رات جنهين جو ماڳ
۽ وڏيري نواز خاص چوڌري راجا کي چيو هو- طاهر بئنڪر کي خوش ڪرڻ
لاءِ ڪجهه ٿيڻ کپي. نواز لاءِ ڪار لاءِ پئسا هٿ
ڪرڻ حياتيءَ ۽ موت جو مارو بنجي ويو هو. نواز چرچي
۾ راجا کي چيو هو”يار توهان به ايتريون پرمٽون ٿا
وٺو، ايترويون بسون اٿئو، توهان ڪيئن منهن ٿا ڏيو؟
اسان کي ته هڪڙي ڪار جي پرمٽ ملي آهي ته پئسا کٽي
پيا آهن.“ وڏيري نواز، راجا کي گهڻئي اشارا ڏنا
هئا، پر منهن سان قرض نه گهريو هئائين نه گهرڻ جي
همت ئي ساريائين. پاڻيهي راجا آڇ ڪري ها ته پوءِ
ٻي ڳالهه هئي.
”يار اهي ته سڀ بابا کي خبرون آهن ته اسان رڳو حساب رکون ۽ بابا
به پائي پائي جو حساب وٺي.“ راجا کي واپار جي سڀ
خبر هئي، پر ڪڏهن به پنهنجي ڏيتي ليتيءَ جو انت نه
ڏيندو هو. ”۽ يار اسان کي به بسن جي ڌنڌي ۾ چاچا
وڌو. اصل اڙجي پيا آهيون. چاچا کي ڪهڙي خبر ته
پنجاب جي ڌنڌي ۽ سنڌ جي ڌنڌي ۾ ڪيترو فرق آهي. پاڻ
ته لاهور ۾ ويٺو – موجون ڪري.“
اها ٻي ڳالهه هئي ته سنڌ ۾ پنجاب کان وڌيڪ موجون هيون، نه ته هو
هتي ڇو هجن ها. ۽ هي وڏيرا ظاهر ۾ مسڊيز ڪارون ۽
ٻه ٻه بنگلا رکندي به ڪڏهين ڪڏهين ايترا کٽل ۽ قرض
۾ ٻڏل هوندا آهن جو مهل تي کيسا خالي هوندا اٿن
جيئن هينئر وڏيرو نواز هو.
انهيءَ کان پوءِ هوٽل تي ماني کائڻي هئي. پر طاهر بئنڪر جي
مرضيءَ واري هوٽل ۾، جو مکيه مهمان هيءُ هو. طاهر
کي هوٽل فاروق جي ماني ڏاڍي وڻندي هئي خاص طرح نان
پاوا- اهي به تکين مرچن وارا!
اڄ رات”پروگرام ٿيڻو هو. پر مسئلو هو ته ڪٿي ٿئي. راجا جي گهر
ته ٻار ترسيل هئا. اتي سدائين ٻار ترسيل هوندا
هئن. پر راجا پنهنجن ذاتي ۽ ذات ڀائي دوستن کي اتي
ئي وٺي ويندو هو. پر هنن دوستن سان گڏ ڪڏهن به
پنهنجي گهر ۾ پروگرام نه ڪيائين. جي ڪو ترسيل نه
هوندو هو ته اچڻ وارو ضرور هوندو هو! پوءِ ڀلي اچڻ
وارو هفتو نه اچي! پر سندس اوچتي اچڻ جو سدائين
امڪان رهندو هو! راجا ته ائين ئي چوندو هو ۽ ڪڏهين
به وڏيرن وانگر پنهنجي گهر کي چڪلو نه بڻايو
هئائين. هوڏانهن وڏيري نواز جي گهر مهمان ترسيل
هئا ۽ نواز جو پيءُ حج تي وڃڻ وارو هو.
نواز، راجا کي سڄي بندوبست لاءِ چئي رهيو هو؛ ”راجا اڄ پروگرام
ٿيڻ کپي. طاهر کي آسرو ڏنو هوم. پاڻ چار ڄڻا
ٿينداسون، ٻه ڄڻيون ڪافي رهنديون.“
ڇڏ يار ٻه وري ڇا لاءِ- هڪڙي ڪافي رهندي-“ راجا کي پئسا ڀرڻا
هئا سو جيترا پئسا بچنس اوترا چڱا- ”وڌ ۾ وڌ مون
کي کڻي نه ڳڻيو ٻيو ڇا.“
”نه يار ائين وري ڪيئن ٿيندو.“
”نه نه- وجهه مليو ته واهه نه ته ٺهيو.“ راجا هفتو اڳ ۾ ئي هڪڙو
ڳرو ڀل ڀريو هو. جڏهن نواز جي پيءُ وزير جي دعوت
ڪئي هئي ته ولايتي شراب راجا ئي آندو هو.“
”پر يار طاهر وري ڇا چوندو؟“
”چوندو وري ڇا- وڌ ۾ وڌ پهرين هو، ٻيو ڇا. مفت ۾ هن کي ڪجهه به
ملي.“
اوڏيءَ مهل طاهر مفت جي شراب جي نشي ۾ لڏندو لمندو پي آيو.
طاهر جو واڇون ٽڙي ويئون هيون، ”يار – واهه، ڇا پتي جي ڳالهه
ڪئي اٿئون قسم پروردگار جي.“
”پر طاهر، پروگرام گهر ۾ نه ڪري سگهبو. خير اٿئي بابا جن حج تي
پيا وڃن ۽ راجا جي گهر به مهمان ترسيل آهن.“
طاهر جي منهن جو پنو لهي ويو.
”اڙي يار طاهر، دل نه لاهه، اڄ پروگرام پڪ ٿيندو، پوءِ کڻي ڪوٺي
تي وڃڻو پوي. ٻڌئي پر اڄڪلهه ڏينهن ٺيڪ ڪونهن. اتي
وڃڻ به جوکم آهي، سو هاڻي پروگرام ٿيندو ڪلفٽن
تي.“
”ڪلفٽن تي!“ طاهر بئنڪر جي چهري تي اچرج سان گڏ وري رونق به
موٽي آئي.
”ڪلفٽن تي. اصل سمنڊ جي ڪناري. نواز جي وئگن ڪهڙي ڪم ايندي.“
سڄو مامرو هيئن ٺهيو ته هو سڀ هوٽل فاروق ۾ ماني کائيندا. راجا
”پرائيويٽن“ کي وٺي هوٽل فاروق تي ”سنئڪس“ وٺڻ جي
بهاني ايندو ۽ پوءِ انهن کي وٺي ڪلفٽن ڏانهن ويندو
۽ هي پويان ڪار ۾ ايندا.
هوٽل فاروق تي ماني کائيندي طاهر ڪجهه ماٺ ماٺ هو. چهري تي گاڏر
ساڏر تاثر هو، ڪيڏيءَ مهل کليو ٿي ته ڪيڏيءَ مهل
ماٺ ٿيو پي ويو. پر نان پاوا اهڙي جوش ۾ کائي رهيو
هو، جهڙو صدين جو بکايل هجي.
”يار طاهر هوريان کاءُ. هيءُ ماني آخري ته ڪانهي.“ نذير کٽل،
طاهر کي چرچو هڻندي چيو. نذير ۽ طاهر رڳو هڪ ٻئي
تي ئي چٿرون ڪندا هئا. هڪڙو کٽل ٻيو پوڍائو، ڪٿي
ٿا اميرن سان چرچا ڪن. هونئن به سنگت ۾ جتي ٻه ڄڻا
کٽل هوندا آهن، انهن جي پاڻ ۾ سدائين لڳندي رهندي
آهي. ڇو جو غريبن جو ساڙ به هڪ ٻئي سان ٿيندو آهي
۽ وَس به هڪ ٻئي تي ئي هلندو آهي.
