سيڪشن؛علميات

ڪتاب: ڏاهون ڏک ڏسن

باب: --

صفحو :1

ڏاهون ڏک ڏسن

ڊاڪٽر گل

ٻئي ڇاپي لاءِ ٻھ اکر

سچ پچ تھ مون کي اھا پڪ ھئي تھ ”ڏاھيون ڏک ڏسن“ ڪتاب، پبلشر محترم علي نواز گھانگھرو کي مور بھ موٽائي ڪو نھ ڏيندو، ڇو تھ ڇپجڻ جي حوالي سان منھنجو نالو نئون ھيو ۽ ٻيو تھ فلسفي جي موضوع تي ڪتاب، سوک بھ فلسفي جي ابن، سقراط ۽ افلاطون جو - ۽ خود يونان جي فلسفي بابت اھو سنڌيءَ ۾ ڇپجندڙ پھريون ڪتاب ھيو. پر پڙھندڙن، موٽ ان جي بلڪل ابتڙ ڏني، ۽ ڪتاب جون سموريون ڪاپيون ساڳئي سال ۾ ختم ٿي ويون، ان مان ظاھر ٿئي ٿو تھ اسان جو سنڌي پڙھندڙ ۽ لکندڙ ھينئر شعوري طور تمام گھڻو اڳتي وڌي چڪو آھي. ھن کي ڪنھن وڏي ادبي نالي جي ضرورت آھي ۽ نھ ئي نعري بازي واري ادب جي. ھو سنجيده موضوع پڙھڻ لڳو آھي.

پڙھندڙن ج انھيءَ موٽ مون کي اتساھھ ڏنو، ۽ مان افلاطون جي “REPUBLIC” جو اڌ ڪتاب ترجمو ڪري ويس تھ ايتري ۾ سنڌالاجي پاران ان جو ترجمو ”رعيتي راڄ“ جي سري سان ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي ويو – ان کان پوءِ مان افلاطون جا ٻھ ٻيا مڪالما ترجمو ڪيا، جيڪي بھ روشني پبليڪيشن پاران ”دوستي“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپياک. ان ڪتاب جون بھ باقي ڪي ڪاپيون، ڪن ڪتاب گھرن وٽ بچيون ھونديون.

ھينئر سقراط جو، زھر پيئڻ واري ڏھاڙي پنھنجي دوستن سان ڪيل ڪچھري، ”آخري ملاقات“ جي نالي سان ڇپائيءَ لاءِ تيار آھي. جيڪو افلاطون جي مڪالمي “PHEDO” جو ترجمو آھي. ان کان سواءِ ”سڌارٿ“ جو اصلي انگريزي ايڊيشن تان، مڪمل ترجمو پڻ روشني پبليڪيشن وٽ ڇپائيءَ ھيٺ آھي.

”ڏاھيون ڏک ڏسن“ جي ٻئي ايڊيشن لاءِ ھن ڀيري مان پاڻ ان جي مسودي کي پڙھيو ۽ پھرين ايڊيسن ۾ رھجي ويل ڪيترن ئي لفظن ۽ سٽن جو اضافو ڪري متن کي مڪمل ڪيو ۽ گھڻن ھنڌن تان غير ضروري ۽ ٻٽا سٽا لفظ ڪٽيا اٿم. گڏگڏ پھرين ايڊيشن جي پروف جي بھ ڪيترين ئي غلطين جي تصحيح ڪئي اٿم. اميد تھ ھي نئون ايڊيسن، جيڪو ھينئر ڪمپيوٽر تي ڪمپوز ڪيل ۽ نئين ٽائيٽل سان ڇپيل آھي. مھربان پڙھندڙن کي وڌيڪ مزو ڏيندو ۽ سھنجو لڳندو.

                                           ڊاڪٽر گل

16 جولاءِ 1994ع                                 ميڊيڪل آفيسر

 سينٽرل جيل حيدرآباد

گھڙيءَ پل جو ساٿ ....

·     مون انگريزي جي ڇھن مختلف ڪتابن کي آڏو رکي، ھي ترجمو ڪيو آھي ۽ ان کي وري وري اٿلائي پٿلائي، پنھنجي سمجھھ آھر تصحيح ڪئي اٿم، پر پوءِ بھ عين ممڪن آھي تھ ترجمي ۾ ڪافي ڪوتاھيون رھجي ويون ھجن، جن کي اوھان پڙھندڙ ئي صحيح ڪري سگھو ٿا، گڏوگڏ اھي خاميون جيڪي اوھان جي نظر کان گسي وڃن، پر حقيقت ۾ ھجن سھي. مان انھن نشانبر ٿيل / نھ ٿيل غلطين جو اڄ بھ ۽ ھميشه لاءِ ذميوار آھيان ۽ رھندس.

۽ مون سان ترجي ۾ جنھن ھڪ اکر جي مدد بھ ڪئي، مان اجو بھ ٿورو مڃڻ ضروري ٿو سمجھان.

وڏي ۾ وڏو ٿورو مون تي خود سقراط جو، جيڪو ترجمي دوران مون سان کلندو ڳالھائيندو پئي ھليو.

مان ڪھڙن لفظن سان ٿورو مڃان، سائين سوڀي گيانچنداڻيءَ جو، جنھن پنھنجي بيحد مصروف وقت منجھان ڪجھھ گھڙيون ڪڍي، ھي ترجمو پڙھيو بھ، ڪجھھ لفظن جي تصحيح بھ ڪئي ۽ مھاڳ بھ چوندو ويو ۽ مان لکندو ويس. ڪامريڊ رڳو ڪامريڊ يا رڳو اديب نھ آھي، پر حقيقت ھيءَ آھي تھ ھو ھڪ تاريخ آھي، انسائيڪلو پيڊيا آھي، جنھن ۾ سياست ۽ سائنس، ادب ۽ فن، ڏاھپ ۽ سھپ، مذھب ۽ ثقافت، انسانيت ۽ ماڻھپي جا مڙئي موضوع موجود آھن.

