سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: رهيل قرض

باب: --

صفحو :2

 

سوکڙي

هو جڏهن گهر پهتو ته سندس منهن تي ڳڻتيءَ جا آثار ظاهر ٿي چڪا هئا. هو گذريل ٻن ڪلاڪن کان سوچ ۾ ٻڏل هو. ونيءَ کيس روز وانگر مرڪي آجيان ڪئي ته هو به ورائي ۾ مرڪيو پر مرڪ سندس چهري تي ڳڻتي جا آثار گهٽ نه ڪري سگهي. سندس ڦڪي مرڪ ونيءَ کي ڌوڪو ڏيئي نه سگهي.

”ڇو خير ته آهي؟“ هوءَ به ڳڻتي ڪندي پڇي ويئي.

”ها سڀ ٺيڪ آهي،“ هن جي چپن تي ساڳي ڦڪي مرڪ آئي. ”زري اڄ ڇا پڪو آهي؟“ هن موضوع بدلائڻ گهريو.

زرينا سمجهي ويئي ته اڄ کيس بک ڪانهي. هو ڏهاڙي ڪاليج مان موٽي ڪپڙا مٽائي مانيءَ کي لڳي ويندو هو پر جڏهن کيس بک ڪانه هوندي هئي ته ائين ئي پڇندو هو ۽ پوءِ جيڪڏهن ڪو لذيذ طعام هوندو هو ته ٻه ٽي گراهه کائيندو هو، نه ته ائين وڃي سمهي پوندو هو.

”معلوم ٿو ٿئي اڄ چانهه جا دور گهڻا هليا آهن، بک مري ويئي اٿو، پر اڄ ته مون ڪواب ٺاهيا آهن.“ ونيءَ کي خبر هئي ته رشيد کي ڪواب ڏاڍا وڻندا آهن. پر رشيد ڪوابن جو ٻڌي ڪا خاص دلچسپي نه ڏيکاري.

تون ماني وڌاءِ ته آئون ڪپڙا مٽائي وٺان.“

هو جڏهن ماني کائڻ ويٺو ته گراهه نه ڳيسجيس. سندس بک مري چڪي هئي. سچ پچ ڳڻتي ۽ ڏک انسان کي اڏوهي وانگر کانئڻ ٿو لڳي. ماڻهوءَ جي بک ختم ڪريو وجهي. هو ڏهين وڳي ڪلاس وٺي. اسٽاف روم ۾ ويٺو هو ته انور فون تي خوشخبري ٻڌايس. ايندڙ مهيني جي ڏهين تاريخ انور جي شاديءَ جي خبر هن لاءِ به خوشي جي ڳالهه هئي ۽ هو سچ ته ڏاڍو خوش ٿيو، پر فون تي ڳالهائڻ کان پوءِ هڪڙو الڪو کيس ورائي ويو. انور کي شاديءَ تي سوکڙي ڏيڻي هئي اها ڪهڙي ڏئي، جو انور جي شان وٽان هجي. انور شاهوڪار هو، وڏو ماڻهو هو، کيس سوکڙي به اهڙي ئي ڏيڻ کپي. هن کي پنهنجي شادي سار اچي ويئي جڏهن هن کي ڪاليج ۾ اڃا پهريون سال ئي پورو مس ٿيو هو، هن ڏاڍي محنت ۽ ڪنجوسي ڪري کنيل قرض لاٿو هو ۽ هاڻ هن وٽ پائي به ڪانه هئي. زرينا جي مائٽن نيٺ ها ڪئي ۽ هن کي ترت شاديءَ جو بندوبست ڪرڻ جو چيو هئائون. ڇاڪاڻ جو زرينا جي ننڍي ڀيڻ جي شادي لاءِ وري انهن جي گهوٽيتن زور ڀريو هو. هو وڏي اصول وارو ۽ خوددار قسم جو ماڻهو هو. جو هن جو ڪنهن وٽ هٿ ڊگهيرڻ اڻ ٿيڻي هئي. انور کانئس پڇيو هو.

”رشيد تون شادي تي ڪهڙي سوکڙي پسند ڪندين؟“

”جيڪا تون پسند ڪندين اها ئي منهنجي پسند هوندي پر دوست هڪڙي ڳالهه سار ڪجائين، ته اها منهنجي حيثيت جي هجي. ايتري ڳري نه هجي جنهنجو بار ڄمار ڀر تڪليف ڏيئي.“ رشيد سڌي ڳالهه ڪرڻ وارو ماڻهو هو. هو سوکڙي ۾ هميشه انهيءَ اصول جو قائل هو ته سوکڙي ڏيڻ واري کي سوکڙي وٺندڙ جي حيثيت نظر ۾ رکي سوکڙي ڏيڻ گهرجي، ڇو جو سوکڙي به هڪڙي قسم جو قرض آهي، جو وٺندڙ کي ڌڪ گهٽ اوتري ئي قيمت ۾ حياتيءَ جي ڪنهن ٻئي درجي تي ادا ڪرڻو پوي ٿو.

”پر يار تون مون تي ڪا شرط نه ٿو وجهي سگهين، اهو منهنجي مرضيءَ تي ڇڏيل آهي ته مان ڪهڙي سوکڙي ڏيان. مان ته توکان نه پڇان ها پر مون کي آمريڪا ويندڙ زرعي ڊيليگيشن ۾ شامل ڪيو ويو آهي مون کي ڊپ آهي ته آئون تنهنجي شادي ۾ به شايد شرڪت نه به ڪري سگهان. مان توکي رڳو اهو چوڻ آيو آهيان ته توکي سوکڙي شادي ٿيڻ کان اڳ ۾ قبول ڪرڻي پوندي.“

اها خوشخبري به آهي ته افسوس جي ڳالهه به. تون آمريڪا وڃي رهيو آهين، اها ته خوشي جي ڳالهه آهي ۽ تون منهنجي شادي ۾-- پر يار اڃا منهنجي شادي ڪٿي ٿي ٿئي!“ هن کي پنهنجون حالتون سار اچي ويئون هن کي هاڻ ڌڪ گهٽ پڪ ٿي ويئي هئي ته سندس شادي ڪانه ٿيندي هو ڪو هڪڙو ئي اميدوار ته ڪونه هو. زرينا جهڙي ڇوڪريءَ لاءِ ٻيا به گهڻا ۽ هن کان سٺا اميدوار هئا. هن ڳالهه جاري رکندي انور کي چيو، ”پر پاڻ ته ڀائرن وانگر آهيون، تون ڇو ٿو ايتري تڪليف ڪرين.“ هن نهٺائي کان ڪم وٺڻ جي ڪوشش ڪئي.

”۽ ها، تون مون کي ڀاءُ چئي”ٻه ڀائر ٽيون ليکو“ جي پهاڪي تي عمل ڪرائڻ ٿو گهرين. بيشڪ آئون تنهنجي ڀاءُ وانگر آهيان، پر ڀاءُ نه آهيان. آئون تنهنجو دوست آهيان، ۽ دوستن جو ڪو حساب ڪتاب نه آهي. دوستن جو حساب دل ۾ ٿيندو آهي. انور ائين چئي ڪوٽ جي کيسي ۾ هٿ وڌو ۽ هڪڙو لفافو رشيد کي ڏيئي چوڻ لڳو.

”ڏس ڪيترو نه هلو آهي، تون ٻن آڱرين ۾ کڻي سگهين ٿو.“

انور لفافو ڇڏي هليو ويو. هُن لفافو کوليو لفافي ۾ پنج هزار رپين جا نوٽ پيل هئا!

هڪ وڳي تائين ڪاليج ۾ هو رهيو، انور کي هاڻي هو ڪهڙي سوکڙي ڏئي. انهيءَ سوال جو جواب هن کي ڪٿي به نظر نه ٿي آيو. هن ماني کائي بس ڪئي، پر زرينا سان ڪابه ڳالهه نه ٿي. ٻه ٽي گراهه کائي هو ليٽي پيو ۽ پاسا ورائيندي نيٺ کيس ننڊ اچي ويئي.

شام جو جڏهن هو اٿيو ته پاڻ کي ڪجهه هلڪو محسوس ڪري رهيو هو، پر اڃان پاڻ کي اون کان آجو محسوس نه ٿي ڪيائين. هن باقي رهيل کُهيل ڳڻتيءَ کي فلحال ختم ڪرڻ ٿي گهريو. زرينا هن جي اڳيان چانهه جو ڪوپ کڻي آڻي رکيو ته هن کي زرينا وڌيڪ سهڻي نظر اچڻ لڳي. زرينا کي پاڻ اڻ تڻ هئي ته رشيد جي ڳڻتيءَ جو ڪارڻ پڇي، پر سندس مرڪندڙ چهرو ڏسي، هو به گهڙي کن لاءِ ڳڻيون وساري ويٺي.