طاهر به جواب جو ايترو تکو هو جو کانئس پڇڻ مجال هو پر نذير جي
چرچي جي جواب ۾ رڳو مرڪي ڏنائين ۽ پائي کي پورو چٽ
ڪندي چيائين، ”هر مومن جڏهن نماز ۾ بيهي ته سمجهي
ته اها سندس حياتيءَ جي آخري نماز آهي ۽ جڏهن به
مانيءَ تي ويهي ته اهو سمجهي ته اها سندس حياتيءَ
جي آخري ماني آهي!“ طاهر پنهنجي خوشگوار موڊ ۾
موٽي چڪو هو. پوءِ وري نواز کي چوڻ لڳو”يار نواز
گهر تي، پوءِ ڪنهن ٻئي دوست جي گهر تي ئي سهي،
پروگرام ٺهي ها ته سٺو.“ طاهر اڃا ڪلفٽن واري سوچ
سان سهمت نه پئي لڳو.
”پر ڪنهن ٻئي دوست جي گهر پروگرام ٿيڻ ته پري رهيو، پر سچ پڇين
ته پنهنجو گهر خالي هجي ته به اتي پروگرام ڪرڻ اڄ
ڪلهه جوکم جو ڪم آهي.“ نواز مرڳو ئي گهر واري
ڳالهه کي بنهه رد ڪرڻ ٿي گهريو.
”ڇڏيو يار توهان جي هتي بادشاهي لڳي پيئي آهي توهان جي ته حڪومت
آهي. اوهان جو پنهنجو سنڌي حاڪم تخت تي ويٺو آهي.“
طاهر پنهنجي باهه ڪڍندي چيو. هونئن ڪنهن جي خلاف
ڳالهائي دل جي باهه ڪڍڻ جي اها به واٽ آهي ته
انهيءَ ڪارنامن کي ڪنهن دشمن جي کنڌي ۾ وڌو وڃي.
اهو ته ٺيڪ آهي پر جيسين اسان جو حاڪم پاڻ پهچي تيسين ته ترا
نڪري ويندا-“ وڏيري نواز، طاهر جي ڳالهه کي ڪنهن
حد تائين مڃيندي چيو.
کٽل نذير ايتري دير ماٺ ڪيو ويٺو رهيو، پر پوءِ پاڻي جو گلاس پي
هڪ ڳيت ڏئي اوچتو ڦاٽي پيو ڄڻ جهجهڪي آئي
هجيس”طاهر توکي ڪنهن چيو ته اسان جي حڪومت آهي.
اسان جي مٿان ته سڀني کان وڌيڪ ظلم آهي. ماڻهو
اسان جا جيلن ۾ آهن، ٻولي اسان جي ختم ڪئي ويئي
آهي. اسان جن رسالن ڪتابن تي بندش آهي، اڃا به تون
چوين ٿو ته حاڪم توهان جو پنهنجو آهي!“
”پوءِ اهو ڪنهنجو آهي. ڇا اوهان جو به ڪونهي. اسان جو ته ظاهر
ظهور دشمن آهي.“ طاهر بئنڪر بحث جي موڊ ۾ اچي چڪو
هو، هونئن به طاهر جي لاءِ بحث ڪرڻ ايترو ئي ضروري
آهي، جيترو پان کائڻ. نه هو بحث کان سواءِ جيئرو
رهي ٿو سگهي ۽ نه ئي پان کان سواءِ ۽ ٻي مکيه
ڳالهه اها ته جنهن جي به حڪومت هوندي، تنهن جي
سڀني جي سامهون ساراهه ڪندو هو، پر اڪيلي ۾ ماءُ
ڀيڻ تي اهي گاريون ڏيندو هو جو لکنو جي ڪوٺي تي
ويٺل رنڊيون به شرمائجي وڃن. جتي اڙدوءَ جي هڪ وڏي
اديب جي چواڻي ته نواب پنهنجي اولاد کي تهذيب سکڻ
لاءِ ڇڏيندا هئا.
وڏيرو نواب، طاهر بئنڪر جي ان ڳالهه تي ته- آخر سنڌي حاڪم ڪنهن
جو آهي؛ چوڻ لڳو، ”چوڌري راجا هجي ها ته منهن تي
ڪرايائين ها ته ڪنهنجو آهي.“ نواز کلندي چيو.
”ڀائي، تڏهن ته چوندو آهيان ته سڀني برائين جو خاتمو اسلامي
نظام ۾ آهي.“ طاهر بئنڪر مسئلي تي فيصلو ڏيئي
ڇڏيو.
ايتري ۾ سامهون کان چوڌري راجا پاڻ اچي نڪتو. راجا اک ڀڳي. طاهر
بئنڪر واڇون ٽيڙيندي ٽپ ڏيئي اٿي بيٺو. ”ڪيئن
استاد ڪم ٺهيو؟“
”طاهر ترس ته سهي. بل ته ڏيون.“ نواز کٽل ٽو ڪيندي طاهر کي چيو
۽ طاهر بئنڪر ڦڪو ٿي ويهي رهيو.
”ٻڌو يار، آئون هلان ٿو هتان سڌو نيو ڪلفٽن تي. اتي ترسندس. بس
توهان جيئن پهچندو ته تيئن اڳتي......“ چوڌري راجا
جي اڌ جملي ۾ سڄي مضمون جي معنيٰ لڪيل هئي.
هوٽل مان نڪرندي چڪن تڪي جا پئڪيٽ به کنيا ويا، جي طاهر جي چوڻ
تي ماني کائڻ کان الڳ ورتا ويا هئا. هونئن به رات
جو پروگرام هو، متان گهڻي دير لڳي. ورلي ڪا اهڙي
مهل ايندي آهي جڏهن ماڻهو پيٽ ۽ سرير جي بک، ٻنهي
کان هڪ ئي مهل ۾ وانجهيل هجي ۽ چڪن تڪن جي پئڪيٽن
کي اڄوڪين شام جي اخبارن ۾ ويڙهي پويان در وٽ رکيو
ويو.
فاطمه جناح روڊ کان ٿيندا، ون وي وٽان مڙندا، وڪٽوريا روڊ هاڻ
اسلامي نالو حاجي عبدالله هارون روڊ تان ٿيندا
ڪلفٽن روڊ تي مرسڊيز، ٻين گاڏين کي اوورٽيڪ ڪندي،
ڪلفٽن تان ساڳيءَ رفتار ۾ لنگهڻ لڳي، جتي سنڌي
حاڪم، سنڌ جي محبت ۾ سنڌي ڪتاب ۽ رسالا بند ڪري
هالا ڪاشيءَ جون سرون لڳايون هيون. ڪلفٽن برج
اُڪرندي ئي ڪار هاڻي خيابان اقبال تان پي ويئي.
اقبال جي نالي تي پي- اي- سي- ايڇ سوسائٽي ۾ هڪ
روڊ اڳ ۾ ئي آهي، پر رڳو هڪڙي روڊ تي نالو ٺهي نه
ٿو. هونئن به جيڪو رعب ”خيابان“ لفظ ۾ آهي اهو
”روڊ“ ۾ ڪونهي. هونئن هڪ ڪالوني گلشن اقبال به
آهي. وس پڄين ته ڪراچيءَ جي هر روڊ، هر ڪالونيءَ
جو نالو ڪنهن نموني اقبال تي رکي ڇڏين! باقي لطيف
جو نالو ڪراچيءَ ۾ ڳوليو نه لڀندو، لطيف جي نالي
کي ڳولڻ اصل ۾ ”ملين ڊالر ڪوئيسچن“ آهي!
