو نالو ڪونهي. آئون کانئس پڇان ٿو، ”ڇا سنڌيءَ ۾ ڪو به اهڙو سٺو ڪتاب نه ڇپيو آهي جنهن تي انعام ملي سگهي!“ آئون دل ئي دل ۾ سوچيان ٿو ته سنڌي لکاري ڪو سٺو ڪتاب ته لکي نه ٿا سگهن باقي هر ڪو ادب جي چاڪري ڪرڻ تي سندرو ٻڌو بيٺو آهي، ۽ شڪايتون تنهن کانسواءِ پيا ڪن.

”نه سائين، اها ڳالهه ڪانهي. پر سنڌي ڪتابن تي انعام رکيل ئي ڪونهي.“ هو چوي ٿو.

اهو ٻڌي مان اچرج ۾ پئجي وڃان ٿو ته، نه رڳو سنڌي لکارين جي باري ۾ غلط تاثر قائم ڪرڻ تي دل ئي دل ۾ ڦڪو ٿيان ٿو. پر سنڌي سياستدان جي حيثيت سان اِها به خبر ڪانه اٿم ته سنڌي ڪتابن تي انعام ئي ڪو نه ڏين.

”ائين ته نالي ماتر سرڪار لاچار ٿي انعام ڏيڻ شروع ڪيو آهي، پر ڪمال آهي ته بئنڪن ۽ ڪارخانيدارن به انعام ورهائڻ شروع ڪيا آهن، پر سنڌي ٻوليءَ کي انهن به نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي.“ هو وضاحت ڪندي پنهنجي ڳالهائڻ جو سلسلو جاري رکي ٿو. ”بئنڪن ۽ ڪارخانيدارن کان سنڌي ڪتابن کي انعام ڏيارڻ ڪا ڏکي ڳالهه ڪانهي اسان جي شاهوڪار سنڌين جا انهن بئنڪن ۾ اڪائونٽ آهن. هو بئنڪ وارن تي زور آڻي انعام ڏياري سگهن ٿا، ۽ جي بئنڪ وارا ننهڪار ڪن ته مهم هلائي سنڌين جا انهن بئنڪن مان اڪائونٽ ڪڍرائي ڇڏجن. پوءِ ڏسو ته ڪيئن ٿا بئنڪ وارا به سنڌي ڪتابن کي انعام ڏين،“

”پر ڪارخانيدارن جو ڇا ٿيندو؟“

”ڪارخانيدار به سڌا ٿي ويندا. هڪڙو ڪارخانيدار جيڪو ڪتابن تي انعام ڏئي ٿو، تنهن جو ڪپڙو سنڌ ۾ به گهڻو وڪامي ٿو، سندس هڪ ويمو ڪمپني به آهي. اسين اهو ڪپرو وٺڻ ڇڏي ڏيون ۽ ويمي ڪمپنيءَ کان ويما به نه ڪرايون ته ڏسون ته ڪيئن نه پوءِ هو به سنڌي ڪتابن تي انعام ٿو ڏي.“

آئون سندس اهي ڳالهيون ٻڌي حيران ٿيان ٿو. مون کي به جوش اچي ٿو وڃي ”ڇا اسين سنڌي اهڙا ويل آهيون، جو پنهنجي ٻوليءَ کي ائين وساري ويٺا آهيون.“ آئون اهو سوچيندي کيس چوان ٿو ”ٻڌو، جيسين اسين اها مهم هلايون ۽ سنڌي ڪتابن کي سندن جائز حق وٺي ڏيون، تيسين توهان منهنجي پاران انعام جو اعلان ڪري ڇڏيو. آئون في الحال پنهنجي پاران هزار ٻه هر سال هڪ بهترين سنڌي ڪتاب تي ڏيندس توهان ڳڻتي نه ڪريو، ٻه ٽي دوست ٻيا گڏجيا ويا ته انعام ڏهن هزارن تائين به ڪري ڇڏينداسون.

هن جو منهن اهو ٻڌي ٻهڪڻ لڳي ٿو ۽ خوشي ضبط ڪندي چوي ٿو، ”ته سائين، پوءِ هيئن ڪريو، ٻه هزار هڪ ڪتاب تي ڏيڻ بدران، هڪ هزار بهترين رچنائي ڪتاب ۽ هڪ هزار بهترين کوجنائي ڪتاب کي ڏيو. ۽ پوءِ جڏهن ڏهه هزار انعام ڪري سگهو، ته پوءِ اهي پنجين پنجين هزارين جا انعام ڪري ڇڏجو.“

هو بي انت خوش نظر اچي رهيو اهي. پاڻ به لکاري آهي، شايد کيس ئي انعام جي آس هجي. مون کي هڪڙو ويچار اچي ٿو ۽ پڇي ٿو ويهانس ”اوهان به ته ليکاري آهيو، ٿي سگهي ٿو هن سال اوهان جي ئي ڪتاب تي انعام ملي، جي هن سال نه ته ايندڙ سال ئي سهي، ڪيئن؟” منهنجي لهجي جي ٽوڪ کي هو سمجهي ٿو وٺي.

