”حقيقت ھيءَ آھي تھ اسان پيار جي ھڪ قسم کي کڻي،
ان جي سڄي نالي، پيار سان سڏيون ٿا ۽ ائين ٻين
معاملن ۾ بھ اسان وري غلط نالا استعمال ڪندا
آھيون.“ ”مثال طور؟“ مون پڇيو، ”توکي خبر آھي تھ
تخليق انيڪ قسمن جي شاعري کي چئبو آھي. ڇو تھ
شاعري جي اصل معنيٰ آھي تخليق، سو جڏھن بھ ڪا شيءِ
عدم وجود مان مٽجي، وجود ۾ اچي ٿي، ان جو سبب
لازمي طور تخليق يا شاعري ھوندو آھي ۽ سمورن ھنرن
جا طريقا تخليقي ھوندا آھن ۽ سمورا تخليقڪار شاعر
آھن.“ ”سورنھن آنا سچ“، ”پر ان ھوندي بھ“ ھن چيو،
”تون ڄاڻين ٿو تھ انھن سڀني کي شاعر نھ ٿو سڏيو
وڃي. پر انھن جا نالا ٻيا ٻيا آھن ۽ تخليق جي سڄي
ميدان مان رڳو ھڪ حصو جنھن جو تعلق موسيقي ۽ قافيي
رديف سان آھي، تنھن کي جدا ڪري، ان ئي حصي کي
”شاعري“ ۽ انھن کي ئي ”شاعر“ چيو وڃي ٿو، جن جو
موضوع اھو ھوندو آھي.
”بلڪل درست“
”پيار جي معاملي بھ اھا ئي ساڳي ڳالھھ آھي، ٿلھي
ليکي ائين ئي چئجي تھ سٺائي ۽ سرھائي جي حصول لاءِ
ھر ھڪ سڌ ئي اصل ۾ پيار آھي. گھڻي سگھھ وارو،
گرفتار ڪرڻ وارو پيار ۽ اھي ماڻھو جن وٽ اھا سڌ،
پئسي سان پيار، راند روند يا ڏاھپ سان پيار جي
صورت ۾ ظاھر ٿئي ٿي تھ اھڙن کي عاشق نھ ٿو سڏيو
وڃي، پر رڳو انھن کي، جن جي محبت ھڪ خاص رنگ ڍنگ ۽
دڳ وٺي ٿي، تن کي ئي عشق ڪندڙ ۽ عاشق جي نالي سان
سڏيو وڃي ٿو، جيڪو نالو حقيقت ۾ تھ سني پيار ڪندڙن
جي لاءِ آھي.“ ”توھان جي ڳالھين ۾ مون کي صداقت
نظر اچي ٿي.“ مون وراڻيو، ”بلڪل“، ھن چيو، ”۽ تون
ماڻھن کي ائين چوندي بھ ٻڌو ھوندو تھ عاشق اھي
انسان ھوندا آھن، جيڪي پنھنجي ٻي اڌ جي ڳولا ۾
ھوندا آھن. پر منھنجا دوست، منھنجو خيال ھي آھي
تھ، نھ انھن ٻنھي کي پنھنجي ڪنھن اڌ جي تلاش آھي ۽
نھ ئي ڪنھن سڄي جي، جيستائين اھو اڌ يا سڄو سٺو بھ
ھجي. ماڻھو تھ پنھنجي رضا خوشيءَ ان پنھنجا ھٿ پير
بھ وڍائي اڇلائي ڇڏڻ لاءِ تيار ٿي ويندو. جي کيس
اھا خبر پئي تھ اھي بيماري ۾ ورتل آھن. سو منھنجي
خيال ۾ حقيقت ھي آھي تھ ماڻھو ڪنھن شيءِ سان ان
ڪري پيار نھ ڪندا آھن جو اھا شيءِ سندن ھوندي آھي.