اها خميس جي پر اسلامي حساب کان جمعي جي رات هئي ۽ ڪلفٽن تي
جمعي کان وڌيڪ رش ٿي نظر آئي، جو ايڏانهن عبدالله
شاهه جي درگاهه آهي جتي ڪراچيءَ جا ماڻهو پنهنجي
عقيدت جو اظهار ڪرڻ، پري پري کان ڪهي ايندا آهن ۽
موٽ ۾ پراين ڪارن ۾ لفٽ وٺي گهر پهچندا آهن. ڪار
جڏهن ڪلفٽن پر امينيڊ تي پهتي ته پريان بيٺل وئگن،
ايتري رش ۾ به پڌري پي نظر آئي. هنن پهچي هارن ڏنو
۽ ٿوري دير ۾ وئگن اڳيان ٿي ۽ ڪار پويان ۽ پوءِ
هيٺ سمنڊ جي ڪناري ڏانهن روان هيون.
”هو ٻيو ڪير ويٺو آهي وئگن ۾؟“ طاهر بئنڪر کان ڇرڪ نڪري ويو.
وئگن راجا هلائي رهيو هو ۽ پويان سيٽ تي هڪ عورت
جي جهلڪ پي نظر آئي ۽ اڳيان هڪ ٻيو ماڻهو ويٺو هو.
آئون سمجهان ٿو شايد”پمپ“ آهي. ڀڙوي کي ”پمپ“ چوڻ اعليٰ تهذيب
جي نشاني آهي. نذير کٽل به پنهنجي مهذب هئڻ جو
مظاهرو ڪندي اهو ٻول استعمال ڪيو.
”اڙي، اهو ته نور الله ٿو لڳي.“ نواز هن ماڻهو کي مڃائيندي چيو.
”نور الله ڪير؟“ طاهر بئنڪر جي گهٻراهٽ وڌي رهي هئي.
”راجا جو سوٽ.“ نذير به کيس سڃاڻيندي چيو. چوڌري راجا جڏهن ڪنهن
پروگرام تي پئسو خرچيندو هو، پوءِ کڻي پرائيويٽن
تي هجي يا شراب تي، پاڻ سان گڏ رونگ ۾ ڪونه ڪو سؤٽ
ماسات ضرور آڻيندو هو. پنهنجي خرچ مان ڪجهه ته
وصولي واپس گهر ۾ اچي!
چوڌري راجا ۽ وڏيري نواز کي، واٽون ۽ لنگهه ساريا پيا هئا. منظر
موهيندڙ هو. چانڊوڪي رات، ٻارهين تيرهين تاريخ جو
چنڊ ۽ لهرن جي اڇل ۽ سمنڊ جي ڪناري جي رومانيت ۾
هڪ زال جي موجودگي، اڃا به وڌيڪ سونهن پيدا ڪري
ڇڏي هئي.
وئگن ۽ ڪار بتين ۽ روشنين کان ڏور سمنڊ جي ڪناري هوريان هوريان
اڳتي وڌي رهيون هيون ۽ ڪراچيءَ جو شهر پٺتي ٿيندو
پي ويو. نيٺ هڪ هنڌ تي وئگن ور کائي سمنڊ کي پٺ
ڏيئي بيهي رهي. جيئن وئگن پاسيرڙي ٿي ته وڏيرو
نواز جي ڪار جي روشنيءَ ۾ ويٺل زال جو چهرو جرڪي
اٿيو.
”معشوق ته دلبر ٿو ڏسجي“ نذير کٽل جي وات مان نڪتو.
”دلبر هجي يا نه – هاڻي ته اهڙي اسٽيج تي آهيون ته ڪهڙو به
هجي!“ طاهر بئنڪر اک ڀڃيندي نواز کي چيو.
۽ نواز کلي ڏنو. هروڀرو، جيتوڻيڪ ڪا اهڙي کلڻ جي ڳالهه ڪانه هئي
ظاهر کي خوش ڪرڻ لاءِ.
نواز به ڪار کي موڙيو ۽ اها به ساڳي ڏس ۾ پر سمنڊ کان پري ٿورو
ڪناري ڏانهن وڌي بيهي رهي. سڀئي لٿا، بوتلون کلي
ويئون، گلاس نڪري آيا ۽ ڪار جو بانيٽ ڄڻ ٽيبل بنجي
ويئي. طاهر بئنڪر، چوڌري راجا ڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ
زال ڏانهن ۽ سڀني کان پهريون گلاس کڻندي راجا کي
چيو، ”ڇو راجا محترما شريڪ نه ٿيندي ڇا!“ راجا
اڳتي وئگن ڏانهن. وڌيو. ڪجهه ڳالهائي ۽ پوءِ
مرڪندي واپس وريو.
”يار هو ته بر ٿي ويٺي آهي- چوي ٿي ته ٻن جي جاءِ تي پنج ڪونه
هلندا.“
”چئيس ته هوندو هڪڙو باقي ٻيا فلم جي شوٽنگ ڪندا بليو فلم
ٺاهينداسون.“ طاهر چيو ۽ سڀني گڏجي ٽهڪ ڏنو گلاس
خالي ٿي چڪا هئا- نذير ٻيهر گلاسن کي ڀرڻ لڳو.
طاهر هٿ روڪيندي چيو، ”بس استاد باقي پوءِ.“
راجا وئگن جو پويون در مٿي ڪيو. ڪجهه وڇائڻ لڳو ۽ سرڙ سرڙ جو
آواز اچڻ لڳو.“
”اهو ڇا پيو ڪرين.“ وڏيري نواز رڙ ڪندي پڇيو.
”يار دري وڇائي هئم- پر خراب نه ٿئي سو اخبارون پئي مٿان وڇايم.
اخبارون ته پڙهيونسين به ڪونه، مهل ئي ڪونه ملي“
راجا وراڻيو ۽ انهن اخبارن مان اهو به هڪ فائدو
هو. سچ ڪراچي ته ڇا، پر سڄو ملڪ انهن اخبارن کان
سواءِ هلي نه ٿو سگهي- اهو ڪهڙو ڪم آهي جو اخبارون
نه ٿيون ڏين.
ايتري ۾ وڏيرو نواز حڪم جي انداز ۾ ڳالهائڻ لڳو، ”يارو ڳالهه
ٻڌو. طاهر اسان جو مهمان آهي پهرين هو ۽ اصل ۾ سچ
پڇو ته اڄوڪو پروگرام اسان طاهر جي ”آنر“ ۾ ڪيو
آهي.“
”نه يار نواز ڀائي، طاهر تڪلف واري انداز ۾ چيو. جنهن تڪلف ۾
اڳلي جي ننهڪر سمايل هوندي آهي، انهيءَ ۾ پڪ هوندي
آهي ته اڳلي کي ننهڪر ته ڪرڻي ڪونهي! پر انهيءَ
تڪليف ۾ اڳلو ڪٿي ننهڪر کي سچ پچ نه ئي سمجهي وٺي
ته پوءِ انهيءَ تڪليف ڪرڻ واري جي شڪل ڏسڻ وٽان
هوندي آهي. تڪلف منافقيءَ جي شريفاڻي صورت جو ٻيو
نالو آهي طاهر تڪلف ڪندو وڃي هن وٽ پهتو.
”يار هيءَ ته ڪاوڙي ويٺي آهي. چوي ٿي، هٿ لائڻ به ڪونه ڏينديس.“
”طاهر بئنڪر“ پريان رڙ ڪئي. راجا وئگن وٽ لنگهي
ويو، ۽ ٿوري دير ۾ ئي ڇوڪريءَ ۽ طاهر ٻنهي کي پاڻ
سان وٺيو آيو.
”يارو ”توهان اڪيلي اڪيلي ”ڊرنڪ“ ڪيئو. هن کي وساري ڇڏيوَ“ ۽
نذير کٽل هڪ گلاس کڻي ڇوڪريءَ جي اڳيان ڪيو.