گھڻو ٿورائتو مان پنھنجي وڏي ڀاءُ منظور بلوچ جو جنھن مون کي ھن ترجمي ڪرڻ جو ڏس بھ ڏنو، گس بھ ڏنو ۽ جڏھن مان ترجمي دوران اڪثر ڪڪ ٿي، ان کي اتي ئي ڇڏي ڏيڻ جو سوچيندو ھيس تھ ھو مون کي ھينئن چئي ھمٿ ٻڌائيندو ھو تھ: ”اھو نھ وسار تھ تون دنيا جي ادب جو ھڪ ڪلاسڪ ترجمو ڪري رھيو آھين“

منھنجو ھڪ مھربان محترم ”استاد“ ڪليم الله لاشاري صاحب آھي، جيڪو اڳي اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ھينئر سياحت ۽ ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ ۾ ڊپٽي سيڪريٽري آھي. سندس مھربانيون بھ ھن ترجمي ۾ شامل رھيون آھن.

پنھنجن صلاحن سان سٺن لفظن جو انتخاب ڪري، ترجمي کي سھڻو بڻائڻ ۾، ”ڪن“ ماڻھن جي مدد ھڪ ”مسڪين“ ماڻھو، انتخاب شاھھ بھ ڪئي.

ترجمي جي ئي سلسلي ۾ منھنجي اعانت، عنايت مگسي بھ ڪئي، تھ ڊاڪٽر مظفر کوھارو ۽ غفار عباسي بھ.

مان ”ميگھھ ملھار ادبي سنگت“ لاڙڪاڻو جو بھ ٿورائتو آھيان، جتان مون کي ججھو حوصلو ۽ کوڙ صلاحون مليون.

گھڙيءَ پل جو ساٿ، ڪنھن جو او سائين!

اسان موت تائين، وساريندا ناھيون.

سنڌيڪار

مھاڳ

سقراط جعو موت 399 ق-م ۾ وھھ جو پيالو پيئڻ بعد ٿيو. وھھ جي پيالي پيئڻ جي سزا اٿينس (يونان) جي 501 ڄڻن جي جرگي طرفان اڪثريتي فيصلي سان ڏني وئي ھئي. مٿس الزام ھيو تھ ھو نوجوانن م بغاوت ۽ رياست طرفان مڃيل دوتائن کان انڪار لاءِ اڪسائي رھيو ھو.

سقراط انھن ٻنھي تھمتن کان انڪار نھ ڪيو ۽ ساڳئي وقت انھن تھمتن کي تسليم بھ ڪيو. پر ھن پنھنجي بچاءَ ۾ وڏي عالمانھ انداز ۾ جيڪي چيو تنھن جو سار (حاصل مطلب) اھو ئي ٿئي ٿو تھ جيڪي ڪجھھ ھن ڪيو سو ڪو ڏوھھ نھ آھي. سقراط جي پنھنجي ويچارن جي بچاءَ ۾ ڪيل ھي آخرين تقرير ادب، فلاسافي، منطق، فصاحت ۽ بلاغت جو ھڪ شاھڪار آھي جنھن جي اھميت اڄ بھ قائم آھي ۽ رھندي. اڄ بھ ڏاھي کي پنھنجي دل جو خون ڏيڻو پوي ٿو. اڄ بھ ڏاھي کي ڪم ظرف ۽ جاھل ماڻھن طرفان موت جي سزا ملي ٿي. اڄ بھ ڏاھي کي گھڙي گھڙي، ڏينھن ڏينھن، سال سال، عذاب ۽ پيڙا ڀوڳڻي پوي ٿي، نھ صرف پنھنجي لاءِ، پنھنجن لاءِ، پر پورين قومن ۽ انسانذات لاءِ.

سقراط جو ڪجھھ ڪيو ۽ چيو ان سان اڄ جي عالم ۽ ڏاھي کي جزوي يا مڪمل اختلاف ٿي سگھي ٿو. پر ان کان انڪار ڪونھي تھ سقراط پنھنجي ويچارن کي جنھن سنجيده ۽ سرل نموني ۾ پيش ڪيو ۽ ڏاھي جو اھو حق ھميشه ھميشه لاءِ ڇڪيو آھي تھ ھو جنھن ڳالھھ ۾ ايمانداري سان وشواس يا اعتاد رکي ٿو. اھا ڳالھھ چوڻ جو، ان کي کلي طرح ھر انسان آڏو پيش ڪرڻ جو، ھن کي نھ صرف حق آھي پر ھن جو فرض پڻ آھي.

تقريبا چوويھھ سؤ سال ٿي رھيا ۽ گذري چڪا آھن پر سقراط جي يونان جي چڱن مڙسن آڏو ھيءَ دانھن، ھيءَ تقرير، ھيءَ شڪايت ۽ پنھنجي ويچارن کي بنا ڪنھن روڪ ٽوڪ پيش ڪرڻ لاءِ وڪالت اڄ جي دؤر ۾ بھ ھڪ پڙاڏو آھي، جنھن جو جواب ھن ڌرتيءَ تي اڄ بھ ڪيترن حڪومتن ۽ سلطنتن کي ڏيڻو پوندو. اڄ بھ انسان مجبور آھي، بي زبان رھڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو. پنھنجي ڏک ۽ پيڙآ کي ظآھر ڪرڻ جي سا ملي جي فتويٰ ۽ مرتد جي سزا طور ھن جي ڪن تي ڪاتيءَ ۽ تلوار مثل لٽڪي رھي آھي. اڄ بھ سچ ڳالھائڻ جي سزا جيل، ڪوڙا ڪي، موت، ڦاسي يا ڪنھن اونداھي گھٽ ۾ ڇرو يا گولي جي صورت ۾ ملي ٿي.

