حياتيءَ جي ٽه رقمي
هو رلي پني، ڌڪا کائي ڪمري ڏانهن هليو آيو ۽ ڪلف لاهي اندر گهڙڻ
شرط ڦان ٿي کڻي پاڻ کي کٽ تي ڇڏيو. کٽ جي چيڪاٽ
سان گڏ ڪتن جي ڀونڪ رات کي وڌيڪ ڀيانڪ بنائي وڌو.
رات جا ٻارنهن ٿئي به اڌ ڪلاڪ کن مهل گذري چڪي
هئي. رات ٿڌي ٿيندي ٿي ويئي. جيئن حيدرآباد جون
راتيون ٿينديون آهن.
مدد ۽ هو انهيءَ طمبيلي ۾ گڏ رهندا هئا. هو ٻئي دوست هئا پر فرق
رڳو اهو هو ته مدد، روزگار سان هو ۽ هو اڃا
بيروزگار. مدد سدائين سومر جي صبح جو سڌو آفيس
پهچندو هو پر ڪڏهن ڪڏهن آچر جي رات به اچي نڪرندو
هو. اڄ مدد جي کيس لوڙ لڳي رهي هئي ۽ اڄ خاص طرح
مدد جي اوسيئڙي ۾ هو، ڇو جو هن ٻنپهرن کان ماني نه
کاڌي هئي. هينئر هو ڇنل کٽ جي ايس تي هٿن جو وهاڻو
بنائي سوچيندو رهيو. رات جي اونداهي، بک، خالي
کيسا ۽ اڻ پوري آس انهن چئن ٿنڀن تي بيٺل هڪ انسان
جي حياتي. جيستائين انسان جي حياتي آهي تيستائين
آس باقي رهي ٿي يا جيستائين آس رهي ٿي تيستائين
حياتي به رهي ٿي. ٻنهي ڳالهين مان ڪهڙي ڳالهه صحيح
آهي ڪهڙي غلط! هڪ عجيب گورک ڌنڌو آهي. پر هن مهل
جيڪا آس هئي سا هئس مانيءَ ٽڪر جي. هن کي ويچار ۾
آيو ته متان ڪمري مان ئي ڪابه سڪل سرڙي ڊبل روٽي
يا بسڪوٽ ملي وڃي. انهيءَ آس هن جي بي ست سرير ۾
ڦڙتي آڻي وڌي. هو هڪدم اٿيو ۽ اٿي بتي ٻاريائين،
جا پهرين در کولڻ مهل ٻارڻ وسري وئي هيس. بتي
ٻاريندي ئي هن جي نظر ميري چائنٺ ڀرسان ميري فرش
تي پيل ميري لفافي تي پيئي؛ اهڙو ميرو لفافو،
ڦڏيون سڌيون ٽڪليون لڳل، گهڻي کونئر لڳائڻ نه پر
لنبڻ ڪري لفافي تي سڪل کونئر جي چمڪ. ”اهڙو ردي
لفافو پڪ سرڪاري لفافو هوندو ۽ بجيٽ ۾ ڏيکاريل بچت
انهن لفافن کي ور ور واپرائڻ سان ئي ٿيندي هوندي.“
هن اهو سوچيندي لفافو کنيو، لفافي تي ٻاراڻي غلط
صورتخطيءَ لکيل انگريزيءَ ۾ سندس ائڊريس ثابتي
ڏيئي ڇڏي ته لفافو سئو في سيڪڙو سرڪاري هو. هن
هڪدم لفافو ڦاڙيو. لفافي ڦاڙڻ سان اندر بند ٿيل
پنو به ڪٽجي ويو. سرڪاري لفافي مان اندريون پنو
ڦاڙڻ کان سواءِ لفافو کولڻ ٿيڻي ئي ڪانهي. هن هڪدم
خط پڙهيو. ڪلارڪيءَ لاءِ انٽرويو جو سڏ هو. پر مهل
۽ ماڳ وارو ٽڪر ڦاٽي لفافي جي ڦاٽل ٽڪري سان گڏ
وڃي مليو هو. هن اهو ڦاٽل لفافي جو ٽڪر پٽ تان
کنيو ۽ ان مان ڦاٽل ليٽر جو ٽڪر ڪڍي ليٽر سان
ملايو ته پتو پيو ته انٽرويو سڀاڻي ڏهين وڳي هو ۽
اهو به ڪراچيءَ ۾! هن کان بک وسري ويئي ۽ سرهائيءَ
وچان اکيون چمڪڻ لڳس. نيٺ خدا سندس ٻڌي ۽ هاڻي در
در ٺوڪرون کائي هڪ دوست وٽان ٻئي دوست وٽ رهندي
ڪيستائين حياتي گذاريندو. نيٺ سندس به ٿانيڪي ٿيڻ
جي مهل اچي چڪي هئي. خوشيءَ ۾ هن جي بک به مري
ويئي. ”ماڻهو جي بک بي انت خوشيءَ، ۽ بي انت ڏک ۾
ختم ڇو ٿي ويندي آهي؟“ هو پاڻ ئي سوال ڪري پاڻ ئي
وراڻي سوچڻ لڳو. پر سندس بي انت خوشي جٽادار ثابت
نه ٿي. غريب جي خوشي هونئن به مختصر ئي ٿيندي آهي.
ٻي پل هن جي اڳيان پيٽ ڀرڻ کان به وڌيڪ ڏکيو مسئلو
هو ڪراچي پهچڻ جو! ”خالي پيٽ کي ته پني، گند جي
ڍير تان ڪجهه کڻي يا ڪتي جي چڪ مان ٽڪر ڦري به ڀري
سگهجي ٿو، پر خالي کيسي کي ڪيئن ڀرجي، جي پنڻ تي
ڪير پئسو به نه ڏي ۽ چوري ڪرڻ جي به سگهه نه هجي.
سرڪار کي انٽرويو ليٽر سان گڏ پئسا به موڪلڻ کپن.
