پنهنجو پنهنجو غرض
هونءَ ته آئون آفيس ۾ ڪلاڪ اڌ دير سان ئي ايندو آهيان، پر اڄ
گهڻو دير سان اچڻ بنهه قدرتي ڳالهه هئي، ڪالهه ئي
مئنيجنگ ڊائريڪٽر پنهنجو دورو پورو ڪري واپس موٽي
ويو هو. هو آيو ته هتي ٻن ڏينهن لاءِ هو، پر
منهنجي جيڪا حالت هئي، ائين ٿي لڳو ته آئون ڪو
ساندهه ٻه سال رڌو رهيو هوس. اصل ۾ منهنجي رڌائپ
ته ان ڏينهن کان شروع ٿي هئي. جڏهن پندرنهن ڏينهن
اڳي، ايم – ڊي جي دوري جو پروگرام آيو هو. فيڪٽرين
جون وزٽون، چيمبر آف ڪامرس طرفان لنچ، بئنڪرز
ايسوسي ايشن طرفان ائٽ هوم ۽ الائي ڪهڙا ڪهڙا
پروگرام رٿڻا پيا. ڪنهن کي ڪا مهل ٺهڪي ته ڪنهن کي
ڪا، مس مس وڃي شيڊول تيار ٿيو هو.
اڄ ڪافي دير سان پهتو هوس، پر ان جو ڪو الڪو ڪو نه هو. ٻارنهن
ٿي چڪا هئا، پر ان جو ڪو احساس ئي ڪو نه هو. جڏهن
به ڪا انسپيڪشن يا اهي مصيبت جا دورا پورا ٿيندا
آهن، ته ٻئي ڏينهن هر ڪو آرام سان ايندو آهي ۽
ماحول مان اها ڇڪتاڻ گم هوندي آهي جا صاحبن جي اچڻ
ڪري پيدا ٿيندي آهي، اهو ئي ڪارڻ هو جو اڄ بئنڪ جي
ماحول ۾ هڪ ڍرائي، هڪ سڪون هو ان جو ثبوت پي – اي
جي دير سان اچڻ مان به ظاهر هو. هونئن آئون جيئن
ئي ڪرسيءَ تي ويهندو آهيان ته پي – اي هڪدم
ٻڌائيندو آهي ته ڪير ڪير آيو ۽ ڪٿان ڪٿان فون آيو.
پر اڄ ”انٽر ڪام“ جي سيٽي ڪافي دير کان وڳي. مون
بٽڻ دٻايو.
”سر هيڊ آفيس مان ”اينڊ يوز“ ڊپارٽمينٽ مان رضوي صاحب فون ڪيو
هو، ”رڪوريءَ“ جي ليٽيسٽ پوزيشن پڇي اٿس.ٻيو فون
چوڌري ڪرم الاهيءَ جو ۽ ٽيون فون نواب حشمت علي
خان جو هو.“ پي – اي اڙدوءَ ۾ مون کي ٻڌايو. اسين
بينڪ ۾ اڙدوءَ ۾ ئي ڳالهائيندا آهيون. بينڪ ۾
پٽيوالي کان وٺي مون تائين، اها ئي ٻولي هلندي
آهي.
”ٻڌ، خان، احتشام کي چئو ته ”اسٽيٽمينٽس“ تيار ڪري وٺي ۽ نواب
صاحب وٺي ڏي“ مون چوڌري ڪرم الاهيءَ جي فون کي
ڌيان ۾ آندو. هو اسان جي بينڪ جو مقروض هو. لوڙ
هوندس ته پاڻيهي فون ڪندو، نه ته اسين مقروضن کي
لفٽ نه ڏيندا آهيون.
”پر، سر، نواب صاحب جن فرمايو هو ته پاڻيهي وري فون ڪندا.“
نواب حشمت علي خان جو نالو ٻڌي سوچڻ لڳس. اڃا ڪالهه ئي ته نواب
صاحب سان ملاقات ٿي هئي. ايم – ڊي جي شان ۾ لنچ
جهلي هئائين ۽ وري اڄ سندس فون آيو هو. سندس ڪهڙو
ڪم هوندو؟ ڪارخانو لڳائڻو ته ڪونهيس، جو قرض کپندو
هوندس. يا ٿي سگهي ٿو ڪنهن کي ڪا نوڪري ڏيارڻي
هجيس. اسان بئنڪرن ۾ انهن ڪمن کان سواءِ ٻيا ڪهڙا
ڪم پئجي سگهن ٿا، ان باري ۾ سوچيندو رهيس.
نواب حشمت علي خان جي شڪل اکين اڳيان ڦرڻ لڳي. مون کيس گهڻن
سالن کان پوءِ ڏٺو هو. جهڙو سندس نالو هو، تهڙي
هئس حشمت، رعب ۽ دٻدٻو. پر هاڻي ڪجهه عمر ڪارڻ
ڍرڪي ويو هو. پر تڏهن به سندس شاندار ماضيءَ جا
اهڃاڻ سندس شخصيت مان بکي رهيا هئا. پهرين ته
ايترو بندرو ڪونه لڳندو هو، پر هاڻي پيٽ نڪري اچڻ
ڪري بندرو پي لڳو. شيروانيءَ ۾ ته ويتر وڌيڪ ٿلهو
پي لڳو. اهڙي ئي چمڪدار شيرواني پيل هئس، جهڙي اڳي
پائيندو هو. شيرواني ماڻهوءَ جا اڇا ڪارا پڌرا ڪري
ڇڏيندي آهي. ماڻهو جو ٿورو پيٽ ڀرجي ته ڦاٽ کايو
وجهي.