ھا اتفاق سان سواءِ ڪنھن اھڙي ماڻھوءَ جي جيڪو
ائين چوي تھ ھيءَ شيءِ جيئن تھ سندس آھي سو اھا
سٺي آھي، ۽ ھوءَ خراب آھي جيڪا ٻئي وٽ آھي. سو
ماڻھو ڪنھن بھ شيءِ سان نھ پر رڳو، سٺائي سان پيار
ڪندا آھن.“ ”ھائو“، مون چيو، ”ڀلا پوءِ اسان کي ان
۾ اھو اضافو بھ ڪرڻ گھرجي، يا نھ ڪرڻ گھرجي تھ
سندن پيار جو مقصد سٺائي کي حاصل ڪرڻ ھوندو آھي.“
”ھائو اھو اضافو ڪرڻ گھرجي“ ”۽ نھ رڳو حاصل ڪرڻ،
پر ھميشه لاءِ حاصل ڪري ڇڏڻ؟“. ”ھائو انھن لفظن جو
واڌارو بھ ٿيڻ گھرجي“. ”تھ پوءِ سرسري طور ائين
چئجي“، ھن پڇيو، ”تھ پيار سٺائي جو ھيمشھ جي لاءِ
حاصل ھجڻ جي سڌ آھي“. ”اوس اھو ئي سچ آھي.“ مون
پڇيو.
ھن پنھنجي ڳالھھ جاري رکي. ”ھاڻي جڏھن اسان اھو
سمجھي ورتو آھي تھ پيار اصل ۾ آھي ڇا، تھ پوءِ تون
مون کي اھو ٻڌائي سگھندين تھ ماڻھو ان جي ڳولا
ڪھڙي طريقي سان ڪندا آھن؟ ۽ ڪھڙي قسم جي عمل ذريعي
ان جي ان بي حد سڌ، چاھھ، تپش ۽ تاءَ جو اظھار ڪن،
جو ان کي عشق چئجي. اھا ڪھڙي واٽ آھي؟ مون کي جواب
ڏي“. ”نھ ڊايوٽما نھ،“ مون وراڻيو، ”جي مان اھو سڀ
ڪجھھ ڄاڻان ھا تھ پوءِ مان نھ تھ تنھنجي ڏاھپ جو
ايڏو مداح ھجان ۽ نھ ئي تو وٽ اھو سڀ ڪجھھ سکڻ ۽
سمجھڻ لاءِ ڪھي اچان ھا.“ ”چڱو“، ”تھ مان ئي ٿي
کڻي توکي ٻڌايان“، انھن جي اڳيان اھو مقصد ھوندو
آھي تھ سونھن کي تخليق ڪجي، جڪا جسماني بھ ٿي سگھي
ٿي ۽ روحاني بھ“، ”ان الھام جي وضاحت گھر جي ٿي“.
مون چيو، ”مان تنھنجي اھا ڳالھھ سمجھي نھ سگھيس.“
”مان ان کي واضح ڪيان ٿي“ ھن وراڻيو.
”سقراط منھنجي چوڻ جو مطلب ھي آھي تھ سمورا انسان
شعوري ۽ جسماني طور ڳورھارا ھوندا آھن. سو جڏھن ھو
وھيءَ کي رسي بالغ بڻجن ٿا تھ کين فطري طور، تخليق
ڪرڻ جي سڌ ستائي ٿي ۽ تخليق جيڪا رڳو خوبصورتي ۾
ٿي سگھي ٿي ۽ بدصورتي ۾ ڪڏھن بھ نھ. ۽ اھو سڄو
معاملو الاھي آھي. ڇو تھ ڳرڀ سان ٿيڻ يا خيالن جو
سرجڻ ۽ پوءِ ان کي جنم ڏيڻ يا تخليق ڪرڻ، ھڪ فاني
انسان کي لافاني بڻائڻ ڇڏين ٿا. پر اھو سڄو عمل
ناسازي ۽ اڻبڻت واري ماحول ۾ نھ ٿو ٿي سگھي. ڇو تھ
بدصورتي ھر الاھي شيءِ سان ناٺاھھ ۽ نفاق ۾ رھندي
آھي. جڏھن تھ خوبصورتي ان سان سرچاءُ ۽ صلح ۾
ھوندي آھي. سو سونھن ديوي مقدر جي دائي آھي، جيڪا
ويم يا تخليق ڪرائيندي آھي. اھو ئي سبب آھي جو ھڪ
ڳورھارو انسان جڏھن سونھن جي ويجھو ٿئي ٿو تھ ھو
