سيڪشن؛علميات

ڪتاب: ڏاهون ڏک ڏسن

باب: --

صفحو :12

منھنجا پيارا ميليٽس! خبر پوئي ٿي تون اھي الزام ائين ھڻي رھيو آھيان ڄڻ تون اناڪسا گورس (9) تي مقدمو داخل ڪيو ھجي ۽ اھو تنھنجي آڏو بيٺو ھجي. ڇا تون ججن جي باري ۾ ايڏو خراب ٿو سوچين ۽ اھو سمجھين ٿو تھ اھي ايڏا تھ جاھل آھن جو انھن ڪالزوميني جي باشندي اناڪسا گورس جا ڪتاب نھ پرھيا ھجن، جيڪي اھڙي قسم جي ڳالھين سان ڀريا پيا آھن. ۽ اھو تھ نوجوانن کي وري اھو سڀ ڄڻ مان سيکاريندو ھجان. جڏھن تھ ھو ڪھڙي بھ وقت، وڌ ۾ وڌ ھڪ مينا ڏئي، اھي ڪتاب مارڪيٽ مان خريد ڪري پڙھي سگھن ٿا. ۽ پوءِ سقراط تي ٺٺوليون ڪندا جي ھن اھڙين اڍنگين ڳالھين جي ابي ھجڻ جي دعويٰ ڪئي. توکي زيوس ديوتا جو قسم ميليٽس! ڇا تون منھنجي باري ۾ بھ ائين ٿو سمجھين تھ مان ڪنھن بھ ديوتا ۾ يقين نھ ٿو رکان؟

مون کي زيوس ديوتا جو قسم! تھ تون ڪنھن بھ ديوتا کي نٿو مڃين اصلي ذرو بھ نھ.

ميليٽس! توتي ڪو بھ يقين ڪو نھ ڪندو ۽ مون کي پڪ آھي تھ توکي پنھنجو پاڻ تي بھ يقين ڪونھي.

اي اٿينس جا باشندؤ! مون کي ھي ھمراھھ بلڪل اياڻو ۽ ڇڙواڳ ٿو لڳي. ھن ھيءُ بيان رڳو پنھنجي اڍنگائپ، البيلائپ ۽ اڙٻنگ جواني جي جوش وچان ڏنو آھي. لڳي ٿو ھن منھنجو امتحان وٺڻ لاءِ ھڪ آزمائش يا پرولي گھڙي ھجي ۽ پوءِ پنھنجي دل ۾ چيو ھجي.

”ڇا اھو نام نھاد ڏاھو سقراط سمجھي ويندو تھ مان رڳو مذاق ڪيان ٿو ۽ رونشي خاطر ھڪ ڳالھھ ۽ پوءِ وري ٻي ڳالھھ ڪري. پاڻ کي پان ئي رد ڪيان ٿو. يا مان کيس ۽ بين حاضرين کي ائين ڀوڳن ئي ڀوڳن ۾ ٺڳي ويندس؟“ ڇو تھ ھيءُ شخص مون تي لڳايل الزامن ۾، پاڻ کي پاڻ ئي رد ڪندو نظر اچي ٿو. ڄڻ چوندو ھجي تھ ”سقراط ديوتائن کي نھ مڃڻ جو نھ، پر انھن کي مڃن جو ڏوھاري آھي.“ ۽ اھڙو بيان بلڪل ھڪ گستاخي آھي.

.او اٿينس واسيو! اچو مون سان گڏجي اوھين سڀ بھ ڏسو تھ ھي ڪيئن نھ پنھنجو پاڻ کي رد ڪري ٿو ۽ ميليٽس، تون جواب ڏيندو ھلجان، مان اوھان ٻڌندرن کي وري بھ ياد ڏياريان. جيئن مون منڍ ۾ بھ چيو تھ، گوڙ نھ ڪجو، جي مان پنھنجي ان انداز ۾ ڳالھايان، جنھن جو مان ھيراڪ آھيان.

ميليٽس! ڇا ڪو اھڙو ماڻھو آھي، جيڪو انساني معاملن جي وجود ۾ تھ ايمان رکي، پر انسانن جي وجود ۾ نھ؟.... (حاضرين گوڙ ڪن ٿا)..... ڇڏيو ھن کي تھ ھو جواب ڏئي ۽ توھان گھڙيءَ گھڙيءَ وچ ۾ ھگدا ھڻي، ھن کي رنڊڪائڻ جو اعتراض ڪرڻ نھ ڏيو. ڀلا ڪو اھڙو آھي، جيڪو گھوڙن سان لاڳاپيل معاملن ۾ تھ يقين رکي پر گھوڙن ۾ نھ؟ يا بانسري جي سرن ۾ تھ يقين ڪري پر باسري وڄائيندڙ جي وجود کي نھ مڃي؟ نھ منھنجا دوست – مان ئي کڻي توکي بھ ۽ عدالت کي اھو جواب ڏيان. جي تون نٿو ڏين. چڱو ڀلا ھاڻي ھن سوال جو جواب ڏي. ڇا ڪو اھرو ماڻھو آھي جيڪو روحاني ۽ خدائي ڳالھين ۾ تھ يقين رکي، پر روحن ۽ خدائن ۾ نھ؟

”نھ اھرو ڪو بھ نھ آھي“.

ڀلا ڀاڳ منھنجا، جو تو جواب تھ ڏنو پوءِ کڻي ارھو ٿي، عدالت جي چوڻ تي ئي. ھاڻي تون جيئن چوين ٿو تھ مان روحاني ۽ خدائي ڳالھين ۾ ايمان رکان ٿو ۽ ائين پرچار بھ ڪيان ٿو. پوءِ ڀلي اھي نيون ھجن يا پراڻيون ان سان ڪو فرق نھ ٿو پوي پر آخر آھن تھ روحاني ۽ خدائي نھ. ۽ تنھنجي ئي بيان مطابق مان انھن ۾ يقين رکان ٿو. ۽ سچ چ تون پنھنجي تھمت نامي ۾ قسم تي اھا ڳالھھ چئي آھي، سو جي مان روحاني ۽ خدائي معاملن ۽ عملن ۾ ايمان رکان ٿو تھ پوءِ مان لازمي طور روحن ۽ ديوتائن تي بھ ايمان آڻيندو ھوس؟ ڇا اھو صحيح ناھي؟- يقينا ائين ئي آھي ۽ مون کي ائين ئي سمجھڻ گھرجي تھ تنھنجي خاموشي جو مطلب رضامندي آھي. ڀلا روح يا ديوتا (DEMI-GODS) ڇا آھن؟ ڇا اھي خدا يا خدائن جا پٽ نھ آھن؟- ھا يا نھ؟

ھائو اھي اھن.

تھ پوءِ جيئن مون چيو تھ اھا ئي تنھنجي مسخري ۽ دليؤن ٺاھيل پرولي آھي، روح يا ديوتا خدا آھن ۽ تون پھريائين چيو تھ مان خدائن کي نھ ٿو مڃان ۽ وري اھو تھ مان مڃان ٿو، ڇو تھ ديوتائن کي جو مڃان ٿو. ٻئي طرف جي ديوتا خدائن جو اولاد آھن جيئن چيو وڃي ٿو تھ اھي خدائن کي حورن، پرين، سامونڊي ديوتائن يا ڪن ٻين عورتن مان ڄاول ناجائز اولاد آھن تھ آخر اھو ڪھڙو انسان ھوندو، جيڪو انھن خدائن جي اولاد جي وجود ۾ تھ يقين رکندو ھجي پر خدائن ۾ نھ؟ اھا تھ پوءِ اھڙي اڍنگي ڳالھھ ٿي جو ڪنھن جو گھوڙن يا گڏھن جي ڦرن ۾ ايمان ھجي پر گھوڙن ۽ گڏھن جي وجود کي مڃي ئي و نھ. ميليٽس، تون اھڙي بي عقلي ۽ اڍنگائپ وارو بيان رڳو ان ڪري ڏنو آھي جو يا تھ تون منھنجو امتحان وٺڻ پئي چاھيو آھي يا توکي مون تي الزام لڳائڻ لاءِ ڪو بھ اھڙو ڏوھھ ھٿ نھ لڳو،جيڪو مون ڪيو ھجي تون ڪنھن بھ طريقي سان، ڪنھن بھ ٿوري عقل واري انسان کي اھو يقين نھ ٿو ڏياري سگھين تھ ھڪڙو ۽ ساڳيو ئي ماڻھو الاھي، روحاني ۽ فوق البشرشين ۾ يقين بھ رکي ٿو ۽ اھو ئي ساڳيو ماڻھو ديوتائن، روحن ۽ سورمن جو انڪاري بھ آھي.

مانوارا جج صاحبو! مان ميليٽس جي بيان ۾ لڳل الزامن جي جواب ۾ ثبوت طور گھڻو ڪجھھ چيو آھي. مان ميليٽس پاران لڳايل ان ڏوھھ جو ڏوھاري نھ آھيان. بس ايترو ڪافي آھي. پر مان چڱيءَ ريت ڄاڻان ٿو تھ ائين سچ جي ڳولا ڪندي مان کوڙئي دشمنيون پرايون آھن ۽ اھي ئي منھنجي بربادي آڻينديون جي ڪنھن بربادي آندي تھ – نھ ئي ميليٽس ۽ نھ ئي اينٽيس، پر دنيا جي دشمني، حسد ۽ گلا، جيڪا ڪيترن ئي سٺن انسانن لاءِ موت جو فرشتو بڻي آھي ۽ شايد اڃا بھ ڪيترن لاءِ بڻجي، اھو انديشو بھ نھ اٿم تھ ڪو مان سندن آخري شڪار آھيان.