سرڪار اهو نه ٿي سوچي ته جنهن بيروزگار درخواست
ڏني هوندي انهيءَ وٽ پئسا ڪٿان ايندا ۽ جي انهيءَ
وٽ پئسا هجن ته هو چريو آهي جو سرڪار وٽ نوڪري
ڪري!“ هو اهو سوچيندو رهيو. ”ڇا غريب جي هڪ پل جي
خوشي پويان ڏکن جو ريلو لڳل آهي. اهو غريبن جي
خوشين جو دستور آهي! ڪاش اهو ليٽر هن کي هڪ ڏينهن
اڳ ملي ها ته اهي ٽي رپيا تيرنهن پئسا، جي مانيءَ
تي خرچ ڪيا هئائين اهي ته بچائي وٺي ها ۽ پوءِ
اوڌر سوڌر وٺي پورائو ڪري وڃي ڪراچيءَ ڀيڙو ٿئي
ها. جيڪي به دوست هئس انهن کان اڳيئي اوڌر ورتل
هئس ۽ کانئن لڪندو وتندو هو. هاڻي ته ڪو دوست به
نه بچيو هوس، جنهن کان کڻي اوڌر وٺي. هونئن به جتي
هڪ ڏينهن بيروزگار جا دوست منهن موڙيو وڃن، اتي ٻن
سالن جي بيروزگار جا ته مائٽ به انڪاري ٿي ويندا
آهن پر هڪ ڏينهن هن کي اڳ خط ڪيئن ملي ها. هن جي
هڪڙي ائڊريس ته هئي ڪانه. بيروزگار ۽ فقير جي ته
ڪا ائڊريس ڪانه ٿيندي آهي! ڪڏهن هڪ دوست وٽ، ڪڏهن
ٻئي دوست وٽ، ائين پيو مهل گذاريندو هو ۽ اهو ئي
ڪارڻ هو ته هو مولوءَ واري دوڪان، ”انٽرنيشنل
ڊرائي ڪلينرس“ جي معرفت ٽپال گهرائيندو هو. پهرين
ته روز مولوءَ وٽ ويندو هو پر ڪا ٽپال نه ملڻ ڪري،
هوريان هوريان وڃڻ گهٽائي ڇڏيو هئائين. تنهن کان
سواءِ مولوءَ جو بل به ڪافي چڙهي ويو هو، سو نظرن
تي چڙهڻ نه پئي گهريائين ۽ مولوءَ به شايد ٻه – ٽي
ڏينهن سندس اوسيئڙو ڪري اڄ سندس خط سندس ڪمري تي
ڇڏي ويو هو. بک جو مسئلو ڪراچي پهچڻ جي مسئلي
اڳيان هاڻي پٺتي پئجي چڪو هو.
هو حالتن جو تجزيو ڪرڻ لڳو. هر مصيبت ۽ ڏکيائي ۾ حالتن جو تجزيو
ڪري حڪمت عمليءَ کان ڪم وٺجي. هو سدائين ائين ڪندو
هو. هن ڪاڳر تي حساب لکيو: هاڻوڪي مهل: رات جو هڪ،
انٽرويو؛ صبح جو ڏهين وڳي يعني باقي نوَ ڪلاڪ،
مفاصلو حيدرآباد کان ڪراچي: اٽڪل سئو ميل، کيسا:
خالي ۽ پيٽ: اهو به خالي. نه ته هو پيٽ ڀري ٿي
سگهيو ۽ نه ئي هن مهل ڪٿان پئسا آڻي ٿي سگهيو. هو
آلجبرا وانگر حساب ڪرڻ لڳو. خالي پيٽ ۽ خالي کيسو.
ٻنهي ۾ ”خالي“ ٻول ”ڪامن فيڪٽر“ آهي، اهي ته ٻئي
ڪٽجي ويا يعني ڇٽا. باقي رهيا ٻه ”فيڪٽر“ هڪ ته
صبح جا ڏهه جنهن کي هو ڦيرائي ٻارنهن نه ٿو ڪري
سگهي ته جيئن صبح جو پٽ سٽ ڪري ڀاڙو ڪري سگهي سو
هي فيڪٽر به اڻ ڪٽجندڙ؛ ٻيو مفاصلو سئو ميل، سو به
گهٽائڻ وڌائڻ هن جي وس ۾ ڪونهي، يعني مفاصلو به اڻ
ڪٽجندڙ فيڪٽر. مطلب ته اهم فيڪٽر اڻ ڪٽجندڙ. ته
پوءِ هروڀرو حساب ڇو ڪيم؟ غريب جا ته سڀ فيڪٽر اڻ
ڪٽجندڙ هوندا آهن!“ ڪاش رڳو مهل جو فيڪٽر ئي هن جي
هٿ ۾ هجي ها ته پنڌ وڃي ڪراچي نڪري ها! مهل تي ئي
سڀڪنهن جو دارو مدار آهي. مهل سفر جو ايڪس فيڪٽر
آهي، اهو وس ۾ هجي ته حياتيءَ جو مسئلو سلجهي وڃي،
پر اهي سڀ فيڪٽر وري پئسي جي فيڪٽر سان ڪٽجن ٿا ۽
پئسي جو فيڪٽر ته ”سپوز“ به نه ٿو ڪري سگهجي!
هاڻي هن جي اڳيان ٻه صورتون هيون ڪراچيءَ پهچڻ جون. ريل رستي يا
بس رستي. ريل ۾ بنا ٽڪيٽ وڏو جوکم، جهلجي پئي ته
جيل، پر جي بس ۾ بنا ٽڪيٽ جهلجي پئي ته وڌ ۾ وڌ
اتي لاهي ڇڏيندي بس. سو هاڻي سندس آڏو ڪابه چونڊ
نه هئي. پنڌ ڪرڻ لاءِ مهل نه هئي، ريل ۾ جوکم هو ۽
بس ئي آخري سهارو هو. پوءِ هن ڳوڙهي ويچار کان
پوءِ بس ۾ سفر ڪرڻ جي هڪ وڏي ”مڪمل رٿا“ ٺاهي ۽ من
ئي من ۾ پاڻ کي شاباس ڏيڻ لڳو. پاڻ جينيس هو پر
رڳو هڪڙي گهٽتائي هيس جو کٽل هو، پر جي هو کٽل نه
هجي ها ته شايد جينيس نه هجي ها ۽ موڳو مٽر هجي ها
۽ اهو بهتر به هو پر جي موڳو به هجي ها ۽ کٽل به
ته پوءِ! هن آرس ڀڳي ۽ اوٻاسي ڏيئي کٽ تي آهلجي
پيو. مدد سندس آخري سهارو آهي، من آخري ريل يا
آخري بس کان پهرين پهچي وڃي! سڄي رات هو جاڳندو
رهيو. هونئن جي ننڊ گهري به ها ته اهڙين حالتن ۾
ننڊ ڪٿان اچي ها پر مدد نه آيو سو نه آيو.
صبح جو ڀنڀرڪي مهل هو اٿيو ۽ رٿا پٽاندڙ پنهنجي حڪمت عمليءَ تي
ڪم شروع ڪيائين. رٿ نمبر هڪ هيٺ هن کي اهڙي هنڌ
پهچڻو هو جتان گهڻي ۾ گهڻا ماڻهو چڙهندا هجن ته
جيئن ڪو دوست يا واقفڪار ملي وڃيس، جنهن سان گڏ بس
۾ ويهندو ته جيئن دوست سنگت ۾ سندس ٽڪيٽ به وٺي
ڇڏيس. انهيءَ ڪري هو سرفراز ڪالونيءَ پهتو جتي بس
جو آخري اسٽاپ آهي پر سومر هئڻ ڪري بسون ڌڪ گهٽ
ڀريون پئي آيون. آخري اسٽاپ وٽ به ماڻهن جا هشام
هئا پر ڪو دوست نظر نه آيس. هو دوستن کي مَن ۾
گاريون ڏيڻ لڳو. هونئن ته سدائين پيا ملن ۽ بور ڪن
پر اڄ سندن لوڙ پئي محسوس ٿئي ته نظر ڪونه ٿا اچن!
هن هڪ ماڻهوءَ کان مهل پڇي. ساڍا پنج ٿي رهيا هئا.