ٻاجھارو بڻجي وڃي ٿو ۽ گد گد ٿئي ٿو. اوتجي ٿو پوي
۽ کيس سڪون ۽ اطمينان ملي ٿو ۽ پوءِ ئي اھو ڄڻي ۽
تخليق ڪري سگھي ٿو. پر جڏھن بدصورتي سندس ويجھو
ٿئي ٿي تھ ھو اداس ۽ نراس ٿي، ڪومائجي وڃي ٿو ۽ ان
کان ونءُ وڃي ٿو ۽ ائين وڏي پيڙا ۽ سور سھندي، ان
ڳرڀ
/
خيال کي سانڍي ۽ سمائي رکي ٿو،
جيڪو سندس اندر ۾ سوچي رھيو آھي ۽ تخليق نھ ٿو ڪري
سگھي. ھاڻي اھڙو ماڻھو جنھن جي اندر ۾ اڳ ئي سڌ
سرجي ۽ سامائجي چڪي آھي. جڏھن ڪا سونھن پسي ٿو تھ
ان ڏانھن وڏي شدت سان ڇڪجي ۽ متوجھھ ٿئي ٿو. سندس
اندر جي اڇل ۽ اٿل پٿل کيس بي خود ڪري وجد واري
ڪيفيت تائين پھچايو ڇڏي. ڇو تھ اھا سونھن ئي کيس
ويم
/
تخليق جي سورن کان نجات ڏياري
ٿو. سو سقراط جيئن تون سمجھين ٿو، پيار صرف سونھن
لاءِ ئي نھ ھوندو آھي.“ ”ڀلا پوءِ ڇا لاءِ ھوندو
آھي.“ ”خوبصورتي کي ڄڻڻ
/
تخليق ڪرڻ جو پيار.“ ”سچ پچ!“
”ھائو سچ پچ“ ھن وراڻيو ”پر ڄڻڻ
/
تخليق ڪرڻ جو ڇو؟“ ”ڇو تھ ھڪ
فاني جيو لاءِ ڄڻڻ
/
تخليق ڪرڻ ئي اھڙي شيءِ آھي،
جيڪا کيس امر ڪري ۽ دائمي بقا بخشي ٿي ۽ جيئن اسان
اڳ ۾ اھو مڃي آيا آھيون تھ پيار، سٺائي جو ھميشه
لاءِ پاڻ وٽ ھجڻ جي سڌ آھي، سو لازمي طور، سڀ
انسان، سٺائي سان گڏ امرتا بھ چاھين ٿا. سو اسان
جو ھي بحث اسان کي ان لازمي نتيجي تي پھچائي ٿو تھ
پيار، امرتا جو پيار پڻ آھي.“
ڊايوٽما مون کي اھو سڀ ڪجھھ سيکاريو، جڏھن بھ ھن
مختلف موقعن تي مون سان پيار بابت ڳالھايو ۽ مون
کي ياد آھي، ھن ھڪ دفعي مون کان پڇيو ھو ”سقراط،
تنھنجو ڇا خيال آ تھ انھيءَ سڌ جو سبب آخر آھي ڇا؟
سمورن ساھوارن، حيوانن توڙي پکي پکڻن کي ڪڏھن نھ
ڏٺو اٿئي؟ جڏھن منجھن ڄڻڻ جي سڌ سامائبي آھي تھ ھو
ڏاڍي درد ۽ پيڙا واري حالت ۾ ھوندا آھن، جو کين
پيار جي سڪ ستائيندي آھي ۽ سندن پھريون پھريون
مقصد ميلاپ ھوندو آھي ۽ ان کان پوءِ پنھنجي ان
اولاد/
تخليق جي پرگھور لھڻ، جنھن جي حفاظت لاءِ ڪمزور
کان ڪمزور بھ ھڪ تمام وڏي ويڙھوءَ سان جنگ جوٽڻ
لاءِ سندرو ٻڌي، سنڀري بيھي ٿو ۽ مرڻ مارائڻ لاءِ
تيار ٿي وڃي ٿو. ھو فاقا ڪڍڻ، پيڙا ڀوڳڻ يا ڪھڙا
بھ ٻيا سور ۽ سختيون سھڻ کان نھ ڪيٻائيندا تھ جيئن
سندن اولاد
/
تخليق زندھ ۽ محفوظ رھي. انسان پاران اھڙي عمل ۽
ھلت جو سبب تھ خير سندن شعور ۽ سمجھھ آھي، پر
حيوانن ۾ اھڙي جوشيلي جذبي جو سبب ڇا آھي؟ تون
ٻڌائي سگھندين؟“ مون وري بھ اعتراف ڪيو تھ مون کي