توھان مان ڪير بھ ائين چئي سگھي ٿو تھ: سقراط، ڇا توکي ان تي ڪو پڇتاءُ ڪونھي تھ تون جيڪو ڌنڌو شروع ڪيو، ان جي ڪري ھن وقت توکي موت جي سزا ملڻ جو خطرو بھ موجود آھي؟“ تھ پوءِ ان کي آءٌ اھو جواب ڏيڻ ۾ درست ھوندس، منھنجا سائين، اوھين ڀليل آھيو، جيڪو ماڻھو سڀ لاءِ سٺو سوچي ٿو، جنھن ماڻھو ۾ فضيلت ۽ شائستگي جو ذرو بھ موجود آھي، اھو زندگي يا موت جي پرواھھ نھ ڪدو آھي. ھن کي جي ڳن آھي تھ رڳو ان ڳالھھ جي تھ ھو، جيڪي ڪجھھ عمل ڪري ٿو، سي صحيح بھ آھن يا غلط اھو تھ ھڪ نيڪ انسان وارو عمل ڪري ٿو يا بدڪار وانگر.“ جڏھن تھ تنھنجي خيال ۾ ٽراءِ جي ويڙھھ ۾ مارجي ويل سمورا سورما ايڏا چڱا نھ ھئا. خاص ڪري ٿيٽس جو پٽ (اڪائيلس) جنھن کي خوف ۽ خطري کان نھ، پر بدنامي ۽ گلا کان چڙ ھئي. جڏھن ھو ھيڪٽر کي قتل ڪرڻ لاءِ اسھيو تھ ھن جي ديوي ماءُ کيس، منھنجي خيال ۾ ھنن ئي لفظن يا ڪجھھ ھن جھڙن ئي لفظن ۾، مخاطب ٿي، خبردار ڪيو، ”منھنجا پٽ! جيڪڏھن تو پنھنجي اٿي پيٽروڪلس جو بدلو ورتو ۽ تو ھيڪٽر کي قتل ڪيو تھ تون پاڻ بھ قتل ٿي ويندين. ڇو تھ ھيڪٽر جي قتل کان پوءِ سگھو ئي تنھن جو موت لکيل آھي.“ اھو ٻڌڻ کان پوءِ بھ ھن ڪنھن بھ خطري يا موت جو ڪو خيال نھ ڪيو. انھن کي ليکيو ئي ڪو نھ ۽ بجاءِ انھن کان ڊڄڻ جي، دوست جو پلئھ نھ ڪڙڻ ۽ پاڙي وانگر زندگي گذارڻ کان کيس ڊپ لڳو، ”مون کي ان گھڙيءَ ئي مرڻ کپي“. ھن چيو ”جڏھن مان ڏوھي کي سندس ڪئي جي سزا ڏئي ڇڏي ھجي، بجاءِ ان جي جو ڀڳل جنگي جھازن وانگر، ڌرتي تي بار بڻجي، پاڻ تي ٺٺوليون ڪرايان.“ ڇا اڪائليس  (10)، خطري يا موت کان ذرو بھ ڊڳو؟ جڏھن بھ ڪو ماڻھو ڪنھن اھڙي ھنڌ يا حالت ۾ پھتو آھي، جيڪا ھن جي پنھنجي خيال ۾ بھتر آھي يا سندس اڳواڻ کيس اتي مقرر ڪيو آھي تھ پوءِ منھنجي خيال ۾ ھن کي اتي مضبوطي سان بيھي خطرن کي ڏيڻ گھرجي ۽ بدنامي ۽ گلا کانسواءِ باقي موت يا ڪنھن ٻئي خطري کي نھ ليکي ۽ معززو، اھو ئي سچ آھي.

اٿينس واسيو! منھنجو اھو عمل ڪيڏو نھ عجيب ھجي ھا، پر پوٽيڊيا، ايمفيپولس ۽ ڊيليم (11) وٽ مان بھ ٻين وانگر، اوھان جي چونڊيل جنريلن جي حڪم مطابق مقرر جڳھھ تي بيٺو رھيس. توڙي جو موت جي منھن ۾ ھيس ۽ وري جڏھن منھنجي سوچ، سمجھھ ۽ يقين مطابق، خدا مون کي امر ڪيو تھ آءٌ ھڪ فسلفي وانگر زندگي گذاريان ۽ پنھنجو پاڻ ۽ ٻين کي پرکيان. پوءِ جي مان اھا ڪرت موت جي خوف يا ڪنھن ٻئي خوف خطري سب ڇڏي ڏيان ھا- ھا پوءِ اھو سڀ ڪجھھ ڏاڍو خراب ۽ عجيب ٿئي ھا ۽ پوءِ مون کي بجا طور موت کان ڊڄندي، الھام جي نافرماني ڪندي، يعني خدا کي نھ مڃڻ جي ڏوھھ ۾ ھن عدالت آڏو پيش ڪيو وڃي ھا ۽ جي مان اھو سمجھيو ھجي ھا تھ مان ڏاھو اھيان ۽ حقيقت ۾ ھيس بھ ڪو نھ. ڇو تھ معززو، موت کان ڊڄڻ بھ انھيءَ سوچ جو ٻيو روپ آھي، تھ ڪوئي ائين سمجھي تھ ھو ڏاھو آھي جڏھن تھ ھو آھي بھ نھ. ڇو تھ اھا بھ ساڳي سوچ آھي تھ ھو اھو ڄاڻي ٿو، جنھن جي کيس ڄاڻ ئي ناھي. جيتوڻيڪ ڪنھن کي اھا ڄاڻ ڪونھي تھ موت سڀ کان وڏي سٺائي ۽ رحمت بھ تھ ٿي سگھي ٿو. پر ان ھوندي بھ ھو ان کان خوفزده ھوندا آھن، ڄڻ تھ کين اھا خبر ۽ پڪ ھجي تھ موت وڏي ۾ وڏي بڇڙائي آھي ۽ يقينا اھا بي شرميءَ جھڙي جھالت آھي تھ ڪو دعويٰ ڪري تھ ھو اھو ڄاڻي ٿو، جيڪو حقيقت ۾ ھو ڄاڻي ئي ڪو نھ ٿو، ان ڳالھھ ۽ نسبت ڪري مان شايد گھڻن انسانن کان مختلف آھيان ۽ جي مان اھا دعويٰ ڪيان تھ مان بھ ڪنھن معاملي ۾ ٻئي ڪنھن کان وڌيڪ ڏاھو آھيان تھ اھو بلڪل ان بنياد تي تھ، جيئن تھ مون کي ٻي جھان بابت گھڻي ڪا ڄاڻ ڪانھي. ان ڪري چوان ٿو تھ مان ڄاڻان ئي نٿو. پر مان ڄاڻان ٿو تھ پاڻ کان مٿانھين جي نافرماني، ڀلي پوءِ اھو انسان ھجي يا ديوتا -  بي شرمي ۽ بڇڙائي آھي سو مان ھڪ يقيني بڇڙائي جي مقابلي ۾ ھڪ ممڪن سٺائي کي ترجيح ڏيندس ۽ نھ تھ ان کان ڊڄندس ۽ نھ ئي نٽائيندس.

سمجھو کڻي تھ اوھان ھينئر مون کي بي ڏوھي قرار ڏئي، آزاد ڪري ڇڏيو ۽ اوھان اينيٽس تي يقين نھ ڪيو، جنھن توھان کي چيو آھي تھ، يا تھ مون کي عدالت آڏو پيش ئي نھ ڪيو وڃي ھا ۽ جي پيش ڪيو ويو آھي ۽ مقدمو ھليو آھي تھ پوءِ مون کي موت جي سزا ڏني وڃي. ڇو تھ مون کي جي ھن دفعي ڇڏيو ويو تھ پوءِ توھان جا پٽ منھنجي ويچارن ۽ سکيا تي عمل ڪري پنھنجو پاڻ کي بلڪل بگاڙي ۽ برباد ڪري ڇڏيندا.“ سو ان صورت ۾ جي اوھان مون کي چئو تھ ”سقراط! اسان ھن ڀيري اينيٽس تي يقين نٿا ڪيون ۽ توکي آزاد ٿا ڪيون، پوءِ ھن ھڪ شرط تي تھ تون ھاڻي پنھنجي ان سوچ ۽ لوچ کي وڌيڪ جاري نھ رکندين. پر جي اڄ کان پوءِ بھ توکي ائين ڪندي پڪڙيو ويو تھ ان صورت ۾ سمجھي ڇڏ تھ بس موت ئي تنھنجو مقدر آ جيئن مون چيو، جي توھان ان شرط تي مون کي آزاد ڪرڻ چاھيو تھ پوءِ منھنجو اوھان کي ھيءُ جواب ھوندو تھ:

”معززو! توھان جا لک لائق ۽ ٿورا جو مون تي اھا مھرباني ڪيو ٿا، پر مان اوھان جو چوڻ وٺڻ بدران، ديوتا جو چيو مڃيندس ۽ جيستائين منھن جي سسيءَ ۾ ساھھ ۽ جسم ۾ جان آھي تھ مان فلسفي جي پرچار ۽ عمل کان مرؤن نھ مڙندس ۽ پنھنجي ان مخصوص انداز ۽ طريقي سان، ھر انھيءَ ماڻھو کي سچ چوندس جيڪو بھ مون کي مليو. ھن کي سمجھائيندس ۽ پڇندس: منھنجا مٺا دوست! تون تھ اٿينس واسي آھين – ڏاھپ ٧ طاقت جي وڏي ھاڪ واري شھر جو واسي – توکي لڄ نٿي اچي. جو تون پنھنجي ھاڪ شھرت ۽ دولت جي ھصول لاءِ ڪيڏا ھيلا ھلايا آھن. پر ڏاھپ، سچ يا پنھنجي روح جي ڪماليت ڏانھن ڪو بھ ڌيان نھ ڏنو ۽ ڪڏھن ڪو ٿورو گھڻو سوچيو بھ اٿئي.“ جي توھان مان ڪنھن ائين چيو تھ، نھ ھن کي تھ ان جي ڳڻتي ۽ ڳڻ نھ آھي تھ پوءِ نھ ئي مان کيس ان گھڙي وڃڻ ڇڏيندس ۽ نھ ئي ڪو پاڻ روانو ٿيندس، پر ترسي کانئس سوال جواب ڪندس، کيس پرکيندس ۽ آڏي پڇا ڪندس. پوءِ جي مون ڄاتو تھ منجھس ڪو گڻ يا سٺائي ڪونھي، جنھن جي ھجڻ جي ھو دعويٰ ڪري ٿو تھ مان کيس ڏوراپو ڏيندس تھ ھو تمام اھم ڳالھين کي گھٽ اھميت ۽ بيڪار ڳالھين کي گھڻي اھميت ڏئي ٿو ۽ مان اھو ساڳيو ورتاءُ، جيڪو بھ مون سان مليو، تنھن سان ڪندس- ڀلي اھو جوان ھجي يا ٻڍو، شھر جو ھجي يا ڪو پرديسي پر شھرين سان گھڻو، ڇو تھ ھو منھنجي برادريءَ جا آھن. پڪ ڄاڻو تھ مان اھو جيڪو ڪجھھ ڪري رھيو آھيان، سو خدا جو حڪم آھي ۽ منھنجو اھو ويساھھ آھي تھ منھنجي خدا جي ان خدمت کان وڌيڪ، ٻي ڪا بھ رحمت اوھان جي ھن شھر تي ڪڏھن بھ نازل نھ ٿي آھي. ڇو جو مان بيو ڪجھھ بھ نھ ٿو ڪيان. سواءِ ان جي جو رمندو رھان ٿو ۽ توھان مان نوجوانن توڙي ٻڍن، ٻنھي کي سمجھائيندو ٿو وتان تھ پنھنجي جسم يا دولت جي پرواھھ نھ ڪريو، پر اھو ڳالھھ اھا اٿو تھ پنھنجي سوچ ۽ روح جي سٺائي ۽ سڌاري ڏانھن ڌيان ڌريو ۽ اوھان کي اھو ئي بڌايان تھ، ”دولت گڻ پيدا نھ ڪندي، پر گڻ دولت ب پيدا ڪندا آھن ۽ انسان ذات لاءِ ذاتي يا اجتماعي، ٻيون سموريون ڀلايون ۽ سٺايون بھ آڻيندا آھن.“ ھاڻي منھنجي ائين چوڻ سان نوجوان بگڙجي وڃن ٿا تھ پوءِ ھي نصيحت نقصانڪار چئبي پر جيڪڏھن ڪو ائين ٿو چوي تھ مان اھو نھ پر ٻيو ڪجھھ سيکاريندو آھيان تھ پوءِ ھو سچ نٿو ڳالھائي. اي اٿينس واسيو! مان وڏي واڪي چوان ٿو ”اوھان اينيٽس تي پٽ ڪيو يا نھ. مون کي بي ڏوھي قرار ڏئي آزاد ڪيو يا نھ، اوھان جيڪو بھ فيصلو ڪيو، پر اوھان کي ھيءَ خبر ھجي تھ مان پنھنجن ويچارن ۽ ڪرت کان مورؤن نھ مڙندس، ڀلي پوءِ مون کي انھيءَ جي ڪري ھڪ نھ پر سؤ ڀيرا مرڻو پوي.“