نواب صاحب کي پاجامو به ساڳيو ئي پيل هو. نواب صاحب سدائين
چوڙيدار پاجامو پائيندو هو ۽ پير ۾ سليم شاهي
جوتو. نواب صاحب پان به بدستور وانگر ئي چٻاڙي
رهيو هو. مون ڪڏهن به نواب صاحب کي پان کان سواءِ
نه ڏٺو. سندس ماڻهو پان دان سان سدائين موجود
هوندو هو. سندس ڳاڙها ڳاڙها ڏند به ڇڊا ٿي چڪا
هئا، البت رنگ ۾ ڪارا پئي لڳا. هڪڙو فرق سو ڏٺم ته
نواب صاحب جون مڇون پهرين کان گهاٽيون ۽ وڏيون ٿي
لڳيون، تنهن کان سواءِ ڪاريون به. نواب صاحب شايد
ڪيس لڳائڻ شروع ڪيو هو. سندس مٿي جا وار به کُسي
ويا هئا، پر جيڪي به باقي بچيل هئا سي به ڪارا ٿي
لڳا. وارن کُسڻ جو رڳو مون اندازو لڳايو هو؛ باقي
اڳي مون ڪڏهن به نواب صاحب کي بنا ٽوپيءَ نه ڏٺو
هو. سدائين جناح ڪئپ پيل هوندي هئس. سندس ٻاچ ۾
پيل ٿلهي مهر واري منڊي اڄ به موجود هئي. ان
منڊيءَ کي آئون ڪڏهن به وساري نه سگهندس، جو ان
منڊيءَ ۾ جيڪو پٿر يا ڌاتو هو، ان تي عربي ۽
فارسيءَ ۾ ڪجهه ٻول لکيل هئا، بلڪل ائين، جيئن
پراڻن سڪن تي هوندا آهن. سائيز ۾ به انهيءَ منڊيءَ
جي ٽڪ تمام وڏي هئي ۽ ڏسندڙ جو اڻڄاڻائيءَ ۾ به
ڌيان ڇڪائيندي هئي. ڪاليج ۾ ڊبيٽ ۾ جڏهن چيف گيسٽ
هو ته اسٽيج تي ساڻس گڏ ويهڻ ڪري هڪ ڀيرو موقعو
وٺي پڇيو هو مانس ته ٻڌايو هئائين ته؛ اها سندس
موروثي مهر آهي، جي سندس ابا ڏاڏا پنهنجي رياست ۾
جڏهن فرمان جاري ڪندا هئا ته اها مهر هڻندا هئا ۽
اهڙي ساڳي مهر واري منڊي سندس ونيءَ جي آڱر ۾ پيل
آهي. سڄي گهراڻي ۾ رڳيون ٻه مُنڊيون آهن.
ڪالهه مانيءَ تي نواب صاحب ايم- ڊيءَ کي ڀاڪر پائي مليو. پراڻي
ياري هئن. هندستان ۾ آگري ۾ گڏ پڙهندا هئا. سندن
ملڻ جي بي تڪلفيءَ جي انداز مان سندن گهرائپ جو
پتو ٿي پيو. اهو ئي ڪارڻ هو جو ايم – ڊيءَ پنهنجي
پروگرام کي هيٺ مٿي ڪري به نواب صاحب جي دعوت
قبولي هئي. صاحب کي چيمبر آف ڪامرس جي ڊنر جي ڪارڊ
مان نواب کي پتو پيو هو ته ايم – ڊي دوري تي اچي
رهيو آهي، ان ڪري کيس سڌو سنئون هيڊ آفيس ۾ فون
ڪري مانيءَ جي دعوت ڏني هئائين ۽ ايم – ڊيءَ،
ٽيڪسٽائيل مل اونرز ائسوسيئيشن جي لنچ ڪئنسل ڪري
نواب صاحب جي لنچ قبول ڪئي هئي. مون کي اڃا تائين
ايم – ڊيءَ جا ٻول ياد آهن؛ نواب صاحب منهنجو
جهونو دوست آهي، ان جي دعوت کائڻي پوندي. ڪا ٻي
دعوت ڪئنسل ڪري به ٽائم ڪڍ.“ ۽ پوءِ لاچار
ٽيڪسٽائيل مل اونرز جي دعوت ڪئنسل ڪرائي هئم.
جيتوڻيڪ ملن وارا همراهه ڪاوڙجي پيا هئا، پر مون
لاءِ ٻي ڪا واهه ڪانه هئي.
جڏهن اسين نواب صاحب جي گهر پهتاسون ته ايم – ڊي منهنجي واقفيت
ڪرائيندي نواب صاحب کي چيو، ”ڀائي حشمت، هيءُ آهي
اسان جو زونل مئنيجر رشيد.“ ايم – ڊي منهنجو اڌ
گابرو نالو وٺي ڪجهه پنهنجائپ ۽ ڪجهه رعب ڏيکاريو.
”محمود“، ايم – ڊي جو نالو وٺندي نواب صاحب چيو ”هي ته پنهنجو
ڇوڪرو آهي.“ وري مون ڏانهن رخ ڪندي چوڻ لڳو ”ڪيئن
آهين انصاري“ نواب صاحب جي انهيءَ بي تڪلفيءَ
منهنجو ايم – ڊيءَ اڳيان مان وڌائي ڇڏيو. نواب
صاحب سان منهنجي واقفيت ڪاليج جي زماني کان هئي.
جڏهن آئون يونين جو جنرل سيڪريٽري هوندو هوس، نواب
صاحب نهايت باقاعدگيءَ سان اسان جي هر فنڪشن ۾
پنهنجي بيگم صاحبه سان گڏ ايندو هو. نواب صاحب جو
شان ۽ دٻدٻوئي ٻيو هو. ٻه ڪارون هونديون هئس،
سدائين چار پنج ڄڻا گڏا هوندا هئس. اخبارن ۾
سدائين بيان ۽ فوٽو ڇپجندا رهندا هئا.