اڃا ته سفر شروع به نه ٿيو هو ۽ باقي مهل هئي ساڍا
چار ڪلاڪ. پهرين بس وڃڻ واري هئي. هن ٽٻٽار بس ۾
جهاتي پاتي. اندر ڪوبه دوست ويٺل ڪونه هو. ڪنڊيڪٽر
جي زور ڪرڻ تي به ته هو کيس سيٽ وٺي ڏيندو، هو
اٽلو ڪنڊيڪٽر تي ڪاوڙجندي اهو چوندي لهي آيو ته
اسٽول تي ڪونه ويهندس. اهو ئي بهانو هو بس مان لهڻ
جو. ٻي بس آئي هو ڊوڙي ان ۾ گهڙيو پر اتي به ساڳي
ڪار هئي ۽ وري لهي آيو. ٽين بس آئي، چوٿين بس آئي
ساڳي ڪار لڳي پئي هئي. هڪ بس ۾ ته سيٽ به مليس ٿي،
پر ڪنڊيڪٽر کي چيائين ته کيس اڳين سيٽ کپي، جند جو
ڇڏائڻي ٿي.
ٻاهر پنهنجن پورن ۾ بيٺو هو ۽ اهڙي حالت ۾ هو بس ڪمپنين جا نالا
پڙهندو رهيو جا هن جي هير هئي. ”چوڌري ٽرانسپورٽ
ڪمپني، ميانوالي بس سروس، ڇاڇي بس سروس.“ ڪراچي ۽
حيدرآباد انهن ڪمپنين ذريعي ئي ڳنڍيل آهن يا انهن
جي ڪري مرڳو ئي ٽٽل آهن. پنهنجي پرَ ۾ ٻيئي جواب
صحيح آهن! اهو به هڪ عجيب گورک ڌنڌو آهي!“ ايتري ۾
هڪ رڪشا مان لهندڙ ماڻهوءَ هن جو ڌيان ڇڪائي ورتو.
هو پنهنجو لڳو. هن ڌيان سان ڏٺو. ستار هو. سوٽ ڪيس
لاهي مڙيو ته هن خوشيءَ وچان رڙ ڪئي”اڙي ستار تون!
ڪر خبر ڪيڏانهن ڪراچي!“ هن پنهنجي دوست کي ڏسي،
جنهن اتساهه مان غير معمولي جوش جو اظهار ڪيو هو
ته سندس دوست به حيران ٿي ويو ۽ کيس به پوءِ احساس
ٿيو. سندس دوست ڪراچي پي ويو ڪو ولايت ته نه ٿي
ويو!
”ها يار مڙيئي ڪو ڪم آهي.“ ستار ۽ هن هٿ ملائي کيڪاريو. ”يار
چڱو ٿو جو ملي وئين ڪچهري ڪندا وينداسون، اڪيلو
سفر ته مٿي ۾ سور وجهيو ڇڏي!“
ايتري ۾ هڪ بس زوم سان اچي پهتي ۽ ٻئي بس ۾ اڳئين در کان تڪڙا
چڙهڻ لڳا. بس ۾ ڪافي رش هئي، سواءِ پوئين سيٽ جي،
بس ۾ ڪٿي به ٻن ماڻهن جي گڏ ويهڻ جي جاءِ ڪانه
هئي. ستار کي بس جي ڊرائيور جي ڀر واري آڏو سيٽ
ملي ويئي. پر هو ٿورو پٺتي هڪ سيٽ خالي هئڻ جي
هوندي به نه ويٺو. جي گڏ نه ٿي ويهي سگهيا ته پوءِ
ويجهو ويهڻ خطرناڪ هو. بنا پئسي دوست اڳيان بي
عزتي ته نه ڪرائي ها. هاڻي رٿا پٽاندر هن کي دوست
کان بنهه پري ويهڻو هو؛ پوئين در جي ڀرسان. اڃا بس
هلڻ ۾ مهل هئي. سندس پهرين رٿا اسڦل ٿي چڪي هئي.
بس ڪنڊيڪٽر واچ ڏسي بس هلائڻ لاءِ اشارو ڪيو ۽ هو
چپ چاپ پوئين در کان هيٺ لهي ويو. بس مان لهڻ کان
پوءِ پهريون وجهه هو وڃائي چڪو هو. پوءِ هن
ويچاريو؛ اڙي ستار کان سڌو سنئون ڇو نه اٺ – ڏهه
رپيا گهريم. مڃان ٿو ته ستار سان ايتري گهرائپ ته
ڪانهي پر پڪو منهن ڪري گهرانس ها، حياتيءَ جو اهم
مامرو هو.“ اڃا پورن ۾ ئي هو ته ٻي بس اچي پهتي،
پنج – ڇهه ڄڻا ڊوڙي چڙهڻ لڳا. جڏهن اندر سڀ ڪي
بيهي، ڪي ويهي رهيا ته هو چپ چاپ پوئين دروازي کان
چڙهي پيو. بس جي مسافرن تي اُتاڇري نظر وڌائين. هڪ
– ٻه پري جا واقفڪار نظر آيا پر ڪو اهڙو نظر نه
آيو جنهن کي حجت ڪري ڪجهه چئجي سگهي. بس پنهنجي
مهل تي هلڻ شروع ڪيو ۽ هي پوئين سيٽ تان حالتن جو
جائزو وٺڻ لڳو. بس بئراج ڪالوني تان ڦري ڄامشوري
ڏانهن رخ رکيو، سومر جي ڪري، ڪراچي ويندڙن جي رش
هئڻ ڪري، ڪلينر ڪنهن سرڪس جي پهلوان وانگر هلندڙ
بس مان ڇت تان اسٽول لاهيو، ڪنڊيڪٽر کي ڏيندو رهيو
۽ ڪنڊيڪٽر ٻن سيٽن جي قطار جي وچ ۾ لنگهڻ واري
جاءِ جي وچ ۾ اسٽول رکندو، مسافرن کي ويهاريندو
رهيو. بس بئراج کان اُڪري اچي ڦاٽڪ تائين پهتي ۽
اتي جڳهه نه هجڻ جي هوندي به ٽي – چار پئسينجر
گهچيا ۽ کن ۾ روانو ٿي ويئي. جيئن بس ڦاٽڪ اُڪري
تيئن ڪنڊيڪٽر ٽڪيٽ وٺڻ شروع ڪئي ۽ هوريان هوريان
بس جي پوئين پاسي ڏانهن وڌڻ لڳو.
هن جي دل جي ڌڙڪڻ تکي ٿيڻ لڳي. هن جي رٿا نمبر ٻئين تي عمل ڪرڻ
هو. ڪنڊيڪٽر آخري سيٽ تائين اچي پهتو هو. ڪنڊيڪٽر
بنا ڳالهائڻ جي هٿ وڌايو. هن ڪنڊيڪٽر نهاري چيو؛
”ٻين کان ته پهرين وٺ، آئون پئسا ڪڍان ٿو. نوٽ ٻڌل
اٿم.“
ڪنڊيڪٽر ٻين کان پئسا وٺڻ لڳو. هو اٿي بيٺو. ڪنڊيڪٽر پئسا وٺي
ٽڪيٽون ڏيئي آجو ٿيو ته هن بس جي گوڙ ۾ ڪنڊيڪٽر جي
ڪن ڏانهن منهن ڪري چيو؛ ”يار ڪنڊيڪٽر پهرين ڳالهه
ٻڌ، هڪدم رڙ نه ڪجائين، متان بي عزتي ٿئي، تون
جيئن چوندين تيئن ڪندس پر گوڙ نه ڪجانءِ“ ڪنڊيڪٽر
بنا ڪجهه چوڻ جي هن جي اکين ۾ شوڪي نهاريو پر هو
چوندو رهيو.”آئون خدا ۽ رسول جو سنهن کڻي ٿو چوان
ته بي – اي فرسٽ ڪلاس آهيان. هي ڏس ڊگريون هن
لفافي ۾. نوڪريءَ جي ڳولها لاءِ ڪراچي پيو وڃان.