”نه سائين هينئر ته مون کي اها به سار نه رهي هئي ته آئون به ڪو ليکاري آهيان. مون کي انعام جي لالچ ڪانهي. جيڪڏهن اوهان اهي انعام سچي پچي ڏيڻ لاءِ تيار آهيو ته آئون اوهان کي لکي ٿو ڏيان ته جيستائين آئون جيئرو هوندس، تيستائين آئون انعام ڪو نه وٺندس، توهان پنهنجو وچن پاڙجو، آئون پنهنجو!“

آئون اها وراڻي ٻڌي حيران ٿيان ٿو. ڇا هي سچي پچي ايڏو خود غرض آهي. آئون سوچڻ لڳان ٿو. ”مون کي ته هميشه ڪو به ڪم ڪرڻ مهل پنهنجو مفاد آڏو رهيو آهي، پر هي شخص رڳو انهيءَ ۾ خوش آهي ته ڀلي ٻين لکارين کي فائدو ملي، سچ ته هي عجيب شخص آهي.“

ڪجهه دير سانت رهي ٿي. آئون مطلب جي ڳالهه تي اچي، نه رڳو سانت پر هن جو تجسس به ٽوڙيان ٿو. “اوهان حساب لڳايو، پريس تي گهڻو خرچ ايندو؟“

هو هڪدم پنهنجو بريف ڪيس کولي، ڪي ڪاڳر ڪڍي مون ڏانهن وڌائي ٿو. آئون ڪاڳر وٺڻ بدران ئي کيس چوان ٿو ته ”توهان ئي ٻڌايو ڪل ڪيترو خرچ ايندو؟“

”هڪ ننڍي پريس لڳائڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ڏهه هزار کپن.“

ايتري ۾ نوڪر چانهه کڻي اچي ٿو ۽ اسان جي ڳالهائڻ جو سلسلو ٽٽي پوي ٿو. آئون اٿان ٿو ۽ ميز تان چيڪ بڪ کڻان ٿو ۽ کيس رقم لکي ڏيان ٿو. هو چيڪ وٺي ٿو ۽ هن جا هٿ ڏڪڻ لڳن ٿا، ۽ هو هڪڙو ڀيرو رقم پڙهي ٿو، هن کي ويساهه ئي نه ٿو اچي ته ڪو سنڌي وڏيرو، اهڙي ڪم لاءِ ڏهه هزار رپيا ڏئي سگهي ٿو. هو ايترو ته حيران آهي، جو ڪجهه ٻول هن جي چپن تي اچي موٽي وڃن ٿا، وري همت ڪري ڳالهائڻ جي جاکوڙ ڪري ٿو. ”سائين هي، هي سڀ رپيا پريس لاءِ ٿا ڏيو!“ هو مَس مَس جملو پورو ڪري ٿو.

آئون سندس گهٻراهٽ ڏسي لطف اندزو ٿو ٿيان. ”ها توهان پريس هڻو، رسالا ڪڍو، ڪتاب ڇپرايو، منهنجو پريس سان ڪو لاڳاپو نه هوندو. جي توهان پنهنجي مقصد ۾ سڦل ٿيا ته مون کي خوشي ٿيندي پر هڪڙي ڳالهه ٻڌ. جڏهن سنڌي ماڻهن کي پڙهڻ جو چاهه ڪونهي ته اوهان سنڌي ڪتاب ۽ رسالا وڪڻدو ڪيئن، فائدو ڪيئن ڪمائيندا؟“