”ها مان توکي اهو ٻڌائڻ ته وساري ويس ته ايندڙ مهيني انور جي شادي ٿي رهي آهي، تاريخ به مقرر ڪري ڇڏي اٿن، ڏهين تاريخ رکي اٿن.“ هن اهڙي نموني خبر ٻڌائي جيئن ڪا عام ڳالهه هجي.

”اڇا! مس مس ادا انور به شاديءَ تي راضي ٿيو، مون ته سمجهيو هو ته هتي ڪا ڇوڪري پسند نه ايندس ۽ آمريڪا ۾ ڪا ڦاسائي وجهيس ها ته ٻي ڳالهه آهي.“ زرينا کي خبر هئي ته انور ڪنهن نه ڪنهن مان ڪو نقص ڪڍي ڇوڪري ناپسند ڪري ڇڏيندو هو.

”ها، زري شادي ته تولاءِ ته بهترين وجهه آهي. هن تي ته هار به پائي سگهين ٿي.“ رشيد، زرينا کي پنهنجي ڳالهه سار ڏياريندي چيو. هو زرينا کي هميش جهليندو هو ته عام وجهن تي اهو هار نه پائي، پر هو ڪنهن خاص ڏهاڙي لاءِ رکي ڇڏي. ايترو قيمتي هار رڳو شاديءَ جهڙن ڏينهن تي ئي پائڻ جهڙو آهي ۽ هاڻي اهڙو وجهه ملي رهيو هو. هن جي ذهن ۾ هڪ پل لاءِ ويچار آيو جيئن اوچتو کنوڻ چمڪي.

”مون توکي ڪڏهن اهو هار پائيندي نه ڏٺو آهي“ رشيد جي آواز ۾ پيار جا جذبات هئا.

”ڇو مون توهان کي پائي نه ڏيکاريو آهي. شاديءَ کان پوءِ ڪافي ڏينهن تائين جو مان پائيندي هيس.“ زرينا کي اچرج لڳو ته ڇا رشيد کي ايترو جلدي وسري ويو.

”اُوهو، اهو ته جڏهين تون نئين ڪنوار هئين، شادي کان پوءِ پهريان ٻه ٽي ڏينهن پاتو هئيءَ پوءِ وري بس.“ رشيد جي اکين ۾ پريت جهلڪي رهي هئي.

”چڱو ڀلا مان جڏهين شادي تي تيار ٿيندس ته پوءِ ڏسجو ته ڪيئن ٿي لڳان.“

اهو هار به سندس ٻئي دوست مشتاق جي سوکڙي هئي. هو مشتاق ۽ انور ننڍي هوندي جا دوست هئا. گڏ پڙهيا هئا گڏ گهميا ۽ گڏ بي اونيءَ جو دور پورو ڪري عملي جيوت ۾ داخل ٿيا ۽ مشتاق ۽ هو ڪاليج ۾ ليڪچرار ٿيا. هن کي سار آئي ته ڪيئن انور کيس سوکڙي ڏيئي ويو هو ۽ ڪيئن مشتاق به کيس سوکڙي ڏني هئي. مشتاق کي سندس شاديءَ جو ٻڌي ايتري ته خوشي ٿي هئي جو هو چئي ويٺو، ”رشيد مون کي تنهنجي شاديءَ تي ايتري خوشي ٿي رهي آهي جو مون کي پنهنجي شاديءَ ۾ به ايتري خوشي ڪانه ٿي هئي، سچ ٿو چوان.“ مشتاق جي ڳالهه ۾ ڪو وڌاءُ ڪونه هو. هنن جيڪي حياتيءَ جا پروگرام ٺاهيا هئا، شادي به ماڳ ڏانهن هڪ وک هئي. مشتاق چيو هو،  ”ها يار تنهنجي شادي جي ڪري اسان کي مڙيئي ڪس لڳي ويندي.“

”تون گهٻراءِ نه يار، منهنجي لاءِ پريت ايتري ئي گهٽبي جيتري وري تو شادي ڪري گهٽائي آهي، ڪيئن حساب ته برابر ٿيو نه.“ رشيد کلي ڏنو هو. ”پر اهو ٻڌي ڇڏ ته پريت جيترو وراهبي آهي، اوتروئي وڌندي آهي.“ ۽ ٻنهي گڏجي ٽهڪ ڏنو هو.

”ٻڌ مان توکي سوکڙيءَ ۾ مون وٽ جيڪا سڀ کان قيمتي شيءِ هوندي سا ڏيندس، ۽ توکي اُها وٺڻي پوندي.“ مشتاق زور ڏيندي چيو هو” ۽ ٻڌ اها سوکڙي اسان جي دوستيءَ جي محل جو پيڙهائتو پٿر هوندو، جي تو منهنجي سوکڙي موٽائي ته محل ڪري پوندو.“ مشتاق رشيد کي ڌمڪي ڏني هئي.

هن کي ٻي ڪا واهه به ڪانه هئي. هن اها سوکڙي قبول ڪري ورتي هئي. مشتاق هڪ غريب ماڻهو هو پر هن جي نهايت قيمتي سوکڙي ڏني هئي اهو قيمتي هار هو. مشتاق اڄ ڪلهه انگلينڊ ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪري رهيو هو.

انور جي شاديءَ ۾ هڪ ڏينهن وڃي بچيو هو، رشيد کي هونئن سوکڙي جو ته ڪو الڪو ڪونه هو، پر هڪڙو احساس سندس ذهن ک چهنڊڙيون پائي رهيو هو. ڪالهه به چانڊوڪي رات هئي اڄ به چانڊوڪي رات ٿيندي اوڏي مهل سانجهيءَ جي مهل چانڊوڪي رات جو ويچار اينديئي هن زرينا کي سڏ ڪيو، زرينا رڌني ۾ چانهه ٺاهي رهي هئي،

زرينا چانهه ٺاهي کڻي آئي.

”ٻڌ اڄ چانڊوڪي رات اٿئي، هل ته گهمڻ هلون،“ رشيد ڄڻڪ زرينا جي دل جي ڳالهه ڪئي، دريا جو سير ڪريون ۽ بوٽنگ ڪريون.“

”اُها، چانڊوڪيءَ رات ۾ بوٽنگ. ڏاڍو مزو ايندو.“ زرينا ٻارن وانگر چهڪڻ لڳي.

”ها پر توکي هڪڙي ڳالهه مڃڻي پوندي، توکي جيڪو انور جي شاديءَ ۾ هار پائڻو آهي، مان ڏسڻ ٿو گهران ته تون انهيءَ ۾ ڪيئن ٿي لڳين.“

”اهو مان جڏهن شاديءَ جي ڏينهن پائيندس تڏهن ڏسي وٺجو.“زرينا جي لهجي ۾ اچرج ظاهر هو.

”نه تون ڪپڙا ۽ زيور پائي هڪدم هلي ويندينءَ ۽ وري رات جو موٽي اچي بدلائي ڇڏيندينءَ، مان ايتري ٿوري دير لاءِ توکي ڏسڻ نه ٿو گهران. مان اڳ ۾ ئي توکي دل ڀري ڏسڻ ٿو گهران.“ رشيد جي لهجي ۾ التجا هئي. ڄڻڪ هن جي زرينا سان گڏ آخري رات هجي. زرينا ٽاري نه سگهي.

جڏهن هوءَ ساڙهي پائي ڊريسنگ ٽيبل جي اڳيان اچي ويٺي ۽ آخري ڀيرو ميڪ اپ ٺيڪ ڪرڻ لڳي ته رشيد ڪيس مان هار ڪڍيو، سونو هار، جنهن ۾ گهاٽا سائي رنگ جا نگ لڳل هئا. بجلي روشنيءَ ۾ اهي ٻهڪڻ لڳا. رشيد، زرينا جي پويان اچي بيٺو، هار هٿ ۾ جهلي اڳيان وڌي زرينا جي ڳچيءَ ۾ هار وجهي هُڪ لڳايو. رشيد هُڪ لڳائي آرسي ۾ نهاريو. زرينا سان سندس نظرون مليون، هن زرينا جي ڪلهن تي هٿ رکيا، ڪجهه دير لاءِ هو ٻئي هِڪ هنڌ ڄمي ويا. آرسي سندن تصوير بڻجي چڪي هئي. شايد هو ٻئي پنهنجن پنهنجن ويچارن ۾ الائي ڪٿي کان ڪٿي پهچي چڪا هئا. رشيد هن دنيا ۾ موٽي آيو ۽ هلڪو ڇرڪ ڀري هٿ هٽايائين. زرينا اٿي بيٺي. زرينا کي ڪوبه اچرج نه ٿيو، هن کي رشيد جي خبر هئي ته هو ڪيترو جذباتي آهي.