سندس گهر، گهر نه هو، پر محل هو. ڪنهن هندو سيٺ جو کيس الاٽ ٿي
مليو هو. اهو محل هن ڪليم ڀري حاصل ڪيو هو.
خانداني ماڻهو پري کان پڌرو. ڪالهوڪي لنچ ۾ محل جي
شاندار سجاوٽ ڏسي حيران ٿي ويو هوس. آئون شايد هن
پاسي ڪافي عرصي کان پوءِ آيو هوس. سندس محل شهر جي
اهڙي پاسيري حصي ۾ آهي، جو اتان لنگهڻ به ڪونه
ٿئي. محل جي اندر ته آئون اڃا به گهڻي وقت کان
پوءِ آيو هوس. آخري ڀيرو مان تڏهن ويو هوس، جڏهن
نواب صاحب عيد ميلادالنبيءَ جو جلسو ڪيو هو. ٻين
ته وڃي بنگلن تي بنگلا الاٽ ڪرايا هئا پر نواب
صاحب هڪ ئي گهر تي صبر ڪيو هو. نواب صاحب مون کي
پاڻ ٻڌايو ته ؛ امروها ۾ سندس ٻه حويليون هيون ۽
تنهن کان سواءِ دهليءَ ۽ لکنوءَ ۾ هڪ هڪ بنگلو هو،
جتي وزير ۽ گورنر اچي مهمان ٿيندا هئا.
آئون لنچ تي الائي ڇاڇا سوچيندو رهيس،؟ نواب صاحب جي هڪڙي ڳالهه
مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو. نواب صاحب جي اها ساڳي وضع
هئي. ڳالهه ڳالهه تي ٽهڪ، ڳالهه ڳالهه ۾ شعر تي
شعر، سندس جملن ۾ اهو ساڳيو چڀندڙ انداز مون کي
اڃا تائين ياد هو. نواب صاحب جي طور طريقن ۾ ٿورو
به فرق ڪونه هو. سندس ان طبيعت مان سندس خانداني
عظمت بکي رهي هئي.
ماني کائيندي نواب صاحب پاڻ ايم – ڊيءَ کي منهنجي باري ۾
ٻڌائيندي چيو، ”مان هن کي ننڍپڻ کان سڃاڻان، ڏاڍو
سلڇڻو ڇوڪرو آهي.“ نواب صاحب ايم – ڊي اڳيان
منهنجي واکاڻ ڪري، مون کي اڃا به احسانمند ڪري
ڇڏيو. وري مون کي مخاطب ٿي چوڻ لڳو، ”انصاري مون
کي ته خبر ئي ڪونه هئي ته تون ڪو هتي آهين؟“
”جي نواب صاحب، سال کن ٿيو آهي. فرسٽ پروموشن آهي“ مون ايم-
ڊيءَ جي خوشامد ڪندي چيو، ”محمود صاحب جن جي
مهرباني آهي جو توهان مون کي هتي ڏسي رهيا آهيو.“
آئون دل ئي دل ۾ نواب صاحب جا احسان مڃڻ لڳس. جنهن
منهنجي ايم- ڊيءَ اڳيان پنهنجائپ ڏيکاري منهنجي
ساک وڌائي ڇڏي.
نواب صاحب جي ماني هونءَ ته لاجواب هئي، پر منجهس مرچ البت تکا
هئا. ان ڪري گرانهن گرانهن تي پاڻي پيئڻ ڪري پيٽ
جلدي ڀرجي ويو. مانيءَ کان پوءِ ڪچهريون ڪندي پان
کائيندي ڪافي وقت ٿي ويو. مون ايم – ڊيءَ کي ياد
ڏياريو ته مل ۾ ”وزٽ“ جو ٽائيم چئين وڳي جو هو.
ايم – ڊي متل محفل ڏسي، مون کي چيو ته فون ڪري
ٻڌائي ڇڏيان ته پنجين ڌاري پهچنداسون. منهنجي
ويچار ۾ ته فون ڪرڻ جي لوڙ ڪانه هئي، جو هو مل ۾
تيستائين ويٺا هوندا، جيسين اسين نه پهچنداسون.
سندن مل هليئي اسان جي قرض تي پيئي. پر ايم – ڊيءَ
جي چوڻ ڪري لاچار فون ڪرڻ اٿيس ته نواب صاحب چيو،
”فون ته ٽن ڏينهن کان خراب آهي، گذريل هفتي برسات
پئي هئي”ڪمپلينٽ“ ڪري ڪري ٿڪجي پيا آهيون. ڪمبخت
چون ٿا ته لائين ۾ پاڻي سمي ويو آهي، ٻه ٽي ڏينهن
لڳندا. ڀائي هنن ٽيليفون وارن سان خدا ته پڄي!“
” جي ته اها ڳالهه آهي، مون پاڻ اوهان کي فون ڪرڻ جي ٻه ٽي ڀيرا
ڪوشش ڪئي، پر هر ڀيري انگيج پئي لڳو.“ وري ايم –
ڊيءَ ڏانهن منهن ڪندي چيم، ”ڪا ڳالهه ڪانهي سر، هو
اسان جو اوسيئڙو ڪندا.“ مون معنيٰ ڀري مرڪ سان
ڳالهه ڪئي. ايم- ڊي به دل ۾ سمجهي ويو هوندو ته
قرض ورتو اٿن ۽ اڃا به وٺڻو اٿن، سو اوسيئڙو ڪيئن
نه ڪندا.
جڏهن موڪلائڻ لڳاسون ته نواب صاحب ويندي ويندي مون کي چيو،
”انصاري، ايندو ڪر نه ڪڏهن ڪڏهن پنهنجو گهر اٿئي“
نواب جي پنهنجائپ وارن انهن جملن اڃا به مون کي
سندس قدردان بڻائي ڇڏيو.
