تکي اس ٿڌي ڇانوَ
هن کي اڄ پئسن جي ڏاڍي لوڙ هئي. ٻڻيون ڪي حالتون هجن ها ته هو
ماٺ ڪري ويهي رهي ها. ڪٿي شاديءَ لاءِ وڃڻو هجيس
ها، ته نه وڃي ها، ڪا شيءِ وٺڻي هجيس ها ته نه وٺي
ها. ڪنهن کي قرض موٽائي ڏيڻو هجيس ها ته گهر ۾
منهن لڪائي ويهي رهي ها. جي سندس حياتي خطري ۾ هجي
ها، ته به هو ڪجهه نه ڪري ها، پر هتي ته سندس ٻارن
جي جيون جو سوال هو. بابليءَ کي تپ هو، ۽ انوءَ
کي ڪاليج ۾ داخلا وٺڻ لاءِ پئسا گهربل ها.
هڪ ئي وقت ٻه ٻه ضرورتون ئي غريبن کي گهيرينديون آهن. بابليءَ
جو ڌيان ايندي ئي هن کي گهٻراهٽ ٿيڻ لڳي، کيس
محسوس ٿيڻ لڳو ته هن جي دل بيهڻ لڳي هجي. هن ته
سمجهيو هو ته معمولي تپ هوندو پر جڏهن هو ڊاڪٽر وٽ
پهتو ته سندس تاڪ لڳي ويا. ڊاڪٽر جڏهن کيس ٻڌايو
ته بابليءَ کي مدي جو بخار آهي ته هو ڌڪ گهٽ ڏڪي
ويو ۽ وري جڏهن ڊاڪٽر کيس دوائن جي لسٽ لکي هٿ ۾
ڏني ته هن کي بابليءَ جي بيماريءَ سان گڏ پنهنجيءَ
حالت جو به ويچار اچي ويو. اسپتال کان ٻاهر نڪرڻ
لڳو ته کيس پنهنجو جسم جنسي ٻرندو محسوس ٿيو ۽ هو
ٻاهر وڃڻ بدران وري ڊاڪٽر وٽ ويو ۽ پنهنجي لاءِ به
دوا وٺي آيو. بابليءَ لاءِ ڊاڪٽر جي تاڪيد ته دوا
هينئر کان ئي شروع ڪجانءِ هن جي دماغ تي هر هر
مترڪي وانگر ڌڪ هڻڻ لڳي.
هو بابليءَ کي ڪڇ ۾ کڻي ٻاهر نڪتو، دوائن جو ڪاڳر هن جي هٿ ۾
هو. هن کي دل ئي دل ۾ ڊاڪٽر تي رشڪ اچڻ لڳو......
ڪاش مان به ڊاڪٽر هجان ها ته پنهنجن پراون جي دوا
درمل ته ڪريو ويٺو هجان ها! دوا ---- ها
دوا....... بابليءَ جي دوا ڪٿان ايندي؟ هن جو
ويچار پنهنجي خالي کيسي ڏانهن ويو، اڄ ايڪيهين
تاريخ هئي ۽ آخري تاريخن ۾ پئسا نه هئڻ ڪا نئين
ڳالهه ڪانه هئي، پر بابليءَ جي بيماريءَ کيس ڳڻتي
وند ڪري وڌو هو. انو اڳي ئي داخلا لاءِ پئسا گهري
هو. اڄ هن کي ونيءَ تي به ڏاڍي ڪاوڙ آئي. هو کيس
ڏاڍي ڏاهي سمجهندو هو، ۽ فخر سان دوستن ۾ ڳالهه
ڪندو هو ته سندس وني محنتي آهي ۽ اهڙيءَ ڏکيءَ
حالت هوندي به ڪجهه پئسا بچائي ويندي آهي. هو بي
اي پاس هو پر پئسا ميڙڻ نه آيس سو نه آيس، پر وني
رڳو مئٽرڪ هوندي به گهٽ ۾ گهٽ پئسن بچائڻ ۾ هن کان
وڌيڪ سمجهه واري هئي. پاڻ چوندو هو، تعليم کان
وڌيڪ ماڻهو کي پنهنجي سمجهه ضروري آهي. پر هن ڀيري
ته هن کي پهنجي ونيءَ تي به ڏاڍي ڪاوڙ آئي. انهيءَ
جو ڪارڻ هو ته انوءَ کي داخلا لاءِ ڏيڍ سو رپين جي
ضرورت هئي. انو مئٽرڪ ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ٿيو هو ۽
هن کي ايتري ئي خوشي ٿي هئي جيتري انوءَ جي پيدا
ٿيڻ مهل. رزلٽ ٻڌي هن خوشيءَ سان ونيءَ کي چيو هو؛
هاڻي پنهنجا اهنج سڀ دور ٿي ويندا، پنج ست سال ٻيا ڪڍي وٺ؛ پوءِ
ته پنهنجو انو انجنيئر ٿيندو ۽ اسين مزا ڪنداسون.