هي ڏس انٽرويو جو ليٽر کيسي ۾. پئسو ڪونه اٿم پر
وچن ٿو ڪريان ته ٽڪيٽ جا پئسا ڀري ڏيندس.“ ڪنڊيڪٽر
هن کي مٿان کان هيٺ ۽ هيٺ کان مٿي تائين نهاريو.
هو چوندو رهيو! ڏس يار ڪنڊيڪٽر جهڳڙو نه ڪجانءِ،
نه مڃين ته چپ چاپ لاهي ڇڏجانءِ.“
ڪنڊيڪٽر پل کن چپ رهيو. ”توکي به اڄ چڙهڻو هو. اڄ ته مالڪ بس ۾
ويٺو آهي. منهنجي ته نوڪري هلي ويندي توکي اڄ
ڇڏيندس ته مالڪ سمجهندو ته روز ٿو ائين ڪريان،
توکي بس مان لهڻو پوندو. هينئر هڪڙي هوٽل ايندي
اتي لاهي ڇڏيندو سانءِ. پوءِ تون ڄاڻين تنهنجا
ڀاڳ.“ ائين چئي ڪنڊيڪٽر دريءَ کان ٻاهر نهارڻ لڳو
۽ هو ڪجهه سوچيندو رهيو. ڪم نه ٿيو. اسڪيم اسڦل ٿي
ويئي، هاڻي ڇا ٿيندو. رڻ ۾ رلي ويندو. هن هڪڙي
ماڻهو جي واچ ۾ ٽائيم ڏٺو ڇهه ٿي رهيا هئا. باقي
ٽي ڪلاڪ هئا. ”استاد روڪيس.“ ڪنڊيڪٽر جي رڙ هن کي
ڇرڪائي ڇڏيو. بس بيٺي ۽ هو ڪنڌ هيٺ ڪري لهي پيو.
لهڻ سان هن ڏٺو ته سامهون هڪڙي جهوپڙي هوٽل هئي. ٻه- چار ماڻهو
بينچن تي ويٺا هئا. امالڪ هن جي نظر رستي تي لڳل
ميلي پٿر تي پيئي، جنهن تي لکيل هو”ڪراچي – 83
ميل“ يعني سترنهن ميل سفر ڪري چڪو هو بنا ٽڪيٽ! هن
هڪدم ذهن ۾ ٽه رقميءَ جو حساب ڪيو. ”سترنهن ميل
سفر پورو ڪجي ٿو هڪ ڪلاڪ ۾ ته هڪ ميل مفاصلو پورو
ٿيندو هڪ ڀاڱي سترنهن ڪلاڪ ۾؛ ته ٽياسي ميل مفاصلو
پورو ٿيندو، هڪ ڀاڱي سترنهن ضربيان ٽياسي. سو
يٿندو. پنج سئو پنجاسي يعني اٽڪل پنج ڪلاڪن ۾
انٽرويو جي مهل آهي ڏهه. هو يارهين مهل ڪراچي پهچي
ويندو ۽ آس آهي ته تيستائين انٽرويو ختم نه ٿيو
هوندو، کڻي سندس نمبر اچي به ويو هجي؟“
هو رستي تي بيهي هر ايندڙ بس جو اوسيئڙو ڪرڻ لڳو. هڪ بس به اچي
نڪتي ۽ هن پري کان اشارو ڪرڻ شروع ڪيو، بس هن کان
اڳتي اچي بيهي رهي ۽ هو ڊوڙي ان ۾ چڙهي پيو.
ڪنڊيڪٽر کيس ساهي پٽڻ به نه ڏني ۽ هڪدم هٿ وڌائي
چوڻ لڳو؛”استاد ٽڪيٽ.“
هن به مرڪي کيسي ۾ هٿ وجهي ڀاڙو ڪڍڻ جي اداڪاري ڪئي. خالي هٿ
کيسي مان ڪڍي رڙ ڪيائين؛ ”اڙي منهنجو بٽون.“
هن وري ٻئي کيسي ۾ هٿ وڌو. هپ پاڪيٽ مٿان هٿ گهمايائين ۽ ٻيهر
سڀني کيسن ۾ هٿ وجهي بٽون ڳولڻ لڳو. هڪدم هيٺ
نهاري ٿورو جهڪيو پر بٽون نه مليو. ڪنڊيڪٽر ڏانهن
نهاري چيائين”معلوم ٿو ٿئي ته بس ۾ چڙهندي ڪري
پيو!“
”تنهنجي ٻٽونءَ جو آئون ته ذميدار ڪونه آهيان“، ڪنڊيڪٽر به ترت
جواب ڏنو.
”پر، پر هينئر ته هو منهنجي کيسي ۾“ هن جي پريشان چهري جي اڻ تڻ
آسي پاسي جي مسافرن جي ڌيان کي ڇڪائي وڌو ۽ سڀ
پئسنجر هن ڏانهن نهارڻ لڳا. اڳين سيٽن تي ويٺل هڪ
ٻئي کان پڇڻ لڳا ته ڇا ٿيو.
”ٽڪيٽ جا پئسا ڪڍو صاحب“ ڪنڊيڪٽر هن ڏانهن نهاري چيو.
”پر ڪٿان ڪڍان.“ هن ائين چئي بس تي اڇاتري نظر وڌي. من سندس
پاران ڪو دوست واقفڪار ئي ٽڪيٽ ڀري ڇڏي پر دوست
واقفڪار ته ٺهيو پر ڪا ڏٺل شڪل به نظر نه آئي!
هينئر هو تيار هو ته ڀل گهڻا واقفڪار به هن کي بي
عزتو ٿيندو ڏسن پر ٽڪيٽ ڀرين. ان کان پهرين رڳو هو
ستار جي اڳيان بي عزتو ٿيڻ کان بچڻ لاءِ بس مان
لهي ويو هو. ماڻهو ڪيترو نه ترت پنهنجا ماڻا تبديل
ٿو ڪري. بس ويرم ئي نه ٿي لڳي. هڪڙو آواز آيو؛
”ڪنڊيڪٽر هڪ ته ٻٽون ويو اٿس ٻيو وري تون ٽڪيٽ ٿو
وٺينس. هاڻي ڇڏينس، کنيو هلينس. هڪڙي پاسينگر ۾
ڪهڙو ٿو فرق پوي!“
”اهڙي همدردي اٿو ته اوهان ٽڪيٽ ڀريوس نه.“ ڪنڊيڪٽر جي ان وراڻي
کان پوءِ هو شخص نه رڳو ماٺ ٿي ويو پر ٻيا مسافر
به هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳا.