دروازي تي موڪلائيندي مهل جڏهن هٿ ملايو مانس ته سندس مهر واري
منڊي وري اکين اڳيان اچي ويئي، جا نواب صاحب جي
مخصوص نشاني هئي.
سندس اهي موڪلائڻ وقت چيل پنهنجائپ ورا جملا منهنجي ڪنن ۾
پڙاڏجڻ لڳا ۽ نواب صاحب مون کي اڄ ئي فون ڪيو هو.
سندس فون مون ۾ اڻ تڻ پيدا ڪري ڇڏي هئي. پهرين ته
ويچار آيو ته آئون پاڻ فون ڪريانس پر پاڻ چيو
هئائين ته هو پاڻ فون ڪندو، ان ڪري فون ڪرڻ جي
جرئت نه ڪيم. نواب صاحب سان هڪ قسم جو لاڳاپو پي
محسوس ڪيم. پنهنجائپ پي لڳم.
مون وٽ ان وقت ٻه ملاقاتي ويٺا هئا جڏهن نواب صاحب جو ٻيهر فون
آيو.
”هلو، انصاري دس سائيڊ.“
”ها ڀائي، آئون آهيان نواب حشمت علي خان.“
”اسلام عليڪم نواب صاحب“
”وعليڪم سلام“ هن دل مان آواز ڪڍيو.
”حڪم نواب صاحب.“
” ڀائي حڪم و ڪم ڪونهي، هڪ ڪم آهي،“ سندس آواز ۾ اهو ئي رعب هو.
”اصل ۾ ته مون کي خوشي ٿي آهي ته هن شهر ۾ پنهنجا
به موجود آهن، ميان محمود ته ڏاڍو تومان خوش آهي“
ايم – ڊيءَ جو نالو ٻڌي پهرين گهٻرايس، پر پوءِ خوشي به ٿي ته
منهنجي واکاڻ جڏهن نواب صاحب ڪئي هوندي ته ڪم اڃا
به پڪو ٿيو هوندو.
”نواب صاحب، اوهان جي وڏي مهرباني جو اوهان مون کي پنهنجو ٿا
سمجهو،اهي منهنجا ڀاڳ آهن.“
”نه پٽ، ان ۾ ڪا مهربانيءَ جي ڳالهه ڪانهي. تون پنهنجو آهين ۽
خانداني ماڻهو آهين. توکي پنهنجو سمجهي ئي ته فون
ڪيو اٿم. اصل ۾ ڳالهه اها آهي ته هڪ ڇوڪرو آهي،
خانداني، خانداني ڇا پر اعليٰ خانداني. اڄڪلهه ته
ٽڻي ٽاوڻي پيا جاوا ڪن. پر هي نوجوان نهايت خوددار
۽ شريف آهي ۽ سخت لاچاري هيٺ آهي. تو وٽان گهڻائي
انڊسٽريلسٽ قرض کڻن ٿا. انهن کي چئي هن نوجوان جي
چڱي چوکي مدد ڪري سگهين ٿو. آئون پاڻ هن جي مدد
ڪندو رهندو آهيان، پر هن ڀيري هن کي ڳچ رقم کپي،
جو ڀيڻ جي شادي ڪرائڻي اٿس.“ آئون نواب صاحب جي هن
عجيب ڪم تي ڪجهه سوچڻ لڳس ته ڪهڙي وراڻي ڏيان.
نواب اڃا ڳالهائي رهيو هو؛ ”پوءِ هي ڪم اڄ سڀاڻ
ٿيڻ کپي. هن کي ڏاڍي ضرورت آهي. مهل ئي اهڙي آهي.“
”جي، جي نواب صاحب بلڪل ڪوشش ڪبي. آئون حاضر آهيان.“
سامهون ٻن ملاقاتين جي هئڻ ڪري ۽ نواب صاحب جي هن عجيب ڪم ڪري
سوچ جواب ڏيئي رهي هئي، تنهن ڪري چيومانس، ”نواب
صاحب، هينئر ڪجهه وزيٽرس ويٺا آهن. پوءِ آئون پاڻ
اوهان کي فون ڪندس.“
”چڱو.“ ۽ هن فون رکي ڇڏيو.
ٿوري دير کان پوءِ ملاقاتي هليا ويا. آئون ڪجهه سوچڻ لڳس، ڪجهه
دير تائين ڪرسيءَ تي سانت ويٺو رهيس. بيل وڄايم
پٽيوالو اندر آيو. اخبارون ۽ سگريٽ جو پاڪيٽ کنيم
۽ پٽيوالي کي بريف ڪيس کڻڻ لاءِ چوڻ وارو هوس ته
ويچار آيم ته لنچ تي پيو وڃان موٽي اچڻو آهي
جيتوڻيڪ بک مري چڪي هئي، پٽيوالي کي چيم”بس ٺيڪ
آهي، ڪجهه ڪونهي،“ ڪرسيءَ تان ڪوٽ کڻي پائڻ لڳس ۽
ٻاهر هليو آيس، رستي ۾ سوچيندو رهيس. عجيب ڪم هو،
ڪنهن ٻئي کان، اهو به انڊسٽريلسٽن کان پئسا وٺي
مدد ڪرڻ؛ ڪنهن اداري يا سوسائٽيءَ جي نه، پر ڪنهن
ماڻهوءَ جي. آخر نواب صاحب اهڙو ڪم مون کي چيو
هوندو ته مون کي پنهنجو سمجهي. پر نواب صاحب ۽ ايم
– ڊيءَ جي دوستي منهنجي دل ۾ شڪ وجهي ڇڏيو. ڪٿي
ايم – ڊي نواب صاحب جي معرفت منهنجي آزمائش ته نه
ٿو وٺي ته ڪٿي آئون ڪا رشوت ته ڪونه ٿو وٺان.