”توهان کي هار انهيءَ ڪري ته نه ٿو وڻي جو ان ۾ ساوا نگ پيل آهن؟، زرينا مرڪي رشيد ڏانهن نهاريو ۽ رشيد به جواب ۾ مرڪي ڏنو.

جڏهن هو دريا تي پهتا ته چؤپاسي چانڊوڪي ڦهليل هئي هو ٻيڙي ۾ سانت ويٺا هئا. خبر ناهي ڪيتري دير تائين ٻيڙيءَ ۾ گهمندا رهيا. رشيد به گهاٽي نيري رنگ جي سوٽ ۾ سهڻو لڳي رهيو هو. اهو زرينا جو من گهريو رنگ هو، ٻيڙي واپس ڪناري تي هلڻ لڳي. ٻيڙي ماٺيڻي رفتار م هلندي جڏهن ڪناري تي لڳندي هلڪو جهٽڪو ڏنو ته هنن جي خوابن جو سلسلو ٽٽي پيو. رشيد هٿ ڏيئي زرينا کي لاٿو. هن جڏهن مٿي ڪئنال جي پل تي اچي پهتا ته سامهون دريا چانڊوڪيءَ ۾ چمڪي رهيو هو.

”زري، توکي هي هار پسند آهي.“ رشيد يڪدم سوال پڇيو، ”تمام گهڻو؟ عورت کي زيورن سان ته لڳاءُ هوندوئي آهي، اوهان کي به پسند آهي؟“

”ها مون کي وڻي ٿو جيڪڏهن تنهنجي ڳچيءَ م پيل هجي!“

”پوءِ ته ان کي روز روز پائيندس.“

”جيڪڏهن هي هار وڃائجي وڃي ته؟“

”مون کي ڏاڍو ڏک ٿيندو.“

”قيمتي آهي انهيءَ ڪري.“

”نه ان ڪري جو توکي پسند آهي.“

رشيد زرينا کي هار پاتل جيتري گهڻي دير تائين ڏسي سگهي، ڏسڻ ٿي گهريو. هن زرينا ڏانهن نهاريو، هار چانڊوڪي رات ۾ تارن وانگر ٻهڪي رهيو هو. چانڊوڪيءَ رات ۾ تارا لڪي ويندا آهن پر زرينا جي چهري جي چنڊ اڳيان تارن ۾ وڌيڪ روشني نظر اچي رهي هئي. چنڊ کان وڌيڪ چمڪندڙ چنڊ ۽ تارن کان وڌيڪ روشن تارا.

هن زرينا ڏانهن وري نهاريو. ”زري سڀاڻي کان هار نه پائجائين مون کي نه ٿو وڻي.“ زرينا، رشيد جي ايتري بدليل ڳالهه تي اچرج سان تڪڻ لڳي.

”جيڪڏهن اوهان کي هار نه ٿو وڻي ته مان عمر ڀر نه پائيندس.“

”زرينا اسان وٽ سڀ کان قيمتي شيءِ ڪهڙي آهي؟“

”پريت.“ زرينا مڙس جي عجيب ۽ ڇرڪائيندڙ سوالن تي اچرج ۾ پئجي وئي.

”پريت کان سواءِ منهنجو مطلب آهي شين ۾.“

”اسان وٽ ته هي هڪ هار ئي آهي.“

”ته پوءِ آئون انور کي سندس شاديءَ تي پنهنجي سڀ کان قيمتي شيءِ جي سوکڙي ڏيڻ گهران ٿو.“ رشيد ڪنڌ ڦيرائي دريا ڏانهن نهارڻ لڳو. هن ۾ زرينا سان اکيون ملائڻ جي همت ڪانه هئي.

”منهنجو به اهو ئي ويچار آهي.“ زرينا جي وراڻي هو. رشيد پنهنجي هٿ ۾ زرينا جي ٿڌاڻ محسوس ڪئي. هو هٿ هٿ ۾ ڏيئي هلڻ لڳا.

ٻئي ڏينهن شاديءَ کان پوءِ انور وٽ سوکڙين جو ڍڳ لڳو پيو هو، سوکڙيون ڏسندي هن هڪ پئڪيٽ کوليو ان مان هڪ سهڻو ڪيس نڪتو. ڪيس کولينديئي انور اچرج سان تڪڻ لڳو ڪيس ۾ سونو نگن ڀريو هار جرڪي رهيو هو. اندر ڪارڊ تي لکيل هو”رشيد ۽ زرينا وٽان ڀاڀي لاءِ.“

انور جي اچرج جو ڪارڻ اهڙي قيمتي هار جهڙي سوکڙي رشيد وٽان اچڻ جي ڪري نه هو. سندس اچرج جو ڪارڻ هو ته اهو ساڳيو هار، جيڪو هن پاڻ مشتاق کي شاديءَ ۾ ڏنو هو، هن اهو هار انهن ڏينهن ۾ به ڏهه هزار رپين ۾ خريد ڪيو هو. مشتاق کي ڏنل سندس هار جي اها سوکڙي ائين دوستن وٽان ڦري واپس موٽي ملندي ان جو کيس گمان به نه هو. هونئن به ڪو غريب ڪا سوکڙي گهڻي دير تائين پاڻ وٽ سنڀالي رکي نه ٿو سگهي ڇو ته يا ته اها وڪڻڻي پوندي آهي يا وري سوکڙي ڪري ٻئي هنڌ ڏيڻي پوندي آهي، مشتاق ۽ رشيد وري به ڀاڳوند هئا جو سوکڙي وڪڻڻ جي لاچاريءَ کان ته بچي ويا!

 

گناهه جو ڍڪ

اوڏي مهل وڏيري سان گڏ ٽي ڄڻا ٻيا به ويٺا هئا. وڏيرو کين پنهنجا قصا ٻڌائي رهيو هو.

”پئرس جي ڪهڙي ٿا ڳالهه پڇو، پئرس ڇا سڄو يورپ سهڻن جو ملڪ آهي، ڇا سونهن آهي، سونهري وار، نيريون اکيون ۽ کير جهڙي اڇي چمڙي، آئون ته پهرين پهرين سندن سرير کي هٿ لائيندي ڊڄندو هوس ته ڪٿي ميرو نه ٿي پوي.“ وڏيري ڳالهه ڪندي کلي ڏنو.

”سائين هي پئرس ڪٿي آهي؟“ ويٺلن مان هڪڙي پڇيو.

”يورپ ۾ ٻيو ڪٿي.“ وڏيري پنهنجي ڄاڻ جي ڌاڪ ويهاريندي چيو.

”۽ ڀلا اهو يورپ ڪٿي آهي؟“ ساڳي ماڻهوءَ وري سوال پڇيو. وڏيري کي پهرين ته ڏاڍي چڙ لڳي، پر پوءِ درگذر ڪندي جواب ڏنو.

”بابا هي سڀ ملڪ ۽ شهر ولايت ۾ آهن.“ ولايت جو ٻول ٻڌي انهيءَ ماڻهو ائين ڪنڌ ڌوڻيو ڄڻ سڀ ڪا خبر پئجي ويس. وڏيري پنهنجي ڳالهه کي جاري رکندي چيو، ”باقي پنهنجي ملڪ جون زائفائون ڪاريون ڪوجهيون ۽ وري اهڙيون ميريون ۽ گدليون جو کين ڏسڻ به دل کي نه وڻي، هاءِ يورپ، وڏيري ٿڌو ساهه ڀريندي چيو ته ڳالهين ڪندي قادر بخش اڳيان اچي ماٺ ڪري بيهي رهيو. وڏري جي ڪمدار تي نظر پيئي ته ڳالهه اڌ ۾ ڇڏي ڏني، ”ڇو قادو“ وڏيري پڇيس.