سقراط پنھنجي بچاءَ ۾ ڀڄي سگھيو پئي، معافي وٺي سگھيو پئي يا جلاوطني قبول ڪري يونان جي ٻي ڪنھن رياست ۾ وڃي سگھيو پئي. پر ھن انھن سڀني بچاءَ جي صورتن کي رد ڪيو. سزا کان بچڻ کان انڪار ڪيو. سقراط ائين ڪندي پاڻ ۽ پنھنجي ويچارن کي امر ڪري ڇڏيو پر 501 مفتن منجھان انھن جو نالو تاريخ جي ورقن ۾ قائم ڪو نھ رھيو جن سقراط کي وھھ جو پيالو پيئڻ جي سزا ڏني.

سچ سدائين جيئندو ۽ ڪوڙ نيٺ فنا ٿيندو ۽ ان کان وڏو سچ تڏھن ۽ اڄ اھو ئي آھي تھ ھر انسان کي پنھنجي راءِ آزاديءَ سان پيش ڪرڻ جو حق آھي. نھ صرف حق آھي پر فرض آھي تھ سچ جو پرچار ۽ تبليغ ڪري. اھي جيڪي سچ کان ڊڳا ٿي انھن جو نالو ۽ نشان بھ باقي ڪونھي ۽ جن سچ جي تبليغ ڪئي سي اڄ بھ دنيا جي چوٽيءَ جي ڏاھن ۾ شمار ٿين ٿا.

يورپ ۽ ايشيا جو ڪو مذھب، ڪو فلسفو، ڪو نظريو ڪونھي جنھن سقراط جي ويچارن مان فائدو نھ ورتو ھجي. ڪنھن زماني ۾ منطق ۽ فلسفو جن کي اسلام جي اوائلي عالمن غزالي ۽ ٻين يونان جي فلسفي کان مستعار (اڌارو) ورتو ھو سي ھر ديني مدرسي ۾ لازمي مصمون طور پاڙھيا ويندا ھئا ۽ شايد اڄ بھ پاڙھيا ويندا آھن.

سقراط پنھنجي گھر ٻار، خاندان جي سک چين کان بي نياز رستي ويندي ھر نوجوان کي پڪڙي ساڻس علم، فلسفي، ادب، تاريخ، سياست، سچ ۽ ڪوڙ جي نظرين تي بحث ڪندو ھو. ھن جي ارد گرد پڙھيل اميرزادن جو گھيرو رھندو ھو. ڪي کيس پنھنجي بيٺڪ تي دعوت ڏئي سڏائيندا ھئا ۽ ڪي وچ بازار ۾ بيٺي ساڻس مناظرو ڪندا ھا. بھرحال ھو سڄو ڏينھن ۽ سمورو وقت انھيءَ ظلل کي سڏ ڏيندو وتندو ھو، جنھن لاءِ دنيا ڀر جي ڏاھن سٺو آھي ۽ اڄ بھ سھن پيا. رات جو دير دير سان جڏھن ھو گھر موٽندو ھو تھ اڪثر سندس گھر واري ٿڪجي چور ٿي سمھي چڪي ھوندي ھئي ۽ وقت تي در لاھڻ کان انڪار ڪندي ھئي. سقراط پنھنجي زال جون جھڻڪون ۽ دٻون سھي، صبح جو وري پنھنجي ڪار سان نڪري ويندو ھو ۽ ساڳيا لاٽون ساڳيا چگھھ. اھو ئي سقراط، اھي فلسفي جا شاگرد، اھي علم جي وٿ پرائڻ وارا اميرزادا ھن جي ارد گرد گڏ ٿي ويندا ھئا ۽ انھن شاگردن ۾ افلاطون، ارسٽوڊيمز، ڪريٽو ۽ فيڊو شامل ھوندا ھئا.

اسان لاءِ سقراط اڄ بھ ھڪ زندھ حقيقت آھي. شاھھ عنايت، شاھھ لطيف، سچل سرمست ۽ اڄوڪي دؤر ۾ اسان جا شاعر، اديب ۽ سوچيندڙ اھو ئي چئي رھيا آھن جنھن لاءِ سقراط زندھ رھيو. ڪم ڪيائين ۽ مئو. اسان جا ڏاھا پنھنجو ڪيس ايتري خوبصورتيءَ ۽ لاغرضيءَ سان پيش ڪندا رھيا آھن جنھن سان سقراط، منصور ۽ سرمد پنھنجو ڪيرس پيش ڪيو. سقراط، منصور ۽ سرمد، شاھھ عنايت، شاھھ لطيف، سچل ۽ سامي اسان جي وجود جو حصو آھن ۽ اسان جا ڏاھا انھن جي تسلسل کي برقرار رکندا اچن. ممڪن اھي تھ اڄوڪي ھل ھلان جي دؤر ۾ ڪو انھن کي ٻڌي نھ ٻڌي، پر انھن نظريات جي اھميت ۽ حقيقت کان انڪار ٿي نھ ٿو سگھي. سچي لاءِ اڄ بھ وھھ جو پيالو آھي، سڏڪي سڏڪي جيئڻ آھي ۽ عذاب سھي مرڻ آھي. پر ان ۾ شڪ ڪونھي تھ فتح نيٺ سچ جي ٿيندي. باطل کي ھر قدم، ھر جڳھھ تي شڪست ملي رھي آھي ۽ انسان ان ڏاھپ جي دؤر ۾ داخل ٿي چڪو آھي، جتي دور افق تي، انڌڪار مان روشنيءَ جا ڪرڻا ڦٽي رھيا آھن ۽ انسان پنھنجي بيبيڻ ۽ بانبڙا پائڻ واري دؤر مان نڪري پنھنجي ٻن پيرن تي بيھي اوچي ڳاٽ اھو اعلان ڪري رھيو آھي تھ انڌڪار ۽ اونداھي قوتون ناس ٿي رھيون آھن. سچ اڀري رھيو آھي ۽ نيٺ فتح سقراط ۽ انسانيت جي ٿيندي.