بس، پوءِ ڪابه ڳڻتي نه رهندي.“ ۽ جڏهن انوءَ داخلا
لاءِ پئسا گهريا هئا ته هن جو منهن ئي لهي ويو هو؛
هن وٽ ته ڏهه رپيا به ڪين ها ۽ هو ڏيڍ سؤ رپيا
گهري رهيو هو. پر هن کي اميد هئي ته جوڻس پئسا
بچائي رکندي آهي سو ضرور هن وٽ هوندا. ۽ هن جڏهن
جوڻس کان پئسن جي باري ۾ پڇيو ته هن جواب ٻڌي، هن
کي پهريون ڀيرو محسوس ٿيو ته هن جهڙي بيوقوف ٻي ڪا
وني ڪاهي. جوڻس چيو هو؛ ”گهڻا پئسا کپن اوهان کي؟
ويهه رپيا کن پيا اٿم.“
هن اها وراڻي ٻڌي سوچيو هو ته هو کيس ڌڪ هڻي ڪڍي. هن پنهنجي
جوکائيءَ جي ڪسر هن مان ڪڍڻ چاهي.”تون ته ڏاڍا
پئسا بچائي رکندي آهين، پر خبر پئي ته تون به ڪا
بنهه هٿ ڦاڙ آهين.“ هن جي لهجي ۾ ٽوڪ جو انداز
ظاهر هو. هن کي ائين چوندي محسوس ئي ڪونه ٿيو ته
هن جو پگهار رڳو اڍائي سؤ رپيا آهي، جنهن ۾ اڄڪلهه
چئن ڀاتين جو گذارن ڪرڻ طوفان ۾ ٻيڙي هلائڻ وانگر
آهي.
پنهنجي اهڙي حالت ڏسي، هن سوچيو ته انو جيڪڏهن فيل ٿئي ها ته
ڪيترو نه چڱو هو. حالتن هن کي ائين سوچڻ تي به
لاچار ڪري ڇڏيو. انوءَ جي پاس ٿيڻ جي خوشي ايتري
مختصر ٿيندي، تنهن جو هن کي وهم گمان به ڪونه هو.
غريب جي حياتيءَ ۾ خوشيءَ جا وجهه ايترا ته گهٽ ۽
مختصر ٿين ٿا جو جيسين هو خوشيءَ جي هير جو پهريون
جهوٽو محسوس ڪري، ڏکن جون لُڪون لڱ ساڙيو وجهن. ۽
اڄ هن کي ڪنهن به حالت ۾ پئسا هٿ ڪرڻا هئا. انوءَ
جي داخلا ته وڃي کڏ ۾ پئي پر هينئر کيس رڳو
بابليءَ جوئي الڪو هو. هن کي ان لاءِ سؤ کن رپين
جي ضرورت هئي. هو ڪيتريءَ دير تائين گهر اهو ئي
سوچيندو رهيو. قرض ئي هن لاءِ واحد واٽ هئي. هو
هميشه ضرورت وقت مشتاق کان ئي قرض وٺندو هو، مشتاق
هن جو جگري دوست هو. هو زميندار هو ۽ پئسي اورو
هو. هن هميشه ضرورت وقت مشتاق جوئي سهارو ورتو هو.