ڄاڻ ڪونھي. تنھن تي ھن چيو ”پوءِ تون پاڻ، پيار جي
معاملن ۾ ماھر ٿيڻ جي اميد ڪيئن ٿو رکين، جي توکي
ايتري بھ خبر نھ آھي؟“ ”پر ڊآيوٽما، مان توکي اڳ ۾
ئي ٻڌائي چڪو آھيان تھ منھنجي اھا جھالت ۽
اڻڄاڻائي مون کي ھت تو وٽ وٺي آئي آھي. مان ڄاڻان
ٿو تھ مون کي ھڪ استاد جي ضرورت آھي، سو تون مون
کي ان جو سبب بھ ۽ پيار جا ٻيا مڙئي اسرار ۽ رمزون
سمجھاءِ.“
”چڱو تھ پوءِ ٻڌ، جي تون ائين مڃين ٿو تھ پيار،
پيار آھي امرتا جو، جنھن ڳالھھ تي اسان ھڪ نھ پر
ڪيئي ڀيرا متفق بھ ٿي چڪا آھيون، تھ پوءِ جنھن
ڳالھھ تي اسان ھڪ نھ پر ڪيئي ڀيرا متفق بھ ٿي چڪا
آھيون، تھ پوءِ توکي مٿئين سوال جو جواب بھ حيران
نھ ڪندو. ڇو جو ھتي بھ ان ساڳئي اصول مطابق ھر
فنائي جيو، پوءِ ڀلي انسان ھجي يا حيوان، ممڪن حد
تائين ڪوشش ڪري ٿو تھ ھو امر بڻجي وڃي ۽ واحد
طريقو جنھن سان ھو اھو مقصد حاصل ڪري سگھي ٿو، سو
ڄڻڻ / تخليق ڪرڻ آھي. ڇو تھ ائين ڪرڻ سان پراڻي جي
جڳھھ تي نئون وجود اچي، ان کي دائميت بخشي ٿو ۽ ان
تي غور ڪر تھ ڪو بھ ساھوارو، جا زندگي جيئرو ھجي
ٿو تھ چيو وڃي ٿو تھ ھو ساڳيو ئي رھي ٿو. مثال طور
انسان جنھن کي پنھنجي ننڍپڻ کان وٺي پيرسني تائين
ساڳيو ئي ماڻھو سڏيو وڃي ٿو، حقيقت ۾ ھو ساڳيا
اوصاف ۽ گڻ برقرار نھ ٿو رکي. پر ھو سدائين، وقت
گذرڻ سان، ھڪ نئون انسان بڻجندو ٿو رھي ۽ وڃائي
وري حاصل ڪرڻ، جي ھڪ مسلسل عمل منجھان گذرندو رھي
ٿو. سندس وار، سندس ماس، ھڏا ۽ رت، يعني سندس سڄو
جسم ان عمل مان متاثر ٿئي ٿو ۽ نھ صرف سندس جسم پر
سندس خيال ۽ ويچار بھ. ھن جو مزاج ۽ سڀاءُ، عادتون
۽ اطوار، رايا ۽ تجزيا، سڌون ۽ خواھشون، خوشيون،
ڏک ۽ سور، انديشا ۽ خوف اھي سڀ ڪڏھن بھ ساڳيا نھ
ٿا رھن. نوان ايندا ٿا وڃن ۽ پراڻا گم ٿيندا وڃن
ٿا ۽ ويچارڻ جھڙي ڳالھھ تھ وري ھيءَ آھي جو ڄاڻ جي
مضمونن
/
سائنس سان بھ ساڳي ڪار آھي، ۽
رڳو ائين نھ آھي جو ڪي سائنسون اڀري اچن ٿيون ۽
وري زوال پذير ٿي وڃن ٿيون ۽ اسان، انسان، انھن جي
نسبت ۽ ڀيٽ ۾ پنھنجي اھا ساڳي حيثيت برقرار نھ ٿا
رکون، پر خود سائنسن کي بھ اسان وانگر ساڳي مستقل
تبديلي جي تجربي مان گذرڻو پوي ٿو ۽ جڏھن اسان
”يادگيري“ يا ”سانڀر“ جو لفظ استعمال ڪندا آھيون
تھ ان کي ڄاڻ جي موڪلاڻي واري مفھوم ۾ استعمال
ڪندا آھيون. ويسر ڄاڻ جي موڪلاڻي آھي ۽ سانڀر ان