سقراط جنھن بي فڪر نموني ۾ سزا کي قبول ڪيو، ان مان ھن جي جمھوريت لاءِ عزت جو واضح ثبوت پڻ ملي ٿو. جيتوڻيڪ ھن جي وضاحت مان صاف ظاھر آھي تھ ھو پنھنجي سر پئنچن سان اختلاف ڪري ٿو تھ بھ انھن جي راءِ جو احترام ڪندي، انھن طرفان ڏنل سزا کي قبول ڪري ٿھو. ظاھر آھي تھ ان دؤر جي يونانين ۾ جمھوريت يعني راءِ جو حق صرف شرفاءُ کي ھيو ۽ غلامن کي راءِ جو حق نھ ھيو، پر ان مان جوري سسٽم جا اھڃاڻ ملن ٿا، تھ ان وقت جا ڏاھا پنھنجي برابر شھرين جي راءِ جي ڪيتري عزت ڪندا ھئا. اختلاف ڪندي بھ اڪثريت جي راءِ کي تسليم ڪيو ويندو ھو. اسان جا ڪيترا معاشرا اڄ بھ ان بنيادي حق کي تسليم نھ ٿا ڪن تھ اقليت يا ٿورائي وارن جي راءِ اھم ضرور آھي پر اڪثريت يا گھڻائي وارن کي مجبور نھ ٿو ڪري سگھجي تھ ھو پنھنجي راءِ کي ريٽي، ٿورائي وارن جي فيصلي کي مڃين. ٿورائي وارن تھ ٺھيو پر ھڪ عالم جي راءِ جو احترام ڪرڻ اسان کي يونانين سيکاريو.

جيڪو ڪم سقراط جتي ڇڏيو، ان کي افلاطون ۽ ارسطو اڳتي وڌايو. پر اھا حقيقت نھ وسارڻ گھرجي تھ افلاطون ۽ ارسطو ٻئي حاڪمن آڏو مقبول ٿي چڪا ھئا ۽ ۽ ھنن جو درجو اسٽيٽ فلاسافرس وارو ھيو. سقراط ان لھاظ کان ھڪ يگانو شخص ھيو جنھن پنھنجي دؤر ۾ تاغوتي قوتن کي للڪاريو قبوليت ۾ ھاڪار نھ ڪيائين ۽ وھھ جو پيالو پي ھميشه ھميشه امر شھيدن جي قطار ۾ مٿانھين جاءِ ماڻي ويو.

سچ وڏو ڏوھاري آھي،

روز اول کان پڪڙيو ويو آ،

زنجيرن ۾ جڪڙيو ويو آ،

ڳولي ڳولي ماريو ويو آ،

ڪڏھن زھر پيئاريو ويو آ،

ڪڏھن ڦاھي چاڙھيو ويو آ،

ھي ترجمو ايڏو تھ سٺو، سھڻو ۽ خوبصورت سنڌي ۾ ھڪ نوجوان شاگرد ڊاڪٽر طرفان ڪيو ويو آھي، جنھن لاءِ سندس ساراھھ ۾ ٻھ اکر چوڻ کان رھي نھ ٿو سگھجي. ھڪ مشڪل فلسفياڻو منطق ۽ سياست تي عالماڻو وعظ يا تڪرار جنھن سولي سلوڻي ۽ آسان سنڌيءَ ۾ گل ترجمو ڪيو آھي تنھن لاءِ ھن کيرون لھڻيون.

-1 سيپٽمبر 1989ع                سوڀو گيانچنداڻي

لاڙڪاڻو

سقراط، سچ، ڪوڙ ۽ مان

سقراط – ”فلسفي کي آسمان تان لاھي زمين تي آڻيندڙ“؛ ”اٿينس جو عقل ۽ دليل سان پيار جو مثال“؛ ڏاھپ ۽ فلسفي جو سڄي عمر لاءِ ٻڌو عاشق – سقراط – 470 ق-م ۾ اٿينس، يونان ۾ ڄائو. سندس پيءُ جو نالو سوفرونسڪس ھيو، جيڪو سنگتراش ھيو. سندس ماءُ جو نالو فينريٽي ھيو، جيڪا دائپو ڪندي ھئي، کيس ھڪ ماٽيلو ڀاءُ بھ ھيو، جنھنڪ جو نالو پئٽروڪلس ھيو. ھن جي شآدي لڳ ڀڳ 50 ورھين جي عمر ۾ ٿي. سدنس زال جو نالو زينٿپي ھيو. کيس ٽي پٽ ڄاوا، جن جا نالا ليمپروڪلس، سوفروڪنسڪس ۽ مينڪسڪينس ھئا. جنڪ مان ننڍو پٽ سندس موت وقت اڃا ٻالڪ ھيو. ارسطو مطابق سندس ٽئي پٽ بيڪار / تڇ ثابت ٿيا.