ڪنڊيڪٽر هڪل ڪئي”استاد روڪيس!“ ڊرائيور بريڪ هنيو ۽ بس پاسو وٺي
رستي جي ”شولڊر“ تي بيهي رهي. ڪنڊيڪٽر هڪدم دروازو
کوليو ۽ نظرن سان چيو ته لهي وڃي. هن اوسي پاسي
نهاريو پر ڪا واهر نه ٿي ۽ نيٺ هو لهڻ لڳو ته
ڪنڊيڪٽر در بند ڪندي چيو”اها ترڪيب نه هلندي استاد
ڪا ٻي بس ڳول.“ ۽ پوءِ وري هڪل ڪندي چيائين؛
”استاد وڃينس!“ ۽ بس هنن جي اکين ۾ دونهون وجهندي
رواني ٿي ويئي. رستي تي لهڻ شرط هن جي نظر پاڻ
مرادو ميلي پٿر جي ڳولها ۾ کڄي ويئي. سامهون ميلو
پٿر هو ۽ ان تي لکيو پيو هو، ”ڪراچي 70 ميل“
هن جي ٽه رقميءَ جي حساب سان مفاصلو گهٽجي رهيو هو؛ بس مان ائين
لهڻ کان پوءِ به هن اڃا هار نه مڃي هئي. هن جي رٿا
پٽاندر اها به سندس سوڀ هئي، جو بنا ٽڪيٽ جي ڇڪي
تاڻي ٽيهه ميل ڪڍي ويو هو. هو پنهنجا سرٽيفڪيٽ
قابو ڪري هر ويندڙ ڪار کان لفٽ لاءِ اشارو ڪندو
رهيو پر ڪارون هن جي لفٽ جي ابتي رد عمل ۾ اڃا به
تکيون هن جي ڀرسان لنگهيو ٿي ويئون. مهل گهٽجي رهي
هئي پر هن اڃا همت نه هاري هئي. هڪڙي ٻي بس نظر
آئي، هن اشارو ڪيو پر کيس بيابان ۾ اڪيلو بيٺل ڏسي
بس زوزاٽ ڪندي اڳتي هلي ويئي. هن جي رٿا پٽاندر
اڃا به کيس وڏو آسرو هو. هڪ – ٻه ٽرڪ لنگهيا پر
اهي به نه بيٺا. نيٺ هڪ ٻي بس اچي پهتي ۽ هن جي
اشاري تي بيهي رهي ۽ هو هڪدم بس ۾ چڙهي پيو ۽
ڪنڊيڪٽر به جهڙو پهرئين ڪنڊيڪٽر وانگر هن جي گهات
۾ ويٺو هو، هڪدم اچي کانئس پئسا گهريائين.
”يار ايڏي تڪڙ، ساهي ته پٽڻ ڏي. توهان سڀ ڪنڊيڪٽر اصل هڪجهڙا
ٿيندا آهيو.“ هن ڪنڊيڪٽر کي مرڪي ائين چيو ڄڻ پئسا
ڪڍيو ٿو ڏيئس ۽ وري چوڻ لڳس؛ ”استاد مڊوي تي
ترسندي نه، اتي منهنجو ڀاءُ مئنيجر آهي يوسف صاحب
جي هوٽل ۾. اتان پئسا وٺي ڏيندو سانءَ ۽ چانهه
پاڻي به ڊبل. توهان ته اتي ترسندؤ نه. باقي آهي
ڪيترو پنڌ، اهو ويهه پنجويهه ميل“
ڪنڊيڪٽر هن ڏانهن ڪجهه شڪي ٿي نهاريو. هن ڪنڊيڪٽر جي شڪ کي
سمجهي ورتو. ”يار هتي لٿو هوس رڍن جي خريداري
لاءِ. توکي خبر آهي ته پئسا کڻي هتي لهڻ پنهنجي
جان وڃائڻ آهي، کيسي خالي نڪتو هوس، بس استاد
گهٻراءِ نه!“
بس جڏهن مڊوي تي پهتي ته اڌ سفر پورو ٿي چڪو هو ۽ نو لڳڻ وارا
هئا. انٽرويو ۾ باقي هڪ ڪلاڪ هو ۽ اڃا اڌ پنڌ باقي
هو. مڊوي هوٽل تي ٻه بسون اڳ ۾ ئي بيٺل هيون ۽
ڏاڍو چهچٽو لڳو پيو هو ۽ بس مان لهي گوڙ مان ٿيندو
هوٽل جي پويان ناڙا ڇوڙ جي بهاني سان هيٺ نئن ۾
لهي ويو. پندرنهن ويهن منٽن کان پوءِ جهاتيون
پائيندو لنوڻيون هڻندو مٿي پهتو ته اها بس وڃي چڪي
هئي ۽ هن ٿڌو ساهه کنيو پر هاڻي هو ڇا ڪري؟ ان
ٻڏتر ۾ هو ۽ هن کي اها خبر نه هئي ته سندس اصلوڪي
رٿابنديءَ جو اهو حال ٿيندو. جيتوڻيڪ هو اڌ سفر
پورو ڪري چڪو هو پر ائين پئي لڳو ته هو اتي مڊوي
تي اٽڪي پوندو. هن کي لڳو ته هو هينئر ”آڪاس ۾
ڌرتيءَ جي وچ ۾ لٽڪيل آهي“ نه هيڏانهن جو، نه
هوڏانهن جو. هو غريب جي هيڻي حال وانگر.“
مڊوي هوٽل تان ٺلهو پاڻيءَ جو گلاس پي ٿڙندو پريان جهوپڙين
وانگر ٺهيل سستين هوٽلن ڏانهن رخ رکيائين. ساڍا
نوَ ٿي رهيا هئا. ٽي ويلا ماني نه ملي هيس. هينئر
ڪجهه همت هاري ويٺو هو. هينئر کڻي ڪراچي وڃڻ جو
وجهه به ملي وڃيس، پر ڇا هو انٽرويو تائين پهچي
سگهندو؟ ڏهين وڳي انٽرويو جي مهل هئي ۽ هو اڃا به
ڏيڍ ٻن ڪلاڪن جو سفر باقي هو. اهو به تڏهن جڏهن ڪا
هينئر ئي لفٽ مليس. بک به کيس ستائي رهي هئي، پر
اڃا هوٽلن جي قطار تائين پهتو ئي ڪونه هو ته هڪ
کير ڍوئيندڙ وئن ڀرسان لنگهندي هوٽل وٽ وڃي بيٺي.