هو مرڪ آڻيندي چئي ٿو. ”سائين معاف ڪجو، آئون اوهان جي راءِ سان سهمت ناهيان. اوهان جي راءِ صحيح ڪانهي. اسان سنڌي پڙهندڙن کي ڏنو ئي ڇا آهي. هڪ ٻه سرڪاري رسالا، ٽي چار پارٽي بازيءَ جون شڪار اخبارون، ۽ سال ۾ اٺ ڏهه ڪتاب، ٻيو ڇا؟ اسان پڙهندڙن کي پنهنجي پسند پٽاندڙ ڪتابن چونڊڻ جو وجهه ئي ڪٿي ڏنو اهي. اسين ته هڪ رسالو ۽ ٻه ڪتاب ڪڍي چئون ٿا، ٻيلي سنڌي ۾ اٿو سو زوريءَ وٺو، وڻيوَ نه وڻيوَ. اسان جو سرندي وارو طبقو ڪتاب وٺي ڪونه، غريب طبقي وٽ ايترو پئسو ڪونهي جو بيڪار اخبارون ۽ رسالا وٺي. سائين توهان ئي ٻڌايو ته هو سنڌي اخبار جي قيمت ۾ ٻي ٻوليءَ جي اخبار ڇو نه وٺي، جنهن ۾ گهڻيون خبرون، تصويرون ۽ دلچسپ ڳالهيون هونديون آهن. پر جي هو سنڌي اخبار وٺي ته هن کي رڳو هڪ ٻئي لاءِ ڇپيل گاريون ٿيون نظر اچن. خبرون اڌوگابريون، مضمونن ۾ رڳو سکڻن ٻولن جو ذخيرو، سنڌ جي مسئلن ڏانهن ڌيان ئي نه، هاڻي سائين، اوهان ٻڌايو ته هڪ غريب سنڌي جيڪو رڳو هڪ اخبار وٺڻ جي حيثيت رکي ٿو، هو سنڌي اخبار ڇو وٺي. اهان قرباني به غريب ڇو ڏي؟ اوهان ته سنڌي ۽ ٻيون اخبارون به وٺي سگهو ٿا ۽ ائين تسڪين حاصل ڪريو ٿا، پر هو غريب پندرهن منٽن ۾ سڄي اخبار پڙهي پوءِ ڇا ڪري؟ ۽ رسالا به ائين آهن، هڪ سرڪاري رسالو ٿلهو موچارو نڪري ٿو پر مجال اهي جو وقت تي نڪري. باقي ٻيا پنهنجي سر ڪتابي سلسلا ڪڍيو، مڙيئي پيا چاڪري ڪن. اتي به اها ساڳي اخبار واري ڪيفيت آهي. ٻين ٻولين جا رسالا سستا، سهڻا، باتصوير، وقت تي نڪرن ۽ اسان جا رسالا خشڪ، مهانگا ۽ بي وقت نڪرن.، پوءِ ڀلا ڪٿان وڪرو ٿيندو؟ تنهن کان سواءِ پڙهڻ به هڪڙي هير آهي، جڏهن عام سنڌي پڙهندڙ ٻين ٻولين جا رسالا پڙهي ٿو ته هن کي انهن جي هير ٿيو وڃي ۽ اهو پڙهندڙ، اسين سنڌي ڪتابن واران هميشه لاءِ وڃا ٿا ڇڏيون. اها ئي ڳالهه آهي جو رسالن ۽ اخبارن جي سرڪيوليشن وڌڻ بدران گهٽبي ٿي وڃي. اسان کي پهرين مارڪيٽ ۾ هر موضوع تي سنڌي ڪتابن جو ذخيرو آڻڻ گهرجي، پڙهندڙ کي پنهنجي پسند جي چونڊ ڪرڻ ڏجي، ايئن هن کي سنڌي پڙهڻ جو هيراڪ بڻائجي پوءِ ڏسو ته ڪيئن نه ٿا سنڌي ڪتاب ۽ اخبارون وڪامن. هو مسلسل ڳالهائي رهيو هو ۽ آئون هن جون ڳالهيون ٻڌي رهيو هوس. هن جون اهي ئي نه ڳالهيون هيون، جن مون تي ايڏو اثر ڪيو هو ۽ آئون هن کان انهيءَ ڪري متاثر هوس ته هن وٽ ڪيتريون نه نهريون دليون ۽ رٿون هيون ۽ آئون هن کي چئي ويٺس”هي پريس اوهان لڳايو، سڦل ٿيا ته آئون اوهان کي اڳتي به مدد ڪندس، ته جيئن اوهان سنڌي ۾ هو ڪجهه پيش ڪريو، جنهن سان سنڌي ٻولي وڌي ۽ ويجهي ۽ جڳ جي ڪنهن به ترقي يافته ٻولي سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهي.“

هو وڃي ٿو ۽ آئون پاڻ کي ڪجهه هلڪو ٿو محسوس ڪريان، ايئن ٿو لڳي ته مون تي ڪو بار هو، جو لهي ويو، ڏهه هزار مون وٽ ته ڪجهه به حيثيت ڪونه ٿا رکن. رڳو گذريل اربع تي، يارنهن هزار ته ريس ۾ ئي هارائي آيو هوس. ڊپٽي ڪمشنر جي ڌيءَ جي شادي ۾ ٻارنهن هزارن جا زيور سوکڙي ۾ ڏنا هئم. اهي ڏهه هزار ته رڳو هڪ ئي رات ۾ اڏائي ڇڏيندو آهيان. مون کي سار آهي ته گذريل سال هڪ اداڪارڻ تي جڏهن پنڌرنهن هزار رپيا خرچ ڪيم. تڏهن وڃي هن مس مس هڪ رات مون سان گذاري.

آئون واچ تي نظر وجهان ٿو. اڃا يارنهن ۾ ڏهه منٽ آهن. پوري يارهين وڳي هڪ ٻيو ماڻهو اچڻ وارو آهي. آئون ان جي باري ۾ سوچيان ٿو. هن کي سڏايو ته  اٿم ۽ مدد ڪرڻ جي نيت به اٿم پر ڪٿي پئسو ٻڏي نه وڃي. ڏهن پندرنهن هزارن جي ڳالهه ڪانهي، هتي ته لکن جو معامرو آهي. پئسن جي ته ڳڻتي ڪونهي رڳي اها اون اٿم ته صحيح هٿن ۾ پهچي ۽ ان مان نه رڳو ذاتي فائدو حاصل ٿئي، نه پر سنڌي ٻولي کي به اوسر ملي. اڄڪلهه ڪنهن به ٻوليءَ ۽ ڪلچر کي ترت ڪنهن ٻي ترقي يافته ٻولي ۽ ڪلچر جي برابر آڻڻ لاءِ فلم هڪ وڏو وسيلو آهي. اهو ويچار مون کي پهرين ڪونه هو، پر جڏهن هن نوجوان سان مليس ته هن منهنجون اکيون کولي ڇڏيون. سنڌي فلمن جي ايتري اهميت آهي، اهو پهرين مون تي ظاهر ڪونه هو. آئون ته سمجهندو هوس ته فلمون رڳو هڪ عياشي جو ذريعو آهن ۽ ٻيو ڪجهه به نه. پر هن شخص جي دليلن مون کي قائل ڪري ڇڏيو. هن مون کي ٻڌايو ته فلمن جي ذريعي اسين سنڌي لکارين ۽ فنڪارن کي نه رڳو سندن فن جي اظهار جو وجهه ڏينداسين، پر هنن جو حق ته آهي، تنهن کانسواءِ ٻين ٻولين جون فلمون ۽ ڪلچر ڏسي اسان جو ذهن اڻڄاڻائيءَ ۾ انهن جو اثر قبول ڪري ٿو، جو اسان جي ٻولي ۽ ڪلچر لاءِ هاڃيڪار آهي؛ پر جيڪڏهن اسان پنهنجون فلمون ٺاهيون ته اسين پنهنجي ٻولي، سنگيت ۽ ساهت جي اثر کي پکيڙي سگهون ٿا.