”قرض وٺڻ سچ ته دنيا جو سڀ کان ڏکيو ڪم آهي. هڪ
خودداريءَ جو آپگهات آهي ۽ هو پنهنجي خودداريءَ جو
آپگهات اڄ کان گهڻا سال اڳ ڪري چڪو هو. تنهن کان
پوءِ هو لڳاتار آپگهات ڪندو رهيو. هن جڏهن شادي
ڪئي هئي، ته مشتاق کان ئي قرض ورتو. هن کي ان مهل
اها اڻ ٿيڻي نظر ٿي آئي ته هو به ڪنهن کان ايتري
اوڌر وٺي سگهي ٿو. هن سنهن کنيو هو ته هن حياتيءَ
۾ رڳو اهو ئي هڪ ڀيرو قرض ورتو آهي، وري ڪڏهن به
نه وٺندو، پر هڪ غريب ماستر، ٻارن ٻچن هوندي،
ڪيستائين پاڻ کي قرض کان آجو رکي سگهيو ٿي؟ جڏهن
سندس ماءُ گذاري ويئي ته کيس پنهنجو سنهن ٽوڙڻو ئي
پيو. سنهن ڪو هن جي ماءُ کان وڌيڪ ڪونه هو. ۽ ٻيو
ڀيرو مشتاق کان قرض وٺڻ ايترو ڏکيو نه هو، جيترو
هن کي پهريون ڀيرو محسوس ٿيو هو. ٻيو ڀيرو هن قرض
ورتو؛ ۽ پوءِ ٽيون ڀيرو؛ چوٿون ڀيرو؛ ۽ پوءِ هن جي
حياتي قرض تي ئي ٻڌل رهي پهرين ڀيري کان ٻيو ڀيرو
۽ ٻئي کان ٽيون ڀيرو قرض وٺڻ، هن کي نسبتن سولو
لڳو. مشتاق کان سواءِ، هو پنهنجي هڪ ٻن ٻين دوستن
کان به قرض وٺڻ لڳو.
........ پر اڄ بابليءَ جي دوا ۽ انوءَ جي داخلا لاءِ هن کي گهٽ
۾ گهٽ اڍائي سؤ کن رپين جي لوڙ هئي. هن جون وکون
مشتاق جي گهر طرف وڌڻ لڳيون. هو سڄي واٽ مشتاق
بابت سوچيندو رهيو. مشتاق ڪيڏو نه مهان آهي، دوستن
جي لاءِ هن زماني ۾ نعمت آهي، هن سوچيو جيڪڏهن
مشتاق نه هجي ها ته سندس الائي ڪهڙا حال ٿين ها.
هو سندس احسان حياتيءَ ڀر نه ٿو لاهي سگهي. مشتاق
هر مهل تي سندس مدد ڪئي آهي؛ ۽ هن ڀيري به هو ضرور
مدد ڪندو. انهن ئي ويچارن ۾، هو مشتاق جي گهر
تائين پهچي ويو.
”مشتاق چڱو ٿيو جو تون گهر تي ملي وئين.“ هو مشتاق کي گهر تي
ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو.
”آهي ته سڀ خير نه؟“ هن جي پريشان چهري کي ڏسي، مشتاق پڇيو.“
”بس يار، بابليءَ کي تپ ٿي پيو آهي ڊاڪٽر چئي ٿو، ٽائيفائيڊ
اٿس!“
”اوهو! خدا خير ڪري. هاڻي ڪيئن آهي؟“
”ايترو تکو تپ ته ڪونه اٿس، انهيءَ لاءِ ئي آيو هوس ڪجهه پئسا
کپندا بابليءَ جي دوا لاءِ.... ۽ مٿان وري انوءَ
جي داخلا جي آخري تاريخ به اچي مٿان بيٺي آهي. ان
جي داخلا لاءِ به ڪجهه.......“
هن جملو اڌ پورو ڪري مشتاق ڏانهن نهاريو. مشتاق ڪجهه دير
سانتيڪو رهيو. ڪجهه سوچيندو رهيو، پوءِ چپن تي
ٿوري مرڪ آڻيندي چوڻ لڳو؛” ٻڌ يار، اڄڪلهه منهنجي
به حالت خراب آهي....... پر گهڻا کپنئي؟“
”مڙيئي اڍائي سؤ کن، سؤ کن رپيا دوائن لاءِ ۽ ڏيڍ سؤ انوءَ جي
داخلا وغيره لاءِ.“
ڪجهه دير وري سانت رهي؛ مشتاق ڪجهه سوچيندو رهيو؛ ۽ ائين هڪدم
چوڻ لڳو، ڄڻ ڪا ڳالهه سار اچي ويئي هجيس ”هيئن ڪر
يار، رات جو اچجانءَ، اٺين ڌاري؛ هڪڙي هنڌان پئسن
ملڻ جو آسرو آهي. گهٻراءِ نه، سڀڪجهه ٺيڪ ٿي
ويندو. هينئر ته مون وٽ اتفاق سان ويهارو کن روپيا
مس آهن. بس يار، ڪڏهن ڀريءَ ۾ ته ڪڏهن ڀاڪر ۾.