انهيءَ ويچار ايندي ئي آئون گهٻرائجي ويس. خدا
حاضر ناظر آهي ته مون ڪڏهن به رشوت ڪانه ورتي آهي.
باقي ڪجهه سوکڙيون ضرور قبول ڪيون اٿم، اهي به
سنگت جي ڪري. ڪا پين، ڪا واچ، اليڪٽرڪ شيور، ذهن ۾
مختلف شيون گهمي ويئون پر اهي شيون رشوت ڪونهن.
آئون پنهنجو پاڻ کي آٿت ڏيڻ لڳس. اهي منهنجن دوستن
پاڻ ڏنيون هيون، اهي انڊسٽريلسٽ سدائين پيا ولائت
وڃن، ڪا نه ڪا سوکڙي وٺيو اچن. البت ننڍي ڀاءُ جي
شادي جو ويچار ايندي ئي پگهر اچي ويو. ان شاديءَ ۾
مڙئي پارٽين چڱو چوکو مال ڏنو هو. پر خدا جو قسم
آهي، اها رشوت ڪانهي. مون کي ته پهرين ئي خبر ئي
ڪانه پئي ته ڪهڙو مال ڏنو اٿن. مون پاڻ ته ڪونه
چيو هو مان. پر پوءِ جڏهن گفٽ پئڪيٽ کليا ته خبر
پئي، مون پاڻ چيو هو مان ته اهو مناسب ڪونه هو. پر
هو مرڳوئي دل ۾ ڪرڻ لڳا ته مون کي اهو چوڻ نه
کپندو هو. آخر سندن به سنگت ۾ ڪجهه حق هو، آهي به
سچي ڳالهه، سيٺ احمد ڀائي کي ته چوندو ئي چاچا
آهيان. چوڌري نور الاهي ته اصل ڀائرن وانگر آهي.
راجا احمد نواز به يار آهي. اهي ڳالهيون سوچيندو
رهيس، سمجهه ڪم نه پئي ڪري ته ڇا ڪريان. ڪٿي ايم –
ڊيءَ جو سچي اهو منصوبو نه هجي؛ منهنجا ته لاهه
نڪري ويندا. پر نواب صاحب اهڙي منصوبي ۾ ڪڏهن شريڪ
نه ٿيندو. آئون ته پاڻ نواب صاحب جي ڏاڍي عزت ڪندو
آهيان. مون کيس ڪڏهن تڪليف ڪانه ڏني آهي. پوءِ هو
ڇو نه ان منصوبي ۾ شريڪ ٿيندو. پر ڪجهه دل کي پڪ
ته ٿي. ٿي سگهي ٿو منصوبو سٽيو ويو هجي. آخر ته
ايم – ڊي ۽ نواب صاحب ننڍپڻ جا يار آهن. ان مامري
۾ مون ڪو جوکم کڻڻ خطري جي ڳالهه سُجهي ۽ فيصلو
ڪيم ته ڇا به هجي، آئون نواب صاحب کي سڌو سنئون
چئي ڏيندس ته آئون انڊسٽريلسٽن کان پئسا نه ٿو وٺي
سگهان، اهو مون کان ٿيڻو ڪونهي. پر وري ويچار آيو
ته جي ڪو منصوبو نه هجي ته پوءِ! ۽ نواب صاحب سچي
پچي ڪنهن مستحق ماڻهوءَ کي امداد ڏياريندو هجي ته
! ۽ پوءِ منهنجي ننهڪر ڪٿي نواب صاحب کي خراب لڳي
ته! ۽ ڪٿي نواب صاحب انهيءَ کي دل ۾ ڪري ڪڏهن ايم
– ڊيءَ وٽ منهنجي خلاف مٿاڇري يا معمولي شڪايت به
ڪري وجهي ته! ۽ ايم – ڊيءَ جي دل ۾ منهنجي لاءِ
ويٺل سٺو ويچار تبديل ٿي وڃي ته! هي جو مون محنتون
ڪري، خوشامد ۽ چاپلوسي ڪري، مس مس پاڻ کي ان
پوزيشن ۾ آندو آهي. سال ٻن ته پروموشن به ڊيو ٿي
ويندي. ڪٿي اها معمولي ڳالهه منهنجو آئيندو نه
خراب ڪري وجهي. پوءِ ڇونه اهڙو طريقو ڳولجي ، جو
لال به رکجي ۽ پريت به رهجي اچي. سو بيشڪ امداد
ڪندس، پر انڊسٽريلسٽن کان پئسا وٺي نه، پر پنهنجي
کيسي مان.
گهر تائين پهچندي مسئلو سُلجهي چڪو هو. پريشاني به دور ٿي چڪي
هئي. مئل بک جيئري ٿي چڪي هئي. مون کي آفيس موٽڻ ۾
ڪجهه دير ٿي ويئي. واپس پهتس ته خبر پئي ته نواب
صاحب ٺيڪ ساڍي ٽين وڳي فون ڪيو هو. بهرحال مون کي
هاڻي ڪو الڪو ڪونه هو. ذهن تان بار لهي چڪو هو.
ڏهين پندرهن منٽن کان پوءِ نواب صاحب وري فون ڪيو.
”معاف ڪجو“ مون چيومانس مون کي اچڻ ۾ دير ٿي ويئي. هڪ پارٽيءَ
سان ملڻو هو.“ ڪوڙ ڳالهائڻ اسان بئنڪ وارن جي هير
بنجي ويندي آهي.