اهوئي ڪارڻ هو، جو اڄ هن نوجوان سان ملاقات ڪري رهيو آهيان. آئون وري واچ ڏسان ٿو. پورا يارنهن لڳا آهن. پنجن ستن منٽن ۾ هو پهچي ويندو. هو شايد اچي ويو آهي. نوڪر مون کي نالو ٻڌائي ٿو. آئون کيس اندر وٺي اچڻ لاءِ چوان ٿو. هن نوجوان جي خاص ڳالهه اها آهي ته هيءَ ڪو عام فلم جو مريض ڪونهي، پر فلم جي فن جي باقاعدي تعليم ورتل اٿس. هن ملڪ مان نه پر ولايت مان هن فلم ۾ ڊپلوما حاصل ڪئي آهي ۽ ملڪ جي ٻن ٽن انهن ماڻهن مان آهي، جن فلم جي ولايت مان باقاعده تعليم حاصل ڪئي آهي. تنهن کانسواءِ ايم اِي، ايم اي پڻ آهي. مون پڇيو مانس ته ڇو کيس اڃا ڪنهن فلم ٺاهڻ جو موقعو نه مليو آهي ته وراڻي ڏنائين ته جيڪڏهن هن وٽ فلم جي ڊگري نه هجي ها، ۽ ايم اي جي بدران مئٽرڪ فيل هجي ها ته هو ڪڏهن کان ڊائريڪٽر ٿي وڃي ها.

هو اچي ويو آهي. آئون کيس ويهاريان ٿو، خير عافيت کان پوءِ فلم جي موضوع تي ڳالهائڻ شروع ڪريون ٿا، پڇانس ٿو ” توهان فلم جو تفصيلي بجيٽ کڻي آيا آهيو؟  هو لفافو کولي ان مان ڪجهه ڪاغذ مون ڏانهن وڌائي ٿو، آئون تفصيل پڙهان ٿو، سنگيت جو خرچ، اسٽوڊيو جو خرچ، فنڪارن جو معاوضو، پبلسٽيءَ جي ڪٿ انهن تان نظر ڪندي ٽوٽل تي نظر پوي ٿي، هڪ لک پنجونجاهه هزار رپيا آئون پورو خرچ ڏسي حيران ٿيان ٿو ۽ هڪدم کانئس پڇان ٿو، ڇا توهان ايترا پئسا سنڌ مان ڪڍي ويندا؟ ڇا سنڌي پڪچر لاءِ ايتري مارڪيٽ آهي؟

ڇونه سائين ڪنهن ٻي ٻوليءَ جي پڪچر هن کان ٻيڻي ڪمائي سگهي ٿي ته سنڌي ڇونه ڪمائيندي. پر شرط اهو آهي ته سٺي هجي ۽ جي فني لحاظ کان اعليَ هجي ته اسين ان کي ڊب ڪري نه رڳو پنهنجي ملڪ جي ٻين حصن ۾ پر پرڏيهي ملڪن ۾ به هلائي سگهون ٿا. توهان تصور ڪريو ته ڪنهن انٽر قومي ميلي ۾ هڪ سنڌي فلم انعام کٽي پوءِ اسان ڪيترو نه ڳاٽ اوچو ٿيندو.

آئون هن جي جوش تي مرڪي ڏيان ٿو، ميان هتي ٻين ٻولين جي فلمن ئي انعام حاصل نه ڪيو ته سنڌي فلمون ڪٿان ڪنديون؟

هن جو جوش اڃا به وڌي وڃي ٿو، سائين اسان کي ڪمتريءَ جو احساس ڇو ٿيڻ کپي، هندستان ۾ ڪروڙين رپين ۾ ٺهيل هندي فلمن جي ڀيٽ ۾، ٽن چئن لکن ۾ ٺهيل بنگالي فلمون سڄي دنيا ۾ فني لحاظ کان نه رڳو مشهور آهن پر انعام پيون کٽين. جي بنگالي فلمون انعام کڻي سگهن ٿيون ته سنڌي فلمون به انعام کٽي سگهن ٿيون.