مھربانو! وچ م گوڙ نھ ڪيو، پر مون کي ٻڌو، ڇو تھ توھان وعدو ڪيو ھو تھ مون کي آخر تائين ٻڌندؤ، مون کي اڃا بھ ڪجھھ چوڻو آھي ۽ ممڪن آھي تھ اوھان ان تي ھل ڪيو، پر مون کي يقين آھي تھ جي اوھان غور سان اھو ڪجھھ ٻڌو تھ توھان نفعي ۾ ھوندؤ. تنھن ڪري مان وري عرض ڪندس تھ مھرباني ڪري گوڙ نھ ڪيو. پڪ ڄاڻو تھ جي اوھان مون کي موت جي سزا ڏني. مان جيئن ۽ جنھن سوچ سان اوھان آڏو آھيان- تھ پوءِ توھان پاڻ کي ئي نقصان پھچائيندؤ. نھ ميليٽس ۽ نھ ئي اينيٽس مون کي ڪنھن بھ ريت ڪو نقصان رسائي سگھن ٿا، اھي ائين ڪري ئي نٿا سگھن، ڇو جو اھو الاھي ۽ ابدي اصول آھي تھ برو ماڻھو بھتر انسان کي ڇيھو رسائي نٿو سگھي. مان مڃان ٿو تھ منھنجو مدعي مون کي موت بھ ڏياري سگھي ٿو. جلاوطن بھ ڪرائي سگھي ٿو ۽ مون کان شھريت جا حق بھ کسرائي سگھي ٿو، جيڪو شايد ھن جي ۽ ڪيترن ئي ٻين جي نظر ۾ بھ ڄڻ منھنجي لاءِ وڏو نقصان ھجي. پر مان ائين نٿو سمجھان. ھو ھن وقت جيڪي ڪجھھ ڪري رھيو آھي، سو سندس لاءِ وڏو نقصان ۽ پراڻي آھي، جو ڪنھن بي ڏوھي کي موت جي سزا ڏيارڻ گھري ٿو. سو ھاڻي ان ڪري ئي معززو، پنھنجي حق ۾ دليلن ڏيڻ بدران، متان ڪو ائين اميد ڪيو ويٺو ھجي، مان توھان واسطي وڪالت ڪندس تھ توھان مون کي سزا ڏئي، خدا جي ان تحفي کي وڃائي ڏوھھ نھ ڪري وجھو، ڇو تھ آءٌ ان جي طرفان توھان کي ڏنل ڏاڻ آھيان. پوءِ جي اوھان مون کي ماري وڌو تھ توھان کي مون جھڙو ڪو ٻيو ورلي ملي، جيتوڻيڪ ھيٺيون مثال ڏيڻ ۽ ائين چوڻ ڏاڍو عجيب ۽ کل جھڙو ٿو لڳي، پر مان خدا جي طرفان رياست لاءِ موڪليل انھيءَ مکي وانگر آھيان ۽ رياست انھيءَ پاليل تاتيل، ٿلھي متاري گھوڙي وانگر، جيڪو پنھنجي وزن ۽ وڏي قد جي ڪري سست رفتار ھوندو آھي ۽ کيس تکي ڪرڻ لاءِ مکي جي ڏنگ جي ضرورت پوندي آھي. مون کي يقين آھي تھ خدا مون کي اھڙي ڪم جي پورائي لاءِ خاص طور ھن ئي شھر / رياست لاءِ موڪليو آھي. سو مان اوھان سڀني کي جاڳيان ٿو ۽ بس ڪري ڪو نھ ٿو ويھان، پوءِ اوھان سان سڄي ڏينھن ۾، جنھن مھل بھ شھر جي ڪنھن ڪنڊ ۾ ملان ٿو تھ اتي اوھان کي ڇنڀيان ۽ سمجھايان ٿو.

منھنجا سائين! اوھان وٽ مون جھڙو ڪو ٻيو شايد ئي اچي، سو جي ان ڳالھھ تي توھان کي يقين اچي ويو تھ پوءِ مون کي آزاد ئي ڪندؤ. مان ائين چوڻ جي جرئت بھ ڪندس تھ شايد اوھان ان ماڻھوءَ وانگر ڪاوڙجي پئو، جنھن کي اوچتو ڪچي ننڊ مان اٿاريو ويندو آھي ۽ پوءِ چڙي ھڪ ئي چماٽ سان پورو ڪيو. ھا اوھان ائين مون کي آرام سان ماري سگھو ٿا، جيئن اينيٽس بھ اوھان کي صلاح ڏئي ٿو، پر پوءِ اوھان باقي عمر وري بھ غفلت جي اگھور ننڊ ۾ سمھيا ئي رھندؤ، جيستائين وري بھ خدا اوھان تي رحم ڪري، ڪنھن ٻئي کي، اوھان جي جاڳائڻ ۽ مالڪي لاءِ موڪلي.

جيڪڏھن اوھان کي اھو شڪ آھي تھ ڇا مان واقعي اھو ئي اھيان، جيڪو اوھان ڏي خدا طرفان موڪليو ويو آھيان تھ پوءِ ان شڪ جي دوري لاءِ ثبوت ھي آھي، جي مان بھ ٻين عام انسانن وانگر ھجان ھا تھ پوءِ مان پنھنجي ذاتي ۽ گھرو معاملن ڏانھن ايترو غافل نھ ھجان ھا ۽ پنھنجي ڪٽنب ۽ ان جي معاملن کي ھيترن سالن تائين، لاپرواھي سان برباد ٿيندو ڏسي، سھي نھ سگھان ھا. جڏھن تھ ان سموري عرصي دوران مان سدائين اوھان سان لاڳاپيل رھيس. توھان مان ھر ھڪ وٽ لنگھي وڃي، کيس ھڪ پيءُ ۽ وڏي ڀاءُ وانگر نيڪي ۽ سٺائي جي اھميت ۽ عظمت سمجھائيندو رھيس. ھاڻي جيڪڏھن مان ائين ڪندي ڪي مفاد حاصل ڪيان ھا يا پنھنجي مشوري جي في وٺان ھا تھ پوءِ بھ ڪا ڳالھھ ٺھي ھا. پر حقيقت ھي آھي، جيڪا توھان پاڻ ئي ڏسو ٿا تھ مون تي الزام ھڻندڙ، پنھنجي پوري نرلڄائي ۽ سمورين الزامن ۽ بدتميزن جي باوجود اھا جرئت ۽ گستاخي نھ ڪري سگھيا آھن تھ مون تي في اڳاڙڻ يا گھرڻ جو الزام لڳائي سگھن يا ان لاءِ ڪنھن شاھد کي ئي آڻي پيش ڪن. جڏھن تھ مون وت منھنجي بيان جي سچائي جي نبوت لاءِ ھڪ سٺو شاھد موجود آھي، اھو آھي – منھنجي غربت.

شايد اھا ڳالھھ عجيب و غريب لڳي تھ مان ڪنھن کي بھ نويڪلائي ۾ وڃي تھ اھي صلاحون ۽ سمجھاڻيون ڏيان ٿو ۽ ان جي ذاتي معاملن ۾ پاڻ کي رڌل رکان ٿو، پر ايتري ھمت ڪو نھ اٿم جو اوھان سڀني کي ھڪ ھنڌ گڏ اسيمبلي ۾ وڃي اھي صلاح مشورا ڏيان؟ مان ٿو اوھان کي ٻڌايان تھ ائين ڇو آھي.

ان جو سبب اھو آھي جيڪو اوھان اڪثر مون کي ڪيترن ئي ھنڌن ۽ وقتن تي ڏيندي ٻڌو آھي تھ مون تي ڪلام غيب يا ڪا الاھي نشآني نازل ٿئي ٿي ۽ جنھن جو ئي بنياد وٺي، ميليٽس پنھنجي بيان ۾ ان جو ھڪ کل جھڙو نقل ڏنو آھي. اھا نشاني مون تي ان وقت نازل ٿيڻ شروع ھئي. جڏھن مان اڇا ٻار ھئس. اھو ھڪ قسم جو اواز آھي، جيڪو جڏھن بھ مون سان مخاطب ٿئي ٿو تھ مون کي سمجھائي انھي ڪم ڪرڻ کان روڪي ٿو، جيڪو مان ڪرن وارو ھجان، پر ڪڏھن بھ مون کي اڪسائي نھ ٿو. اھو ئي مون کي عوامي معاملن ۾ الجھڻ کان روڪي ٿو ۽ منھنجي خيال ۾ اھو صحيح بھ آھي. ڇو تھ اٿينس واسيو! پڪ ڄاڻو تھ جي مان لوڪ جي معاملن ۽ وھنوارن ۾ پاڻ وچڙائي رکان ھا تھ گھڻو اڳ ئي مري بھ چڪو ھجان ھا، بنا ڪنھن فائدي پھچائڻ جي، اوھان کي ۽ پاڻ کي. مھربانو! منھنجي سچ ڳالھائڻ تي ڪاوڙجي نھ پئجو، ڇو تھ اھو سچ آھي تھ جي ڪنھن ماڻھو ايمانداري سان اوھان جي يا حڪومت جي ”مخالفت ڪئي ۽ رياست پاران ٿيندڙ ڏاڍاين، ناانصافين ۽ ناجائزين سان حقيقي مقابلو ڪيو تھ پوءِ پنھنجي جان بچائي نھ سگھندو، سو جيڪڏھن ڪو انصاف جي لاءِ، ايمانداري سان وڙھڻ ٿو چاھي تھ پوءِ کيس گھرجي تھ ھو سياسي نھ پر ذاتي زندگي گذاري ڀلي جي ھو ٿوري عرصي لاءِ ئي زنده آھي.