شروعات ۾ ھن (سقراط) بھ پنھنجي پيءُ وارو پيشو اختيار ڪيو، چيو وڃي ٿو تھ اٿينس شھر منجھھ، نمائش ۾ سقراط جا تراشيل مجسما بھ ڏيکاريا ويندا ھئا. نوجواني واري عمر ۾ ھن سائنس جي اڀياس ڏانھن بھ چاھھ ڏيکاريو. ڌرتي جي سڌي فرش ۽ گول ھجڻ وارن مختلف مفروضن / علمن کي جاچيو ھئائين. ھي زينو فون جي حسابي ڳجھارتن کان بھ واقف ھيو. سندس ٻھ مشھور شاگرد افلاطون ۽ زينوفون ان ڳالھھ تي متفق آھن تھ ھو جاميٽري ۽ ستارن جي علم جو چڱو خاصو ماھر ھيو. پر تن ڏينھن ۾، فطري طور، گھٽ سماجي ۽ سائنسي ترقي ڪري کيس سائنس رڳو مونجھارن ۽ ڳجھن جو ڳنڍو نظر آئي. ھن سوچيو تھ ان کان وڌيڪ اتم جاکوڙ ۽ ڪاوش ڪا ٻي آھي جيڪا ڪرڻ گھرجي، انسان، ان جي شعور، گڻن ۽ زندگي بابت ڄاڻ علم، ۽ سقراط باقي عمر بس انھيءَ ڪرت سان لڳو رھيو. ھو ھڪ دفعو ڪائونسلر / سينيٽر بھ رھيو. اٿينس جي فوج ۾ سپاھي طور مھمن ۾ حصو ورتائين. اٽڪل 70 سالن جي عرم ۾ مٿانئس ھيٺين الزامن ھيٺ مقدمو ھليو.

1.        ھو نوجوانن جي ذھنن کي بگاڙي ٿو.

2.       ھو انھن ديوتائن کي نھ ٿو مڃي، جن کي رياست مڃي ٿي، پر ٻين نون ديوتائن کي مڃي ٿو.

399 ق-م ۾ ”لادينيت“ جي ڏوھھ ۾ مٿس اھ ومقدمو بس ھڪڙو ڏينھن ھليو ۽ کيس ڏوھي قرار ڏئي. موت جي سزا ٻڌائي ويئي. سزا طور، زھر جو پيالو، کيس پنھنجن ھٿن سان پيئڻو پيو.

سقراط، پاڻ ڪجھھ بھ نھ لکيو. سندس سمورا ويچار ھن جي ھڪ پياري شاگرد افلاطون لکيا. اصل م استاد ۽ شاگرد وارو اھو رشتو جيئن اڄ آھي. اھڙو معاملو سقراط سان نھ ھيو. ھن ڪڏھن بھ سافسٽن وانگي، خانگي طور في جي بدلي ڪو نھ پڙھايو. سو شاگرد لفظ ان معنيٰ ۾ نھ سمجھڻ گھرجي ۽ منھنجي خيال ۾ نھ ئي اھو لفظ استعمال ڪرڻ گھرجي. مان ان ڪري ”شاگردن“ جي بدران، سندس ”چاھڻ وارا“ چوندس بھ ۽ لکندس بھ، انھن لاءِ جيڪي اڪثر ساڻس سنگت ۾ ساڻ رھندا ھئا. افلاطون جون لکڻيون ”مڪالمن / گفتگو“ جي صورت ۾ اسان وٽ موجود آھي ۽ اھي دنيا جي پھرين صف واري ادب ۾، شاھڪار طور شمارجن ٿا.

اميراڻو بار افلاطون، سقراط کان 40 سال ننڍو ھو. لڳي ٿو تھ ھو ننڍي ھوندي کان ئي سقراط کان واقف ۽ ھن سان واسطي ۾ رھيو ھوندو. ڇو تھ سندس مامو ڪارميدس ۽ چاچو ڪرينياس، ان وقت کان وٺي، سقراط وٽ ايندڙ ويندڙ ۽ ھن جا واقفڪار ھئا. جڏھن افلاطون اڃا ڄاڻو بھ نھ ھيو.

ڊگھي بحث ۾ پوڻ کان سواءِ ئي اھا ھڪ مڃيل حقيقت آھي تھ افلاطون ھڪ خيال پرست فلسفي ھيو. ھاڻي سقراط جي باري ۾ وري مان اھا راءِ نھ ڏئي سگھندس تھ ڪو ھو مادي پرست ھيو. سقراط خيال پرست بھ نھ ھيو. افلاطون بيشڪ ھيو. سقراط DIALECTICIAN ھيو، RATIONALIST ھيو. ھو انڌو عقيدي پرست نھ ھيو، پر عقل ۽ دليل جي بنياد تي ھر ڳالھھ رکندو بھ ھيو ۽ مڃيندو بھ ھيو. ۽ ان ڪري ئي کيس موت جي سزا بھ ملي.

بھرحال، ڳالھھ افلاطون جي ھلي پئي. افلاطون کي ترجمو ڪندڙ عالم / اديب/ تاريخدان ان تي متفق آھن تھ افلاطون اھڙيون ڳالھيون بھ سقراط جي واتان چورايون آھن، جيڪي اصل ۾ سندس پنھنجا ويچار ھئا ۽ وري ڪن ڳالھين جا بنياد تھ ھن سقراط کان ورتا، پر انھن کي ايترو وڌايائين جو آخر اھي مٽجي پئي ويا. گڏوگڏ ٻيا سبب بھ آھن. افلاوطن جو ھڪ مترجم ٽرڊينڪ لکي ٿو: ”اسان کي اھا خبر آھي تھ آڳاٽي جڳ ۾ ڏاھن ماڻھن جا پوئلڳ يا شاگرد پنھنجون لکڻيون اڪثر ڪري، پنھنجن استادن ڏانھن منسوب ڪندا ھئا. ان ۾ سندن بدنيتي يا بي خيالي شامل نھ ھوندي ھئي. پر ان ۾ سندن نيڪ جذبا ۽ مڃتا موجود ھوندي ھئي تھ جيئن انھن مضمونن جي مصنفيت مستند ليکي وڃي.