سندس دليل ڪافي متاثر ڪري ٿي، آئون کيس چوان ٿو ”چڱو اڄ ئي بئنڪ ۾ پنهنجي ڪمپنيءَ جو اڪائونٽ کوليو، اسڪرپٽ تي ڪم شروع ڪريو، دوستيءَ کان مٿڀرو ٿي سٺا لکاري ۽ فنڪار گڏ ڪريو ۽ في الحال فلم جو اعلان ڪري ڇڏيو.

هو شايد انهيءَ آڇ جي لاءِ ذهني طور تيار نه هو. هو اچرج وچان مون ڏانهن ڏسڻ لڳي ٿو ۽ ڄڻ ايئن پڇي رهيو هجي؛ سائين سچ پيا ڳالهايو نه!

هن جي پريشاني جائز آهي، مون سنڌي ٻولي، ثقافت ۽ فنڪارن جي مد نظر اوچتو فيصلو جو ڪري ڇڏيو آهي. هو پنهنجو هوش ۽ حواس قابو رکندي چئي ٿو”سائين آئون اوهان کي سنڌي قوم کي مايوس نه ڪندس، ڏيکاريندس ته معياري فلمون ڪيئن ٿيون ٺهن. پر سائين فلم جو اعلان اڃا نه ڪريو، مون کي ڪجهه وقت ڏيو ته ڪاڳري ڪاروائي پوري ڪريان، جيستائين اسڪرپٽ پوري طرح تيار نه ٿئي ۽ فلم سيٽ تي نه وڃي، تيستائين فلم جو اعلان نه ڪنداسون.

پر پهرين اعلان ڇو نه ؟ مون کي سندس دير سان اعلان ڪرڻ واري ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي.

اڄڪلهه خبر ناهي ته ڪيتريون سنڌي فلمون رڳو اعلان جي حد تائين پهچي گم ٿي ويون. آئون نه ٿو گهران ته سنڌي فلمن جي باري ۾ هي عام تاثر ٿئي ته سنڌي رڳو اعلان ڪري ڄاڻن، باقي پڇاڙي ۾ اهي ايڪڙ ٻيڪڙ فلمون ئي مس ٿيون ٿين سي به ڇڪي تاڻي،

آئون سندس اوچن ويچارن جو قدر ڪريان ٿو. مون کي خوشي ٿي ٿئي ته آئون بلڪل صحيح ڏس ۾ وک وڌائي رهيو آهيان. مون کي پڪ آهي ته هو سڦل ٿيندو. هو ڄاڻو آهي. ايماندار آهي، محنتي آهي. هو ضرور سڦل ٿيندو. هو خوش ٿي ٻيهر اچڻ جو چئي موڪلائي ٿو. مون لاءِ لک ٻه لک ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي. يورپ جو چڪر لڳايم ته لک کن وڃائي آيس؛ وزير جي شڪار جو بندوبست ڪيم ته پنجويهه هزار خرچ اچي ويو. رڳو پٽ جي شادي تي پنجاهه هزار خرچ ڪري چڪو آهيان. هفتي ٻين هفتي ڪراچيءَ وڃبو ڏهه پنڌرنهن هزار دف ڪيو اچان.

اليڪشن جو زمانو ويجهو اچي رهيو آهي، سدائين چونڊن ۾ بيهان ۽ سدائين سرڪاري پارٽي جي طرفان. جڏهن اسان کي ماڻهو چوندا آهن ته ؛ ابا روز روز پيا پارٽيون بدلايو، ته لڄ ڪونه ٿي اچيو. ته آئون به چوندو آهيان؛ هي روز روز حڪومتون پيا بدلايو، اوهان کي لڄ ڪونه ٿي اچي. مطلب ته جيترا ڀيرا حڪومت بدلبي اوترا ڀيرا اسان جي پارٽي. جي حڪومت ايترو ترت نه بدلجي ته حرام جو پارٽي بدلايون. مثال طور ڏسو ته گذريل ڏهن سالن کان هڪ پارٽيءَ سان وفاداري قائم رکيو اچان، ڇو جو ڏهه سالن کان هڪڙي حڪومت آهي. ماڻهو ٿا چون ته سرڪاري پارٽي جي پويان سدائين ڇوٿا لڳو. همت ڪري مخالفت ڇونه ٿا ڪريو؟ اها ڳالهه ٻڌي آئون کلي ڏيندو آهيان. ڳالهه اها آهي اسان جا ڪم ئي اهڙا آهن جو شڪر آهي جو ملڪ ۾ انصاف ڪونهي، نه ته ڪهن ڪو ٽيپ کائي وڃون. ايڏا ته جڏا ڪم آهن جو اصل توبهه، بئنڪن جا قرض وٺون ته حرام ڏيون؛ اوسي پاسي جي ڪا ننڍي نيٽي تي دل اچيو وڃي ته خون ڪرايو به وڃون پار پئون؛ هاري ناريءَ تي رعب داٻ رکيو ويٺا آهيون، سو به پوليس ۽ ڌاڙيلن جي ڪري. پوليس ته جنهنجو پاسو کڻي تنهنجا پئون ٻارنهن، ويٺو لئه ڪر. هاڻي پوليس ان جو پاسو کڻندي جيڪو سرڪاري پارٽيءَ جو هوندو يا مخالفت ڪرڻ واريءَ جو! پوليس به ته سرڪار جي ئي آهي نه! مخالف ڪرڻ لاءِ اعليٰ ڪردار ۽ اڇو اجرو رڪارڊ کپي. ماڻهو شريف هجي، همت وارو هجي، قرض کان آجو هجي. قاعدن قانون کان واقف هجي جو سرڪار کي بُل ئي نه ڏئي جو نقصان پهچائي سگهي. اسان جو رڪارڊ ته ڪارو ڪٺ لڳو پيو آهي، جي ڪريون مخالفت، ته غريب غربو هاري ناري لٺ کڻي منهنجون زمينون ۽ حق وٺي وٺي موجون ڪن. سو سدائين اسان ته سرڪاري پارٽيءَ جي پويان هوندا آهيون. پر هاڻي منهنجون اکيون کليون آهن. سوچان ٿو ته سنڌ ۽ سنڌين کي لٽي تباهه ڪري ڇڏيو اٿم، خبر ناهي ڪهڙي قسم جو احساس جاڳيو اٿم، مخالفت جي اڃا به همت ڪانهي، جو ڪانئر آهيان. پر هڪ ٻئي نموني سان ڪم ڪري رهيو آهيان. من ان ۾ ئي منهنجو ڇوٽڪارو ٿئي. هروڀرو سنڌ ۾ سٺن ماڻهن ۽ اڳواڻن جو ڪال ڪونهي، پر انهن ماڻهن وٽ وري پئسو ڪونهي. اسان جو سرشتو وري اهڙو آهي، جو چوندن ۾ اهو سوڀارو ٿيندو جيڪو پئسي وارو هجي. ڪڏهن ڪو اڙيو ٿڙيو حڪومت جو مخالف ميمبر چونڊجي ويندو آهي ته اسيمبلي ۾ رڻ ٻاري ڏيندو آهي، جي ٻه چار چونڊجي وڃن ها ته اسان جو اهڙو حال نه ٿئي ها.