”سائين هي تقاوي پيا گهرن،“ قادر بخش هٿ سان سڌير سورج ۽ درگي ڏانهن اشارو ڪندي چيو. انهن ٽنهي ڪولهين پنجاهه پنجاهه روپيا گهريا هئا، ”سائين مون گهڻو ئي چيو مان ته اڃا نه ، پر مڃين ئي نه ٿا“ قادر بخش بيزاريءَ واري لهجي ۾ چيو. وڏيري، ڪولهين تي نظر وڌي ڪولهين کڻي هٿ جوڙيا.

”سائين گلام آهيون، ڏياري اچي مٿان پئي آهي، نه ته ڪين گهرون ها.“ سڌير هٿ ٻڌندي عرض ڪيو. سڌير ٽنهي ۾ وڏو هو. پهرين ته وڏيري کي ڪاوڙ آئي، پر پوءِ الائي ڪهڙو ويچار آيس. ڪمدار کي چيائين،

”قادر ڏين پنجويهه پنجويهه روپيا اڃان ڪمايوئي ڪونه ته تقاوي مٿان تقاوي لڳائي ڏني اٿو.“

هاڻي سورج اڳتي وڌي آيو، ”نه سائين پنجاهه ڪري ڏيو، پنجويهن ۾ ڪن نه هلندو“. سڀني کي خبر هئي ته وڏيرو سورج جي ڳالهه نه موٽائيندو.

”توهان ائين ڪو نه مڙندو، قادو پنجاهه ڪري ڏين.“ سورج وڏيري جي ڳالهه مڃيندي اهڙي نموني سان چيو، جيئن ٻيا ائين نه سمجهن ته ڪو هن سورج جي ڳالهه مڃي. وڏيري ڳالهه ڪندي پنهنجي دوستن ڏانهن رخ ڦيرايو ”ها آئون ڇا چئي رهيو هوس؟“ وري پاڻ ڳالهه ڪندي چوڻ لڳو ”ها ها، مون پئرس جي ڳالهه پئي ڪئي.“

وڏيرو خير محمد پنهنجي تَرَ جو وڏو زميندار هو. هزارين ايڪڙن ۾ زمين پکڙيل هئس، پر تنهن کانسواءِ وڌيڪ رعب داٻ انهيءَ ڪري هوس، جو هو پنهنجي قوم جو سردار هو. سندس برادريءَ جا ڳوٺ چئني پاسي پکڙيل هئا سندس سڄي علائقي تي پوروضابطو هو. سندس موڪل کان سواءِ پن به چري نه سگهندو هو. سندس زمين تي ٿيندڙ هر جهڳڙي جو نبيرو پاڻ ڪندو هو. پوليس به سندس مدد کانسواءِ سڦل ٿي نه سگهندي هئي. ماڻهن تي سندس ايترو ته رعب هو، جو ڪنهن کي مجال نه هئي جو ٻڙڪ به ٻاهر ڪڍي سگهي. سڀ سندس نبيرو اکين تي قبول ڪندا هئا. سندس حڪم پٿر تي ليڪ هوندو هو. هو ٻئي ٽي ڏينهن ڪو نه ڪو جهيڙو پيو نبيريندو هو. سندس اوطاق باغ ۾ هئي، هڪڙي پاسي انبن جي شاهي وڻن جون قطارون لڳيون پيون هيون، ته ٻئي پاسي وري زيتون ۽ ڪيلا جهومر ڪيو بيٺا هئا. اوطاق جو اڱڻ تمام وڏو هيو، جنهن ۾ ڇٻر لڳل هئي ۽ ڇٻر جي چوڌاري گلن ۽ ٻوٽن جون ڪونڊيون رکيل. سندس حويلي سڏ پنڌ تي ڳوٺ ۾ هئي. حويليءَ ۽ اوطاق ئي سڄي ٽڪر ۾ پڪسريون جايون هيون، هارين جا گهر ڪچا ٺهيل هئا. ۽ ڪي ته رڳو مَنهن هئا. جتي ماڻهو ۽ جانورن گڏ رهندا هئا. پاڻ حويليءَ تي رڳو رات جو ويندو هو گهڻو ڪري سڄو ڏينهن اوطاق ۾ گذاريندو هو، جتان ٻنيءَ جي سار سنڀال لهڻ ويندو هو ۽ ٻنپهرن جو ننڊ ڪري وري شام جو چڪر تي نڪري ويندو هو. آل اولاد وارو هو، ٽن پٽن جو پيءُ هو. وڏي پٽ جي گذريل سال ئي شادي ڪرائي هئائين بدن جو متارو ۽ قد جو ڊگهيو هو. پر پنڌ نه ڪرڻ ڪري ۽ سڻڀ وارن کاڌن جي ڪري سندس پيٽ ڪافي نڪري آيو هو، جڏهن کان ڳوٺ کان شهر تائين پڪو رستو ٺهيو هو، پهرين ته پنهنجن ئي هارين کان ڀاڄيون ڪرايائين، پر هو ڪڻڪ، ڦٽين تي هريل، ڀاڄين تي ڪمائي نه سگهيا، وڏيري کي پاڻ به ڀاڄين جو تجربو ڪو نه هو. هن کي خبر هئي ته ڀاڄين ۾ ڪولهين جو ڪو مَٽ ڪونهي، سو ڪولهين جي ڳولها ڪرايائين، اهو ڪم قادر بخش جو هو. پوءِ قادر بخش الائي ڪٿان ڪولهين کي آسرا ڏئي اچي وڏيري جي زمين تي پهتو. چوڏهن پندرهن ڪکائون جهوپڙيون اڏجي ويون. لوڙهو اچي ويو ۽ اوطاق جي ڀرسان ئي سڏ پنڌ تي ڪولهين جو ڳوٺ ٻڌجي ويو. ڪولهي، محنتي هاري، ڀاڄين ۽ گاهه ڪرڻ ۾ تاڪ، وڏيري جون ڀاڄيون ۽ گاهه ڀلا ٿيندا ويا. هاڻي روز ٽرئڪٽر جو ٽريلر ڀرجي شهر پهچندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته مال ايترو ته گهڻو لهندو هو، جو ٻه ٽي ڍڳي گاڏيون به ٽرئڪٽر سان وينديون هيون.

وڏيري جو سڀني ڪولهين مان سورج تي راز هو ۽ هو سورج جي گهڻو ڪري هر ڳالهه مڃيندو هو، انهيءَ جو اهو ڪارڻ ڪو نه هو ته هو سڀني کان محنتي يا ڀڙ هاري هو، پر سورج جي سهڻي وني هئي. ڪولهي هئا ته ڪارا ڪوجها، پر جيڻا ته سڀني ۾ اهڙي هئي جهڙو ڪارن ڪڪرن مان ليئو پائيندو چنڊ. جڏهن ڪولهين اچي پنهنجون جهوپڙيون وڌيون، تڏهين سڀ کان پهرين وڏيري قادر بخش کان پڇيو. ”ڪيئن قادو، آهن ڪي منجهن داڻا؟“

قادر بخش به ائين وراڻي ڏني ڄڻڪ هن ڪولهين جي ڳولها ۾ خاص ڌيان رکيو هو، ”سائين اوهان جو ٻانهو آهيان وسي واسي ماڻهو آندا اٿم، ڪچو ڪم ته اوهان جو ڪريان ڪونه.“

 ”پر تڏهن به؟“ وڏيري تفصيل ڄاڻڻ گهري.

”ٻه ٽي داڻا خاشا آهن، پر هڪ جو ته جواب ڪونهي. جيڻا نالو اٿس سورج جي وني آهي.“

ٽنهي ڪولهين کي وڏيري وٽان وئي ڪلاڪ کان مٿي ٿي ويو هو. رات ٿي چڪي هئي. قادر بخش ڪولهين جي جهوپڙين وٽ پهچي سڏ ڪرڻ لڳو.

”درگا .....، درگا.....، آهي ڪو.“

ٿوري دير ۾ درگو، ليلو، پرڀو ۽ سورج نڪري آيا. ڪمدار کين سمجهائڻ لڳو، ”اڄ ٽرئڪٽر سان، پرڀو، درگو ۽ سورج ويندا، گاڏين سان پيلو، ڪيسرو ۽ سڌير ويندا. رات جو ساڳي وقت نڪرنداسون.“

پوءِ جڏهن ٽرئڪٽر ۽ گاڏيون شهر روانيون ٿيون ته قادر بخش سورج کي سمجهائڻ لڳو، ”جڏهن ڪجهه گهرجئي ته ٻين کي ساڻ نه وٺي ايندو ڪر. رئيس تنهنجي ڪم مان خوش آهي. جڏهين به ڪجهه کپئي ته سڌو هليو ويندو ڪرينس، پر اڪيلو.....“ ڀورڙي سورج کي وڌيڪ ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو هو، خوش ٿي ويو. ٽئين چوٿين ڏينهن سورج جو شهر وڃڻ لاءِ وارو پيو ايندو هو. ڪولهين جو پهريون فصل هو.