انھن ڳالھين مان نھ اھو ظاھر ٿئي ٿو ۽ نھئي اھ سمجھي ويھڻ گھرجي تھ افلاطون جي لکڻين ۾ سقراط جا ويچار بلڪل نھ، پر رڳو افلاطون جا پنھنجا آھن. سقراط جي سوچ ۽ لوچ جو پڻ بنياد ڇا آھي، جڏھن اھا اسان کي خبر ئي آھي تھ پوءِ افلاطون جا مختلف مڪالما ڌيان سان پڙھڻ سان اسان کي اھو اندازو بلڪل ٿي ويندو تھ افلاطون پنھنجي فلاڻي ڳالھھ سقراط واتان چورائي آھي. ٻي ڳالھھ تھ سقراط ۽ سندس سوچن ۽ ويچارن جي تصديق سندس ھڪ ٻئي چاھڻ واري – زينوفون وٽان بھ ٿئي ٿي. اھو افلاوطن وانگي وڏو دانشور ڪو نھ ھيو. پر ھڪ سنئون سڌو ماڻھو ھو جنھن سقراط جون يادگيريون ۽ سندس گفتگو پنھنجي ڪتاب ”ساروڻيون“ ۾ قلمبند ڪيون آھن ۽ گروٽي چواڻي تھ اسان جا ”اھي بھ ڀلا ڀاڳ تھ ھن ٠سقراط) بابت اسان جا ٻھ شاھد، جيڪي ٻئي پنھنجي ذاتي ڄاڻ جي بنياد تي ڳالھائن ٿا، سي ايتري گھڻي حد تائين پاڻ ۾ متفق آھن.“

گروٽي جي ئي چواڻي ”اپالاجي محفوظ ترين مڪالمن منجھان ھڪ آھي“. ”ڏاھيون ڏک ڏسن“ ۽ ”پيار“ ٻھ اھڙائي ڊائلاگ آھن، جن کي سرت سان پڙھڻ سان، سقراط، اسان آڏو چٽو ٿي اچي ٿو.

”ڏاھيون ڏک ڏسن“، سقراط جي عدالت ۾ ڪيل تقرير آھي، جنھن ۾ ھو پنھنجي ويچارن جي حقيقت ٻڌائي ٿو ۽ ائين پاڻ تي لڳل الزامن جي وضاحت ڪري ٿو. ھو پنھنجو بچاءُ نھ ٿو ڪري. ھن پنھنجي سڄي تقرير ۾ معافي بھ نھ ورتي آھي. سبب، ھو جنھن ڪرت سان سڄي عمر رھيو آھي، تنھن کي ڏوھھ سمجھي ئي نھ ٿو ۽ جڏھن ڏوھھ ڪيو ئي نھ اٿائين تھ پوءِ معافي ڇاجي؟ ھن تھ اٿينس وارن سان ڀلائيءَ جو ڪم ڪيو آھي. جو کين سجاڳ ڪري سچ کي سمجھڻ لاءِ ڪوشش ورتي اٿائين. کيس تھ ويتر انعام ملڻ گھرجي. ”معززو! موٽ ۾ مان ڀلا ڪھڙي سزا تجويز ڪيان؟ ظاھر آھي جنھن جو مان لائق آھيان.... انعام جو..... منھنجي لاءِ اھو انعام وڌيڪ مناسب آھي. پرائي