هن جي اکين ۾ چمڪ اچي ويئي ۽ بک جي جيڪا سٽ اڀري
هئس سا وري الوپ ٿي چڪي هئي. گهليندڙ وکن ۾ ڦڙتي
اچي وئي. جيتوڻيڪ وئن ڪافي ڀري پئي هئي پر ان مان
لهندڙ ٻنهي ماڻهن کي هن چڱيءَ طرح ڏسي ورتو. هڪ کي
اجرڪ جو پٽڪو هو ۽ ٻئي کي سنڌي ٽوپي پيل هئي ۽ ٻئي
سامهين هوٽل ۾ هليا ويا. هي به اچي ٻن – ٽن منٽن ۾
ويجهو پهتو ۽ هڪدم سندس نظرون سڌو هوٽل ۾ ويٺل
انهن ٻنهي همراهن کي ڳولهڻ لڳيون. اهي پريان هڪڙي
ميز تي ويٺا هئا ۽ هن ڀيري ٻين پئسينجرن مان ڪنهن
واقفڪار کي ڳولڻ بدران انهن ٻنهي همراهن ڏانهن
نظرون کپايو وڌي آيو. پر هلڻ جي رفتار ٿوري ڍري
ڪيائين ته جيئن هلڻ قدرتي لڳي. ميز جي ويجهو پهچي،
هڪڙي موڙي تي ويهي رهيو ۽ انهن سان ڳالهه چورڻ جو
بهانو ڳولڻ لڳو ته ايتري ۾ بيرو آيو ۽ هن وٽ اچي
بيهي رهيو ۽ هن چيس ؛ ”پهرين هڪ گلاس پاڻي ته کڻي
اچ.“ بيرو هليو ويو، پر پوءِ هن انهن همراهن ڏانهن
نهاريندو چيو؛”چانهه ته اهڙي هٿن جهڙو حقي جو
پاڻي!“
ٻنهي همراهن سندس ڳالهه ٻڌي مرڪيو. ايتري ۾ بيري هنن جي آڏو
چانهه جا ڪوپ ۽ هن جي آڏو پاڻي جو گلاس آڻي رکيو.
اجرڪ واري ڪوپ سريندي هن ڏانهن نهاريندي چيو؛ ”پر
اسان کي ته اهو حقي جو پاڻي آهي پيئڻو، جو ٿڪا پيا
آهيون.“
”ڪريو خبر ڪراچيءَ پيا وڃو؟“ هن کي خبر هئي ته هو ڪراچي پيا
وڃن، پر هن کي ان مهل ڳالهه وڌائڻ جو اهو ئي طريقو
سمجهيو.
”ڀائو وڃون ته ڪراچيءَ پيا. دير به ٿي ويئي اٿئون. هتي ترسون ته
نه ها پر گاڏي گرم ٿي ويئي آهي.“ گاڏي گرم ٿيڻ جو
ٻڌي هن جو منهن لهي ويو. گاڏي اڳيئي کير جي دٻن
سان سٿيل ۽ وري ٻيو ماڻهو ڪٿان کڻندا. هن وير آخري
وجهه وٺندي ڪجهه نهٺائيءَ سان چيو؛ ”اوهان جي
گاڏيءَ جي اها حالت نه هجي ها ته جيڪر مون کي کڻيو
هلو ها. بس وارا هتان اڌ پنڌ تان به ته پورو ڀاڙو
وٺيو ڇڏين.“ پر وري پنهنجي ڳالهه جي غلطي محسوس
ڪندي چوڻ لڳو؛”پئسا ته خير کڻي ڀريون به پر بسون
اڄ سومر تي اهڙيون سٿيون پيون آهن، جو پير رکڻ جي
جاءِ ڪانهي.“
هنن ٻنهي هڪ ٻئي ڏانهن نهاريو ۽ اکين اکين ۾ ڄڻڪ ڳالهه ٿي ويئي.
هن ڀيري سنڌي ٽوپيءَ واري چيو؛ ”ڀائو هل ته کنيو
هلون. جوان ته ٺاهوڪو ٿو ڏسجين. گاڏي مڙيئي ڇڪي
ڇڪي وڃي پهچنداسون.“ آخري چانهه جو چسڪو ساسر مان
ڀريندي، هن ساسر رکي، ڪوپ مٿان اونڌو ڪندي چيو.
يار چانهه جي صلاح اٿئي، پر اٿئي تو واري حقي جو پاڻي!“ اجرڪ
واري جي اها صلاح هن ڄڻ ٻڌي ئي ڪونه. هن جي ڪراچي
پهچڻ جو مسئلو سلجهي چڪو هو!
اجرڪ واري کيس وري چيو؛”سائين مون چيو چانهه جو ڪوپ!“
هو حقي جو پاڻي به پي وڃي ها پر هڪ شڪ ته متان کيس چانهه جا
پئسا ڀرڻا پون، سو وراڻيائين؛” نه يار اوهان کي به
دير پئي ٿئي ۽ مون کي به، هلو ته هلون.“
وئن جڏهن هلڻ لڳي تڏهن هن هڪڙي همراهه جي واچ ۾ ٽائيم ڏٺو. پوڻا
ڏهه ٿي رهيا هئا ۽ ڪراچي اڃا پنجونجاهه ميل پري
هئي! هو انهيءَ پنجونجاهه ميل جي يڪي سفر جو اونو
لهڻ ڪري ۽ سخت بک هوندي به سوچن جي جڳ ۾ هليو ويو.
هو سوچڻ لڳو”انٽرويو ۾ ڇا پڇندا آخر! الائي ڪير هوندا. من ڪا
اهڙي ڳالهه نڪري پئي ته هو کين ٻڌائيندو ته هو به
جيل ٿي آيو آهي. ٻوليءَ جي لسٽن جي سلسلي ۾. هو به
بک هڙتال تي ويٺو هو ۽ جي ڪنهن چئي وڌو ته ”هان،
تون ان لاءِ جيل ويو هئين ته پوءِ نوڪري وٺي
سگهين!“ ۽ هو چوندو؛”نه سائين هينئر بيشڪ انهيءَ
ڳالهه جو مان اٿم ته قرباني ڏني ٿم؛ پر آئون خدا
کي حاضر ناظر ڄاڻي ٿو چوان ته جڏهن بک هڙتال تي
ويٺو هوس، ان وقت منهنجي وهم گمان ۾ ڪونه هو ته
آئون اڳتي هلي ان قربانيءَ جو فائدو وٺندس. ان مهل
ته منهنجو مقصد هر طرح جي قرباني ڏيڻ هو.“
پر وري هن کي ته سندس هڪ دوست جي صلاح، ويچار ۾ آئي، جنهن ٻڌايو
هوس”ته ڀلجي به ڪنهن انٽرويو ۾ اهو نه ٻڌائجانءِ
ته اهڙا ڪم شاگرديءَ واري زماني ۾ ڪيا هئا. اصل
لاهه نڪري ويندءِ.“
سندس دوست جي اها ڳالهه جي سار ايندي ئي هن کي ائين لڳو، ڄڻڪ
ڪنهن هن کي کاهيءَ ۾ ڪرڻ کان جهلي ورتو هجي. جڏهن
وئن ڪراچي ٽول ٽئڪس پلازا وٽ پهتي ته يارنهن ٿي
رهيا هئا ۽ وئن جڏهن ڪراچي شهر ۾ داخل ٿي ته هن سک
جو ساهه پٽيو. ماڳ اچي ويجهو پهتو هو. وئن واري
وئن ڍرو ڪندي هن کان پڇيو؛”ڀائو اسين ته وينداسون
هتان سي- پي سوسائٽي. توکي ڪٿي لاهيون!“
سي – پي سوسائٽيءَ جي نالي ٻڌڻ سان هن جي خوابن جو محل وري ڀُري
پيو. ڪٿي سوسائٽي ڪٿي تغلق هائوس. پهرين ته
سوچيائين ته چوَين يار خدا جو واسطو اٿوَ مون کي
تغلق هائوس ڇڏيو. دل جي ڳالهه ڪرڻ لاءِ هن پيش
بندي ڪئي. ”يار مون کي وڃڻو آهي سنڌ اسيمبلي واري
پاسي، انٽرويو مون اٿم. سمجهيو ته اوهان صدر واري
پاسي ڏانهن ويندؤ“
”اسين ته مال ڏيندا آهيون سوسائٽيءَ ۾ ۽ اڄ دير به ٿي ويئي آهي،
مالڪ به ڪُرڪندو. پر ٻڌ ڀائو توکي اسين اهڙي هنڌ
لاهي ڇڏينداسون جتي ٽئڪسي اصل سولائي سان ملي
ويندءِ.“
هن اهڙي طرح ڳالهه ختم ڪئي جو اڳتي ڳالهائڻ جي هن کي همت ئي نه
ٿي. هڪڙو ته مفت ۾ لفٽ وٺي آيو اٿن ۽ ٻيو وري چوين
ته ڇڏيو مون کي پنهنجي دڳ. وئن هلندي رهي ۽ اچي
جيل واري چوواٽي تي پهتي. هڪ رستو جيل ڏانهن ٿي
ويو، هڪ رستو جناح جي مزار ڏانهن ۽ هڪ رستو شهيد
ملت روڊ هو ۽ هڪ رستو جنهن کان هو آيا هئا يعني
پٺتي حيدرآباد ڏانهن هن کي لڳو ته هو حياتيءَ جي
چوواٽيءَ تي بيٺل هو! هو ڪجهه دير چوواٽي تي حيران
۽ پريشان بيٺو رهيو.