هو سڀ جڏهين پهرين آيا هئا ته اچڻ سان ٻنين کي لڳي ويا هئا. سندن ونيون به پنهنجن مڙسن سان ڪم ڪرڻ لڳيون، پر تڏهين به جڏهين وقت ملين ته ڇڄ کارا ۽ ٽوڪريون ٺاهيندي گذارين. وڏيروسڀني ڪولهين سان اهڙو ته سٺي طرح پيش آيو، جو سڀئي وڏيري جا ڳڻ ڳائڻ لڳا. هڪڙي ڏينهن سڌير سڀني کي چيو.

”اسان کي آئي چڱا ڏينهن ٿي ويا آهن، وڃي ۽ حويليءَ تي ڇڄ ٻڄ ڏئي به اچو ۽ اندر ملي به اچو“ لڇمي، جيڻا، لڪي، گنگا سڀني پنهنجا پنهنجا ٺاهيل ڇڄ، ٽوڪريون ۽ وڃڻا پاڻ سان کنيا ۽ حويليءَ تي پهتيون. حويلي ڇا هئي، هڪ ڪوٽ هو. ٻاهران به ماڻهنئي ڀت ڏنل هئي، پر اندر ته محل لڳو پيو هو. شاهي اڱڻ، وڏا وڏا ڪمرا، درن ۽ درين تي شيشا لڳل، سڀني جون اکيون چرخ ٿي ويون.

”ڪيڏو نه شاهي گهر آهي، اسان جهڙا ته هزار ماڻهو رهي وڃن!“ لڪي اچرج کائيندي چيو.

حويليءَ اندر پهچي وڏيرياڻيءَ ۽ ٻين ڀاتين کي کيڪاريائون. وڏيرو به اوڏيءَ مهل حويليءَ ۾ هو. هو وڏي ڪمري ۾ پينگهو لڏي رهيو هو. ڪولهياڻين کي ڏسي سندس اکين ۾ چمڪ اچي وئي. سڀني کي هڪ نظر مان ڪڍي ويو. سندس نظر وڃي جيڻا تي کتي.

”سائين بيسملايون“ لڪيءَ جي آواز تي وڏيري ڪنڌ ڦيرايو. لڪي سڀني ۾ وڏي هئي.

”مائي سڀ خوش آهيو؟“ وڏيري پڇيس.

”سائين اوهان جي راڄ ۾ ويٺا آهيون، اوهان جا ٻچا آهيون، مڙيئي ديا کپي ..... ڪجهه ڇڄ کارا ٺاهيا هئاسون، سو چيوسون مڙيئي سائينجن جي حويليءَ تي ڏيئي اچون.“ لڪي پنهنجي اچڻ جو مقصد ٻڌائيندي چيو. وڏيري جي نظر وڃي ڪولهياڻين جي آندل مال تي پيئي.

”مائي ڪم ته سٺو ڪري ڄاڻو،“ وڏيري واکاڻ ڪندي چيو. لڪي ساراهه ٻڌي سڀني جا نالا وٺڻ شروع ڪيا، ”کارا منهنجا ٺهيل آهن آئون سڌير جي وني آهيان، لڇميءَ جا ڀڄ ٺهيل اٿوَ، لڇميءَ ڏانهن اشارو ڪندي چيائين، لڇمي پرڀوءَ جي گهرواري اٿوَ، ۽ هيءَ جڻيا سورج جي.“

جيڻا پنهنجو نالو ٻڌندي لڄ کان کڻي ڪنڌ هيٺ ڪيو. وڏيري ٻٽون ڪڍيو ۽ ڏهين جو نوٽ ڪڍي لڪيءَ ڏانهن هٿ وڌايو.

”هي ڇا سائين!“ لڪي ڪيٻائيندي چيو.

وڏيري ڪنڌ کي ٻه ٽي لوڏا ڏيندي چيو.

”مائي وٺ، مڙيئي خير آهي، اهي اوهان سڀني لاءِ آهن.“

جيڻا وڏيري جي عاليشان حويليءَ کي ڏسي حيران ٿي رهي هئي. ايڏا وڏا ڪمرا، جو هر هڪ منجهه پنج ڇهه جهوپڙيون سمائجي وڃن. هڪ نه، ٽي ٽي پينگها هئا ۽ وٽن وڏا پينگها ته ٺهيو، پر ٻارن لاءِ ننڍا پينگها به ڪو نه هئا. هتي منجين ۽ کٽن جو ته حساب ئي ڪو نه هو. ڪهڙو نه آرام سان سمهندا هوندا ۽ هوءَ ته پٽ تي سمهندي سمهندي وڏي ٿي هئي، ۽ وهانءَ کان پوءِ کي کٽ تي سمهڻ ڀاڳ ٿيس. هتي فرش تي فراسيون ۽ غاليچا وڇايل هئا ۽ سندن جهوپڙين ۾ تڏي کانسواءِ ڪي به ڪين هو. تڏو به سندن ئي هٿن جو ٺاهيل هو. هتي جارن ۾ سهڻا چيني ۽ ڪاشيءَ جا ٿانوَ رکيل هئا ۽ وٽن جارا ئي ڪو نه هئا! جيڻا سوچڻ لڳي: هو هاڻي موٽي ويندي ته ٿانوَ ائين ئي پيتيءَ تي ٺاهي رکندي، پر پوءِ ويچار آيس ته ٿانوَ ائين سينگاري رکندي ته پوءِ هو کائيندا ڇا ۾؟ هو پنهنجي بيوقوفيءَ تي من ئي من ۾ کلڻ لڳي. ڇت ۾ بجليءَ جو پکو ۽ بلب لڳل هئا، ۽ جڏهن مشن هلائي ويندي هوندي ته بلب به ٻري پوندا هوندا ۽ پکو هلڻ لڳندو هوندو. هن سوچيو ته هن پاڻ ڪئي ڀيرا مشن هلڻ جو گوڙ ٻڌو هو، جهڙو هوائي جهاز. هن کي سورج ٻڌايو هو ته جڏهن مشن هلي ٿي ته ان ۾ بجلي ٿي ٺهي نه ته هن به مڙس کي چيو هو: ”ٿوري تون به وٺي اچ ته ڀونگيءَ ۾ ٻاريون“. اها ڳالهه ٻڌي سورج کان ٽهڪ نڪري ويو هو ۽ چيو هئائين ”چري بجلي گاسليٽ وانگر ڪينهي جو ائين وٺي اچجي، بجلي تارن مان ايندي آهي، پهريون تارون هيستائين آڻبيون پوءِ انهن مان بجلي ايندي.“ اها ڳالهه سوچيندي هن جي چپن تي مرڪ اچي ويئي. هن جون نظرون حويليءَ جي چوڌاري ڦرڻ لڳيون. هو دل ئي دل ۾ وڏيري جي شان ۽ شوڪت کان مرغوب ٿيندي رهي. ڪهڙو نه ڀاڳ وارو آهي، ڀڳوان کيس ڇا ڇا نه ڏنو آهي. ۽ کين جهڳين ۽ ڌوڙ کان سواءِ ڪجهه به نه، ٻنيءَ ۾ ڪمائين به هو،  ڏينهن رات پگهر به هو وهائين، ۽ وڏيرو رڳو گهوڙي تي سير ڪري، ۽ گهر ويٺي پئسا ميڙي. هن جو ذهن انهيءَ کان وڌيڪ ڪجهه نه سوچي سگهيو. هن جي نظر وڃي وڏيرياڻيءَ تي پيئي، جيڪا پريان کٽ تي ويٺي هئي، جهڙي راڻي، نڪو ڪم نه ڪار، ٻانهيون ڪم ڪار کي لڳيون پيون آهن، پاڻ ويٺي حڪم هلائي. هن سوچيو ته جي هوءَ پاڻ وڏيرياڻي هجي ها ته! هن گهڙيءَ کن لاءِ پاڻ کي وڏيرياڻي محسوس ڪيو. انهيءَ احساس ايندي ئي هن وڏيري ڏانهن نهاريو ته سورج ياد اچي ويس. هو سورج کي سامهون اوچن ڪپڙن سان پينگهي ۾ لڏندي ڏسندي رهي.