ٽ:۾ڻ:۾ ۾ مفت طعام ۽ قيام.....“

سقراط کي ان کان انڪار آھي تھ ھو ڪو سٺو مقرر آھي. پر ھو ھڪ وضاحت ڪري ٿو. ”ھا جيڪڏھن مقرر مان سندن مراد سچ ڳالھائيندڙ جي آھي تھ پوءِ مان ھڪ سٺو مقرر آھيان.“ ۽ جيئن تھ کيس ”پنھنجي مقصد، دڳ ۽ ويچارن جي سچائي ۾ يقين آھي.“ سو اوھان کانئس ”صرف سچ ئي ٻڌندؤ.“ اھو پنھنجي ويچارن جي سچائي ۾ يقين، ھن کي جنون جي ڪيفيت تائين پھچايو ڇڏي ٿو. کيس گھر ۾ ٽڪاءُ ڪونھي. شاھھ لطيف سندس افعال ڏسي چوي ٿو ”مون کاھوڙي لکيا، گھرين نھ گھارين“، پڙھھ ڦٽي ٿي، ڪوري شڪار تي چڙھي ٿو ۽ پوءِ ”سندس سڄو ڏينھن بازار، گھٽين، رستن ۽ اکاڙي / ڪثرت گاھھ ۾ گذري ويندو ھو. جيتونيڪ ھو اڪثر اھڙن نوجوانن جي سنگت ۾ رھندو ھو، جيڪي گڻن ۽ خصلتن جا مالڪ ھوندا ھئا، پر ھو اوتري ئي چاھھ سان سياستدانن، شاعرن ۽ ڪاريگرن سان بھ. انھن جي ڪرت ۽ ڌنڌي بابت، سندن پسنديده موضوع تي بحث مباحثو ڪندو ھو. ھو ائين ڇو ڪندو رھيو؟ ڇو تھ ھن جي سمجھھ مطابق ”اھا انسان لاءِ وڌ ۾ وڌ سٺي ڳالھھ ھوندي تھ ھو روزانو گڻن، خصلتن ۽ ٻين اھڙين شين بابت بحث مباحثو، جستجو ڪندو رھي.“ ڇو تھ ھن جي نظر ۾ ”بنا جستجو جي، زندگي بيڪار آھي.“ ۽ ھن ويچاري جو. ھن زندگي، ھن حياتي، ھن دنيا ۾ ڪيل پنھنجي جستجو مان بھ پيٽ نھ ڀريو آھي. ھو انھيءَ تي اڪتفا نھ ٿو ڪري، ۽ موت کان پوءِ بھ انھيءَ کي جاري رکڻ جي سڌ اٿس: ”۽ منھنجي لاءِ سڀ کان اھم، سٺي ۾ سٺي ۽ خوشيءَ جي ڳالھھ اھا تھ مون کي ان دنيا ۾ بھ اھڙو موقعو ملندو جو مان پنھنجي جستجو جاري رکندي، اتي بھ ماڻھن کان آڏي پڇا ڪري. سندن امتحان وٺان ۽ کين پرکيان تھ انھن مان ڪھڙو حقيقت ۾ ڏاھو آھي ۽ ڪھڙو ڏاھپ جو ڍونگ رچايون ويٺو آھي پر حقيقت ۾ ڏاھو آھي ئي ڪونھ....“ پر ان ۾ مسئلو رڳو ھي آھي تھ جيڪڏھن واقعي کيس، مري وڃڻ کان پوءِ اھڙو موقعو ملي. ڇو تھ ماڻھو ائين چون ٿا، پر ھن کي پاڻ کي پڪ نھ آھي. ”جيئن اسان کي ٻڌايو وڃي ٿو، جيڪڏھن ائين سچ بھ آھي تھ سڀ مري ويل اتي موجود ھوندا.“ ”شڪ – انڌو عقيدو نھ، پر – شڪ، شروعات آح: شآ؟: ٽآ؟:ڻ ڦحڻ جي، جي اھڙي نيت بھ آھي. مارڪس چيو: ”ھر شيءِ تي شڪ جي نگاھھ وجھو“ گوربا چوف چئي ٿو: شڪ ڪرڻ سٺي ڳالھھ بھ ڪونھي، پر جيستائين شڪ نھ ڪبو، سچائي تائين پھچي نھ سگھيو. ڇو تھ ان طريقي سان ئي ڪنھن شيءِ جي مختلف رخن تي سوچ ويچار ڪري، حقيقتن تائين پھچي سگھجي ٿو، يقين ڪرڻ ۽ ايمان آڻڻ کان اڳ ۾، شڪ ۽ پڪ جي وچ ۾ ٿو. پنھنجي ھر جستجو جي، صرف ان لاءِ تھ سچ / ھقيقت تائين پھچي ۽ ڏسو تھ سھي تھ پنھنجي شڪ ۽ جستجو جي شروعات ڪري ڪٿان ٿو؟: ”ديوتا جو ان مان ڇا مطلب آھي؟.... ڇو تھ مون کي پاڻ کي پوري ريت خبر آھي تھ مان بلڪل ڏاھو نھ آھيان. پوءِ بھ ھن جي ان چوڻ جو مطلب ڇا آھي تھ مان سڀني ماڻھن کان ڏاھو آھيان.“ ”مون سوچيو تھ ڪنھن اھڙي ڏاھي کي ڳولي ھٿ ڪيان، جيڪو مون کان وڌيڪ ڏاھو ھجي ۽ رڳو ائين ئي مان ديوتا کي ڪوڙو ڪري سگھان ٿو.“ سچ لاءِ سڌ، سڪ، جستجو ۽ سرڪشي جي اھا انتھا ۽ اوچائي آھي. ان کان وڌيڪ بلندي ڪا ٻي؟

مارڪس چيول: ”فلسفياني جاچ جوچ جي پھرين ضرورت ھڪ جرئتمند ۽ آزاد سوچ ۽ ذھن جي آھي.“ ۽ سقراط ھر شيءِ بابت وڏي جرئت ۽ دليري سان پنھنجي ھڪ راءِ رکي ٿو ۽ ھن جو وري پنھنجو ھڪ انداز بھ آھي ھو ھڪ اشارو ڏئي ٿو – جنھن جي آڏو بس سوال جي نشاني آھي. چئي ٿو: ”موت ٻن شين منجھان ھڪ آھي: يا تھ موت نيسٽي ئ نابودي آھي ۽ مئي کان پوءِ ڪجھھ بھ نھ آھي.... يا وري جيئن ماڻھو چون ٿا تھ مون کان پوءِ روح ھن جھان کان ٻئي جھان ڏانھن ھليو وڃي ٿو.“ اوھان پاڻ سوچيو سمجھيو، مان ڪجھھ نھ چوندس، ”نھ“ ڄڻي ٿي ڄاڻ کي. ”مان رڳو اھو ٿو ڄاڻان تھ مان ڪجھھ نھ ٿو ڄاڻان.“ ھو چئي ٿو ۽ وري پوءِ ھي اڻڄاڻ، اڻڄاڻ ئي رھڻ بھ نھ نھ ٿو چاھي. ”مان ڄاڻڻ لاءِ ڪوشان آھيان.“ ۽ سچ ڄاڻڻ لاءِ اھا لوڙ ولوڙ ۽ لڇ پڇ کيس ڇا ٿي ڏئي؟ اھو ئي جيڪو اھڙن جنوني ۽ مستن کي ملندو آ – الزام – پاڻ ئي تھ ٻڌائي ٿو: ”اڳ ۾ ئي ٺھيل لڪيل الزام، جيڪي سڀني فلسفين لاءِ ھميشه کان تيار ٿيا پيا ھوندا آھن.“ ”آسمان جي اوچاين ۽ ڌرتي جي گھراين ۽ ڳجھن ۾ ھٿ ٿو ھڻي.“ ”خدائن کي نھ ٿو مڃي“ اسان تي الزام، آندا جڳ جيڻ جا – پر اھڙن الزامن کان پوءِ بھ سقراط ڪو مڙي ٿو. رڪجي ٿو نھ، بلڪل نھ، جيستائين منھنجي سسيءَ ۾ ساھھ ۽ جسم ۾ جان آھي تھ پنھنجي ويچارن ۽ فلسفي جي پرچار کان مورؤن نھ مڙندس.... ڀلي پوءِ مون کي انھيءَ ڪري ھڪ نھ پر سؤ ڀيرا مرڻو پوي.“

مٿي اتي منھنجي، جي ڪوڙين ھون قلبار،

تھ واريو واريو وڍيان سسيءَ کي سو وار.