هڪڙي هنڌ پئسا ڏيڻا هئم، سو هينئر پائي به ڪانهي
بچي.“
مشتاق جي واتان اهي اکر ٻڌي، هن کي ائين لڳو، ڄڻ سندس سرير کي
باهه وڪوڙي ويئي هجي ۽ هن مشتاق جي ٻولن مان ڪوڙ
جي بوءِ سونگهي ورتي. هن مشتاق جي منهن ۾ نهاريو،
جيڪو هڪ گهڙي اڳ کيس فرشتي وانگر نظر اچي رهيو هو.
مشتاق ۽ وٽس رڳا ويهه روپيا پيل هجن! سندس دل اها
ڳالهه ڪنهن به حالت ۾ مڃڻ لاءِ تيار نه هئي، هن کي
حياتيءَ ۾ شايد ايترو ڏک ڪڏهن ڪونه پهتو هو، جيترو
مشتاق جي وراڻي ٻڌي کيس پهتو هو. هو سوچڻ لڳو، ”ڇا
مشتاق به دوستيءَ ۾ دوکو ڏيئي سگهي ٿو؟“ کيس ان جي
آس بنهه ڪانه هئي. هو نه هن ڀيري مشتاق ۾ وڏي اميد
رکي آيو هو؛ ۽ مشتاق به اڳي ڪڏهن ائين ڪونه ڪيو
هو. پر.........
هن مشتاق سان هٿ ملايو، ۽ موڪلائي گهر طرف هلڻ لڳو. هن جو اڄوڪو
ڏينهن شايد حياتيءَ جو بدترين ڏينهن هو. هن کي
هاڻي اهو ويچار نه هو ته بابليءَ جو ڇا ٿيندو يا
انوءَ کي داخلا ڪيئن ملندي پر هينئر هن کي ان جي
عيوض دوستيءَ جي آدرش ٽٽڻ جو ڏک هو جيڪو هن آرزوئن
۽ احساسن سان ٺاهيو هو ۽ جيڪو دوست جي هڪڙي تکي
ٻول جي تيشي سان ڪري اچي پٽ تي پيو هو.
هو سوچ ۽ ويچارن ۾ ٻڏل، گهر ڏانهن هلندو رهيو. هن کي هڪ هڪ وک
کڻڻ اوکي ٿي پئي ڄڻ ڪنهن سندس پيرن ۾ سنگهرون وجهي
ڇڏيون هيون. هو دوستن کي حياتيءَ جي ڪاڙهي تتل واٽ
تي بيٺل وڻن وانگر سمجهندو هو، جتي واٽهڙو ٿوريءَ
دير لاءِ ساهه پٽيندو آهي ۽ وري نوبنو ٿي ماڳ
ڏانهن هلڻ لڳندو آهي. رستي تي بيٺل وڻن جي ڇانو نه
هجي ته واٽهڙو اڌ واٽ تي ئي اس ۽ لُڪن ۾ سڙي مري
وڃي. پر اڄ هن کي محسوس ٿيو ته وڻن جا پن ڇڻي چڪا
هئا؛ ۽ خود غرضيءَ جي تکي اس انهن جي ڇانو کي ڳيهي
ويئي هئي. مشتاق هن جو دوست هو ۽ هو ان کي ائين
ٽاري ڇڏيندو، سو هن جي وهم ويچار ۾ به ڪونه هو. هن
جي ذهن تي طرح طرح جا ويچار تري آيا. ”مشتاق ائين
ڇو ڪيو؟ شايد مون مان ڪڪ ٿي ويو هوندو. آئون هن جا
پئسا کائي ته ڪونه وڃان ها، باقي واپس ڏيڻ ۾ کڻي
ڪا دير ٿئي ها، آخر ته دوست هئاسين، ۽ ....“ وري
هن کي سار آئي؛”ها، پوئين ڀيري مهيني لاءِ سؤ رپيا
ورتا هئامانس، ۽ ٽن مهينن ۾ موٽايامانس شايد ان
ڪري هن ڀيري لنوائي ڪيو.“ وري هن کي ڪجهه سار اچڻ
لڳي؛”مشتاق وڏو ماڻهو ٿي ويو آهي. ننڍي هوندي گڏ
پڙهيا هئاسي، سو مڙيئي ملندو اچي، باقي هو وڏن
ماڻهن سان پيو گهمي سو مون مان پڪ ڪڪ ٿي پيو