جي جاءِ تي نئين ڄاڻ جي اچڻ جو نالو آھي ۽ اھا سان
جي ڄاڻ کي سنڀالي ۽ سانڍي رکي ٿي. سو اھا ڄاڻ
بظاھر ساڳي نظر اچي ٿي. پر حقيقت ۾ ان منجھھ جدت ۽
نواڻ ھوندي آھي. ان طريقي ۽ اصول ان ئي ھر فاني
شيءِ پاڻ کي مھفوظ ۽ دائم رکندي اچي. ائين نھ تھ
سدائين ساڳي ئي رھي، جيڪا صرف ديوتائن جي ئي خوبي
۽ خصوصيت آھي. پر مٽا سٽا ۽ تبديلي جي ھڪ اھڙي عمل
مان گذرندي رھي ٿي، جنھن ۾ پراڻي پوڙھي ٿيل فاني
شيءِ، پنھنجي پٺيان پاڻ جھڙو پر نئون جنم ۽ وجود
ڇڏيندي وڃي ٿي. سقراط صرف ان طريقي ئي فاني شيءِ
جسماني طور يا ڪنھن بھ ٻئي حساب ۾ دائميت ماڻي،
امر بڻجي وڃي ٿي، ٻئي طريقي سان نھ سو ان ڳالھھ تي
عجب ۾ نھ پئھ تھ ھر جيو پنھنجي اولاد
/
تخليق سان ايڏو گھڻو پيار ڪري
ٿو. سندن اھا بي انتھا سڌ ۽ اھو اڻ ميو پيار،
امرتا حاصل ڪرڻ لاءِ ئي ھوندو آھي.“
مان سندس اھي ڳالھيون ٻڌي حيران ٿي ويس ۽ پڇيم ”اي
ڏاھي ڊايوٽما! ڇا واقعي اھو سڀ سچ آھي؟“ ”ھا بلڪل
سچ – تون خاطري ڪر“، ھن ڪامل استاد واري انداز ۾
چيو، ”۽ سقراط جي تون غور ڪندين تھ توکي انسانن جو
عزم ۽ ارادو، ان سچائي جي ثابتي ۽ شاھدي ڏيندو ۽
جي تون ھي مون واريون ڳالھيون دل ۾ ياد نھ رکيون
تھ پوءِ توکي ماڻھن جو حقيقت کي نظرانداز ڪري وڃڻ
۽ بي سمجھھ ٿي بيھڻ تي حيراني ئي ٿيندي. ھو شھرت
ماڻڻ جي خواھش ۾ عجيب ڀيانڪ صورتحال ۾ بھ ھليا
ويندا آھن، اھو نانءَ ۽ شان جيڪو ڪڏھن بھ نھ مري،
سدا امر رھي. ھو ان عزت ۽ شھرت جي حصول خاطر، انھن
خطرن کان بھ وڌيڪ وڏا خطرا کڻڻ ۽ جان جوکي ۾ وجھڻ
لاءِ تيار ٿي ويندا، جيترا ھو پنھنجي اولاد کي
بچائڻ خاطر کڻندا آھن. پنھنجو مال ملڪيت لٽائڻ، ھر
قسم جي ڪشالن ڪٽڻ ۽ قرباني ڏيڻ، ويندي موت کان بھ
نھ ڊڄندا آھن. ڇا تون ائين ٿو سمجھين تھ الڪيٽس،
ايڊيميٽس کي بچائڻ لاءِ موت قبوليو ھوندو،
اڪائيلس، پئٽروڪلس جو بدلو وٺڻ لاءِ، ۽ توھان جو
پنھنجو ڪوڊرس، پٽن لاءِ پنھنجي بادشاھي بچائڻ
خاطر؟ نھ، نھ – ائين ڪو نھ ھيو. ھنن کي اھا پڪ ھئي
تھ سندن بھادري، مردانگي ۽ گڻ، امر بڻجي ماڻھن جي
دلين ۾ ياد رھندا، جيئن اھي اڄ بھ اسان جي دلين ۾
موجود آھن.“ ھن چيو، ”حقيقت اھا آھي تھ اھا ابدي
ناموس، ھاڪ ۽ شھرت جي سڌ ئي آھي، جيڪا انسانن کي
ھر عمل ڪرڻ تي اتساھي ۽ اڪسائي ٿي ۽ اھي جيترو
بھتر ھوندا تھ اوترو ئي ھو وڌيڪ ڪندا، ڇو تھ ھو
امرتا سان پيار ڪندا آھن ۽ سڌ رکندا آھن.