اتان پنج يا ڇهه ميل پري تغلق هائوس هو. هن جا کيسا خالي هئا.
ان جو ته ان کي شديد احساس هو پر هن جو پيٽ به
ڪالهه کان خالي هو ان جو احساس نه هيس. ان مهل
ساڍا يارنهن ٿي چڪا هئا. هڪڙي واٽ هن کي نظر آئي.
هو ٽئڪسي ۾ وهندو. تغلق هائوس پهچي ٽئڪسيءَ کي
پنجن منٽن ۾ موٽڻ جو چئي ڀڄي گم ٿي ويندو. هن ائين
سوچيو ته هڪ خالي ٽئڪسي سامهون اچي نڪتي. هن جو هٿ
پاڻ مرادو ٽئڪسي روڪڻ لاءِ اٿي ويو ۽ ٽئڪسي هڪدم
بيهي رهي. هو اندر ويٺو ۽ کيس چيائين؛ ”تغلق
هائوس“ ۽ ٽئڪسي جناح جي مزار واري رستي تان تکي
هلڻ لڳي. هن ٽئڪسي جي ڊئش بورڊ تي لڳل ٽئڪسيءَ جو
نمبر پنهنجي ذهن ۾ نوٽ ڪيو ۽ دل ئي دل ۾ چوڻ لڳو،
”ڪيئن به ڪري هن ٽئڪسي واري کي ڳولي پوءِ ٻيڻو
ڀاڙو ڏيندس.“
ٽئڪسي هاءِ ڪورٽ کان مڙندي تغلق هائوس جي در تي اچي پهتي. هن
ٽئڪسيءَ مان لهندي ٽئڪسي ڊرائيور جي پان کائيندڙ
وات، ڪپڙن ۽ شڪل مان اندازو لڳائيندي کيس اڙدوءَ ۾
چيو؛ ”يار ترسجانءِ، بس ٻه منٽ، ڪو ڪم ڪونهي بس
رڳو هي ڪاڳر ڇڏڻا آهن.“ ائين چئي بنا ٽئڪسيءَ واري
جي جواب جي تکو تکو اندر تغلق هائوس ۾ هليو ويو.
هن کي آفيس جي خبر هئي جو ٽي – چار ڀيرا اتان
نوڪريءَ جي ڳولها ۾ ڌڪا کائي موٽيو هو. تکيون وکون
وڌائيندو، سهڪندو اچي آفيس وٽ نڪتو. پي – اي سان
ڪاليج جي زماني کان واقفيت هيس. کيڪارڻ بنا ڏانهس
نهاريندي چيائين؛”يار معلوم ٿو ٿئي ته پهچڻ بيڪار
ويو!“ سندس مرڪ جنهن ۾ ناڪامي سمايل هئي سا پڌري
هئي.
”ڏاڍو ڀاڳ وارو آهين. بس آخري اميدوار اندر آهي. تنهنجي نالي جو
سڏ ٿيو هو. پر پوءِ مون آخر ۾ ڪرائي ڇڏيو. پر ڪر
خبر دير ڪيئي؟“
”يار توهان به ڪمال ٿا ڪريو اصل هڪ ڏينهن جي مهلت نه ٿا ڏيو.“
پي – اي کلي چيس؛ ”ته تنهنجي مرضي آهي ته اڳواٽ ليٽر ڪڍون ته
هتي ڪُتِ خلق جمع ٿي وڃي! ڪن کي ته اڃا ليٽر
ملندا!“ هن سندس انهن ڳالهين کي درگذر ڪندي چيو.
”پر ڪر خبر آهي ڪو آسرو.“
”آسرو ڪيو هوندئي ته ڇونه آهي آسرو. ڪر خبر ڪو چئو چواءَ ڪرايو
اٿئي!“
”يار ڪٿي ٿو اسان جو ڪم ٿئي. هڪ دوست کي هٿ ڪيم پر پڻس وڃي
اسلام آباد نڪتو.“ هونئن پهرين به هڪ صوبائي
اسيمبلي جي ميمبر کان سفارش ڪرائي هئائين ته نوڪري
وري قومي ميمبر جي سفارشيءَ کي ملي ۽ ٻئي ڀيري هڪ
قومي ميمبر هٿ ڪيو هئائين ته نوڪري وري وزير جو
ماڻهو وٺي ويو. ٽئين ڀيري ته هڪ وزير تائين به وڃي
پهتو هو ته نوڪري وري زوردار وزير جي ماڻهوءَ کي
ملي. سندس وزير ڍرو وزير سڏائبو هو. جتي وزيرن جي
ڪلرڪيءَ لاءِ پاڻ ۾ چٽاڀيٽي ٿيندي هجي، اتي ڀلا هي
ڪٿي ٿو پهچي سگهي.
”پوءِ ته استاد هاڻي انٽرويو ڏين نه ڏين تنهنجي مرضي. ڪو فرق نه
ٿو پوي.“
”ڇو يار انٽرويو ۾ آئون ثابت ڪندس پاڻ کي اهل.“
سندس دوست کان کل نڪري ويئي، رڳو ايترو چيائين؛ ”چڱو ڏسجائين.
پاڻيهي خبر پوندءِ. باقي مون..... “ هن ڳالهه اڌ ۾
ڇڏي ڏني جو آخري اميدوار واپس اچي رهيو هو. پي –
اي اٿي اندر ويو ۽ منٽ کن ۾ موٽي اچي چيائين ”وڃ
يار اندر.“
هي اندر ويو. هن ڏٺو ته ٽيئي ويٺل آفيسر سنڌي ئي لڳا. هن کي تڪڙ
مان پي – اي کان پڇڻ وسري ويو هو ته انٽرويو وٺڻ
وارا ڪير آهن.