هوندو. هن ڀيري پئسا نه ڏيئي،مڙيئي هميش لاءِ جند
ڇڏائڻ ٿو گهري.“ هاڻي هوريان هوريان هن جو ذهن
مشتاق جي طرفان بدظن ٿيندو ويو. هن کي سار اچڻ لڳي
ته جيڪڏهن مشتاق هن تي ٿورا ڪيا آهن ته هن وسان
ڪونه گهٽايو هو. هن به ته مشتاق لاءِ سڀڪجهه ڪيو،
جو هڪ دوست کي ڪرڻ کپندو هو. ۽ هاڻي هو اُهي
مهربانيون ياد ڪرڻ لڳو جي هن مشتاق تي ڪيون هيون،
جيڪي پهرين هن کي سار به ڪين هيون. دوستين جي وچ ۾
ته ڪو ليکو ئي ڪونه ٿيندو آهي. اهو شايد دستور آهي
ته دوستن جون هڪ ٻئي تي ٿيل چڱايون سار نه رهنديون
آهن، ڇو جو اهي چڱايون ۽ احساس دوستن جي وچ ۾ عام
ڳالهه هونديون آهن؛ ۽ عام ڳالهه جي سار ڪانه رهندي
آهي.
هن کي هڪڙو واقعو ياد آيو. اهو شايد آچر جو ڏينهن هو. اوڏيءَ
مهل ساڍا نو کن ٿيا هئا ۽ ڏهين بجي هن کي رئيس علي
مراد سان ملڻ لاءِ وڃڻو هو. سال کن بيڪار رهڻ کان
پوءِ، هن کي مس مس نوڪريءَ جو آسرو مليو هو. هو
ڪيترو نه خوش هو تنهن ڏينهن. اڃا هو گهر مان نڪرڻ
وارو هو ته مشتاق اچي پهتو.
”يار ، مون کي پڪ هئي ته تون گهر هوندين“ مشتاق هن کي ڏسي، ٿڌو
ساهه ڀريندي چيو.
”ڇو خير ته آهي؟“ مشتاق جي منهن تي گهٻراهٽ جا آثار ڏسي، هو به
ڳڻتي وند ٿي پيو.
مشتاق رومال سان منهن تان پگهر اگهيو ۽ هن جي ڪلهي تي هٿ رکندي
چوڻ لڳو؛ ”ڏاڍي گهٻراهٽ پئي ٿئي. الائي ڇا پيو
محسوس ٿئي. ائين ٿو معلوم ٿئي ته دل تي ٻڏي. گهر ۾
آرام ئي ڪونه آيو. گهٻراهٽ ايتري ته وڌي ويئي جو
تو وٽ هليو آيس.“
هن کي خبر هئي ته مشتاق کي ڊپريشن ٿيندي هئي ۽ دل ٻڏڻ لڳندي
هئي. اڪيلي رهڻ ڪري هن جي ذهن تي عجيب عجيب ويچار
ايندا هئا. ڳڻتين ۽ پريشانين جي ڪري ننڊ ڦٽي ويندي
هئي ۽ هو پنهنجي دل ٻڏندي محسوس ڪندو هو. اها ئي
ڳالهه هئي جو جڏهن به هن جي دل گهٻرائيندي هئي ته
هو هڪدم دوستن سان ملي دل وندرائڻ جي ڪوشش ڪندو
هو.
”تون ڪيڏانهن وئين پئي ڇا؟“ مشتاق هن کي تيار ٿيل ڏسي پڇيو.
”جي، نه نه، مان ته ائين تيار ٿيو ويٺو هوس.“ هن ڪوڙ
ڳالهائيندي، هن کي آٿت ڏني. وري ٿوري دير ترسي چوڻ
لڳو؛ ”پر يار، تون گهٻرائين ڇو ٿو. هروڀرو دل جو
روڳ کڻي لڳايو اٿئي. رات متان گهڻو کائڻ ڪري
بدهاضمو ٿيو هجنئي، ۽ پوءِ گئس جي چڙهڻ ڪري دل تي
اثر ٿيندو هجي.“ هو مشتاق کي آٿت ڏيڻ لڳو. هو دوست
جي الڪي ۾ پنهنجي خوشي به وساري ويٺو، هن سوچيو؛
نوڪري پوءِ به ملي ويندي، هن وقت مشتاق کي سندس
ضرورت آهي.