”چڱو بيبي هاڻي موڪلائيون ٿيون.“ لڪيءَ جي آواز هن جي ويچارن جو سلسلو ٽوڙي ڇڏيو.جڏهن سڀئي پنهنجي گهرن ڏانهن روانيون ٿيون ته هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪنديون ويون، پر جيڻا ماٺ ۾ هئي، هوءَ اڃا حويليءَ جي اندر هئي پنهنجن پورن ۾!

بس ائين وڏيري پهريون ڀيرو جڻيا جي جهلڪ ڏٺي. هوڏانهن ڪولهين زمينون ٺاهي پوريون ڪيون ته ٽماٽن، مرچن ۽ مٽرن جا سلا زمين جي ٻٽ مان جهاتي پائي آڪاس ڏانهن نهارڻ لڳا هئا. وڏيرو ٽئين چوٿين ڏينهن هن پاسي به زمين گهمڻ ايندو هو. سندس زمين، وڏيري لاءِ پنڌ گهمڻ کان زور هئي، انهيءَ ڪري گهوڙي تي چڙهي زمين گهمندو هو. جڏهن به کيس ڪولهين واري ٽڪر ۾ عورتون ڪم ڪندي نظر اينديون هيون، گهوڙي جي واڳ اوڏانهن موڙي ڇڏيندو هو. پر هن کي جيڻا ڪڏهن اڪيلي نظر نه آئي. ساڻس گڏ ٻيون به هونديون هيون، پر تڏهن انهيءَ پاسي چڪر هڻڻ فرض سمجهندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته کهرو ڳالهائيندو هو ته هو ويچاريون هيسجي وينديون هيون ۽ وڏيرو جڏهن موٽندو هو ته جيڻا کيس گهوڙي تي ويندي ڏسندي رهندي هئي. تيسين ڪه هو نظرن مان اوجهل نه ٿي وڃي. جيڻا وڏيري جي رعب داٻ کان ڏاڍي متاثر ٿيل هئي. پاڻ رڳو لنگهيو وڃي، ته هاري ڏڪيو وڃن. دڙڪو ڏي ته هارين جو اڌ ساهه نڪريو وڃي. تڏهن به سڀ هاري سندس اشاري تي جان ڏيڻ لاءِ تيار. اسين هاري ڏينهن رات هڪ ڪري ڏيون ته پئسا وريو گهر ويٺي وڏيري کي ملن. پاڻ نڪو ڪوڏر کڻي نه ڪهاڙي، نڪو ڪارهي تتيءَ ۾ نڪري، نڪو تهه سياري ۾. زمين جو مالڪ جو ٿيو. سڀ ڌڻيءَ جون مهربانيون آهن. باقي اسان کي ته مانيءَ جو ٽڪر به مس ملي. هو ائين سوچيندي رهي.

جيئن ڏينهن گذرندا رهيا، تيئن وڏيري جي اڻ تڻ وڌندي رهي. قادر بخش تي باهه ٻاري ڏنائين.

”قادو وارو ڪر. اڃا به ڏينهن لڳندئي ڇا؟“

”سائين ٿورو وقت لڳندو، داڻو وڌو اٿم، ڪوڙڪي تيار آهي، بس پکي اهو داڻو چڳيو ته پوءِ سڌو ڪوڙڪي ۾.“ قادر بخش وجهه جي ڳولها ۾ رهڻ لڳو.

هڪ ڏينهن جيڻا پاڻي ڀري موٽي رهي هئي ته قادر بخش جي جيڻا تي نظر پوندي ئي سندس هٿ پهراڻ جي کيسي تي هليو ويو. اها وٿ اتي موجود هئي. اصل ۾ قادر بخش اها وٿ پاڻ سان گڏ کنيو پيو هلندو هو ته متان ڪٿي لوڙ نه پئجي وڃي. جيڻا اڪيلي هئي ۽ قادر بخش لاءِ هي سونو وجهه هو. هو اچي جيڻا کي منهن ۾ گڏيو. جيڻا جو ڪنڌ هيٺ هو. قادر بخش دير نه ڪئي.

”اسان مري وينداسين جي اسان جي سار نه لڌئي.“

قادر بخش ٿڌو ساهه ڀريندي چيو ۽ جيڻا لڄ کان ڳارهي ٿي ويئي، پر پوءِ سندس منهن تي ڪاوڙ جا تاثرات اچي ويا. پهرين ته ويچار آيس ته مَٽ، پاڻيءَ سوڌو، قادر بخش کي هڻي ڪڍي، پر هوءَ غريب، ۽ ڪٿي وڏيري جو ڪمدار. ۽ وري سوچڻ لڳي ته متان سندس مڙس آهيءَ ۾ نه اچي وڃي. هن قادر بخش کي ڪا وراڻي نه ڏني ۽ چپ چاپ هلڻ لڳي. هن جي سانت قادر بخش کي همٿايو، ۽ هو وڌي بنهه جيڻا جي ويجهو اچي پهتو. کيسي مان ٻه چانديءَ جا ڪڙا ڪڍي هن جيڻا ڏانهن وڌايا، پر جيڻا ڏٺا اڻ ڏٺا ڪري ڇڏيا.

”سوکڙي ٿئي اسان غريبن جي. اها نه موٽائجانءِ نه ته دل ٽٽي پوندي.“ قادر بخش هاڻي آزي نيزاري ڪرڻ لڳو، پر جيڻا ڊڄي وئي.

”مون کي تنگ نه ڪر، منهنجو مڙس مون کي ماري وجهندو.“ جيڻا هراسجي چوڻ لڳي.

”سورج کي چئجائين ته ڇڄ وڪڻي وڪڻي پئسا جمع ڪري مائي بختاور کان گهرايا اٿم.“ مائي بختاور ڳوٺ وارن کان پئسا وٺي شهر مان وکر سکر آڻيندي هئي، پر جيڻا قادر بخش جي انهيءَ هدايت کي اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو. سامهون ڪولهين جا گهر هئا. وقت ٿورو هو، قادر بخش هيڏانهن هوڏانهن نهاريو، ڪٿي به ڪو ماڻهو ڇيڻو نظر نه ٿي آيو. هن هڪدم ڪڙن کي کڻي مٽ ۾ وڌو”گڙپ“ جو آواز آيو ۽ ڪڙا وڃي مٽ جي تري ۾ پيا ۽ قادر بخش تڪڙا تڪڙا پويان پير ڪيا.

ٻئي ڏينهن قادر بخش کي ڏاڍي آنڌ مانڌ هئي ته ڪيئن به ڪري جڻيا کي ڏسي. هو بهانو ڪري سورج جي جهوپڙي ڏانهن ويو. جڏهن اتي پهتو ته جڻيا اوڏي مهل ماني ٿڦي دانگيءَ تي وجهي رهي هئي. سندس ٻانهن ۾ پيل چانديءَ جا ڪڙا اُس ۾ جرڪي رهيا هئا. قادر بخش جي اکين ۾ سڦلتا جي چمڪ اچي وئي. جڻيا ۽ قادر بخش جون نظرون چار ٿيون، ٻنهي مرڪي ڏنو. پکيءَ داڻو چڳي ورتو.

انهيءَ ڏينهن کان پوءِ ٻي رات سورج جو ٽرئڪٽر سان وڃڻ جو وارو هو. قادر بخش اهو وقت بي چينيءَ سان ڪاٽيو. هن وڏيري کي پنهنجي جي سڦلتا جي خبر نه ٻڌائي. هن جو پنهنجو به مطلب هو، هن جي پنهنجي لالچ هئي. هو ڪو مفت ۾ وڏيري تائين جڻيا کي پهچائي نه رهيو هو. وڏيرو ته اڳيئي اوبر پي رهيو هو ۽ جي هن به کڻي چڪي پيتي ته ڇا ٿي پيو. پر جي وڏيري کي خبر پئجي وڃي ها ته به بر ٿي وڃي ها. نيٺ رات آئي ٽرئڪٽر سان سورج ۽ ٻيا گڏجي شهر ويا. اها رات ڏاڍي اونداهي هئي. سيءُ به رات جي سانت ۾ اڃا به واڌ ڪري رهيو هو. قادر بخش رات جي اوندهه ۾ سانت جي ڇپر ۾ سورج جي جهوپڙيءَ ۾ ويو. ان مهل تي ٽيڙو تارا اوڀر ۾ هئا ۽ جڏهن هو جهوپڙيءَ کان ٻاهر نڪتو ته ٽيڙو اولهه طرف لڙي چڪا هئا، پکي ڪوڙڪي ۾ ڦاسي چڪو هو.