انٽرويو ۾ هن کان اهي ئي سوال پڇيا ويا جيڪي اڳيئي فارم ۾ ڀريل
هئا. پيءُ جو نالو، تعليم، ڊويزن، جنم جي تاريخ ۽
ٽائيپ به ايندي آهي، وغيره وغيره هڪڙو انهن مان
ڪنڌ جهڪايو، فائيل ڏسي رهيو هو ڄڻ انٽرويو سان
واسطو ئي ڪونه هئس. پنجن منٽن ۾ مڙس ٻاهر هو.
”ڪر خبر ٺيڪ ٿيو!“ پي – اي هڪدم پڇيس.
”يار اهڙو انٽرويو ته سڀن جوئي ٺيڪ ٿي ويندو. پر يار آخر خبر
ڪيئن پوندن ته اهل اميدوار ڪهڙو آهي. آخر سڀ ته
سفارشي ڪونه کڻندا.“
”يار اصل سؤ في سيڪڙو سفارشي. انٽرويو ته آهي مڙيئي ڪا ڳري
ڪارروائي پوري ڪرڻي. مون هيترو سمجهايو هومائين،
پر تون ڪو چئه چوا ڪرايوئي ڪونه. هاڻي ڀلا اسين ڇا
ڪريون؟“
هن کي وري به آس هئي ته هو فرسٽ ڪلاس هو، کيڏاري هو، ڦڙت هو.
باقي ڪلارڪ ٿيڻ لاءِ ان کان وڌيڪ هن کي ڇا کپي. پڪ
چونڊبو. حالتن هن جو ساٿ ڏنو هو، جو هن جو ڪراچي
پهچڻ اڻ ٿيڻي هو، پر ٿيڻي ٿي چڪو هو.
”يار ڪر خبر رزلٽ جي. پوندي ڪا پروڙ.“ هن پي- اي کان پڇيو.
”هونئن”آفيشلي“ ته ٻه – ٽي ڏينهن لڳندا، پر هينئر نالا
”فائينلائيز“ ڪندا هوندا. ويهه توکي ٻڌائي ڇڏيان.
هڪ ڪوپ چانهه ته آڻجان.“ هن پٽيوالي کي اشارو ڪندي
چيو.
چانهه جو نالو ٻڌي هن جي سڄي بک موٽي آئي. هن حالت ۾ ته اهو به
وسري ويو هو ته هو ڪالهه کان بکايل آهي. چانهه جي
ڪوپ جو هڪ ڍڪ هن لاءِ امرت هو. ٿوري دير کان پوءِ
پي – اي اچي ٻڌايس؛ ”يار معاف ڪجانءِ تنهنجو نالو
لسٽ ۾ ڪونهي. مون ته اڳيئي چيو هو مانءِ.“
الائي ڇو ايڏي بم گولي وانگر ڪرندڙ خبر به هن تي ڪو اثر نه ڪيو
هو پڇي ويٺو، ”ڪر خبر پنهنجا گهڻا، پراوا گهڻا.“
”ٻه پنهنجا، ٻه پراوا.“ هن وراڻيو.
”سندن ڪواليفڪيشن؟“ هن جي سوال جي انداز مان ظاهر هو ته هو
ڌارين متعلق پڇي رهيو هو.
”ٻئي ٿرڊ ڪلاس“ پر ٻنهي جون سفارشون پنهنجن کان به ڳريون هيون.
بابا هتي ڪراچيءَ ۾ ووٽ وٺڻا آهن.“
”اهي ته هونئن ئي ڪونه ملندن، کڻي سڄي ڪراچي سوني ڪري ڇڏين.“
”يار آءِ- ايم ساري، پرواهه ناهي، وري ڪنهن ٻئي واري تي.“ ائين
چئي هو پنهنجي فائيل ۾ ڏسڻ لڳي ويو.
هو اٿيو، موڪلائيندو، ڳرين وکن سان هوري هوري لڏندو لمندو ڏاڪڻ
تان لهڻ لڳو. الائي ڇو هن کي تغلق هائوس جي نالي
سان فيروز شاهه تغلق ياد آيو، جنهن سنڌ کي لٽي
برباد ڪيو هو. هو دل ۾ وري نوڪريءَ جو حساب ڪرڻ
لڳو. ٻن سالن ۾ هي پنجون انٽرويو هو. هن جي عمر
هينئر چوويهه سال هئي پر اڃا تائين نوڪري نه ملي
هئي. ٻه سال ۽ پنج انٽرويو. هو آخر ڪيستائين
جيئندو؟ هن ملڪ ۾ ماڻهن جي سراسري ڄمار چوٽيهن
ورهين تائين آهي. ۽ ٿي سگهي ٿو ته انهيءَ ڄمار کان
به اڳ مري وڃي يا انهيءَ کان به وڌيڪ ڄمار ٿئي پر
مسئلو ڄمار گهٽجڻ ۽ وڌجڻ جو نه آهي. مسئلو نوڪريءَ
جو آهي. چوٽيهن مان چوويهه ويا باقي بچيا ڏهه.
انهيءَ حساب سان انٽرويوئن جو ڪل ڳاڻيٽو ته ڳولي
سگهجي ٿو، پر نوڪري ملڻ جو نه ۽ نوڪري به هڪ ايڪس
(x)
فيڪٽر آهي جيڪو سلجهي پوي ته سڀ مسئلا سلجهي وڃن.
کيسي ۾ هڪ پئسو به نه. ڪراچي جهڙو ڌارين جو شهر، چوويهن ڪلاڪن
جو بکايل؛ هٿ ۾ ڊگرين جو لفافو جنهن جي کولڻ جي
نوبت به نه آئي هئي. هو لڏندو ۽ لمندو، ٿاٻڙجندو،
دروازي کان ٻاهر نڪري هيڏانهن هوڏانهن وائڙن وانگر
نهارڻ لڳو. ڪراچيءَ جون ڊگهيون اوچيون عمارتون
ٽرئفڪ جي پيهه پيهان ۾ به هو پاڻ کي اڪيلو برپٽ
منجهه محسوس ڪرڻ لڳو. ”انگي حساب جي ٽه رقميءَ جو
جواب صحيح ڪڍڻ جو اهو مطلب ته ڪونهي ته هو حياتيءَ
جي ٽه رقميءَ جو جواب به صحيح ڪڍي سگهي ٿو.
حياتيءَ جو نصاب ڪو انگي حسابن جو ڪتاب ڪونهي.“ هو
سوچڻ لڳو.
هو انهيءَ سوچ ۾ منجهيل ٻڏتر ۾ بيٺو هو ته هن جي ڪنن تي ڪو آواز
پيو. جنهن کيس اڙدوءَ ۾ چيو؛ سائين وڏيرا، ڏاڍي
دير لڳائي ڇڏيو!“ هن ڪنڌ وراڻي آواز تي نهاريو.
سامهون ساڳيو ٽئڪسيءَ وارو بيٺو هو! |