اڄ رات دعوت آهي. آئون به سوٽ بوٽ پائي دعوت ۾ پهچان ٿو. سڀني سان ملندو، وڃي هڪ جڳهه تي ويهان ٿو. منهنجون اکيون هڪڙي شخص کي ڳولي رهيون آهن پر هو اڃا نه آيو آهي. پهرين ته سوچيو هوم ته کيس گهر وڃي ملان، پر همت نه ٿيم. مٿان سي آءِ ڊي ۾ نالو نه اچي وڃي. هو شخص سرڪار جي زبردست مخالفت ڪندڙ آهي. سدائين جيل ۾ هوندو آهي پر مجال آهي جو پرواهه هجيس. هو اچي ٿو، سڀ کيس ملڻ لاءِ اٿي بيهن ٿا. سڀني مهمانن مان هن جائي ڪپڙا پراڻي اسٽائيل جا آهن. اهو ئي جهوني زماني جو سوٽ ۽ چاليهه سال پراڻي ٽاءِ. هو سنڌ جي مشهور هستي آهي. هن جو اخلاق اعليٰ آهي. هن ڪڏهن به ڪو ڪڌو ڪم نه ڪيو آهي؛ هن ڪڏهن به ڄڀ ڏيئي اسان وانگر ڦڙتي نه کاڌي آهي؛ سدائين ظلم جي خلاف جهاد ڪيو آهي. هن جي اڳيان ڪڏهن به ذاتي مفاد نه رهيو آهي. هو رڳو حڪومت جو جذباتي مخالف ڪونهي، رڳو گاريون ڏيئي نه ڄاڻي، هن وٽ ظلم جا انگ اکر آهن، ثبوت آهن، هر ظلم جو تفصيل آهي، هو اسان جو سچو ۽ صحيح معنيٰ ۾ اڳواڻ آهي، پر اسان نڀاڳن ڪڏهن به هن کي چونڊن ۾ سوڀارو ٿيڻ نه ڏنو آهي. اسين حڪومت جا چمچا سندس دل ۾ ته عزت ڪندا آهيون پر ٻاهران حڪومت کي ڏيکارڻ لاءِ گاريون ڏيندا آهيون. آئون به سرندي سرندي هن جي ويجهو پهچان ٿو، ڊپ ٿو ٿئيم ته جي گهڻي دير ڳالهائيندو سانس ته متان منهنجا ئي چمچا ساٿي نه وڃي مٿي ڪن ڀرين ۽ منهنجا ترا ڪڍي ڇڏين.

آئون سندس طبيعت جي باري ۾ پڇان ٿو ۽ هو مرڪي مون کان حال احوال وٺي ٿو. هن کان پهرين رڳو آئون سندس عزت ڪندو هوس پر اڄ جڏهن منهنجي ضمير جي ٿوري اک کلي آهي ته ائين لڳي رهيو آهي، ڄڻڪ فرشتو هجي دل پئي چئي“ اهو اٿئي اهو ماڻهو جنهن سان تنهنجي سنڌ جو ڀاڳ لکيل آهي. ڪمال آهي تو هن کي پهرين نه سڃاتو“ دعوت نه هجي ها ته آئون سندس پيرن ۾ ڪري پوان ها ۽ چوانس ها ته سائين اسين سڀ تنهنجي پٺيان آهيو“ پر منهنجي ڪانئر دل ۾ اها همت ڪانهي.