”اوهان جو نالو“ نذير گلاس ڏيندي پڇيس.
هن پنهنجو نالو عائشه ٻڌايو.
”سبحان الله ڇا نالو آهي!“ طاهر واکاڻ ڪندي چيو.
”يار هي به ڪو نالو آهي- اڄڪلهه ته ماڊرن نالا پيا هلن. اهي ته
”اولڊ نالا آهن، گهٽ ۾ گهٽ ٽيهه سال اولڊ“ نواز
کٽل چيس.
”سڀ نالا سهڻا آهن. زال تي جيڪو به نالو رکو، ڪهڙو به هجي، سهڻو
نالو ٿيو پوي.“ طاهر انهيءَ وچ ۾ هڪڙو ٻيو گلاس
کڻي ورتو.” ته مس عائشا، توکي پڪ عاشي چوندا
هوندا.“
”ها، ته مس عاشي، اسين گهڻا ٿا لڳون، ته سؤ رپيا ٻيا. بس نه!“
راجا کيس راضي ڪرڻ لاءِ آڇ ڏني.
”بلڪل مناسب.“ طاهر به فيصلو ڏنو. پئسا هن ته ڪونه ٿي ڏنا باقي
رعب اهڙو هو ڄڻ پاڻ ٿي ڏنائين.
هن سؤ روپين واري واڌ جي آڇ نظر انداز ڪندي کين ٻڌايو ته سندس
طبيعت ٺيڪ ڪانهي.
”پوءِ تون آئين ڇو؟“ نور الله، چوڌري راجا جو سوٽ جيڪو ايتري
دير ”چپ ويٺو هو، تنهن به پهريون ڀيرو ڳالهايو.
هوءَ ٻڌائڻ لڳي ته پئسن جي ضرورت ڪري. پڻس سخت بيمار هو. ٻئي
ڏينهن اسپتال ۾ داخل ڪرائڻو هو.
”تڏهن ته توکي سؤ رپيا وڌيڪ پيا ڏيون نه.“ هاڻي وري نذير کٽل سؤ
روپين جي واڌ واري آڇ جي ڳالهه ڪئي، طاهر وانگر
رعب سان ڳالهائيندي چيو، ڄڻڪ هن پنهنجي به کيسي
مان ٿي ڏنا.
”نه ته هتان هلي سڌو ٿاڻي تي ڇڏيوس ته پاڻيهي خبر پوندس“ طاهر
بئنڪر ڌمڪي ڏنس.
”ڪتيءَ کي وڌيڪ کپن، پيٽ ئي نه ٿو ڀرجيس.“ وڏيري نواز ڪاوڙ ۾
ڳالهايس.
هوءَ هيسجي ويئي- ۽ طاهر ان جي چهري جا اهڃاڻ پڙهندي کيس ٽوڪڻ
واري انداز ۾ چوڻ لڳو.
”محترما، هتي سمنڊ ڏاڍو گهرو آهي. ۽ سڀ کان وڏي خرابي اها آهي
ته هتي ته لاش به نه ٿا لڀن،“ پوءِ وري راجا نذير
کٽل ڏانهن منهن ڪري چوڻ لڳو، ”يار توهان هلو.
هروڀرو پيا گرم ٿيو، هن کي ننهڪر ڪونهي.“
۽ هوءَ ڳرين وکن سان لاچار طاهر سان گڏجي ڇڪجي پويان وئگن ڏانهن
نيئي ويئي.
ٿوري دير کان پوءِ طاهر موٽيو. پر هن ڀيري ٿورو ڪر ڪندو آيو. ڪن
ماڻهن جي عادت ٿيندي آهي ته ڪنهن شيءِ کان ننهڪر
به نه ڪندا ته وري ڪر ڪندا به. جهڙوڪ ٻين تي
مهرباني ڪندا هجن.
اهڙي طرح سڀ واري واري سان پويان ٿيندا آيا. طاهر بئنڪر کان
پوءِ وڏيرو نواز تنهن کان پوءِ کٽل نذير ۽ آخر ۾
چوڌري راجا جو سوٽ نور الله. چوڌري راجا هن جي
بيماريءَ تي رحم کائي پنهنجو وارو ڇڏي ڏنو يا
هيترن ماڻهن کان پوءِ وڃڻ تي دل نه ٿي هوندس.
واپس ٿيڻ مهل وئگن اڳيان ٿي ۽ هي ڪار ۾ پويان ٿيا. رات جا ٻه ٿي
رهيا هئا. متان ڪو واٽ تي پڇا ڳاڇا نه ڪري ان ڪري
گاڏيون گڏوگڏ سمنڊ جي ڪناري تان ڊوڙندي ڪفلٽن جي
ون – وي واري چاڙهيءَ تان مٿي پهتيون ۽ جڏهن ڪلفٽن
جي پهرين چوواٽي تي پهتيون ته پريان روشنيءَ ۾
ڪجهه پوليس وارا نظر آيا.
ڀرسان ڪار به اچي بيهي رهي. نواز ڪار مان ئي پڇيو، ”ڇو ڇا ٿيو؟“
”يار پريان ڪجهه گڙٻڙ ٿي ڏسجي. اسان کي هن کي هتي لاهڻو پوندو.“
چوڌري راجا انگريزيءَ ۾ وڏيري نواز کي چيو.
”پوءِ لاهينس.“
”اهو ته چيومانس، پر لهي ڪانه ٿي. چوي ٿي هتي نه.“
”اڙي لهه نه.“ نواز ڪاوڙ مان رڙ ڪري چيو. نذير ۽ طاهر به در
کولي هيٺ لهي آيا. ۽ هوءَ ٻاڏائڻ لڳي ته، کيس گهر
پهچڻو آهي. سندس پيءُ بيمار آهي پاڻ به ٺيڪ ڪانهي
خدا ۽ رسول جا واسطا ڏيڻ لڳي، پنجتن پاڪ جي مهابي
ٻاڏائڻ لڳي.
”بند ڪر اها ائڪٽنگ، ڪميڻي،“ چوڌري نواز هڪل ڪري چيو. پر هوءَ
آزيون نيزاريون ڪرڻ لڳي.
طاهر هوريان اڳتي وڌيو ۽ چوڻ لڳو، ”يارو توهان ماٺ ڪريو. ائين
نه لهندي.“ ائين چئي هو اڳتي وڌيو ۽ دريءَ ۾ منهن
وجهي چوڻ لڳو، ”محترما اوهان پاڻ تشريف کڻي وڃو.
اهو اوهان جي حق ۾ بهتر آهي، نه ته هروڀرو هلندي
ڪار مان اوهان جي تشريف اسان کي لاهڻي پوندي.“
طاهر جا اهي جملا ٻڌي هوءَ طاهر جي اڳيان هٿ ٻڌڻ لڳي، ۽ روئيندي
کين پاڻ سان وٺي هلڻ لاءِ چوڻ لڳي.
طاهر وري ساٿين کي چوڻ لڳو، ”يار هيءَ ائين نه مڃيندي. ڪوبه
انسان پنهنجي جاءِ، کڻي هو گند تي به ويٺل ڇونه
هجي، زبردستي کان سواءِ نه ڇڏيندو.“
طاهر ۽ نور الله وڃي هن ۾ هٿ وڌا ۽ کيس گهلڻ لڳا ۽ رستي تي آڻي
جو اڇلايو ته ڇوڪريءَ جو مٿو وڃي چوواٽي تي ٺهيل
يادگار جي سنگمرمر جي ڀت سان لڳو.