”ڪا ڳالهه ڪانهي، دير سوير ته ٿيندي ئي آهي.“
”نواب صاحب، معاف ڪجو ان مهل اوهان سان تفصيل سان نه ڳالهائي
سگهيس جو ڪجهه ماڻهو ويٺا هئا. اصل ۾ ڳالهه هي آهي
ته آئون پنهنجين پارٽين کان ڪو ”فيور“ نه وٺندو
آهيان. اهو منهنجو اصول آهي، بس هير بڻجي چڪي
آهي.“ مون پنهنجي ايمانداريءَ جي ڌاڪ ويهاريندي
کيس قائل ڪندي چيو، ”پر نواب صاحب، ائين نه سمجهو
ته ان سلسلي ۾ آئون اوهان جو حڪم نه مڃيندس، ان
ڪري گذارش آهي ته اوهان دل ۾ نه ڪندا، آئون پنهنجي
کيسي مان امداد ڪندس. هونئن به مستحق ۽ گهرجائو
ماڻهن جي امداد ڪرڻ اسان جو فرض آهي.“ آئون
ڳالهائيندو رهيس! في الحال ته ڪجهه گهٽ رقم آهي،
هزار کن رپيا، پر اوهان سان واعدو آهي ته اڳتي به
اهڙن خير جهڙن ڪمن ۾ مدد ڪندو رهندس.“ آئون ايترو
ڳالهائي، هاڻي ماٺ ٿي ويس. فون جي هن پاسي ڪجهه
سانت رهي. منهنجي دل ۾ ان ڪجهه سيڪنڊن ۾ سانت ۾
ويچار جو طوفان لنگهي ويو، ”ڇا منصوبو اسڦل ٿي
ويو. ڇا رقم گهٽ آهي، نواب صاحب ان تي خوش نه
ٿيو.“ اڃا سوچ ۾ هئس ته نواب صاحب جو آواز آيو ،
”نه پٽ انصاري تنهنجي وڏي مهرباني. ڏس آئون توکي ڪا تڪليف ڏيڻ
نه ٿو گهران. تون پنهنجو آهين، مون کي تنهنجي خبر
آهي. مون حجت رکي توتي ڪم رکيو هو، پر جي بندوبست
نه ٿو ٿي سگهي ته الڪو ڪونهي. تون تڪليف نه ڪر.“
نواب صاحب جي لهجي ۾ ڪجهه پنهنجائپ هئي. سندس ان
لهجي مون کي پشيمان ڪري ڇڏيو. مون نواب صاحب تي
هروڀرو شڪ ڪيو هو ته هن ڪو منصوبو سٽيو آهي!
مون هڪدم ڌڪ گهٽ رڙ ڪندي چيو، ”نه نه نواب صاحب، ائين ڪيئن
ٿيندو. مون کي خوشي ٿيندي، جو آئون پنهنجي خوشيءَ
سان ڏيان. مون کي دماغي سڪون ملندو، جي مان ڪنهن
گهرجائو جي ڪم ايندس.“
”نه نه انصاري، تون بلڪل تڪليف نه ڪر. چڱو خدا حافظ“ نواب صاحب
فون رکڻ تي هو.
”نه نواب صاحب، توهان ڪو الڪو نه ڪريو. ڇوڪري کي هينئر ئي مون
ڏانهن موڪلي ڏيو. پڪ ڪريو مون لاءِ اها رقم ڏيڻ ڪا
وڏي ڳالهه ڪانهي. آخر ڪمايون ڇا جي لاءِ ٿا.“
”چڱو ڀلا تون پاڻ نيڪ ڪم ڪرڻ تي زور ڀرين ٿو ته پوءِ ٺيڪ آهي.
پر مون توکي ٻڌايو ته نوجوان ڏاڍو خوددار آهي،
اعليٰ خاندان جو فرد آهي.“
”توهان اصل ڪنهن ڳالهه جو الڪو نه ڪريو. ساڄي هٿ کان ڏيو ته
کاٻي هٿ کي خبر نه پوندي.“ مون کيس حديث ٻڌائيندي
قائل ڪندي چيو، ”هونءَ به اسين بئنڪر آهيون، جي
بئنڪر راز نه رکي ته بئنڪر ڪهڙو.“
”نه نه، مون کي توهان تي ويساهه آهي. پر ڳالهه اها آهي، جو هن
حالت ۾ هو ڪنهن جي به منهن نه ٿو پوڻ گهري. ڏاڍو
حساس ۽ خوددار نوجوان آهي. وري به آئون پڇانس ٿو،
هو هتي ئي ويٺو آهي.“ نواب صاحب پنهنجو منهن شايد
مائوٿ پيس کان پرڀرو ڪيو، جو سندس هلڪو آواز ٿيندو
ويو؛”پٽ، انصاري صاحب جن پاڻ پنهنجي کيسي مان توکي
امداد ٿا ڪرڻ گهرن. تون وڃينس ۽ رقم وٺي اچ. اصل
الڪو نه ڪر، انصاري صاحب پنهنجو ماڻهو آهي. بس
ائين سمجهه ته مون ۾ ۽ انصاري صاحب ۾ ڪو فرق
ڪونهي.“ ڪجهه اهڙا ٻول هئا جي هري ٻڌڻ ۾ آيا هئا.