مان اوھان کي ان جا پختا ثبوت ڏيندس. لفظ نھ پر حقيقتون، جن لاءِ توھان کي عزت ۽ قدر آھي. تھ پوءِ ٻڌو تھ مون تي ڇا وھيو واپريو ھو ۽ انھيءَ مان ثابت ٿيندو تھ مان ڪڏھن بھ ناانصافيءَ جي آڏو، موت جي ڀؤ کان جھڪيو تھ آھيان، ڀلي جي آڻ نھ مڃڻ ڪري مان اتي جو اتي مري کپي وڃان، مان توھان کي عدالتن جو قصو ٿو ٻڌايان، جيڪو شايد دلچسپ نھ ھجي، پر سچو ضرور آھي. اٿينس واسيو! مان رڳو ھڪ دفعو سينيئر / ڪائونسلر ھجڻ جي، رياست جي ٻي ڪنھن عھدي تي، ڪڏھن نھ رھيو آھيان ۽ ان وقت اينٽيوڪس قبيلي کي، جنھن سان منھنجو تعلق آھي، تنھن ک صدارت مليل ھئي (12) ان وقت اوھان انھن ڏھن جرنيلن تي گڏ ٽولي جي حيثيت ۾ مقدمو ھلائڻ جي گھر پئي ڪئي جن آرجنيوزي (13) جي بحري جنگ ۾ مري ويلن جي لاشن کي گڏ نھ ڪيو ھو ۽ اھا گھر غير قانوني بھ ھئي ۽ نا منصفانھ پڻ. جيئن خود اوھان سڀني بھ بعد ۾ وڃي اھو مھسوس ۽ تسليم ڪيو (14) ان وقت صدارتي ڪاميٽي ۾ مان اڪيلو ئي ھيس، جنھن توھان جي ان غير قانوني گھر جي مخالفت ڪئي ۽ ووٽ بھ خلاف ڏنو ۽ پوءِ جڏھن مقرر صاحبان، مون تي الزام ھڻڻ ۽ گرفتار ڪرڻ لاءِ آتا ھئا ۽ ڌمڪيون ڏنائون ۽ توھان بھ رڙيون ڪري کين ائين ڪرڻ لاءِ زور ڀري رھيا ھئا تھ مان تنھن وقت بھ دل ۾ اھو ئي فيصلو ڪري، پنھنجي جان جوکي ۾ وڌي، جو اھو فرض پئي ڄاتم تھ قانون ۽ انصاف کي ھٿان نھ ڇڏبو. بجاءِ ان جي جو جيل ۽ موت جي خوف کان اوھان جو پاسو کڻان، جڏھن تھ توھان ناانصافي جي عمل ۾ رڌل ھئا.

اھو ان وقت ٿيو ھو، جڏھن اڃا جمھوريت ھئي، ان کان پوءِ جڏھن ڪامورن جي حڪومت (Oligrachy) (15) آئي تھ انھن ٽيھن مون کي ۽ ٻين ڄڻن کي گول ھال (16) ۾ گھرايو ۽ اسان کي حڪم ڏنو ويو تھ وڃي ليون کي سلامس شھر مان پڪڙي وٺي اچون تھ جيئن کيس بھ ڦاسي ڏني وڃي. اھو تھ رڳو ھڪڙو مثال آھي پر ھنن ڪيترائي اھڙا حڪم جاري ڪيا تھ جيئن پنھنجن ڏوھن ۾ گھڻن کان گھڻا بي گناھھ ڦاسايا وڃن ۽ مان وري بھ لفظي طور نھ پر عمل ۾ ڪري ڏيکاريو، جي مون کي ھنن لفظن ۾ اظھار جي اجازت ڏني وڃي، مان موت کان تر جيترو بھ نھ ڊنس. پر مون کي رڳو اھا ئي ڳڻتي ھئي تھ متان مون کان ڪا انصافي يا غلطي نھ ٿي پئي. اھا حڪومت جيتوڻيڪ ڪيتري نھ ڏاڍي ھئي، پر مان ان جي ڏاڍ ۽ ڏھڪاءُ کان ڊڄي، ڪو بھ غلط ڪم نھ ڪيو. جڏھن اسان ھال کان ٻاھر نڪتاسين تھ ھو چارئي ڄڻا سلامس شھر ويا ۽ ليون کي پڪڙي وٺي آيا. پر مان سنئون سڌو پنھنجي گھر ھليو ويس. مون کي ان حڪم عدولي جي بنياد تي موت ئي ملي ھا. جيڪڏھن اھا حڪومت ان کان  پوءِ سگھو ئي ختم نھ ٿئي ھا. انھيءَ واقعي جي ڪيترائي ڄڻا تصديق بھ ڪندا.

ڇا توھان اھو سوچي سگھو ٿا تھ جيڪڏھن مان ائين خلق جي معاملن سان لاڳاپيل، ان دائري ۾ رھان ھا ۽ پوءِ ان دائري جي اندر پاڻ کي ھڪ معتبر ۽ ايماندار انسان وانگر، انصاف لاءِ آواز بلند ڪرڻ کي پنھنجو فرض سمجھي، اھڙي ئي ھلت ھلان ھا ۽ پوري ديانتداريءَ سان پنھنجي ضمير کي زندھ رکندي ٻئي ڪنھن بھ ڳالھھ جي ذري پرواھھ بھ نھ ڪيان ھا تھ ڇا مان ھيترن سالن تائين، ھيءَ عمر ۽ حياتي ماڻيان ھا ۽ جيئرو ھجان ھا؟ نھ، اٿينس واسيو، نھ – نھ ئي مان ۽ نھ ڪو ٻيو شخص. معززو! اوھان ڏسندو تھ مان پنھنجي سڄي عمر ۾ نجي معاملن توڙي سياسي زندگي ۾ جڏھن بھ مون تي ڪي فرض رکيا ويا تھ مان ڪنھن سان بھ بي واجبي نھ ھليو آھيان. بلڪھ انھن معاملن ۾ اھو ئي ھڪڙو ۽ ساڳيو شخص رھيو آھيان، مان ڪڏھن بھ، ڪنھن کي اھڙو عمل ڪرڻ جي اجازت، مدد يا وٿي نھ ڏني آھي جيڪو انصاف جي ابتڙ ھجي، نھ ئي پاڻ کي ۽ نھ ئي انھن کي جن جي باري ۾ منھنجا مدعي چون اٿ تھ اھي منھنجا شاگرد آھن. مان ڪڏھن بھ استاد ئي کين پاڙھيو ڪونھي، پر مان جڏھن پنھنجي زندگي جي آدرش جي پورائي لاءِ بحث مباحثو ڪندو آھيان ۽ پوءِ جيڪڏھن ڪوئي چاھھ وچان اچي ٿو ۽ ٻڌي ٿو، ڀلي اھو چوان ھجي يا ٻڍو، تھ مان اچڻ سندس ۽ ٻڌڻ تي کانئس ارھو ٿي ڪرڪان ڪو نھ ٿو. ڇو تھ مان ائين نھ ڪندو آھيان تھ في جي خاطر گفتگو ۽ بحث مباحثو ڪيان، نھ تھ ٻي صورت ۾ چپ ڪري وڃان. مان تھ امير توڙي غريب، ٻنھي جي سوالن جاوبن لاءِ ھر وقت حاضر آھيان. جيڪڏھن ڪو مون کي بڌڻ يا منھنجي سوالن جا جواب ڏيڻ چاھي، پوءِ جي انھن مان ڪو ماڻھو وڃي سٺا ڪم يا خراب ڪم ڪري ھڪ سٺو يا خراب شھري بڻجي تھ مان ان جو ذميوار نھ آھيان. ڇو تھ مان ڪڏھن بھ ڪنھن کي بھ پڙھائڻ ۽ سيکارڻ جو نھ تھ ڪو انجام ڏنو آھي ۽ نھ ئي پاڙھيو آھي. سو جيڪڏھن ڪو ائين چئي ٿو تھ ھن کي ذاتي طور مون ڪا اھڙي ڳالھھ سيکاري يا پاڙھي آھي، جنھن جي ٻين کي خبر ناھي تھ پوءِ يقين ڄاڻو تھ ھو ڪوڙ ڳالھائي رھيو آھي.

توھان مان ڪو پڇي سگھي ٿو تھ آخر ڀلا مون سان پنھنجو ھيڏو سارو وقت صرف ڪرڻ ۾ ماڻھن کي ڪھڙو مزو اچي ٿو؟ معززو! مان اوھان کي اڳ ئي ان سڄي معاملي جي باري ۾ سچ کان آگاھھ  ڪيو آھي. ھي ماڻھو مزو وٺن ٿا، جڏھن ڪنھن ڏاھپ جي ڍونگ رچائيندڙ کان سوال جواب ۽ آڏي پڇا ٿيندي ٻڌن ۽ ڏسن ٿا، جيڪو اصل ۾ ڏاھو آھي ئي نھ. ۽ ان ۾ وڏي وندر ۽ تفريح آھي. بين کان آڏي پڇا ڪرڻ جو اھو فرض مون تي خدا طرفان سونپيو ويو آھي. ۽ مون تي اھو فرض الھام، خوابن ۽ ٻين اھڙن اشارن ۽ نشانين ذريعي ظاھر ڪيو ويو آھي، جيڪي ڪنھن انسان تي الھام جي نزول جو ذريعو بڻبيون آھن. اٿينس وارو! اھو بلڪل سچ آھي ۽ ان جي تصديق بھ سولائي سان ٿي سگھي ٿي، جيڪڏھن مان نوجوانن کي بگاڙيان ٿو ۽ کين بگاڙيندو رھيو آھيان تھ پوءِ انھن مان اھي جيڪي ھينئر عاقل بالغ ٿي چڪا آھن ۽ اھو ڄاڻي ورتو اٿن تھ مون سندن نوجواني جي زماني ۾ کين خراب صلاحون ڏنيون ھيون، سي ھينئر اڳتي وڌي اچن، الزام لڳائين ۽ پنھنجو بدلو چڪائين، پر جيڪڏھن ھو ائين ڪرڻ کان ڪيٻائين ٿا تھ پوءِ سندن ڪي رشتيدار، پيءُ، ڀائر يا ڪي ٻيا مٽ مائٽ اھو ياد ڪن تھ سندن ڪٽنبن منھنجي ڪري ڪھڙو نقصان سٺو آھي، ھي سندن لاءِ مناسب وقت آھي، مان ڏسان ٿو. انھن مان ڪيترائي ھتي عدالت ۾ موجود آھن. اجھو ھتي ھو ”ڪريٽو“ بيٺو آھي، جيڪو منھن جو ھم عصر ۽ منھنجو پاڙيسري آھي ۽ سندس پٽ ”ڪريٽو بولس“ بھ موجود آھي. ان جي پريان ”اسفيٽس جو لائيسنياس“ بيٺو آھي، جيڪو ”ايسڪائيس“ جو پيءُ آھي، جيڪو پاڻ بھ موجود آھي ۽ ”سفيسٽس“ شھر جو ”اينٽيفون“ بھ آھي جيڪو ”اپيگينز“ جو پيءُ آھي ۽ انھن مان ڪيترن جا ڀائر ھتي موجود آھن، جن مون سان گڏ گذاريو آح:” ح ”ٽيوزوٽائيڊز“ جو پٽ ”نڪوسٽريٽس“ بيٺو آھي، جيڪو ”ٿيوڊوٽس“ جو ڀاءُ آھي. ٿيوڊوٽس پاڻ مري ويو آھي، سو کيس ھتي آڻي نٿو سگھي. ھو .ڊيموڊوڪس“ جو پٽ ”پيرالوس“ بيٺو آھي جنھن کي ھڪ ڀاءُ ”ٿيگيز“ ھيو ۽ ھو ارسٽون جو پٽ ايڊيمينيٽس بھ بيٺو آھي، جنھن جو ڀاءُ ”افلاطون“ بھ ھتي موجود آھي ۽ اپالودورس جو ڀاءُ ائينٽوڊورس بھ مون کي نظر اچي رھيو آھي.