ڪلفٽن جي انهيءَ چوڪ کي شهيد جو يادگار چئجي ٿو. جنهن تي جيڪو
ڪتبو لکيل هو، سو نذير کٽل ۽ طاهر بئنڪر سدائين
گڏجي پڙهندا هئا. نذير سنڌيءَ ۾ لکيل وارو ته طاهر
اڙدوءَ وارو پڙهندو هو.
”انهن لکن مسلمانن جي ياد ۾ جن ڪشالا ڪڍي، ڏک ڏکڙا سهي، پنهنجي
پگهر ۽ رت سان آزاديءَ جي راهه روشن ڪئي. انهن جون
قربانيون اسان جي تاريخ ۽ اسان جي دلين تي نقش
آهن. اسين کين پاڪستان کي هڪ زندهه حقيقت بنائڻ تي
سلام ڪريون ٿا.“
اها ڪالهه خميس يعني جمع جي رات جي ڳالهه هئي. اڄ وري هو ڪالهه
جيان گهمڻ نڪتا هئا. اڄوڪي سنجها ۽ ڪالهوڪي سنجها
۾ ڪو مکيه فرق ڪونه هو، سواءِ ان جي ته اڄ گهم
ڪجهه گهٽ هئي. آسمان ۾ ڪڪرن جون ٽڪريون هيٺ رستي
تي ڊوڙندڙ اڻ کٽ ڪارن جي سلسلي جيان پي لڳيون، پر
مٿي ون – وي ٽرئفڪ هئي ته هيٺ ٽو – وي بس ايترو
فرق هو.
هنن جي مرسيڊيز ايس – ايل 300 به چرراٽ چيڪاٽ ڪندي، پاڪستان
ايمپلائيز هائوسنگ سوسائٽيءَ مان نڪري طارق روڊ تي
آئي. طارق روڊ تي پهچندي ئي ٽنهي اوچتو ائين ماٺ
ڪئي، جيئن ڪنهن غيبي طاقت حڪم ڪيو هجي ۽ ٽنهي جا
ڪنڌ الڳ الڳ ڏسن ۾ ائين لنوڻيون هڻڻ لڳا ڄڻ اهو به
غيبي طاقت جو ئي حڪم هجي. طارق روڊ جي رونق پنهنجي
جوڀن تي هئي. ڪراچيءَ جو نئون شاپنگ سينٽر جيڪو
ٻين شاپنگ سينٽرن وانگر شاپنگ سينٽر گهٽ ۽ ”هنٽنگ“
سينٽر وڌيڪ آهي. جتي هر ڪو ائين لڳندو آهي ڪجهه
”هنٽ“ ڪري رهيو آهي. جتي هر ڪو ”هنٽر، آهي ته وري
هر ڪو ”هنٽيڊ“ به جيتوڻيڪ پنهنجي پر ۾ هر ڪو ائين
سمجهندو آهي ته هو ”هنٽر“ آهي! انهيءَ لحاظ کان
سڄو شهر شاپنگ سينٽر آهي!
هن جون اکيون ڪار سان گڏوگڏ سڄي طارق روڊ جو طواف ڪندي اقبال
روڊ کان ٿيندي اچي شاهراهه قائدين تي نڪتيون. جتان
وري سنڌي مسلم هائوسنگ سوسائٽيءَ مان ٿينديون ڊرگ
روڊ تائين اچي پهتيون. سگنل جي ڳاڙهي لائيٽ ڪار کي
بيهاري وڌو ۽ آٽوميٽڪ سگنل جيان اوچتو اخبارون
سندن اکين اڳيان، درين آڏو اچي بيهي رهيون. ڇوڪرا
سنجها جون اخبارون جهلي ائين بيٺا هوندا آهن ڄڻ
اهي به سگنل سان ٻڌل هجن. هوڏانهن ڪار بيٺي ناهي
ته هو به اخبارون آڏو جهلي بيٺا ناهن. نواز وڏيري
جي پٽ اخبارون ورتيون پر اسٽيئرنگ تي ويهڻ ڪري
پئسن ڪڍڻ ۾ ٿوري ڏکيائي لڳس، تنهن وچ ۾ نذير کٽل
هڪدم روپيو ڪڍي اخبار واري کي ڏنو.
”مان ڏيانس ٿو يار.“ نذير کٽل سدائين اهڙين ننڍين
رقمن ڪڍڻ ۾ فراخدلي ڏيکاريندو هو. پر جڏهن ڪو گهڻو
يا ڳريڙو خرچ ڀرڻو هوندو هو ته اهڙي ته اداڪاريءَ
سان ڪن لاٽار ڪندو هو ڄڻ هو هنن سان گڏ نه پر
ڌاريو آهي. هونئن به خرچ ڪرڻ سندس وس وٽان به نه
هو. غريب، اميرن جي سنگت ۾ ڪتي وانگر پلجندا آهن.
سنجها جون اخبارون ڪنهن جاسوسي ناول کان گهٽ ڪونه هونديون آهن.
اهو ئي ڪارڻ آهي، جو ڪراچيءَ جا ماڻهو جيتريون
سنجها جون اخبارون ٿا خريد ڪن، اوتريون صبحوڪيون
نه ۽ هي صبحوڪيون اخبارون به آفيسن ۾ نه اچن ته
شايد پڙهجن به نه! چون ٿا ڪراچي، پاڪستان جو دماغ
آهي ۽ انهن سنجها جو اخبارن مان دماغ جي سوچ جو
ڪاٿو لڳائي سگهجي ٿو ۽ انهن سنجها جي اخبارن ۾
ڪابه گنڀير خبر نه هوندي آهي! گنڀير خبر ته
صبحوڪين اخبارن ۾ به نه هوندي آهي!
سگنل جي سائي بتي ٻري ۽ نواز هڪ جهٽڪي سان اسپيڊ ۾ جو گاڏي
ڦيرائي ڊرگ روڊ تي آندي ته طاهر کان ڇرڪ نڪري ويو.
”ڌيري يا ڌيري.“ طاهر بئنڪر اڙدوءَ ۾ چيو. پر نواز مرڪندي ڪار
جي اسپيڊ اڃا به وڌائي ڇڏي. ”استاد! معشوق!“ طاهر
بئنڪر رڙ ڪندي چيو.
نذير کٽل طاهر جي رڙ کي نظر انداز ڪندي ڪار جي دريءَ مان پريان
ليئو پائيندي پاڻ رڙ ڪئي.
”پويان رڪشا ۾، استاد! لفٽي پيون لڳن.“ هن وري پڪ ڏياريندي چيو.
وڏيري نواز به پنهنجي سامهين آرسيءَ کي ٺيڪ ڪندي
انهيءَ مان پويان ڏٺو. نذير جي ڳالهه صحيح هئي.
رڪشا ۾ ويٺل ٻئي ڇوڪريون مرڪي رهيون هيون. هن
ايڪسيليٽر تان پير ڍرو ڪيو ۽ ڪار به ڍري ٿيڻ لڳي ۽
ڀر مان ٻيون ڪارون زوزاٽ ڪنديون اڳتي نڪري ويئون.
رڪشا پنهنجي ساڳي رفتار سان وڌي اچي ڪار جي ويجهو
ٿيڻ لڳي ۽ نواز اڃا به اسپيڊ گهٽائيندي ڪار کي
رڪشا جي پور وڇوٽ هلائڻ لڳو.
هنن ٽنهي به جواب ۾ مرڪي ڇوڪرين ڏانهن نهاريو. ڇوڪرين جو هاڻ
مرڪڻ نيڻ سان گڏ آمادگي ڏيکارڻ لڳو.
”استاد ڪم تيار آهي.“ طاهر بئنڪر واڇ ٽيڙيندي چيو ۽ گگ ذري گهٽ
ڳڙڻ کان بچي ويئي.