پوءِ هو سڄو ڏينهن مشتاق سان گڏ رهيو. هو سڄو ڏينهن گهمندا
رهيا، ۽ جڏهن مشتاق جي طبيعت بهتر ٿي ته هو کيس
گهر ڇڏي آيو. هو ٻئي ڏينهن رئيس علي مراد جي گهر
پهتو ته معلوم ٿيو ته رئيس صبح سوير ڪراچي وڃي چڪو
هو، جتان هو ٻئي ڏينهن يورپ لاءِ روانو ٿي ويو----
۽ هو ائين ئي بيڪار رهجي ويو! پر هن کي انهيءَ جو
ڪڏهن افسوس نه رهيو. ”دوستن جي مٿان جان قربان
آهي، اها ته خسيس نوڪري هئي.“
۽ هاڻي اهو دوست ٻن سون روپين جي خاطر ائين رخ بدلائيندو، سا
ڳالهه هن جي وهم گمان ۾ به ڪانه هئي. هن کي مشتاق
تي ڪيل پنهنجي هڪ مهرباني ته سار رهي هئي پر مشتاق
جون مٿس ڪيل سؤ مهربانيون سار نه رهيون، شايد اهو
دستور آهي ته ڏهه احسان ڪري، پوءِ ڪو يارهون احسان
نه ڪري سگهي ته گذريل ڏهه احسان به ڌوپجي ويندا
آهن.
هو سڄي شام سوچيندو رهيو. مشتاق چيو هو ته رات جو اٺين بجي
تائين هو ڪوشش ڪري هن کي پئسا هٿ ڪري ڏيندو. پر
کيس پڪ هئي ته هي مشتاق جو هڪ بهانو هو. رات جو
وري چوندو، ”يار مون، ڏاڍي جاکوڙ ڪئي، پر پئسا هٿ
اچي نه سگهيا.“ هن کي ائين لڳو ته مشتاق سچ پچ اهي
ٻول چئي رهيو هجي. هو سوچيندو رهيو ته مشتاق وٽ
وڃي يا نه وڃي. رڳو انوءَ جي داخلا جي ڳالهه هجي
ها ته به هو پرواهه نه ڪري ها؛ پر هتي ته بابليءَ
جي حياتيءَ جو سوال هو. ڊاڪٽر ته چيو هو ته اڄ کان
ئي دوا کارائڻ شروع ڪجانءَ. پر مشتاق جو هن کي ڌڪ
هنيو هو، تنهن کيس لوڏي ڇڏيو هو. ٻين دوستن کان ته
اڳي ئي قرض ورتل هوس. هو سوچيندو رهيو...... ۽ هڪ
ويچار ايندي ئي، هن جو منهن خوشيءَ وچان ٻهڪڻ لڳو.
ڄڻڪ هن جو مسئلو حل ٿي ويو.
احمد علي به ته هن جو ۽ مشتاق جو دوست هو. شاهوڪار هو. هو هن جي
ضرور مدد ڪندو. جيتوڻيڪ هن احمد عليءَ کان ڪڏهن
اوڌر نه ورتي هئي پر هينئر حالتن هن کي اهو ڪرڻ تي
به لاچار ڪري وڌو. گهٽ ۾ گهٽ مشتاق وٽ وري وڃڻ کان
ته بهتر آهي ته هن ڀيري احمد علي کان ئي قرض وٺجي.
هن سوچيو. ۽ جيڪو ماڻهو هڪ دوست کان قرض وٺي سگهي
ٿو، تنهن لاءِ ٻئي دوست کان قرض وٺڻ ڪا ڏکي ڳالهه
ڪانهي. هن مشتاق جو ويچار لاهي، احمد عليءَ جي گهر
ڏانهن رخ رکيو.
احمد علي به ڀاڳن سان گهر تي موجود هو. ڪيتري دير تائين هن کان
مطلب جي ڳالهه وات مان نه نڪري سگهي. هيڏانهن
هوڏانهن جون ڳالهيون ڪندي، نيٺ هن مطلب جي ڳالهه
زبان تي آندي؛
”هڪڙو ڪم هو، پر چوڻ مون کان نه ٿو پڄي، مون اصل ۾ يار، توکي
ڪڏهن اهڙو ڪم چيو ڪونهي. الائي تون ڇا سمجهندين.“
هن شروعات ۾ همت نه ساري.