ڀلا ھن کي خبر نھ ھئي ڇا تھ ھن جي ائين ڪرڻ سان ڇا ٿي رھيو آھي. برنارڊشا چوي ٿو: ھن کي اھا سڌ نھ رھي تھ ائين ڪندي، ھن پنھنجي لاءِ ڪيڏي نھ دشمني ڪئي ھئي..... ۽ جڏھن سقراط ٧٠ سالن جي عمر ۾ بھ ايڏو اڻڄاڻ ۽ معصوم ھيو تھ پوءِ تصور ڪيو تھ جون آف ارڪ ١٧ سالن جي ھوندي ڪيڏي نھ معصوم ھوندي..... پر منھنجي خيال ۾ تھ جون آف ارڪ کي بھ خبر ھئي تھ سندس الھامي آوازن جو نتيجو ڇا نڪري سگھي ٿو. شھيد نذير بھ ڄاتو پئي تھ ھن کي سندس وابستگي ڪيستائين پھچائي سگھي ٿي. سقراط کي بھ سڌ ۽ سرت ھئي. جيتوڻيڪ سمجھيم پئي تھ ائين ڪندي. مون پنھنجي لاءِ وڏي دشمني پيدا ڪري ورتي آھي. ”مان جنھن ڄاڻي واڻي ھڪ خاموش ۽ نکمڻي زندگي نھ گذاري آھي.“ ھن کي اھڙي سرڪشي جي نتيجي ۾ سزا جي پڪ ھئي، ”لاشڪ اھو ائين ئي ٿيڻو ھيو.“ پر سچ کي ڇا ڪجي؟ - جنھن جي من ۾ کاٽ ھڻي ٿو. تنھن جو سارو چين کڻي ٿو - ۽ لطيف چئي ٿو:

ان ڪئي عيان نھ ٿئي، ڪئي پروڙين ڪون،

سجي جيھي سون، منھن نھ پئي ماڙوھين.

سچل چئي ويو:

ماٺ ڪريان تھ مشرڪ ٿيان، ڪڇان تان ڪافر.

بس دير ڇا جي – مٿس الزام لڳو ”لاديني“ جو، ”سقراط جي اھا ڪوشش تھ پنھنجا ويچار بجاءِ خدا جي مرضيءَ جي بنيادن تي، عقل ۽ سبب جي بنياد تي ۽ دليلن سان ثابت ڪري، تنھنجو اھو نڪتو تھ ھن جي فلسفي کي آقائن پاران تنقيد جو نشانو بڻجڻو پيو ۽ کيس زھر جو پيالو پيئڻو پيو، حڪمران طبقي جي نمائندن، انھيءَ آڳاٽي وقت ۾ بھ اھو ڄاتو پئي تھ سبب ۽ تنقيدي سوچ، سندن خلاف ھڪ طاقتور ھٿيار بڻجي، اڳواڻي ڪري سگھي ٿي.“ ڇو تھ سقراط اھو بھ چيو پئي تھ (زينوفون اسان کي ٻڌائي ٿو) تھ ”حقي واجبي بادشاھھ يا حڪمران اھو ماڻھو نھ آھي، حڪمراني ڪرڻ جي سندي عصا جنھن جي ھٿ ۾ ھجي – نھ ئي اھو جنھن کي چند نيچ قسم جي ماڻھن کڻي چونڊيو ھجي – نھ ئي اھو جنھن عھدو ڪڻي جي ذريعي ماڻيو ھجي - ۽ نھ ئي اھو جنھن پنھنجو پاڻ کي ٺڳي يا ڏاڍ جي بنياد تي. عوام مٿان پاڻ ٿاڦيو آھي، پر رڳو اھو جنھن کي اھا ڄاڻ آھي تھ منصفاڻي حڪمراني ڪيئن ڪجي.“ ۽ وڌيڪ اھو بھ تھ ھن يار ”پنھنجي روزمره جي بحث مباحثي ۾ ويندي اٿينس جي وڌ کان وڌ طاقتور (سياسي) ماڻھن کي بھ نھ بخشيو ھو.... سقراط پنھنجو پاڻ کي اٿينسي جمھوريت لاءِ ناپسنديده شخص بڻائي ڇڏيو ھو.... ھو چند فردن جي رعايتن ۽ مخصوص مفادن جو حمايتي نھ ھيو.“ نتيجو اھو نڪتو تھ تنقيد ڪو نھ وڻي. سچ پسند نھ آيو. ڇو تھ تنقيد سچ ڪوڙو ٿيندو آھي.  خود تنقيد بھ-) سچ وڏو ڏوھاري آھي ۽ جنھن جي بھ ان سان ياري ٿي آھي تنھن کي ڇڏيو نھ ويو آ- روز اول کان وٺي اڄ تائين – سقراط کي بھ سٺو نھ ويو ۽ وڏي ڳالھھ تھ سقراط خود ان سلسلي ۾ ڪيڏو نھ CLEAR – HEADED آھي: ”نھ ئي ميليٽس، نھ ئي اينيٽس، پر دنيا جي دشمني، حسد ۽ گلا جيڪا ڪيترن ئي سٺن انسانن لاءِ موت جو فرشتو بڻي آھي ۽ شايد اڃا بھ ڪيترن جي لاءِ بڻجي: اھو انديشو بھ نھ اٿم تھ مان ڪو سندن آخري شڪار آھيان.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com