وڏيري نواز اکين سان اشارو ڏيندي ٿورو ڪنڌ ڌوڻي کين بيهڻ لاءِ
چيو ۽ جواب ۾ ڇوڪرين، رڪشا واري کي ڪجهه چيو ۽
رڪشا ڍري ٿيڻ لڳي ڀرپاسو وٺي بيهڻ بدران سامهون
چوواٽي تان کاٻي هٿ تي اوچتو مڙي ويئي. ڪار لاءِ
ائين اوچتو کاٻي پاسي مڙڻ ڏکيو هو، جو پاسن کان ۽
پويان ڪارن جو ريلو لڳو پيو هو، پر نواز لاءِ ڪار
کي ائين اوچتو موڙڻ ٻاراڻي راند هئي. هن ڪار کي
ٿورو اڳيان ڪري ڪار بيهارڻ جي اڇي ليڪ کي لتاڙي
ائين گاڏي ڦيرائي لنگهي ويو جيئن ڪو خالي رستي تان
ڪار هلائيندو هجي.
هو سمجهي ويا ته رڪشا کي بيهڻ لاءِ اهو پاسيرو روڊ بهتر هو، جتي
رش نالي ماتر هئي، پر پريان ويندڙ رڪشا بيهڻ بدران
اڃا به تکي ٿي ويئي. نواز به رفتار تکي ڪئي ۽ ڪجهه
بي دليو ٿي چوڻ لڳو، ”يار ڪم ڪونه ٺهيو.“
”نه يار ٿورو ته اڳيان هل- ڪم ته تيار آهي، ڏس ته نهارين ته نه
پيون هن پاسي.“ طاهر بئنڪر جي واڇ جي ٽيڙ ته ختم
ٿي چڪي هئي پر هن آسرو نه لاٿو هو.
نواز، ڪار کي اچي بنهن رڪشا جي پويان ڪيو ۽ ڇوڪرين به ڄڻ ڪنهن
غيبي طاقت جي حڪم تي پويان نهاري کلي ڏنو ۽ ڇوڪرين
جو ور ور پويان نهارڻ، مرڪڻ ۽ ڇوڪرين جو پاڻ به
کيچل ڪرڻ جو سلسلو جاري هو، پر رڪشا جڏهن ڊفينس
سوسائٽي جي ويجهو پهتي ته ڇوڪريون هڪدم سانت ٿي
سڌو ٿي ويهي رهيون ۽ رڪشا کي مڙڻ لاءِ چيائون ۽
رڪشا ڊفينس سوسائٽيءَ جي مسجد واري پاسي ڏانهن مڙي
ته مڙندي مهل هڪڙيءَ رڳو هنن ڏانهن ٽيڏي نظر وڌي ۽
ٻئي ائين گنڀير ٿي ويهي رهيون، ڄڻڪ ڪي ٻه بزرگ
عورتون ويٺيون هيون.
رڪشا ننڍي رستي تان مڙي هڪ بنگلي آڏو بيهي رهي ۽ هن جي ڪار کين
اورانگهيندي اڳتي وڌي وئي. بنگلي ۾ گهڙندي انهيءَ
ساڳي ڇوڪري وري هنن جي ڪار ڏي نهاريو. پر انهيءَ
جو ڪو اثر نه ٿيو. ٽنهي جا منهن لهي ويا هئا.
”ڇڏيو نه يار“ وڏيرو نواز اهڙين مرڪن تي هريل هو. ”هلو ڪلفٽن
هلون. اڄ جمعو آهي ڏاڍي رونق هوندي اتي اصل پڪ ڪم
ٿيندو.“ وڏيري نواز گاڏيءَ کي ڦيرائيندي چيو.
”جمعي ڏينهن جيتري لئه ته ڪنهن به ڏينهن نه ٿيندي
آهي!“
طاهر بئنڪر جو ته هاڻي منهن لهي ويو هو. هن کي انهن ڇوڪرين ۾
وڏي آس نظر آئي هئي. پر وري همٿ ڪري چوڻ لڳو، ”يار
نواز ڀائي تڪڙ آهي ڇا؟ ٿورو کڻي ٿا ترسون. بس ڄاڻ
نڪتيون، يار ڪم ته فٽ پي لڳو.“
”ها يار ڪم ته تيار هو.“ نذير کٽل به طاهر جي ڳالهه کي ڳنڍ ڏني.
اهڙن ڳالهين ۾ طاهر ۽ نذير هڪ ٻئي سان سهمت ٿي
ويندا هئا.
”ڇڏيو يار- هي اوسيئڙو ڪرڻ ته مون کي وڻي ۽ نه ئي سهي سگهان- ڪم
ٺهي ته واهه نه ته وڃي کڏ ۾ پئي. اهي اوسيئڙا، اهي
عشق، اسان ڪڏهن ڪيا نه ڪنداسون. عشق ڪرڻ کٽلن جو
ڪم آهي.“ وڏيري نواز ٻنهي يارن جي انومان کي رد
ڪندي چيو.
”پر نواز ڀائي، ٿوري دير اوسيئڙو ڪرڻ ۾ آخر ڪهڙو حرج آهي يار
چيو مڃ، بس ڏهه، منٽ، وڌيڪ نه ترسنداسون.“
”نواز اٺ ڏهه منٽ، هونئن به ڪهڙو ڪم اٿئون.“ نذير کٽل وري طاهر
جي ڳالهه کي ڳنڍ ڏني.
”چڱو يار جيئن چئو.“ وڏيري نواز لاچاريءَ ۾ گاڏي وڃي چؤواٽي جي
اوريان بيهاري. ”يار طاهر توکي ته خبر آهي انهن
جهنجٽن ۾ پاڻ نه پئون. اسان کي ته ٺهيل ٺڪيل ڪم
کپي- اهي ڌڪا نذير کاڌا آهن ڇورين جي پويان. اُس ۾
۽ لڪن ۾، هر معشوق کي حفاظت سان گهر پهچائي ايندو
هو!“ وڏيرو نواز کلڻ لڳو.
”۽ طاهر يار مون معشوق ٺاهڻ ۾ پڪو سال ورتو. پڪو سال ۽ پوءِ
هوءَ پنهنجي ساهيڙي وٺي آئي نواز لاءِ ۽ مون کي
ٻيو سال لڳو ته مس وڃي چمي چٽ تي پهتس ۽ هي مڙس
ٻيءَ ملاقات ۾ ڪم ٽپائي ويو. وڏو بلازير ٿئي!“ کٽل
نذير، وڏيري نواز جي چمچاگيري ڪندي چيو.
”سو وري تو وانگي پيو سوچبو ڇا. نه ڄاڻ نه سڃاڻ، ڇوريون ڇا لاءِ
ٿيون ملڻ اچن، عبادت ڪرڻ لاءِ! منهنجو ته اصول آهي
ته دير ڪندوَ ته مرڳو ئي ڇوري ڀڄي ويندي ۽ چوندي
ته ٽپڙ ئي ڪونهيس!“ وڏيري نذير پنهنجي فلسفي جي
ڌاڪ ويهاريندي چيو.
”ها يار توهان ڏاڍي لئه ڪئي آهي. اسان کي سڀ خبرون آهن.“ طاهر
بئنڪر نواز ڏانهن نهاريو، نواز اخبار جا سر جملا
ڏسي رهيو هو. طاهر به اخبار کنئين ۽ اخبار ڏسڻ
لڳو. باقي هڪڙي اخبار بچيل هئي ۽ اها وري نذير جي
ڀاڱي ۾ آئي. ٽيئي ڳالهيون به ڪري رهيا هئا، بنگلي
جي در تي به نظر هين ۽ اخبارون به پڙهي رهيا هئا.