ڦاٿل پکيءَ کي هڪڙي هنڌان کڻي ٻي هنڌ رکڻ ڏکي ڳالهه نه هئي. پکي جهوپڙيءَ مان محل ۾ پهچي ويو. جڏهن جڻيا اوطاق ۾ پهتي ته وڏيري کي ڏسي ڪڇي به نه سگهي. وڏيري کي رڳو وڻ کي هٿ لائڻ جي دير هئي ته انڀ اچي جهوليءَ ۾ ڪريو. جڻيا جي دل ۾ به چور هو. وڏيري جو رعب داٻ اڳيئي اثر ڪري چڪو هو. هن جي اکين آڏو وڏيري جي وڏ ماڻهپيءَ جا سڀ نظارا گهمي ويا. ٻيا ته ٺهيو، پر ايلياس ۽ ڪموءَ جهڙا جانٺا ۽ شودا هاري به وڏيري جي اڳيان ڪنڌ جهڪائي بيهندا هئا. جڏهن جڻيا اوطاق ۾ پهتي ته هوءَ پاڻ کي اوطاق جي مالڪياڻي سمجهڻ لڳي. هوءَ محسوس ڪرڻ لڳي ته هوءَ به وڏيرياڻي هئي. وڏيرو آڪڙ وارو ماڻهو سو هاڻي سندس نوڪر وانگر ٿي لڳو. وڏيري جي هٺ کي ائين ٽٽندو ڏسي، هوءَ غربت جو اميريءَ کان بدلو وٺندي محسوس ڪرڻ لڳي. “هونهه، آيو آهي وڏي آڪڙ وارو، ڪٿي آهي سندس آڪڙ!“

بس پوءِ اهو معمول ٿي ويو، جنهن ڏينهن سورج ٽرئڪٽر سان شهر وڃي ته جڻيا اوطاق ۾. سورج کي خبر نه پئي ته سندس پٺيان ڇا ٿي رهيو آهي. بس ايتروفرق پيو ته جڻيا چڙچڙي طبيعت جي ٿي پئي. ٿوري ٿوري تي سورج کان رسيو وڃي، پر تڏهن به هن کي اها ڄاڻ نه ٿي سگهي ته جڻيا جي طبيعت ۾ ڇو ڦيرو آيو آهي. جڻيا پاڻ کي مٿڀرو سمجهڻ لڳي. ڪولهياڻين ۾ سهڻي ته اڳي ئي هئي، پر وڏيري جي دل گهري هئڻ ڪري سندس پير زمين تي ائين پوندا هئا، ڄڻڪ راڻي هجي. اها ڳالهه هونئن به لڪي ڪيستائين رهندي. هڪڙي ڀيري ڪيسري ڏسي ورتس پوءِ ته سڀني ڪولهياڻين کي خبر پئجي ويئي، پر سندن مڙسن تائين اڃا ڳالهه نه پهتي هئي.

انهيءَ رات سورج پنهنجي واري سان ٽرئڪٽر تي شهر ويو ۽ جڻيا معمول وانگر سورج جي نڪرندي ئي وڃي اوطاق ۾ پهتي.

جڏهن سج جو ڀنڀرڪي مهل جڻيا پنهنجي جهوپڙيءَ پهتي ته کانئس ڇرڪ نڪري ويو – سامهون ڪروڌ ۾ ڀريل سورج بيٺو هو!

پهرين ته کيس پنهنجين اکين تي ويساهه نه آيو، هن وري پڪ ڪرڻ لاءِ سورج ڏانهن نهاريو. اوندهه ۾ به سورج جون رت ڀريون اکيون چمڪنديون نظر آيون. هن کي پنهنجي سرير ۾ سياٽو محسوس ٿيڻ لڳو. هن کي ائين لڳو، سوين ڪيڙا سندس ماس پٽي رهيا هجن، هن رڙ ڪئي، ”اڙي مون کي بچايو-“ هن کي وڌيڪ رڙين ڪرڻ جو وجهه نه مليو. اک ڇنڀ ۾ سورج اٿي بيٺو ۽ ڪهاڙي گهمائي جڻيا جي ڪنڌ ۾ ٺڪا ڪرايائين.

”وٺ هي ڪميڻي“ ڏند ڪرٽيندي سورج هڪ ڪئي. جڻيا رڳو هڪ ڀيرو ”آهه“ ڪئي ۽ ڌو وڃي پٽ تي ڪري. سورج ڪروڌ ۾ الائي گهڻا ڀيرا ڪهاڙيءَ جا وار ڪندو رهيو. سهڻي جڻيا سندس پيرن ۾ رت سان ٽمٽا ٿي پيئي هئي. جڻيا جي رت تي نظر پوندي ئي هن جو هانءُ ٺريو. هن تان وڏو بار لهي ويو. هن پنهنجي بي عزتيءَ جو پورو وير ورتو هو. هڪ غريب، غريب کان ئي وير وٺي سگهي ٿو. هن جي بي عزتيءَ جو ڪارڻ جڻيا نه وڏيرو هو، ڪروڌ ۾ انڌو سورج به جڻيا ۽ وڏيري جي فرق کي صاف ڏسي سگهيو ٿي – سندس بي عزتي ڪندڙ به رهجي ويو پر هو رڳو جيستائين پهچي سگهيو ٿي اوستائين هليو، وڏيري کان بدلو وٺڻ جي همت منجهس ڪا نه هئي. غريب جو زور غريب تي هلندو آهي.

سورج جي جهوپڙيءَ جي چوڌاري گوڙ ٿي چڪو هو. سڀ ڪولهي هراس ۽ ڊپ ۾ بيٺا هئا. پرڀو سورج کي ڀاڪر ۾ جهلي بيٺو هو، زالن جي اکين ۾ ڳوڙها هئا. کين خبر هئي ته ڪارڻ ڪهڙو هو. پرڀوءَ رڳو سورج کان ايترو پڇيو، ”اڙي هي ڇا ڪئي!“ پرڀوءَ جي ڀاڪر مان سورج ڇڏائڻ جي جاکوڙ ڪندي وڦلڻ لڳو:

”ڇڏيو ڙي مون کي ڇڏيو ته آئون ٿاڻي تي وڃان.“

هوڏانهن اوطاق ۾ روشني ٿي چڪي هئي. قادر بخش سهڪندو سهڪندو وڃي وڏيري وٽ پهتو. وڏيري تي نظر پونديئي قادر بخش رڙ ڪئي.

”سائين سورج جيڻا کي مار وڌو“.

وڏيري کي ڪارڻ پڇڻ جي لوڙ ئي ڪا نه هئي ۽ نه قادر بخش کي ڪارڻ ٻڌائڻ جي. وڏيري جي منهن تي گهٻراهٽ جا آثار ظاهر ٿي رهيا هئا.

”پر سورج ته ٽرئڪٽر سان ويو هو!“ وڏيري قادر بخش کان اچرج منجهان پڇيو.

”ها سائين ويو ته منهنجي اکين آڏو هو، پر الائي ڪيئن موٽي آيو،“ قادر بخش پاڻ اچرج ۾ هو ته سورج ڪيئن موٽي آيو. ”سائين ٻيو ته ٺهيو، هاڻي مڇريو بيٺو آهي، چوي ٿو ته ڇڏيو ته ٿاڻي تي وڃان.“ قادر بخش ڳڻتي ڪندي وڏيري کي ٻڌايو.

”ڪنهن کي خبر ٿورئي آهي، وڃڻ ڏينس هن تي ڪو ويساهه ته ڪو نه ڪندو.“ وڏيري وڏي پڪ واري لهجي ۾ چيو.