سو اھي جيڪي جسماني طور ڳورھارا ھوندا آھن، سي
عورتن ڏانھن راغب ۽ راھي ٿيندا آھن ۽ اولاد ڄڻيندا
آھن، سندن پيار اھڙن لڇڻن وارو ھوندو آھي. ھو
سمجھندا آھن تھ ائين اولاد پيدا ڪرڻ سان ئي ھنن
پنھنجي لاءِ خوشيون، نانءُ ۽ امرتا حاصل ۽ محفوظ
ڪري ورتي. ان ايندڙ وقت لاءِ جڏھن ھو ھن دنيا ۾ نھ
ھوندا. پر اھي جيڪي روحاني طور ڳروھارا ھوندا آھن
- ۽ اھڙا آھن بھ جيڪي جسماني طور نھ پر خيالن ۽
ويچارن کي تخليق ڪرڻ جا آسروند ۽ وڌيڪ اھل ھوندا
آھن ۽ اھڙي اولاد جا، جيڪا ان مناسبت سان ڄڻي
/
تخليق ڪري سگھبي آھي. ڀلا اھو
ڪھڙو اولاد
/
تخليق؟ جواب آھي تھ ڏاھپ ۽ گڻ
ٿلھي ليکي ۽ ان صف ۾ اھي تخليقڪار ۽ سرجڻھار، اھي
شاعر، ڪاريگر، ھنرمند ۽ اھي نقاش اچي وڃن ٿا، جيڪي
نيون شيون تخليق ڪن ۽ ڳولھي لھن ٿا ۽ جن کي ”موجد“
جو نالو ڏنو وڃي ٿو، پر ڏاھپ جو سڀ کان اعليٰ ۽
خوبصورت قسم اھو آھي، جنھن جو تعلق رياستن ۽
خاندانن جي اعليٰ ۽ خوبصورت قسم اھو آھي، جنھن جو
تعلق رياستن ۽ خاندانن جي معاملن، انتظامن ۽
دستورن سان آھي ۽ جنھن کي اسان رواداري ۽ انصاف
سڏيون ٿا. سو اھڙو انسان جنھن جي دل ۾ ننڍپڻ کان
وٺي ئي اھڙا جذبا جاڳيل آھن ۽ منجھس اتساھھ ڀريل
آھي. جڏھن ۽ جنھن گھڙيءَ عمر جي ان گھربل حد کي
پھچي ٿو تھ پوءِ کيس تخليق ڪرڻ جي سڌ اچي ستائي ٿي
۽ ھو ان سونھن جي تلاش ۾ سرگردان رھي ٿو، جنھن جي
حصول سان سندس تخليق ڪرڻ جي سڌ پوري ٿئي. ڇو تھ
بدصورتي ۾ تھ ھو ڪڏھن بھ، ڪجھھ بھ تخليق ڪري نھ ٿو
سگھي. سو ڳورھارو ھوندي. فطري طور، کيس بدصورت ۽
بيڊولي بدن کان ھڪ خوبصورت جسم وڌيڪ ئي وڻي ٿو ۽
وري جي کيس انھيءَ خوبصورت جسم ۾ ھڪ خوبصورت
مھربان، اتم ۽ اعليٰ ظرف روح بھ ملي وڃي تھ پوءِ
ڄڻ سون تي سھاڳو ٿي پيو ۽ ھو ان جسم ۽ روح ٻنھي جو
وڏي اتساھھ سان آڌرڀاءُ ڪري ٿو ۽ پوءِ اھڙي ھمراھھ
سان گڻن بابت گفتگو ڪرڻ لاءِ وٽس گھڻو ڪجھھ آھي ۽
جيئن ھڪ سٺي انسان کي ھجڻ ۽ عمل ڪرڻ گھجري، ھو
ائين ساڻس يش اچي ٿو ۽ ان جي تعليم، تربيت ۽ سکيا،
پنھنجي ھٿ ۾ کڻي ٿو. پنھنجي انھيءَ دوست ۾ سمايل
سونھن سان ويجھي سنگت ۽ گھري لاڳاپي جي ڪري ھو
تخليق ڪري ٿو جيڪا سالن کان ھن يج اندر سانڍيل
ھئي. ھن کي اھو ھر وقت ياد آھي. توڙي جو ھو موجود
نھ بھ ھجي ۽ ھو پنھنجي ان دوست سان گڏجي، ان جي
سار سنڀال ۽ حفاظت ڪري ٿو جيڪو ھن تخليق ڪيو آھي.