ڪراچيءَ جي انهن اخبارن جو اهو به ڪم آهي ته هو
ماڻهن کي گهڻو اوسيئڙو محسوس ڪرڻ نه ٿيون ڏين.
وڏيري نواز جي چهري تي بيزاريءَ جا اهڃاڻ ظاهر ٿي رهيا هئا. اڃا
هو ڪجهه چوڻ تي هو ته اهي ٻئي ڇوڪريون بنگلي مان
نڪتيون. هٿن ۾ ٽوڪري هئن جا پهرين هنن وٽ ڪونه
هئي. ٽيئي دوست اوچتو کڙا تڙا ٿي ويا. اخبارون هٿن
مان سري پاسيري سيٽ تي پيرن ۾ ڪري پيئون. ڇوڪريون
ٽلنديون ٽلنديون پاسيري روڊ کان نڪري مين روڊ تي
اچي بيهي رهيون ۽ خالي رڪشا جي ڳولها ۾ نظرون
هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙائڻ لڳيون. هڪڙي رڪشا لنگهي،
پر اشارو تڏهن ڪيائونس جڏهن هوءَ لنگهي چڪي هئي.
نواز گاڏي اسٽارٽ ڪئي. نواز لاءِ اهو اشارو ڪافي
هو.
”يار صبر جو ڦل مٺو ٿيندو آهي- نواز،”ان الله مع الصابرين!“
طاهر بئنڪر جون واڇون وري ٽيڙجي چڪيون هيون ۽ انهن
مان ٿوري گگ به ڳڙڻ لڳي هئي.
نواز گاڏي سندن ڀر ۾ بيهاري ۽ طاهر آڇ ڏني، ”اچو اوهان کي
ڇڏيندا هلون؟“
ڇوڪرين ٿوري اداڪاري ڪندي ڪجهه هٻڪ ڏيکاري ۽ نذير دروازو کولي
ٻاهر نڪري آيو ۽ ڊرائيور وانگر ڪار جو در جهليندي
چيو”تشريف رکو محترما.“ نذير هميش ائين اڙدو
ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪندو هو.
ٻئي ڄڻيون پوئين سيٽ تي ويهي رهيون ۽ نذير اڳئين سيٽ تي طاهر ۽
نواز سان گڏ اچي ويٺو. ڪار رواني ٿي ويئي ۽ ٺيڪ
انهيءَ وقت ڊفينس سوسائٽي جي ايئرڪنڊيشنڊ مسجد مان
سانجهيءَ جي ٻانگ لائوڊ اسپيڪر تان ڏاڍي مدر آواز
۾ اچي رهي هئي!
سج هاڻي لهي چڪو هو ۽ اونداهه جي ڪاري چادر تي روشني جا ٽٻڪا
هوريان هوريان تارن وانگر اڀرڻ لڳا هئا. وڏن شهرن
تي جيتري ڪاراڻ ڇانئبي آهي اوترا وڌيڪ ٻهڪي اٿندا
آهن.
”پهرين ڪجهه ٿڌو پيئڻ پسند ڪندو؟“ نذير کٽل، پرائي کيسي تي آڇ
ڪئي.
”اسان کي اسپتال وڃڻو آهي. جناح اسپتال ۾ اسان جي ماميءَ جي
طبيعت ٺيڪ ڪانهي، هي کاڌو پهچائڻو آهي.“ هڪڙيءَ
چيو، اهو ٻڌي هاڻي ته نذير ۽ طاهر ٻنهي جو به منهن
لهي ويو. طاهر جي واڇ جي – ٽيڙ وري سسڻ لڳي هئي.
مفت ۾ لفٽ جو وٺي آيون هيون. جناح اسپتال ايتري ته
ويجهي هئي هو اڃا جيسين ڪجهه وڌيڪ ڳالهائڻ جو وجهه
ملي، جناح اسپتال اچي چڪي هئي. هو جڏهن ڪار مان
لهڻ لڳيون ته طاهر آخري ڀيرو ڄار اڇلي، ”اوهان کي
دير نه لڳي ته اوهان لاءِ ترسون؟“
هنن هڪٻئي ڏانهن نهاريو، ۽ پاڻ ۾ ڳالهائڻ لڳيون مرڪندي سس پس
ڪندي هڪڙي ٻيءَ کي چيو، ڇا ويچار آهي اڌ ڪلاڪ لڳي
ويندو؟“ هو پاڻ اهڙي آڇ لاءِ آتيون ٿي ڏٺيون.” ها
اڌ ڪلاڪ کن ته لڳي ئي ويندو،“ ٻيءَ وراڻي ڏني ۽
پوءِ هنن ڏانهن منهن ڪري چيائين، ”اوهان جيڪڏهن
هتي ترسو ته اسين اڌ ڪلاڪ ۾ يا انهيءَ کان اڳ ۾
موٽي اينديوسين.“ ائين چئي هو پرائيويٽ وارڊ جي
پاسي هليون ويون.
هاڻي ڪم ٺهڻ جا وڏا آثار ٿي نظر آيا، پر هي ٽي ڄڻا هئا ۽ هو ٻه
ڄڻيون- پر انهيءَ حساب جي پاسي ظاهري طرح ته
ڪنهنجو ڌيان نه ويو هو، پر وڏيري نواز جي من ۾ اها
آنڌ مانڌ نظر پئي آئي. نيٺ ان جو اظهار ڪرڻ لاءِ
نذير کٽل سان هوريان پاسيرو ڳالهائڻ لڳو.
”يار نذير؛ تون ڊراپ ڪري وڃ، ڏس ته يار، طاهر ۾ ڪم ڦاٿل آهي؛ اڄ
مفت ۾ ڪم پيو ٺهي، خوش ٿي ويندو ڪتي جو پٽ، پاڻ ته
گڏيا پيا آهيون.“ اهو به ڳالهائڻ جو انداز آهي ته
جنهن جو ڪم ڪرڻو هجي ان کي گار ساڻ ڳالهائجي ته
جيئن اڳلو جنهن جو ڪم نه پيو ٿئي اهو انهن هڪ ٻن
گارين مان خوش ٿي وڃي.
”يار سچ پڇين ته هيءَ پرمٽ نه ملي ها ته هن طاهر کي ٿڪان به نه
ها- هاڻي جي پئسا نه ٿا ملن ته پوءِ ڪار ڇٽي ۽
پرمٽ به پاڻي ۾.“ وري بنا وراڻيءَ جي پاڻ ئي اڳتي
چوڻ لڳو؛ ”صدر ۾ لاهي ڇڏيندوسانءِ ڪيئن ٺيڪ رهندو
نه.“ نذير لاءِ ڪا چونڊ نه هئي. جيڪي غريب، اميرن
جي آسري پلبا آهن، انهن کي اهڙو ايمان برداشت ڪرڻو
پوندو آهي ۽ پوءِ کڻي ڇوڪرين جو مامرو ڇونه هجي.
هڪ هڪ گهڙي هاڻ ٿڪائيندڙ ٿي لڳي ۽ نذير، نواز جي
ڳالهه مڃڻ تي ٻڌل هو.
”پر يار نواز هڪڙو وڌي پيس ته ڇا، ڪالهه ته پنج ڄڻا هئاسون ۽
هوڏانهن هڪڙي! نذير کٽل اڃا آسرو نه ڇڏيو هو.