مان اڃا کوڙ بيا بھ نالا ٻڌايان، جن کي ميليٽس کي پنھنجي بيان ۾ شاھد طور پيش ڪرڻ گھرجي ھا. ۽ جيڪڏھن ھن کان ائين ڪرڻ وسري ويو آھي تھ پوءِ کيس ھاڻي ئي اھي شاھد پيش ڪرڻ گھرجن. مان کيس انھيءَ ڪم لاءِ مھلت ڏيڻ لاءِ تيار آھيان. جي ھن کي ڪجھھ ڳالھائڻو آھي تھ ڀلي ڳالھائي. پر معززو! سچ ان جي بلڪل ابتڙ آھي، ڇو تھ ھي سڀ تھ منھنجي حق ۾ ڳالھائڻ لاءِ آتا آھن، ”سندن بگاڙيندڙ ۽ سندن ويجھن ۽ پيارن مائٽن لاءِ خواري ۽ خرابي پيدا ڪندڙ“ – جيئن ميليٽس ۽ اينٽس چون ٿا. ھاڻي جي اھي منھنجي مدد ۽ حمايت ڪن، جن کي مون پٽيون پڙھائي بگاڙيو آ تھ پوءِ بھ ڳالھھ ٺھي ٿي. پر ھي بزرگ ماڻھو، جيڪي سندن وڏا آھن ۽ جن کي مان نھ بگاڙيو آھي. اھي آخر ڇو منھنجي حمايت ڪن ٿا ۽ منھنجي حق ۾ شاھدي ڏين ٿا- ھا صرف سچ ۽ انصاف خاطر، ڇو تھ آءٌ سچ ڳالھائي رھيو آھيان، جڏھن تھ ميليٽس ڪوڙو آھي.

اٿينس واسيو! اھو ئي شايد ٿورو ڪجھھ ٻيو بھ اھڙو ئي جيڪو پنھنجي وضاحت ۾ مان چئي سگھيس. شايد اوھان مان ڪنھن کي رنج ۽ تڪليف پھچي ۽ چڙي پوي جڏھن اھو ياد پئيس تھ جنھن وقت مٿانئس مقدمو ھلايو ويو ھو ۽ سو بھ مڙئي ڪنھن ھلڪي سلڪي ڏوھھ ۾، تھ ھن ڪيئن نھ جج صاحبان کي وينتون وڌيون ھيون. منٿون ڪيون ۽ ليلايو ھو ۽ ڳوڙھن جي ٻوڏ آڻي ڇڏي ھئائين ۽ نھ صرف اھو پر پنھنجا مٽ مائٽ، عزيز اقارب، ڪڙم قبيلو، ٻار ٻچا ۽ يار دوست عدالت ۾ وٺي آيو ھو. جيئن پنھنجي لاءِ رحم جوڳو ماحول ناھي وٺي. پر ٻئي طرف مان آھيان، جنھن کي تھ جيڪس پنھنجي سر وڃڻ جو خطرو موجود آھي. تڏھن بھ اھڙو ڪو بھ عمل ڪو نھ پيو ڪيان دل ۾ اھو سوچيندي، متان کيس چڙ وٺي ۽ مون تي ڪاوڙجي، منھن جي خلاف ووٽ ڏئي وجھي، ڇو تھ منھنجو اھڙو عمل کيس نھ وڻندو ھجي، منھنجي خيال ۾ اھڙو ڪو ماڻھو ھتي نھ ھوندو – پر جي آھي تھ پوءِ منھنجو کيس نماڻو عرض ھي ھوندو.

سڄڻ سائين! مون کي بھ گھر ٻار آھي. مان بھ انسان آھيان ۽ ٻين وانگر رت ۽ گوشت جو ٺھيل. انسانن جو اولاد آھيان ۽ ”ڪاٺ يا پٿر مان“ نھ ڄائو آھيان، جيئن ھومر (17) چوي ٿو. سو منھنجا ٻھ مٽ مائٽ آھن ۽ اٿينس واسيو، ٽي پٽڙا بھ اٿم،  جن مان ھڪ تھ مڇن جي ساول سان اچي ٿيو آھي، باقي ٻھ اڃا ننڍا آھن. تنھن ھوندي بھ مان کين ھتي نھ وٺي ايندس تھ جيئن انھن جي واسطي مون کي آزادي ملي. مان آخر ائين ڇو نھ ٿو ڪيان؟ يقين ڪيو تھ نھ ئي مون کي ھٺ آھي ۽ نھ ئي اوھان لاءِ ڪا نفرت اٿم. مان موت سان مقابلي جي جرئت رکان ٿو يا نھ، اھا ھڪ ٻي ڳالھھ آھي، جنھن جو ھتي واسطو ناھي، پر جيستائين منھن جي اوھان جي ۽ رياست جي ناموس ۽ عزت جو سوال آھي تھ مون کي اھو نٿو جڳائي تھ ائين ڪيان. مون کي اڇي مٿي ۽ ڏاھپ جي ھن ناماچار تي رسڻ کان پوءِ، ائين ڪرڻ سونھين نٿو، ڇو تھ دنيا وارن جي دل ۾ اھا ڳالھھ گھر ڪري ۽ عام ٿي وئي آھي. پوءِ صحيح يا غلط. تھ سقراط ٻين ماڻھن کان مٿانھون آھي. پوءِ توھان مان اھي، جيڪي سڀني کان ڏاھپ، بھادري يا ڪنھن ٻي خصلت ۾ مٿانھان ليکيا وڃن ٿا، سي ائين روڄ پٽڪو ڪن تھ پوءِ سچ تھ اھا ڏاڍي شرم جي ڳالھھ چئبي ۽ ان ھوندي بھ مان گھڻن ئي نالي وارن ماڻھن کي ائين ڪندي ڏٺو آھي. جڏھن کين ڏوھي قرار ڏجي ٿو، تھ ھنن جو رويو عجيب غريب ٿي وڃي ٿو. کين اھو وھم ويھجي وڃي ٿو تھ موت ھنن لاءِ ڏاڍي ڀيانڪ پڄاڻي ھوندي ۽ جي توھان کين زنده ڇڏيو تھ ھو سچ پچ امر ٿي ويندا. منھنجي خيال ۾ اھڙا ماڻھو رياست لاءِ بدنامي آڻين ٿا. پرديسي بھ ائين سمجھندا ۽ چوندا تھ اھي اٿينس جا رھواسي جيڪي گڻن ۽ خصلتن ڪري ناميارا آھن ۽ جن کي اٿينس وارن پاڻ منجھان ئي عزت ڏئي چونڊي اڳواڻ بڻايو آھي، سي تھ عورتن کان بھ ويل آھن. معززو! اسان منجھان انھن کي اھڙيون ڳالھيون ۽ عمل نھ ڪرڻ گھرجن، جن جي ناماچار ۽ ھاڪ آھي ۽ جيڪڏھن اھڙو ڪو شخص ائين ڪرڻ جي ڪوشش ڪري تھ اوھان کيس ان جي اجازت نھ ڏيو. اوھان کي اھو واضح ڪرڻ گھرجي تھ اوھان ان کي سزا ڏيڻ لاءِ وڌيڪ تڪڙا ۽ مائل ھوندؤ، جيڪو عدالت ۾ اھڙا دلگير ناٽڪ رچائي ٿو ۽ رياست تي ٺٺولي ڪرائي ٿو، بنسبت انھيءَ ماڻھوءَ جي جيڪو خاموش رھي ٿو.

پر جيڪڏھن عام ماڻھن جي راءِ ناموس جي ڳالھھ کي پاسيو رکجي تھ بھ ڪنھن کي اھو نٿو جڳائي تھ ھو جج صاحبن کي پلو پائي ۽ وينتيون وجھي آزادي وٺي، پر کين سمجھائجي ۽ ثابت ڪري ڏيکارجي، جج ڪھڙي ڪم لاءِ لاءِ ويٺا ھوندا آھن؟ منصفن جو ڪم اھو ناھي تھ انصاف ڪنھن کي تحفي طور ڏين، پر ھو قان مطابق فيصلو ڪن.ڇو تھ سندن اھو قسم کنيل ھجي ٿو تھ ھو پنھنجي خواھش ۽ راضپي سان نھ، پر قانون مطابق فيصلو ڪندا، نھ ئي اسان کي ڪوڙي ساک کڻڻ گھرجي ۽ نھ ئي اوھان ان تي پت ڪرڻ جا ھيراڪ ھجو. انھن غلط عملن ۾ پاڻ ٻنھي لاءِ ڪا بھ پوترتا يا پارسائي ڪونھي.

مانوارا جج صاحبو! زيوس ديوتا جي واسطي، مون کان ان جي گھر نھ ڪيو، جيڪو منھنجي خيال ۾ سٺو، اخلاق ڀريو، پاڪ پوتر ۽ منفاڻو عمل نھ ھجي ۽ سو بھ تڏھن جڏھن مون تي يليٽس طرفان الزام ئي لاديني جو آھي. ڇو تھ اھو ظاھر آھي تھ جيڪڏھن مان اوھان جي پٺيان گگ ٿي پوان ۽ پنھنجين وينتين ۽ منٿن ۽ آزارين نيزارين سان توھان جي منصف ھجڻ جي حيثيت ۾ سچ ”ٻڌي، انصاف ڪرڻ واري اصول ۽ ظرف جي برخلاف اوھان کي لاچار ڪري مڃائي وجھان ھا تھ پءِ ائين ڪندي مان اوھان کي ڄن اھو سيکاري رھيو ھوندس تھ ديوتائن ۾ يقين نھ رکو. ۽ ائين پنھنجي صفائي پيش ڪندي، پاڻ تي ديوتائن کي نھ مڃڻ جو ڏوھھ مڙھي وجھان ھا. جڏھن تھ معززو، حقيقت ان جي بلڪل ابتڙ آھي، منھنجو ديوتائن ۾ ايمان آھي، پر مون تي الزام ھڻندڙن جي ايمان کان مختلف معنيٰ ۾، ھاڻي مان اوھان تي ۽ خدا تي ٿو ڇڏيان تھ منھنجو فيصلو ٿئي. ائين جيئن بھتر ھجي اوھان لاءِ بھ ۽ منھنجي لاءِ بھ.

(”عدالت سقراط کي ”ڏوھي“ قرار ڏئي ٿي، 280 کيس ”ڏوھي“ ۽ 221 کيس ”بي ڏوھي“ قرار ڏين ٿا. ميليٽس موت جي سزا جو مطالبو ڪري ٿو ۽ سقراط ساڻن متبادل سزا جي باري ۾ مخاطب ٿئي ٿو.“)

اي اٿينس جا معززو! مون کي اوھان جيڪو ڏوھي قرار ڏنو، تنھن تي ڪو افسوس ڪو نھ اٿم، ۽ ان جا گھڻا سبب آھن، پر اھم سبب اھو تھ ھي جيڪي ڪجھھ ٿيو، مون کي ان جوئي اندازو ھيو، عجب اٿم تھ رڳو ووٽن جو، جيڪي ذري گھٽ برابر ٿيا آھن ۽ مون کي اھا اميد ڪو نھ ھئي. مون سمجھيو ھو تھ منھنجي خلاف ووٽ اڃا گھنا پوندا. پر ھت تھ قصو ھي آھي تھ جيڪڏھن 30 ووٽ ھن پاسي پون ھا تھ مون کي آزادي ملي وڃي ھا. ھينئر بھ مان ائين ئي ٿو سمجھان ۽ چوان ٿو تھ امن ميليٽس جي لڳايل الزامن مان تھ آزاد ٿي ويس ۽ اھو اوھان سڀني تي بھ واضح ٿي ويو آھي تھ جيڪڏھن اينيٽس ۽ لائڪون مون تي الزام لڳائڻ ۾ سندس ساٿ نھ ڏين ھا تھ پوءِ ميليٽس کي ڪل ووٽن جو پنجون حصو بھ حاصل ڪري نھ سگھڻ تي ھڪ ھزار ڊرامن جو ڏنڊ پوي ھا (18).