”پر سائين هتي ته سڀ ڪنهن کي خبر آهي ته جيڻا ......!“ قادر بخش ٿورو هٻڪيو ۽ اڳتي سڌو سنئون چئي نه سگهيو پر ڳالهه ٺاهيندي چوڻ لڳو. ”...... ته جيڻا هتي اوطاق ۾ ايندي آهي.“ اها ڳالهه ٻڌندي ئي وڏيري کي ٺاپر لڳي ويا. سوالي نظرن سان قادر بخش ڏي نهاريو. ڄڻڪ پڇي رهيو هجي: اهو سڀ ڪنهن مشهور ڪيو. قادر بخش وڏيري جي نظرن کي سمجهندي چيو ”سائين اهڙيون ڳالهيون ڳوٺن ۾ لڪيون نه رهنديون اهن سڀ ڪنهن کي خبر هوندي آهي پر اهو سائينجن جو رعب آهي جو ڪو به ٻڙڪ ٻاهر نه ٿو ڪڍي سگهي.“

هاڻي وڏيري کي پنهنجي بدنامي ٿيندي نظر آئي. سورج تي ڪيس هلندو، ملڪان ملڪ ڳالهه پکڙجندي، سورج هر ڳالهه ڪورٽ ۾ ڪندو، سڄو معاملو اخبارن ۾ اچي ويندو. ڇا سندس عزت رهندي! هر ڪو چوندو: وڏيرو وڃي ڪولهڻ سان کريو. کيس ڪورٽ ۾ نيو ويندو، اڏي پڇا ٿيندي، وڏيري کي اهو سڀ سوچيندي پگهر اچي ويو. لڪ ڇپ ۾ ته مڙيئي خير هو، پر ائين ڳالهه مشهور ٿيندي ته سندس عزت ٽڪي جي به نه رهندي. هن کان پهرين ته اهڙيون گهڻيون ڳالهيون لڪ ڇپ ۾ ٿي ويئون هيون!

وڏيري گهٻراهٽ ۾ قادر بخش کان پڇيو”پوءِ ڀلا ڇا ڪجي؟“

جيڪو سائينجن جو حڪم.“ هن فرمانبرداري سان چيو.

”ڪيئن به ڪري سورج جو منهن بند ڪرايو وڃي نه ته ڦڪڙ ڦاٽ کاڌو ته پوءِ معامرو....“

”ها سائين بيشڪ معامرو وڌي ويندو“ قادر بخش وڏيري جي ها ۾ ها ملائي. ”سائين حڪم ڪريو ته پورو بندوبست ڪري ڇڏيون. اوهان جي اشاري جي دير آهي. اهي واٽ رڳي هڪڙي. پئسن کان معامرو چڙهي ويو آهي. مڙس مڇريو بيٺو اهي.“

وڏيري کان حڪم احڪام وٺي ڪمدار ڪولهين وٽ پهتو. پنهنجي منهن تي ڏک جا آثار پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ روئڻهارڪو ٿي ڪولهين کي چوڻ لڳو، ”اڙي هن ڇا ڪري ڇڏيو، جيڻا کي هٿ سان ماريائين هاڻ پاڻ به ڦاسيءَ تي چڙهي ويندو.“ هن ڦاسيءَ جي ٻول زور ڏيندي چيو. ڦاسيءَ جو ٻڌي ڪولهي ڊڄي ويا. سڀني کڻي هٿ جوڙيا. ڌڻيءَ جو واسطو اٿيئي ڪيئن به ڪري هن کي بچاءِ. جيڻا ته ويئي، هي به نه هليو وڃي. اسين هينئر ئي ٿا وڏيري وٽ وڃون. وڏيرو ضرور ڪجهه ڪندو، هو هلندي وارو آهي، هو اسان جو ابو آهي، ضرور ڪجهه ڪندو.“ ڪيسري سڀني جي پاران ڳالهائيندي چيو.

”پر وڏيرو هتي آهي ئي ڪو نه، هو ته ڪالهونڪر شهر ويل آهي.“ قادر بخش ڪوڙ هنيو. ”هو هجي ها ته ڏکيائي ڪا نه ٿئي ها، هاڻي پوليس کان جند نه ڇڏائي سگهبي، خدا پيو خير ڪري.“ هن اڃا وڌيڪ کين ڊيڄاري ڇڏيو.

”پوءِ تون ئي ڪجهه ڪر، تون ئي هتي وڏيري جي جاءِ تي آهين.“ پرڀوءَ کيس اڌ وڏيرو بڻائي ڇڏيو. قادر بخش گهري سوچ ۾ ٻڏي ويو.

“هڪڙو رستو آهي. سورج کي في الحال هتان پري ڪري ڇڏجي. پوليس هتي اچي ته چئجوس اوهان ڪنهن کي به ڪو نه ڏٺو، رڙيون ٻڌي جڏهن اوهان هتي پهتا ته جيڻا رت ۾ ٻڏل پٽ تي پيئي هئي. ٻيو هتي ڪير ڪو نه هو. سورج جو پڇن ته چئجون ته درگي، علي نواز ۽ ٻين سان ٽرئڪٽر تي گڏجي شهر ويو هو. اتان کيس ٿر وڃڻو هو، سو اوڏانهن ويو هوندو. ٻيو سڀ آئون ٺيڪ ڪري ڇڏيندس.“ قادر بخش هنن تي وڏو احسان ڪري رهيو هو.

”جيئن چيو آهي، ائين ئي چونداسون.“ هنن قادر بخش کي پڪ ڏياري.

قادر بخش سورج کي ٻانهن کان ورتو. سورج اڌ چريو ٿي چڪو هو. هن جي ڪجهه سمجهه ۾ نه پي آيو ته ڇا ٿي ويو، ڇا پي ٿيو ۽ ڇا ٿيندو. هو چپ چاپ قادر بخش سان گڏجي هليو ويو.

پوليس آئي بيان وٺي ويئي، وڏيري جي سرزمين هئي. وڏيرو پهچ وارو هو. تنهن کانسواءِ پوليس لاءِ سڀ بندوبست ڪري ڇڏيو هو. پوليس کي مٿان فون به اچي ويا، ۽ پئسا وڏيري لاءِ ڪا وڏي ڳالهه ڪا نه هئي.

ٻئي ڏينهن قادر بخش وڏيري کي سربستو حال ٻڌائي رهيو هو. ”پوءِ سائين ڪيوسونس ڪئنال جي حوالي ۽ جڏهن وڃي ٿر ورتائين تڏهن موٽياسون.“

”وڌئوس ته بلائتو ڪري؟“ وڏيري پڪ ڪرڻ لاءِ پڇيو.

”سائين بنهه بلائتو ڪري. ڳچيءَ ۾ اڌ مڻي پڃري ٻڌي پوءِ ڇڏيوسونس، اسين ڪي ڀوڪ ته ڪين آهيون.“

وڏيري جي ساهه ۾ ساهه پيو. سندس عزت بچي وئي، نه ته هي رذيل کيس ٽڪي جو ڪري ڇڏي ها.

ڪجهه ڏينهن صبر ڪري سڌير قادر بخش کان سورج جو پڇيو. قادر بخش سمجهائڻ لڳس. ”ابا اڃا ڳالهه نه ڪريو ڀلي وقت گذري. بنهن ڪي ڀوڪ آهيو. ڳالهه ڦاٽ کاڌو ته توهان به اندر ته ائون به اندر پوليس سڌو سورج کي ڪاٺ ۾ وجهندي، توهان مڙئي ڦاسي ڏياريدوس!“ وري هوريان آواز ڪري چوڻ لڳو، ”ٿر موڪلي ڇڏيو اٿئونس، اتي ڪمائي پيو، هاڻي هو هتي ڪو نه ايندو. چڱو ٿيو ياد آيو. ٽيون ڏينهن ٿر مان ماڻهو آيو هو، سورج اوهان سڀني کي سلام موڪليا آهن.“

ڪولهي خوش ٿي وڃي پنهنجي ڪم کي لڳا.

وڏيرو پنهنجون ٻنيون گهمي رهيو هو. قادر بخش ساڻس گڏ هو. پويان ڪڻڪ ۾ لابارو ٿي رهيوهو. هاري زالين مڙسين لابارو ڪري رهيا هئا. وڏيري چؤڌاري نظر ڦيرائي، سندس نظر وڃي هڪ هارياڻي تي کتي بخش وڏيري جي نظرن کي تاڙي ورتو سندس چپن تي مرڪ اچي وئي. “سائين محمود جي ڌيءَ اٿؤ، ڪالهه ٻار هئي، اڄ ......“ وڏيري ۽ قادر بخش جون نظرون چار ٿيون. ٻنهي سرڪي نظرن ئي نظرن ۾ هڪ ٻئي سان ڳالهائي ورتو!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com