”يار چئي ڏي، دوستن جي وچ ۾ حجاب ڪهڙو. منهنجي هٿ ۾ هوندو ته
ضرور ڪندس.“
هو ٿورو هٻڪيو، ڪنڌ موڙي، هن احمد عليءَ کان اکيون ڦيرائي پريان
نهاريو ۽ هوريان سان چيو؛”مون کي ڪجهه پئسا کپن.
ٻه سو رپيا کن.“
هو مس مس اهي ٻول وات مان ڪڍڻ ۾ سڦل ٿيو. هن احمد عليءَ جي
وراڻي ٻڌڻ لاءِ پاڻ کي تيار ڪيو. هن سوچيو، شايد
احمد علي وراڻي نه به ڏئي ۽ چپ چاپ اندران وڃي ٻه
سو رپيا کڻي اچي. پر هن پاسي به سانت رهي. هن احمد
عليءَ ڏانهن نهاريو. احمد عليءَ جو آواز هن جي ڪن
تي پيو؛
”يار، عجب اتفاق آهي. ٿوري دير ڪيئي، صبح جو اچين ها ته ڪجهه ٿي
وڃي ها شام جو هڪڙو دوست آيو، انهيءَ کي به اتفاق
ڏس پورن ٻن سون رپين جي ئي ضرورت هئي مون وٽ هئائي
ايترا، ڏيئي ڇڏيامانس، پر ٻڌ، سڀاڻي تائين ڪري
ڏيندو سانءِ ۽......“
هو اهو جواب ٻڌي، پنڊ پهڻ ٿي ويو. هن کي ڏاڍو ڏک ٿيو ته هروڀرو
هن احمد عليءَ وٽ اچي پنهنجي بي عزتي ڪرائي. هڪڙي
ڏينهن ئي هن کي ٻه جهٽڪا لڳندا، تنهن جي هن کي
اميد ڪانه هئي. احمد علي به ڪوڙ ڳالهائي پنهنجي
جان ڇڏائي. هو ڌڪ گهٽ پنهنجي هوش ۾ نه رهيو. هن جي
لاءِ دوست ئي سڀڪجهه هئا، اهي ئي هن جي لاءِ هاڻي
ڪجهه به ڪين هئا، هن کي محسوس ٿيو ته سندس حياتيءَ
۾ ڪوبه دوست ڪونه هو. دوست جو ٻول هن جي لاءِ دشمن
کان به وڌيڪ آگرو ٿي پيو هو. هو جڏهن گهر پهتو ته
پاڻ به تپ ۾ ٻري رهيو هو. هلڪو تپ ته کيس اڳي ئي
هو پر سڄي ڏينهن جي ڌڪن ۽ ڳڻتين هن جي طبيعت وڌيڪ
خراب ڪري وڌي. هو جڏهن گهر پهتو ته رات جا ساڍا نو
ٿي رهيا هئا. اڃا ويٺو ئي مس هو ته دروازي تي کڙڪو
ٿيو. هن دروازو کوليو. سامهون مشتاق بيٺو هو.
”ڇو يار، آئين ڪونه؟ آئون تنهنجو انتظار ڪندو رهيس. بابليءَ جي
طبيعت ڪيئن آهي؟“
”ٺيڪ آهي.“ هن مشتاق کي بابليءَ جي باري ۾ وڌيڪ ٻڌائڻ پسند نه
ڪيو.
مشتاق کيسي ۾ هٿ وڌو. نوٽ ڪڍي، هن جي هٿ تي رکيا.
”معاف ڪجانءِ، يار؛ وقت تي ڏيئي نه سگهيو سانءِ. ٻن ٽن دوستن وٽ
چڪر لڳايم، سڄو ڏينهن رليو آهيان نيٺ احمد عليءَ
وٽان ملي ويا. ويهه رپيا گهٽ اٿئي احمد علي وٽ به
ايترا پئسا ڪين هئا.“
۽ هن کي محسوس ٿيو سندس بدن جي ٻرندڙ باهه تي ڪنهن ٿڌي پاڻيءَ
جو مٽ اوتي ڇڏيو هجي---- ۽ هو ڪاڙهي تتل واٽ تي
هلندي هلندي، وڻ جي ٿڌيءَ ڇانو هيٺ اچي بيٺو هجي.
|