بھرحال ھن وقت صورتحال ھيءَ آھي تھ ميليٽس موت جي سزا جو مطالبو ڪيو آھي. چڱي ڳالھھ آ- معززو! موت ۾ مان ڀلا ڪھڙي متبادل سزا تجويز ڪيان؟ ظاھر آ جنھن جو مان لائق آھيان ۽ مان ڇا جو لائق آھيان؟ مان جنھن ڄاڻي واڻي ھڪ خاموش ۽ نکمڻي زندگي نھ گذاري آھي ۽ انھن سڀني شين کان بي پرواھھ رھيو آھيان، جن جي گھڻن کي ئي ڳڻتي ۽ ھورا کورا ھوندي آھي: فوج، اسيمبلين يا ڪن ٻين آفيسرن ۾ وڏا عھدا، سياسي فائدا، يا خفيھ سوسائٽيون ۽ پارٽيون، جيڪي اسان جي شھر ۾ موجود آھن- جيڪڏھن مان انھن سان پاڻ لاڳاپيل رکان ھا تھ پوءِ شايد ئي ايمانداري سان زندھ رھي سگھان ھا. سو مون اھو رستو نھ چونڊيو، جيڪو مون کي نھ تھ پاڻ لاءِ ۽ نھ ئي اوھان لاءِ ڪارائتو بڻائي ھا. پر مان ذاتي طور اوھان مان ھر ھڪ وٽ لنگھي ويس ۽ کيس پنھنجي سمجھھ مطابق، جيڪو وڌ کان وڌ بھتر سمجھيم تنھن جي صلاح ڏنم. کيس سمجھائڻ ۽ سڇاڻڻ جي ڪوش ڪيم تھ ھو پنھنجو پاڻ کي پرکي، پنھنجي اخلاقي ۽ عقلي سڌاري لاءِ سٺائي ۽ ڏاھپ جي تلاش ڪري، ان کان پھريائين جو ھو پنھنجي ذاتي فائدن ۽ مال ملڪيت جو خيال ڪري، کيس اھو بھ ڏسيم تھ رياست مان فائدن جي حصول جي ڳڻتي ڪرڻ کان اڳ، خود رياست بابت گڻ ڪري، ۽ ان ئي طريقي ۽ انداز سان پنھنجي ھر عمل جي مطابقت رکي . پوءِ منھنجا اھڙا عمل مون کي ڇا جو مستحق بنائن ٿا.  يقينا انعام جو. جي مون کي پنھنجي لاءِ اھڙي سزا جو ڪاٿو ڪرڻو آھي، جيڪا انصاف ڀري ھجي ۽ وڌيڪ اھو ڪو اھڙو انعام جيڪو منھنجي عملن مطابق مون تي ٺھڪي اچي. ڀلا اھو مسڪين ماڻھو ڇا جو مستھق ٿي سگھي ٿو، جيڪو اوھان جو محسن آھي ۽ جنھن کي بس گھرج آھي تھ رڳو وقت جي، تھ اوھان کي سمجھائي تھ جيئن اوھان اخلاقي طور بلند ۽ دلير بڻجو.

ڇو تھ مون کي يقين آھي تھ مان جتي بھ ويس، اتي نوجوان منھنجي چوڌاري، اچي مڙندا ۽ منھنجون ڳالھيون ٻڌندا، جيئن ھتي اچن ٿا ۽ ٻڌن ٿا ۽ پوءِ  جي مان انھن کي پري رکيو ۽ ھڪليو تھ ھو ڪاوڙجي پوندا ۽ منھنجي وڏن کي چئي، مون کي شھر نيڪالي ڏياريندا ۽ وري جي ان انھن نوجوانن کي ڌڪار، بجاءِ کيڪاريو ۽ پنھنجي ويجھو اچڻ ڏنو تھ سندن بزرگ، سندن خاطر، انھن جي بگڙجڻ جي ڀؤ کان مون کي تڙي ڪڍندا.

توھان مان ڪو ائين چئي سگھي ٿو ”سقراط، تون اسان کان ڇڄي، ڪنھن اوپري شھر ۾ وڃڻ کان پوءِ بھ خاموش زندگي نٿو گذاري سگھن؟ ڇا تون پرديس ۾ پھچي بھ چپ نٿو ڪري سگھين؟“ ھاڻي منھنجي لاءِ اھا ڏاڍي ڏکي ڳالھھ ٿي پئي تھ آخر ڪيئن اوھان کي ان جو جواب ڏئي مطمئن ڪيان؟ ڇو تھ جي مان ائين ٿو چوان تھ، توھان جي چوڻ تي لڳي مون خاموش گذاريو تھ اھا خدا جي نافرماني ٿيندي تھ توھان يقين نھ ڪندؤ ۽ ائين سمجھندؤ تھ مان سنجيده نھ آھيان ۽ جي وري مان ائين ٿو چوان، تھ اھا انسان لاءِ وڌ ۾ وڌ سٺي ڳالھھ ھوندي تھ ھو روزانو گڻن ۽ صلتن ۽ ٻين اھڙين شين بابت بحث مباحثو ڪري جستجو ڪندو رھي، جن بابت مون کي گفتگو ڪندي ۽ پنھنجو پاڻ کي ۽ ٻين کي پرکيندي ڏٺو آھي. ڇو تھ بنا جستجو جي زندگي بيڪار آھي، تھ پوءِ انھن لفظن تي اوھان اڃا بھ گھٽ ويساھھ ڪندؤ.

صاحبو! مان جيڪي ڪجھھ چوان ٿو سو بلڪل سچ آھي، پر منھنجي لاءِ ڏکي ڳالھھ تھ توھان کي مطمئن ڪيئن ڪيان؟ ۽ گڏوگڏ اھو بھ تھ مان ڪڏھن ائين سوچيو ئي نھ آھي تھ مان ڪو سزا جو لائق آھيان. جيڪڏھن مون وٽ ڏوڪڙ ھجن ھا تھ کڻي مان ڏنڊ طور اوترو ملھھ ڪٿيان ھا. ڇو تھ اھا ڪا سزا نھ ھجي ھا. پر جيئن تھ مون وٽ ڪجھھ ڪونھي. سو ان لاءِ اوھان کي چوندس تھ جيڪڏھن مون تي رکو ٿا تھ پوءِ منھنجي وت وس آھر ڏنڊ رکيو وڃي، جيڪو مان ڀري بھ سگھان، شايد مان اوھان کي چانديءَ جي ھڪ مينا ادا ڪري سگھان، سو مان اھو ڏنڊ تجويز ڪيان ٿو.

ھڪڙو منٽ – معززو – ترسجو تھ، منھنجا ھتي موجود دوست افلاطون، ڪريٽو ۽ ڪريٽوبولس ۽ اپالادورس چون ٿا تھ ھنن جي ضمانت تي آءٌ 30 مينا تجويز ڪان. چڱو ڀلا پوءِ 30 مينا ئي سھي، ۽ ھي ھمراھھ ان جي ادائگي لاءِ توھان جي خيال کان چڱا ڀلا ضامن آھن.

(جج ھينئر ٻيھر ووٽ ڪن ٿا ۽ سقراط کي موت جي سزا ٻڌائين ٿا).

اي اٿينس واسيو! توھان کي ڪو گھڻو انتظار ڪرڻو ڪو نھ پوندو. پر ٿوري وقت اندر ئي اوھان کي اھڙي بدنامي ۽ الام ملندو ۽ ڏوھي ليکبؤ تھ توھان ھڪڙي ڏاھي سقراط جو قتل ڪيو آھي. ائين آھي چوندا جيڪي اسان جي شھر کي بندنام ڪرڻ جي منشا رکن ٿا. ڇو تھ ھو تھ پڪ ئي پڪ مون کي ڏاھو چوندا، جيتوڻيڪ مان آھيان بھ ڪو نھ. پر انھن کي اوھان مان ڪو عيب ۽ چڪ ڪڍڻي يا طعنو ھڻڻو جو ٿيو تھ ھو ائين ئي چوندا. جي اوھان کڻي ڪجھھ وقت انتظار ڪريو ھا تھ توھان جي اس پاڻمرادو قدرتي طور پوري ٿي وڃي ھا، ڇو تھ مان اچي پيرسن، ٿيو آھيان، جيئن توھان پاڻ ڏسي سگھو ٿا ۽ اچي قبر کي ويجھو ٿيو آھيان. مان ھي سڀ ڪجھھ اوھان سڀني کي نھ پر انھن کي چئي رھيو آھيان، جن مون کي موت جي سزا ڏني آھي ۽ مون کي انھن کي چوڻ لاءِ اڃا ٻيو ڪجھھ بھ آھي، شايد توھان ائين ٿا سمجھو تھ مون کي سزا ان ڪري ٿي وئي جو مون وٽ اھڙا لفظ ۽ دليل ڪو نھ ھئا، جيڪي توھان کي متاثر ڪري منھنجي ڇوٽڪاري جو سبب بڻجن. جيڪڏھن مان ائين مناسب سمجھان ھا تھ پوءِ ڪا بھ اھڙي ڳالھھ چوڻ يا ڪرڻ ۾ مون کان رھجي يا گسي ئي نھ پئي سگھي، پر ائين ڪو نھ ھيو. اھا کوٽ جيڪا منھنجي سزا جو سبب بڻي، سا لفظن جي نھ ھئي. يقينا نھ. پر مون ۾ کوٽ ھئي اھڙي گستاخي، بي حيائي ۽ بي شرمي جي، ۽ اھڙي رضامندي جي تھ مان اوھان کي ائين مخاطب ٿيان جيئن اوھان سٺو سمجھو ٿا ۽ پوءِ اھو اوھان وڏي چاھھ مان مون کان ٻو ھا. يعني روئان ھا. پٽيان ۽ پار ڪڍان ھا ۽ ٻيون اھڙي قسم جون کوڙ ڳالھيون چوان ۽ ڪيان ھا. جيڪي اوھان ٻين کان بڌڻ جا ھيراڪ ٿي ويا آھيو ۽ جيڪي منھنجي سمجھھ مطابق مون کي نھ ٿيون سونھن. ڇو تھ مان ان مھل بھ ائين سوچيو ھو تھ خطري جي گھڙيءَ ۾ مون کي ڪو نيچ ڪم يا خوشامد ۽ چاپلوسي نھ ڪرڻ گھرجي ۽ ھن مھل بھ جڏھن مان پنھنجي جنھن انداز ۽ سمجھھ مطابق پنھنجو ڪيس وڙھيو آھي، تنھن تي مون کي ڪو پڇتاءُ ڪونھي. مون کي پنھنجي ان انداز سان صفائي پيش ڪرڻ ڪري جي موت بھ مليو تھ بھ ڀلو ڀائيندس. بجاءِ ان جي جو اوھان جي سوچ جي انداز مطابق ڳالھائي جيئندان ھاصل ڪيان ھا. ڇو تھ نھ ئي مون کي ۽ نھ ئي ڪنھن بھ ٻئي کي جنگ يا مقدمي ۾، ڪو حربو ۽ حرفت ھلائي. لازما موت کان بچڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي. ڇو تھ اھو ظاھر آھي تھ جنگ ۾، جي ڪنھن پنھنجا ھٿيار ڦٽا ڪيا ۽ پنھنجو پيڇو ڪندڙن جي پيرن تي ڪري آزيون نيزاريون ڪيون تھ پوءِ ھو موت کان بچي ويندو. ۽ ٻين خطري جي گھڙين ۾ موت کان بچڻ جا ڪيئي طريقا آھن. جيڪڏھن ڪو ايترو بي اصولو آھي جو ڪجھھ بھ ڪرڻ ۽ چوڻ تي تيار بيٺو آھي.