ڇوڪري جواب ۾ ڇا چيو، سو ٻڌڻ ۾ ڪونه آيو، يا ٿي سگهي ٿو اشارن
۾ چيو هجي، پر وري نواب جي ڳالهائڻ مان سمجهيم ته
نوجوان ڪهڙو جواب ڏنو هوندو؛ ”ابا تنهنجي مرضي جي
نه ٿو منهن تي پوڻ چاهين ته آئون ڇا ٿو ڪري
سگهان.“
نواب صاحب جي ان ڳالهه مان صحيح ڪيم ته هو ڇوڪرو پاڻ اچي امداد
به وٺڻ لاءِ تيار ڪونهي. آئون پاڻ کي وري ملامت
ڪرڻ لڳس ته نواب صاحب کي الائي ڇا سمجهيو هوم. هو
ويچارو مون کي پنهنجائپ ۾ مون کان نيڪ ڪم ڪرائي
رهيو هو ۽ آئون هن تي شڪ ڪري رهيو هوس. نواب صاحب
مون کي مخاطب ٿيو، ”انصاري، هو سخت شرمندو پيو
ٿئي. هو ڪڏهن به مون کان سواءِ ڪنهن ٻئي در تي نه
ويو آهي. تون هيئن ڪر اها رقم مون ڏانهن ڏياري
موڪل ته آئون پاڻيهي ڏيئي ڇڏيندوسانس يا چئو ته
آئون پنهنجو ماڻهو موڪلي رقم گهرائي وٺان؟“
هن نئين صورتحال مون کي وسوسن ۾ وجهي ڇڏيو. يعني آئون امداد به
ڪريان ۽ مون کي اها به خبر نه پئي ته ڪنهن کي
امداد ڏني اٿم. هڪ پل ۾ الڳ الڳ ويچار ذهن ۾ ڊوڙي
ويا. هزار رپين جي يڪي امداد، اها به غائبانه طور!
مون ڪڏهن خيرات ۾ ڏهه رپيا به نه ڏنا هئا. زال
البت زڪوات ۽ فطرو وغيره ڪڍندي رهندي آهي ۽ محرم ۽
شب برات ۾ خيراتون ڪندي رهندي آهي. آئون اڃا اهو
سوچي رهيو هوس ته نواب صاحب مون کي مونجهاري مان
عارضيءَ طرح ئي سهي، ڪڍي ورتو.”انصاري، آئون توکي
وري فون ٿو ڪريان. تيار ڪري توڏانهن موڪليانس ٿو.
گهرجائو آهي ڪيئن نه ايندو.“
آئون ان نقطي تي سوچيندو رهيس. هونءَ جي نواب صاحب مون کان هزار
رپيا اوڌار به گهري ها ته ڪڍي ڏيانس ها، پر ڪير
آهي جو اڄڪلهه لڪي خيرات ڪندو هوندو. خيرات ڪندڙ ۾
جو خودغرضيءَ جو جزو هوندو آهي، اهو مون تي به
حاوي پوڻ لڳو. ماڻهو پنهنجي نالي ۽ عزت لاءِ ڇا ڇا
نه ٿو ڪري. غريبن جو جو خون چوسي وري غريبن لاءِ
خيراتي اسپتال ٺهرائي، ان تي پنهنجو نالو رکڻ به
ته امير ڪندو آهي. قوم جا لاهه پٽيندڙن جا نالا
روڊن تي رکجي سگهجن ٿا. ٺيڪ آهي، انهن لکين رپيا
خيرات ڪيا، غريبن جي مدد ڪئي، پر اهي لکين رپيا
آيا ڪٿان؟ ۽ هاڻي آئون به ترقي ڪري اهڙي حيثيت تي
پهچي ويو هوس، جو آئون به گهرجائن لاءِ خيرات ڪري
سگهان. آئون نواب صاحب جو ٿورائتو آهيان جو هن مون
کي اهڙو احساس ڏياريو . پر هيءُ ته قصو ئي ٻيو ٿي
رهيو هو. آئون حياتيءَ جي پهرين امداد ڪري رهيو
هوس. اها به اڻڄاڻ ماڻهوءَ کي سڌو سنئون مون وٽان
اچي وٺڻي پوندي. سوچڻ لڳس ته نواب صاحب ڪاوڙجي ته
نه پوندو؟ مون ننهڪر ته نه ڪئي، آئون ته پاڻ
پنهنجي کيسي مان پئسا ڏيئي رهيو هوس پر الائي ڇو
مون کي هن نوجوان جو ويچار اچڻ لڳو. ڇا ماڻهو
حياتيءَ ۾ ايترو مجبور ٿي وڃي ٿو، جو هو اوچي
خاندان جو هوندي به ائين امداد، جا خيرات ئي آهي
اها وٺڻ لاءِ لاچار ٿئي.
ان وچ ۾ هڪ ٻه دوست آيا ۽ هليا ويا. ڪجهه دير لاءِ مونجهه دور
ٿي ويئي.
ذهن ۾ اوچتو عجيب ويچار آيو. ڪٿي نواب صاحب پاڻ ته پئسا ڪونه
وٺي رهيو آهي. ٿي سگهي ٿو کٽو هجي ۽ هن اهي طريقا
پئسا ڪمائڻ جا اختيار ڪيا هجن. اهو وڄ وانگر ويچار
آيو ۽ ذهن تان سڄو بار لهي ويو. آئون نواب صاحب جي
چالاڪي سمجهي چڪو هوس.
ساڍي چئين ڌاري وري نواب صاحب جو فون آيو. ”ڀائي انصاري، هو
نوجوان ته اچڻ لاءِ تيار ڪونهي.“ ۽ منهنجو شڪ هاڻي
پڪ ۾ تبديل ٿي ويو.
”ته پوءِ نواب صاحب معاف ڪجو، مان به ڪا امداد نه ڪري سگهندس.“
مون پهريون ڀيرو همت کان ڪم وٺي نواب صاحب کي سڌو
جواب ڏنو. شايد نواب صاحب اهڙي سڌي جواب ٻڌڻ لاءِ
تيار نه هو ۽ آئون ته اڳيئي اهڙي جواب لاءِ پاڻ کي
تيار ڪري چڪو هوس.
”جي- جي، ها، توهان ٺيڪ ٿا چئو، جڏهن مون خاطري ڏني اٿمانس ته
به پاڻ تيار ڪونهي ته ڇڏي ڏيوس. پاڻيهي پڇتائيندو.