”اوهو يار، ڪهڙيون ٿو ڳالهيون ڪرين. هوءَ پرائيويٽ هئي. پنج ڇا
ڏهه هجن ها ته به خير هو. پر يار هي ته خانداني
آهن. شوقين ٿيون لڳن. انهن کي رنڊين سان نه ڀيٽ
خدا جي واسطي! آئون پاڻ پيو سوچيان ته راجا کي
ڪيئن ٽارجي خبر پوندس ته ائين معشوق هٿ آيا ته دل
۾ ڪندو. ڪالهوڪو سڄو خرچ به ته هن ڀريو هو.“
۽ اڄ جمعي جي ڀلاري ڏينهن، گهر ويٺي پاڻ مرادو ڇوڪريون هٿ اچي
ويئون هيون ۽ هو جناح اسپتال جي ٻاهر اوسيئڙي ۾
بيٺا هئا. وڏيري نواز، نذير کي سمجهائي ڇڏيو هو.
سمجهائي ڇا اڻ سڌي طرح حڪم ڏيئي ڇڏيو هو ته واٽ تي
لهي وڃي. ۽ نذير لٿل منهن سان اخبار کڻي اتي ئي
ڪار سان ٽيڪ لڳائي پڙهڻ لڳو. خبرون پڙهندي اوچتو
ڇرڪ نڪري ويس هڪ خبر ڏاڍي عجيب هئي.
”خيابان اقبال تي قائداعظم جي يادگار وٽ هڪ عورت بيهوشيءَ جي
حالت ۾ لڌي جيڪا جناح اسپتال پهچڻ کان پوءِ مري
ويئي.
نذير کٽل، اها خبر هڪدم نواز کي ڏيکاري، ڄڻ ته ائين چوندو هجي
اها ڪالهوڪي ساڳي عورت ته نه هئي!
”يار هيءَ ته قائداعظم جي يادگار وٽ ٻي ڪا بيهوش پئي هوندي. پاڻ
ته پهرين يادگار وٽ لاٿو هوسين.“ وڏيرو نواز بي
پرواهي سان چوندو رهيو، ”ڪٿي هو آزاديءَ وارو
يادگار ۽ ڪٿي هي قائداعظم وارو يادگار، وچ ۾ ته ٻه
ٽي ميل مفاصلو هوندو، هيءَ پڪ ڪا ٻي آهي.“
”ڇو يار ڇا ڳالهه آهي؟“ طاهر بئنڪر پڇيو.
”اچي هيءَ خبر پڙهي ڏس.“ ۽ طاهر خبر پڙهڻ لڳو.
”يار نذير کي اچي ڊپ لڳو آهي ته متان پاڻ وارو معشوق آهي
راتوڪو.“ نذير، طاهر کي کلندي ٻڌايو.
”يار مون کي به ائين ٿو لڳي.“ طاهر بئنڪر ڊڄندي چيو.
”اڙي يار هي يادگار اهو ڪونه اٿئي- هيءَ يادگار هوٽل ڪولمبس جي
ڀر وارو آهي. “ وڏيرو نواز سمجهائيندي چيو. طاهر
جيئن ئي ڳالهه سمجهي تيئن وري ساهه پئجي ويس.
”اڙي هي ته اهو يادگار آهي جتي ٽي سنگمرمر جا ٿنڀا ٺهيل آهن، جن
تي لکيل آهي، ”اتحاد“، ”ايمان“، ”يقين محڪم.“ هي
خيابان اقبال جي هڪ ڪنڊ تي ۽ هو شهيدن جو يادگار
ٻي ڪنڊ تي ! هتي وري هيءَ ڪٿان آئي.“ طاهر به نواز
جي ڳالهه تي ڳنڍ ڏيندي نذير کي گهٽ ۽ پنهنجو پاڻ
کي وڌيڪ آٿت ڏيندي چيو.
”بس يار مڙس نذير اچي گهٻرايو آهي.“ نواز مرڪندي چيو. اها ٻي
ڳالهه آهي ته هن شهيدن جي يادگار کان قائداعظم جي
يادگار تائين سفر ڪيو هجي! اڄڪلهه ته لاش به پيا
سفر ڪن!“ نواز ته کل ۾ ڇٽڪي پيو ۽ نذير ڦڪو ٿيندي
مرڪي ڏنو.
ايتري ۾ سامهون ٻئي ڇوڪريون واپس پئي آيون پر هن ڀيري هنن سان
گڏ ٽين ڇوڪري به هئي- ۽ نذير جو منهن ٻهڪي اٿيو ۽
هاڻي هن جو ڪم به ٺهي چڪو هو.
”واهه يار ٽي معشوق!“ نذير کان رڙ نڪري ويئي. اڄ ته ڀلارو ڏينهن
آهي نه جمعي جو.“ طاهر سرهو ٿيندي چيو.
”واهه استاد، راجا جو ڪم به ٺهي ويو. ڇا ياد ڪندو راجا جو ٻچو،
هڪ ڏينهن ۾ ئي قرض لاهي ڇڏيو مانس، وياج سميت!
نواز، راجا جو نالو وٺي نذير جي آس تي پاڻي وجهي
ڇڏيو.
هو ٽيئي ڄڻيون پوئين سيٽ تي اچي ويٺيون ۽ هي ٽيئي اڳيان ٿي ويٺا
۽ ڪار رواني ٿي ويئي.
ڪار ڦري ڊرگ روڊ تي آئي.
”نذير، چيف منسٽر هائوس وٽ لهندين نه!“ نواز، نذير کان پڇيو.
نواز جو دوست چيف منسٽر هائوس ۾ ڪم ڪندو هو. رات
جو دير دير تائين اتي ڊيوٽي ڏيندو هو. نذير ڪو
جواب نه ڏنو.
نذير واٽ تي هڪ ٻول به نه ڳالهايو ۽ هو ٻئي ٽنهي ڇوڪرين سان
هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪندا رهيا.
چيف منسٽر هائوس جي ڀرواري روڊ، ڊاڪٽر ضياالدين احمد روڊ،
جنهنجو اڳوڻو نالو ڪچهري روڊ هو، اتي اچي نواز ڪار
بيهاري- ۽ نذير در کولي ڪار مان لهڻ لڳو. چپ چاپ
بنا نهارڻ جي.
”چڱو يار پوءِ رات جو ملنداسون“ نواز، نذير جي دل رکڻ لاءِ چيو،
پر نذير ڪو ڌيان نه ڏنو. نذير هڪ ٻه وکون هليو ته
پويان نواز سڏ ڪيو.
”نذير اچي هي اخبارون، متان رات جو بور ٿين.“
نذير اڌ گابري دل سان اخبارون ورتيون ۽ ڪار چيڪاٽ ڪندي رواني ٿي
وئي. هوا جي هڪ جهوٽي سان نذير جي هٿن مان اخبارون
نڪري ڊاڪٽر ضيا الدين احمد روڊ تي پکڙجي ايندڙ
ويندڙ ڪارن هيٺان اچي چيڀاٽجي ۽ وڪڙجي ويئون. ۽
نذير جي هٿن ۾ رڳو هڪ اخبار جو مڙيل پنو رهجي ويو.
هن اخبار تي اتاڇري نظر وڌي، انهيءَ خبر وارو پنو
هو ۽ خبر تي وري هن جون نظرون کپي ويون.
”خيابان اقبال تي، قائد اعظم يادگار وٽ هڪ عورت بيهوشيءَ جي
حالت ۾ لڌي- جيڪا پوءِ جناح اسپتال ۾ گذاري ويئي!
۽ اڃا تائين ان لاش جو ڪو وارث پيدا نه ٿيو آهي.“
۽ هوا جي ٻئي جهوٽي سان اها رهيل اخبار به نذير جي هٿ مان
ڇڏائجي، اڏامندي پي- آءِ – ڊي – سي هائوس جي ڀت
سان ٽڪرائجندي ٿڙندي ويئي، شايد اڳيان وهندڙ سمنڊ
ڏانهن جتي پڇاڙيءَ جو هر گندگي وڃي ڪرندي آهي! |