معززو! موت کان پاڻ بچائي وڃڻ ڪا ڏکي ڳالھھ ڪانھي پر پاڻ کي بي انصافي ۽ بدڪاري کان بچائڻ ڏاڍو ڏکيو آھي، جيڪا پنڌ جي ڏاڍي تکي آھي ۽ موت کان تيز دوڙي ٿي، مان جيئن تھ پيرسن اھيان ۽ جونءَ پير ھلان پيو، سو مون کي تھ سست پنڌ ۽ پيڇو ڪندڙ – موت ئي پڪڙي وڌو آھي. جڏھن تھ منھنجا الزام لڳائيندڙ جيڪي ذھين، تيز ۽ تکا آھن، تن کي تکي ڊڪندڙ يعني بدڪاري پڪڙي وڌو آھي. ھينئر اسان ھڪ ٻيئ کان الڳ ٿيون ٿا. مان عدالت مان اوھان طرفان موت جي سزا ملڻ کان پوءِ روانو ٿيان ٿو ۽ ھو بھ روانا ٿيندا. کين سچ جي پاران بڇڙائي ۽ بداخلاقي جي سزا ملڻ کان پوءِ ھنن کي پنھنجي سزا قبول ڪرڻ گھرجي ۽ مون کي بھ مليل سزا سان پاڻ کي پابند رکڻ گھرجي. لاشڪ اھو ائين ئي ٿيڻو ھو ۽ منھنجي خيال ۾ اھو نتيجو منصفاڻو بھ آھي.

مان محسوس ٿو ڪيان تھ اھو ڪجھھ چوڻ کان پوءِ ھن گھڙيءَ مون تي ھڪ اھڙي ڪيفيت طاري ٿي ويئي آھي، جنھن ڪيفيت ۾، مان اوھان، جن مون کي موت جي سزا ڏني آھي، تن جي باري ۾ اڳڪٿي ڪرڻ جي قوت اچي ويندي آھي. جڏھن موت سامھون نظر ايندو آھي. مان اڳڪٿي ڪيان ٿو تھ توھان جيڪي منھنجا قاتل آھيو، منھنجي موت کان جلد ئي پوءِ، اوھان لاءِ ان کان بھ وڌيڪ ڳوري سزا، اوھان جو انتظار ڪري رھي آھي، ڇو تھ مان ٿو اوھان کي ٻڌايان تھ جيئن اوھان سوچيو پيا تھ توھان مون کي ماري، پاڻ کي زندگيءَ ۾ ڪيل اعمالن جي حساب ڪتاب ڏيڻ ۽ نقطھ چيني کان بچائي ويندؤ. نھ ئاين نھ، پر ان جي بلڪل ابتڙ ٿيندو. ڇو تھ اوھان کان حساب ڪتاب وٺڻ وارا جن کي مان روڪيو بيٺو ھان ۽ اوھان جيڪا خبر ئي نھ لڌي آ، اھي جيترا اڄ آھن، سڀاڻي اڃا گھڻا ھوندا. جيئن تھ اھي نوجوان ھوندا سو اوھان کي ڪو نھ بخشيندا ۽ اوھان کي وڌيڪ مٺيان لڳندي. اوھين ڀليل آھيو جي ائين سوچيو ٿا تھ ڪن ماڻھن جو قتل ڪري، اوھان پنھنجي بدڪار زندگيءَ تي ٻين ماڻھن جي تنقيد ۽ لعنت ملامت کان بچائي ويندو. اھڙن امتحانن کان ڀڄڻ ۽ جند ڇڏائڻ نھ ئي ممڪن آھي ۽ نھ ئي مناسب. سولي ۾ سولو ۽ سٺي ۾ سٺو طريقو اھو ناھي تھ ٻين جو ساھھ وٺجي، پر جيترو ممڪن ٿي سگھي. پاڻ کي بھتر انسان بڻائڻ لاءِ ڪوشان رھڻ گھرجي، آخر ۾ موڪلائڻ کان اڳ مان انھن جج صاحبان لاءِ جن مون کي موت جي سزا ڏني، تن لاءِ بس اھا ئي اڳڪٿي ڪيان ٿو.

باقي جيتري قدر توھان جي ڳالھھ آھي، جن منھنجي آزاديءَ لاءِ ووٽ ڏنو، مان چاھيندس تھ اوھان سان بھ ٻھ اکر ڳالھائي اوھان کي مطمئن ڪيان تھ مون کي اھا جيڪا سزا ملي آھي سا ڍيڪ ئي آھي، جيستائين ھي عدالت جا آفيسر بھ پنھنجي ضروري لکپڙھھ ۽ ڪارروائي ۾ رڌل آھن ۽ مون کي پنھنجي مقتل تائين پھچڻ ۾ اڃا ڪي گھڙيون آھن. پوءِ مھربانو! قرب ڪري ڪي گھريون رھي پئو تھ روح رچنديون ۽ رھاڻ ڪيون. ڇو تھ جڏھن قانون بھ اھڙي اجازت ڏئي ٿو تھ پاڻ آخر ائين ڇو نھ ڪيون. مان توھان کي پنھنجو دوست سمجھندي، ھي سڀ ڪجھھ جيڪو مون تي گذريو آھي، تنھن جي حقيقت ٻڌائڻ چاھيان ٿو. جيوري جا صاحبو، منھنجا منصفو!- مان بلڪل سچائيءَ سان اوھان کي ئي پنھنجو منصف مڃان ٿو، مون سان ھڪ عجيب و غريب واقعو پيش آيو آھي، ھيستائين مان جڏھن بھ ڪا ھلڪي ڀل يا خسيس طا ڪرڻ وارو ھوندو ھئس تھ سدائين وانگر، الاھي شڪتي طرفان مون کي ان ڪم نھ ڪرڻ لاءِ الھام ٿيندو ھو. پر ھن ڀيري جڏھن اوھان پاڻ ڏسو پيا ۽ ائين سمجھيو بلڪھ عام طور تي يقين ڪيو ٿو وڃي تھ ڄڻ مون تي اھا وڏي ۾ وڏي موت جي مصيبت ۽ آفت آھي. تڏھن ان غيبي آواز مون کي اصلي نھ روڪيو آھي. ان وقت بھ نھ جڏھن مان فجر جو گھران نڪتو ھئس ۽ نھ وري ھتي عدالت ۾ پھچڻ ۽ تقرير دوران ئي ڪا روڪ ٽوڪ ٿي، جڏھن تھ ٻئي ھنڌ ڳالھھ جي وچ ۾ بھ ان اڪثر مون کي روڪيو آھي پر تقرير ۽ ھن سڄي ڪارروائي دوران مون کي ڪنھن بھ اکر چوڻ يا ڪجھھ عمل ڪرڻ مھل، مون کي ان آواز روڪيو ئي ناھي، مان ان جو مطلب ڇا سمجھان؟ مان ٿو اوھان کي ٻڌايان، اھو اشارو ھيو تھ مون سان جيڪو ڪجھھ وھي واپري رھيو آھي، سو درست ۽ سٺو آھي ۽ اھو تھ اسان مان جيڪي موت کي بڇڙائي ڪري ليکين ٿا سي ڀليل آھن. مون کي ان ڳالھھ جو پختو ويساھھ آھي، ڇو تھ اھو ممڪن ئي ناھي تھ مان اھو ڪجھھ ڪرڻ ۽ چوڻ وارو ھجان، جيڪو درست ۽ سٺو نھ ھجي ۽ مون کي اھو سدائين نازل ٿيندڙ غيبي آواز نھ روڪي.