ضرورت کيس آهي، باقي پاڻ نه ٿو امداد وٺڻ چاهي ته
سچ پڇو ته اهڙي کي ڏجي به نه.“
”چڱو انصاري، تنهنجي وڏي مهرباني. آئون تنهنجو ٿورائتو آهيان،
جو تو منهنجي عزت رکي. چڱو خدا حافظ.“
نواب صاحب ان مامري کي ائين اوچتو ختم ڪري منهنجي ان شڪ کي هڪدم
غلط ثابت ڪيو ته ڪو نواب صاحب پاڻ پئسا ڦٻائڻ جي
چالاڪي ڪري رهيو هو. پنهنجي ڏاڍي دل کي ملامت ڪيم
ته ڪهڙي نيڪ ۽ خانداني ماڻهو لاءِ برو ويچار ڌيان
۾ آندم.
آئون شام جو وهنجي سهنجي ڪلب وڃڻ لاءِ تيار ٿي رهيو هوس. هن
ڀيري توقع جي خلاف نواب صاحب گهر تي فون ڪيو.
”انصاري، توکي ڏاڍي تڪليف ڏني اٿم، جو ڇا ڪريان هن نوجوان جي
خاندان جو اونو اٿم، جي اعليٰ خاندان نه هجي ها ته
آئون پڇان به ڪونه ها. هاڻي صورتحال هيءَ آهي ته
هو نوجوان ته ڪونه ٿو اچي، پر هن جي ماءُ پاڻ
اوهان وٽ ايندي. واقعي لاچاري انسان کي ڇا ڇا نه
ٿي ڪرائي.“ اهو ٻڌي پهرين ته آئون به ڏکوئجي ويس
ته منهنجي اجائي هوڏ هڪ شريف ڪٽنب کي ڪيتري ته
تڪليف ڏني آهي. پهرين ته سوچيم ته نواب صاحب کي
چوان ته ٺهيو مون پنهنجي هوڏ ڇڏي، هو ڀلي پنهنجو
ڪو ماڻهو موڪلي ڇڏي. پر نواب صاحب پنهنجي ڳالهه
ڪندي مون کي اهو چوڻ جو وجهه نه ڏنو.
”جي توهان مناسب سمجهو ته خاتون اوهان وٽ رات جو نائين ساڍي
نائين، ڌاري اچي. رات جو ٺيڪ به لڳي ٿو. هونئن به
اوهان جي پاسي ته اٺين وڳي رات کان ئي سانت ڇائنجي
ويندي آهي. باقي آفيس ته هي خاتون اچي نه سگهندي.
ايتري همت نه ڪري سگهندي.“ نواب صاحب ڳالهه، پوري
ڪئي.
مون واچ ۾ مهل ڏٺي ست ٿي رهيا هئا. نواب صاحب کي چيم؛ ”جي، رات
جا ساڍا نو ٺيڪ رهندا.“
ڪلب ۾ مهل ڪاٽي گهر پهتس. ماني کائي اخبار ڏسي رهيو هوس ته
چوڪيدار ٻڌايو ته در تي ڪا زائيفان ملڻ آئي آهي.
واچ ۾ مهل ڏٺم؛ پوڻا ڏهه ٿي رهيا هئا. آئون گائون
پائي ٻاهر نڪرڻ لڳس. لفافو کنيم، جنهن ۾ اڳ ۾ ئي
مون هزار رپيا رکي ڇڏيا هئا.
ٻاهر در تي ڪا زائيفان بيٺي هئي پر در کان ڪافي پري هئي. البت
مين گيٽ جون بتيون ان تي ڪجهه قدر روشني وجهي
رهيون هيون. چوڪيدار دروازو کوليو، آئون ٻاهر نڪري
آيس. ڪجهه پري رڪشا به نظر اچي رهي هئي، جنهن ۾
شايد اها زائيفان چڙهي آئي هئي. اهڙي مهل هڪ
زائيفان کي اڪيلو ائين ڪنهن جي در تي، پوءِ اهو
منهنجو ئي در ڇو نه هجي، بيٺل ڏسي پاڻ تي ملامت
ڪيم ته رڳو پنهنجي ڳالهه رکڻ لاءِ هڪ شريف ۽ اوچي
خاندان جي عورت کي اهڙي بيگناهه مهل ۾ تڪليف ڏنم.
زائيفان کان پڇيم؛ ”فرمايو؟“
هن رڳو ايترو چيو” نواب صاحب.....“ ۽ هوءَ ويچاري پورو جملو به
چئي نه سگهي. پاڻ ننديندڙ ملامت هيٺ مون لفافو
وڌائي مائي کي ڏنو. هن ڪو ٻول نه ڪڇيو. بلڪل سانت
بت وانگر بيٺي هئي. هن هٿ وڌائي جيئن لفافو مون
کان ورتو. تيئن سندس ڳوري هٿ مون کي ڇرڪائي وڌو.
هن ته ڪجهه نه ڪڇيو ۽ لفافو وٺي تڪڙا پويان پير
ڪيا ۽ آئون اچرج ۽ تجسس جي مليل جليل ڪيفيت ۾ سندس
پويان ڇڪجي آيس. سندس شخصيت مون کي حيران ڪري وڌو
هو. رڪشا ۾ گهڙڻ کان اڳ هن پنهنجي نقاب ساڄي هٿ
سان مٿي ڪيو. سندس آڱر ۾ اها ئي ساڳي مهر واري
منڊي پيل هئي!
سندس پاسيرو ڳورو چهرو نظر آيو. مون سڃاڻي ورتس ته هوءَ پاڻ
بيگم نواب حشمت علي خان هئي ۽ مون صاف محسوس ڪيو
ته رڪشا ۾ ٻيو ماڻهو نواب صاحب پاڻ ويٺو هو! |