سندن وچ ۾ دوستي بھ تمام گھاٽي ۽ سندن وچ ۾ پيار ۽
جذبن جا ٻنڌڻ بھ انھن عام قسم جي والدين کان وڌيڪ
سگھارا ۽ مضبوط ٿين ٿا. ڇو تھ ٻار جيڪي ھنن جي
مشترڪ اولاد
/
تخليق ھوندا آھن، سي عام
انساني ٻارن کان سونھن ۾ بھ سرس ھوندا آحڻ“ ۽ اھي
امر بھ آھن ۽ ھر ھڪ چاھيندو تھ کيس اھڙا ٻار ڄمڻ
بجاءِ عام انساني ٻارن جي، مثال طور ھومر، ھيسئائڊ
۽ ٻين سٺن شاعرن کي ئي ڏس. ڪير انھن جي اولاد
/
تخليقن سان ريس نھ ڪندو، جيڪا
ھو پنھنجي پٺيان ڇڏي ويا آھن؟ اھڙي اولاد جنھن
پنھنجي والدين
/
تخليقڪارن کي لافاني ھاڪ ۽
ناماچار بخشيو ۽ سندن ياد کي تازو رکيو آھي. يا
لائيڪو گس قانوندان (20) کي ئي کڻي وٺ. ڪير ان
جھڙن ٻارن
/
تخليقن جي سڌ نھ رکندو جن نھ
رڳو اسپارٽا کي آزاد رکيو پر ائين بھ چئي سگھجي ٿو
تھ سڄي يونان کي ۽ توھان اٿينس وارن وٽ تھ ھو
سولون (21) جو آھي، جنھن کي سندس جوڙيل قانونن ڪري
عزت جي نگاھھ سان ڏٺو وڃي ٿو ۽ ڪيترين ئي ٻين جاين
تي، ڪيترائي اھڙا انسان آھن يونان ۾ بھ ۽ غير
يونانين ۾ بھ جن دنيا کي ڪيترن ئي اعليٰ شاھڪارن ۽
عملن سان نوازيو ۽ ھو ھر قسم جي خصلتن جا سرجڻھار
آھن ۽ پنھنجين اھڙين ي تخليقن ڪري، انھن جي شان ۾
کوڙا عبادتگاھون جوڙيون ويون آھن، جيڪي ڪڏھن بھ،
ڪنھن بھ اھڙي انسان جي شان ۾ قطعي نھ جوڙيون ويون
آھن، جنھن فاني
/
انساني اولاد ڄڻيو ھجي.
”سو سقراط، اھي اٿئي پيار جا ڪجھھ ھلڪا ڳجھھ ۽
اسرار، جيڪي ھن وقت تائين، مون توکي بيان ڪري
ٻڌايا آھن ۽ جن ۾ تون بھ پير پائي سگھين ٿو. پر ڇا
توکي بيان ڪري ٻڌايا آھن ۽ جن ۾ تون بھ پير پائي
سگھين ٿو، پر ڇا تون پيار جي انھن اتم ۽ اونھن
اسرارن کي بھ سمجھي سگھندين، جيڪي ھنن ڳجھن جا تاج
۽ ڇٽ آھن؟ ۽ جن ڏانھن، جيڪڏھن ڪوئي بھ نيڪ جذبن
سان، بنا ڀٽڪڻ جي، درست دڳ ۽ سکيا سان ھلي تھ اھي
اسرار سندس رھنمائي ڪندا، مان اھو تھ چئي نٿي
سگھان تھ تون انھن ۾ ڀڙ، ماھر ۽ ڪامل بھ ٿي
سگھندين، پر جيتريقدر منھنجي ڳالھھ آھي تھ مان ان
۾ بلڪل ارھي نھ ٿيندس تھ توکي اھو ڪجھھ سمجھايان،
پوءِ جي تون انھن تي ھلي سگھين تھ اھڙي ڪوشش ضرور
ڪجان.“ |