هو مرڪي مون ڏانهن نهاري ٿو ۽ پڇي ٿو ته آئون اڄڪلهه ڪيئن آهيان. آئون جواب ۾ ڪجهه چوان ٿو پر سندس مرڪ ۾ اڄ عجيب چقمق جهڙي ڇڪ ڏسان ٿو،اڄ پهريون ڀيرو مون کي محسوس ٿئي ٿو ته سهڻي مرڪ رڳو سهڻي ونيءَ جي ئي ٿيندي آهي. ملوڪ ترين زالون پنهنجي ملڪ جون هجن يا ولائتي ميڊمون، ڌڪ گهٽ سڀني قسم جي زالن سان ويجهو واسطو رهيو آهي ۽ سندن مرڪ هميشه لاءِ نه ته ڪجهه وقت مون لاءِ مخصوص رهي آهي. پر آءٌ دعويٰ سان چوان ٿو ته ڪا به مرڪ ايتري موهيندڙ نه هئي، جيتري هن شخص جي مرڪ آهي. هن مرڪ جي پويان ائون سنڌ کي مرڪندو ڏسي رهيو آهيا ۽ اسين ڪيترا نه ظالم آهيون جو اسان کيس ڏک ڏيئي سندس مرڪ کسيندا رهيا آهيون. هو سنڌ جو اهڃاڻ آهي، اسان هن جي مرڪ نه پر سنڌ جو اهڃاڻ کسي ورتو آهي، منهنجي ويچارن جو سلسلو ٽٽي پئي ٿو. آئون پڇانس ٿو، هن ڀيري اليڪشن جون تياريون آهن؟

هن کان ٽهڪ نڪري وڃي ٿو، اليڪشن ۽ آئون، هن جي لهجي جو درد آئون محسوس ڪريان ٿو، آئون اليڪشن ۾ ڪٿي ٿو کٽان پر آئون جيڪڏهن ان وقت جيل ۾ هوندس ته به فارم ضرور ڀريندس، اهو منهنجو حق آهي.

آئون کانئس هڪڙو سوال پڇان ٿو. مون رڳو اسيمبليءَ ۾ هڪ ڀيرو پاڻيءَ جي مسئلي تي ٻه ٽي ٻول چيا هئا ته چوندو هوس مون سنڌ جو مسئلو پيش ڪيو آهي، انهيءَ ڪري مون کي ٻيهر به چونڊيو وڃي. اهو قوم جو فرض آهي، اوهان هيترا ڀيرا جيل ۾ ويا، هيترا مضمون لکيا، هيتريون تقريرون ڪيون پر توهان چونڊن ۾ ڪڏهن سوڀارا نه ٿيا. اوهان کي ڪاوڙ ته ڏاڍي ايندي هوندي.

اوهان غلط سمجهيو، آئون هي مسئلا ۽ هي تقريرون جو عوام جي آڏو ڪندو آهيان، اهو منهنجو فرض آهي ۽ منهنجو چونڊن ۾ بيهڻ جو مقصد به اهو هوندو آهي ته جيئن اهي مسئلا اسيمبليءَ ۾ پيش ڪري سگهان ته جيئن مسئلا حل ٿي سگهن. پر جيڪڏهن چونڊن ۾ سوڀارو نه ٿيا، ته انهيءَ جو مطلب اهو ڪوني ته تقريرون ڪرڻ بند ڪري ڇڏيان يا مضمون نه لکان. منهنجو هڪ سنڌيءَ جي حيثيت سان فرض آهي ته ڪو به ظلم يا مسئلو هجي ته ان کي سرڪار جي آڏو پيش ڪريان. چوندن ۾ کٽڻ يا نه کٽڻ منهنجو مقصد ڪونهي، هن اها ڳالهه پوري ڪئي ته مون کي وري پاڻيءَ وارو مسئلو ياد اچي ويو، جڏهن منهنجو فصل سڪڻ لڳو هو ته مون اسيمبليءَ ۾ رڙيون ڪيون هيون، هو ٿوري دير ترسيو. ”توهان اليڪشن ۾ بيهو پيا نه، ڪيئن آهي پوزيشن؟ هن مون کان پڇيو

مون سندس سوال اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي جذبات جو اظهار ڪرڻ کان پاڻ کي روڪي نه سگهيس” اوهان کي هن ڀيري بيهڻو پوندو. توهان کي لکن ۾ پئسا به خرچ ڪرڻا پوندا. هن ڀيري اليڪشن جو خرچ اسين ڀرينداسون. وقت گهٽجي رهيو آهي. توهان جو کٽڻ بنهه ضروري آهي. لک ٻه لک، ٽي لک سڀ آئون ڏيندس. آئون پنهنجي اليڪشن تي پنج لک رپيا خرچ ڪري سگهان ٿو، ته اوهان لاءِ ڇونه،

هو اچرج سان مون ڏانهن نهاري رهيو آهي. منهنجو بدن ڏڪي رهيو آهي. هو منهنجي ڪلهي تي هٿ رکي ٿو. مون کي خبر ناهي ڇا ٿي ويو آهي. آئون وري ڳالهائڻ لڳان ٿو، ”مل جو ليسن وڪيو هوم، اٺ لک رپيا مليا اٿم“

 هو نيٺ ڳالهائي ٿو، ”پر تون ته پاڻ قرض ۾ ٻڏل آهين، پهرين قرض لاهه، پوءِ جي جيئرو رهيس ته ٻي اليڪشن ۾ مدد ڪجان“ آئون سمجهان ٿو ته هو ٽارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي” تنهن کان سواءِ آئون سرڪاري زمين جي نيڪالي جي باري ۾ هڪ پمفليٽ لکي رهيو آهيان، سو هفتي کن ۾ تيار ٿي ويندو ۽ جڏهن چونڊن جو وقت ايندو تڏهن ان پمفليٽ جي ڪري آئون اڳيئي جيل ۾ هوندس“ نه نه هاڻي پمفليٽ نه پبلش ڪريو، سرڪاري زمين کان وڌيڪ ضروري، توهان جو اسيمبلي ۾ وڃڻ آهي، هن ڀيري سنڌ جي بقا جو سوال آهي. ائين ٺهندو، اسان کي پنهنجا حق آئين ۾ وٺڻا پوندا. توهان کي اليڪشن ۾ بيهڻو پوندو، توهان کي هينئر اهو پمفليٽ نه پبلش ڪرائڻو آهي. توهان کي چونڊن ۾ بيهڻو پوندو. اهو منهنجو عرض ۽ سنڌ جو حڪم آهي، توهان کي مڃڻو پوندو“

هو سانت سان پولار ۾ تڪڻ لڳي ٿو. هن جي سانت ۾ سامندي آهي. منهنجي دل تکي تکي ڌڙڪڻ لڳي ٿي. دل مان آواز اچي ٿو. هُن تنهنجي آڇ قبول ڪري ورتي!هن تنهنجي آڇ قبول ڪري ورتي! هن تنهنجي آڇ قبول ڪري ورتي، مون کي ويساهه نٿو اچي، مون کي محسوس ٿو ٿئيته منهنجا سڀ گناهه ڌوپجي ويا آهن. مون تان غداريءَ جو داغ مٽجي ويو آهي. چئني پاسن کان پڙاڏي ۾ ڄڻڪ آواز پيو اچي. هو اليڪشن کٽي ويو آهي. هن ڀيري کٽي ويو آهي. آواز وڌندو وڃي ٿو، چيڪاٽ جو آواز اچي ٿو، دري هوا جي زور تي ٺڪاءُ ڪري بند ٿئي ٿي ۽ منهنجي ڪرسي پٽ تي ڪري پوي ٿي ۽ آئون ڪپڙا ڇنڊي اٿي ٿو بيهان.

اتر کان سياري جي ٿڌي هوا لڳي رهي آهي. سج سامهون گهر جي پويان لڪي چڪو آهي. آئون اکيون مهٽي رهيو آهيان سامهون امان بيٺي آهي.

”ڌڪ ته ڪون لڳئي؟“ هوءَ پڇي ٿي. ”ويٺي ويٺي ڪري پئين“ آئون ڦڪو ٿي مرڪي ٿو ڏيان ”ڌڪ ته ڪونه لڳو، پر اها هڪڙي ئي آرام ڪري هئي سا به ڀڄي پئي. بابا جي يادگيري هئي.

امان ٽوڪ ڀرئي لهجي ۾ چوي ٿي”چڱو ٿيو ته اها ڪرسي ڀڳي، ماڻهو رات جو خواب ڏسن ۽ تون هن ڪرسي تي ليٽيو ليٽيو ڏينهن ڏٺي پيو خواب ڏسين. خبر اٿئي گيهه به ختم ٿي ويو آهي، اٽو به ڪونهي، اڄ رات ماني ڪيئن پچندي؟

”اٽو ته پاڙي مان ئي کڻي وٺو، باقي گيهه اوڌر تي وٺيو ٿو اچان“

امان چپ چاپ وٽو آڻي ٿي ڏي، ويچاري ڪابه شڪايت نه ٿي ڪري. هن حالت تي هري ويئي آهي.

آئون وٽو وٺي ٻاهر ويندي ويندي امان کي چوان ٿو؛ امان ڪيترا به اسين ڇونه سهي پر سين اهو ڪجهه سوچي سگهون ٿا، جو امير به سوچي نه ٿا سگهن. امان هي پير، وڏيرا، ۽ زميندار ڏاڍا نڀاڳا آٿو، جو هو ڪجهه ڪرڻ ته ٺهيو پر ڪجهه سوچي به نٿا سگهن. آئون ڀاڳن وارو آهيان، آئون وڏو ماڻهوآهيان، ايئن چئي آئون ٻاهر وڃڻ لڳان ٿو، پويان امان جو آواز اچي ٿو، تنهنجون اهي ابتيون ڳالهيون مون کي سمجهه ۾ نه ٿيون اچن. الائي ڇا پيو سوچين!

امان جو ڀلا ڪهرو ڏوهه امان کي ڪهڙي خبر ته آئون ڇا سوچي رهيو هوس.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com