اچو تھ ھن کي بي انداز سان بھ ڏسون تھ اھا اميد واقعي گھڻي آ تھ موت سٺائي ئي آھي. موت ٻن شين مان ھڪ آھي. يا تھ موت نيستي ۽ نابودي آھي ۽ مئي کان پوءِ ڪجھھ بھ ناھي. ڄڻ تھ موت بيھوشيءَ ۽ بي خبري واري حالت ھجي. يا وري جيئن ماڻھو چونداآھن تھ موت کان پوءِ روح ھن جھان کان ٻي جھان ڏانھن ھليو وڃي ٿو. ھاڻي جيڪڏھن موت کان پوءِ ڪا بھ سڌ نھ ٿي رھي ۽ اھو ڄڻ تھ اھڙي پرسڪون ۽ گھر ننڊ آھي، جنھن ۾ ماڻھو ڪجھھ بھ نھ ڏسي، ويندي خواب بھ نھ تھ پوءِ موت تھ وڏو لاڀ ۽ رحمت چئبي. ڇو تھ منھنجي خيال ۾ جيڪڏھن ڪو ماڻھو ڪنھن اھڙ: رات جي چونڊ ڪري، جنھن رات کيس پرسڪون ننڊ آئي ھجي، جو ڪنھن خواب بھ اچي تنگ نھ ڪيو ھجيس ۽ پوءِ ان رات کي پنھنجي زندگيءَ جي گذاريل ٻين ڏينھن ۽ راتين سان ڀيٽي ۽ اھو ٻڌائي تھ ھن پنھنجي زندگيءَ جا ڪيترا ڏينھن ۽ راتيون، ان ھڪ رات کان وڌيڪ بھتر ۽ خوش گذاريون آھن تھ سمورين راتين جي ڀيٽ ۾ اھڙيون، آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون چند راتيون ئي ملنديون. ھا اھڙو موت واقعي وڏو نفعو ۽ رحمت آھي. ڇو تھ پوءِ بقا، فقط اھا ھڪ رات ئي آھي. پر وري جيڪڏھن موت ھڪ دنيا کان ٻي دنيا ڏانھن سفر آھي، جيئن اسان کي ٻڌايو وڃي ٿو. جيڪڏھن ائين سچ بھ آھي تھ سڀ مري ويل اتي موجود ھوندا تھ پوءِ منصفو ان کان وڌيڪ سٺائي يا رحمت ڪا ٻي؟ جي سچ پچ ماڻھو ان ھيٺين (25) دنيا ۾ وڃي پھچي ٿو تھ پوءِ ھن دنيا جي ھٿ ٺوڪين منصفن منجھان جند ڇٽي پوندس ۽ اتي انھن حقيقي منصفن سان بھ ملندو، جيڪي اتي انصاف ڪرڻ جي لاءِ موجود آھن، مثال طور ميناس، رھادامينٽس، ائيڪس، ٽرپٽوليمس ۽ ٻيا جيڪي پنھنجي ڌرتي تي گذاريل زندگي ۾ ايماندار ۽ انصاف پسند ھئا تھ پوءِ اھڙي مسافري ڪا گھٽ قيمتي ھوندي؟ وري ھيئن ڏسون تھ ڀلا ڪو ماڻھو ان بدلي ڇا تھ قربان ڪندو، جي کيس اتي آرفئيس، موزئيس، ھيسئاڊ ۽ ھومر جو ساٿ ۽ سنگت نصيب ٿئي؟ جيڪڏھن اھي مٿيان حوال واقعي سچا بھ آھن تھ پوءِ مان تھ وري وري مرڻ لاءِ تيار آھيان. مون کي ڪيڏو نھ مزو ايندو جو مون کي اتي پالامينس ۽ نيلامن جي پٽ اجيڪس يا ٻي ڪنھن اوائلي سورمي ۽ عظيم انسان سان ملڻ جو شرف حاصل ٿئي، جن جو موت بھ بي انصافي جي ڪري ٿيو ۽ پوءِ ساڻن گفتگو ۾ پنھنجو وقت گذاريان ۽ پنھنجون پيڙائون انھن جي دردن سان ڀيٽيان، ائين ھڪٻئي سان پنھنجن پنھنجن تجربن ۽ ٿيل ناانصافين جو حال ونڊڻ ۾ ڪيڏي وڏي فرحت ھوندي. پر منھنجي لاءِ سڀ کان ھم، سٺي ۾ سٺي ۽ خوسيءَ جي ڳالھھ اھا آھي تھ مون کي ان دنيا ۾ بھ اھڙو موقعو ملندو، جو مان پنھنجي جستجو جاري رکندي، اتي بھ ماڻھن کان آڏي پڇا ڪري، سندن امتحان وٺان ۽ کين پرکيان تھ انھن مان حقيقت ۾ ڪھڙو ڏاھو آھي ۽ ڪھڙو ڏاھپ جو ڍونگ رچايو ويٺو آ، پر حقيقت ۾ ڏاھو آھي ئي ڪو نھ، جيئن مان ھتي، ھن دنيا ۾ سوال جواب ڪندو آھيان، منصفو! ڪو ماڻھو ڇا نھ قربان ڪندو، جي کيس اھڙو موقعو ملي جو ھو ان جو امتحان وٺي ۽ پرکي، جنھن ٽراءِ جي خلاف وڏي ڪاھھ جي اڳواڻي ڪئي يا يوليسس، سيسيفس يا ڪيترن ئي مردن ۽ عورتن جا نالا وٺي سگھجن ٿا. ساڻن گفتگو ڪرڻ سوال جواب ۽ ائين رلي ملي وڃڻ ۾ ڪيڏي نھ بي انت خوشي ۽ بي انداز سرھائي ملندي! پڪ ڄاڻو تھ ھن دنيا ۾ سوال جواب ڪرڻ تي ڪنھن کي بھ موت جي سزا نھ ملندي آھي. ڇو تھ اتي اسان جي مقابلي ۾ وڌيڪ خوش بھ آھن ۽ باقي بچيل وقت لاءِ امر بھ آھن، جيڪڏھن جيئن اسان کي ٻڌايو وڃي ٿو، اھو سبب واقعي سچ بھ آھي.

تنھن ڪري اي مانوارا منصفو! اوھان بھ موت بابت سٺي آس ۽ وسواس رکو، ۽ اھو سچ ھينئن سان ھنڊايو تھ سٺي ماڻھو کي پنھنجي زندگي ۾ توڙي موت کان پوءِ، ڪو بھ نقصان رسي نٿو سگھي. سندس جند جان کان ۽ سندس معاملن کان ديوتاؤن غافل نٿا رھن ۽ مون سان ھي جيڪي ڪجھھ رھيو واپرايو آھي، سو بھ پنھنجي ليکي يا اتفاق سان ڪو نھ ٿيو آھي، پر مان صاف سمجھان ٿو تھ اھو وقت اچي پھتو ھو، جڏھن منھنجي لاءِ موت ئي بھتر ھيو تھ جيئن گھڻن آزارن کان آزاد ٿيان. ان سبب ڪري ئي مون کي الاھي نشانيءَ ڪنھن بھ ڳالھھ تي ڪا روڪ ٽوڪ ڪا نھ ڪئي ۽ ان ئي سبب ڪري انھن کان ڪاوڙ بھ نھ اٿم، جن مون تي الزام ھنيا آھن ۽ نھ ئي انھن کان ارھو آھيان، جن مون کي ڏوھي قرار ڏئي سزا ڏني آھي، انھن ٻنھي مون کي ڪو بھ نقصان نھ پھچايو آھي، جيتوڻيڪ مون تي الزام ھڻڻ ۽ سزا ڏيڻ مھل، ھنن جو مطلب مون سان ڪا چڱائي ڪرڻ نھ، پر ايذائڻ ئي ھيو، پوءِ رڳو ان ڳالھھ جي ئي مان کين ميار ڏيان ٿو.

مان کين رڳو ھڪڙو عرض ڪندس، معززو! جڏھن منھنجا پٽڙا وڏا ٿين تھ کين بھ سزا ڏجو. کين بھ اھڙا ڏک ڏئي، پنھنجو بدلو چڪائجو، جھڙا ڏک مان اوھان کي ڏنا آھن، جڏھن اوھان ائين محدود ڪيو تھ ھو سچائي ۽ سٺائي کان وڌيڪ پئسي ڏوڪڙ يا ٻي ڪنھن شيءِ جو خيال رکن ٿا. يا ھو پاڻ کي ڪجھھ سمجھڻ لڳن. جڏھن تھ حقيقت ۾ ڪجھھ بھ نھ ھجن. کين بھ ڇنڀجو جيئن مان اوھان کي ڇنڀيندو آھيان. جڏھن ھو ان جي پرواھھ نھ ڪن، جنھن جي ڪرڻ گھرجين ۽ پاڻ کي لائق سمجھڻ لڳن. جڏھن تھ حقيقت ۾ ذري جي بھ لائق نھ ھجن. جي ائين ڪيو تھ پوءِ اوھان ڄڻ مون سان ۽ منھنجي پٽڙن سان انصاف ڪري چڪؤ.

۽ ھاڻي جدائي جو وقت اچي ڀيڙو ٿيو آھي، اسان پنھنجي پنھنجي راھن تي روانا ٿيون ٿا- مان موت جي راھھ تي ۽ اوھان زندگيءَ جي راھھ تي، اسان مان ڪير بھتر راھھ جو پانڌيئڙو آھي. سا سڌ ڪنھن کي ڪانھي، سواءِ خدا جي.


حوالا ۽ سمجھاڻيون

(سمپوزيم – پيار)

1.        جيڪس تھ ھتي ”فليري“ لفظ کي ٽوڪ طور ”گنجي“ جي معنيٰ ۾ استعمال ڪيو ويو آھي.

2.       يونان ۾ رات جي مانيءَ تي آيل مھمان، صوفي تي کابي ٻانھن / ٺوٺ تي ٽيڪجي ويھندا ھئا، انھن موقعن تي صوفي تي عام طور ٻھ ڄڻا ماپي سگھندا ھئا. رڳو عورتون ئي ماني کائڻ لاءِ ڪرسي تي ويھنديون ھيون ۽ وڏ گھراڻي جون عورتون وري دعوت ۾ موجود نھ ھونديون ھيون. کاڌو ننڍڙين، ڦيٿن وارين، ميزن تي رکي کارايو ويندو ھو. ويھڻ جي لحاظ کان مان مرتبي واري جڳھھ، ان صوفي جي کاٻي پاسي ڏانھن ھوندي ھئي، جيڪو کاٻي پاسي يا ڪنڊ ۾ پيل ھوندو ھو ۽ ساڄي پاسي واري صوفي تي ميزبان، ويھندو ھو. اتي ان وقت تائين اگيٿون، اڪيلو ئي ويٺو ھو، جيستائين سندس ساڄي پاسي سقراط اچي ويٺو. جڏھن آخري گھڙين ۾ السيبيادس اچي نڪري ٿو تھ ھو ٻنھي جي وچ ۾ ويھي رھي ٿو، جنھن ترتيب ۾ ھي ٽئي ڄڻا ويٺا آھن، (اگيٿون – السيبيادس – سقراط) سا ترتيب ھن ڊائلاگ جي آخري منظر کي سمجھڻ لاءِ اھم آھي.

3.       مڌ پيئڻ واري مجلس، جيڪا مانيءَ جي دعوت کان پوءِ ٿيندي ھئي، سا مختلف ھوندي ھئي ۽ مقرر اصولن ۽ آدابن تحت ٿيندي ھئي. عام طور تي ان ۾ ڳائڻ وڄائڻ ۽ ناچ شامل ھوندو ھو. روايتي طور تي، شروعات ڪرڻ مھل ھڪڙو ڄڻو مجلس جو مھندار يا ساقي ٿيندو ھو، جيڪو باقاعده پيئڻ تي ضابطو رکندو ھو ۽ پيگ ۾ ڪيترو مڌ ڀرجي يا مڌ ۾ ڪيترو پاڻي ملائجي. ان بابت ھدايت ۽ مشورو ڏيندو ھو.

4.       افلاوطن جي ھڪ ٻئي ڊائلاگ ”پروٽا گورس“ ۾ بھ اھڙي قسم جو ذڪر اچي ٿو، جنھن ۾ اھو آھي تھ غير سنجيده ۽ گھٽ عقل ۽ فھم وارا ماڻھو شراب پيئڻ مھل ناچڻين يا بانسري يا ستار وڄائيندڙ ڇوڪرين کي تمام وڏن پئسن تي گھرائن ٿا ۽ پاڻ وندرائن ٿا. جڏھن تھ معزز ۽ سنجيده عقل ۽ فھم وارا ماڻھو، مڌ پيئڻ مھل پاڻ کي پنھنجي ئي سرن يعني بحث مباحثي ۽ گفتگو ذريعي، واري واري سان ڳالھائي لطف اندوز ٿين ٿا. شان وارن جي اھائي شانائتي ڳالھھ چئبي.

5.        ھيڊس: ”ٻي دنا“ يا ”ھيٺين دنيا“، اوائلي يوناني مذھبي عقيدن موجب ان ھنڌ کي چيو ويندو ھو، جتي مرڻ کان پوءِ ماڻھو ايندا آھن. جيئن اسلام ۾ آخرت جو تصور آھي.

6.       ايفروڊائيٽ: حسن، خوبصورتي ۽ عشق ۽ پيار جي ديوي، رومي کيس ”وينس“ جي نالي سان سڏيندا آھن. سندس ڄمڻ جا ٻھ قصا آھن. پھريون تھ ھوءَ زيوس ديوتا ۽ ڊايوٽي جي ڌيءُ آھي. ٻي قصي مطابق جڏھن يورينس ديوتا جي پٽ ڪروٽاس پنھنجي پيءُ جا جنسي عضوا وڍي، سمنڊ ۾ اڇلايا تھ ان رت منجھان، جيڪا سمنڊ ۾ ڪري، لھرن جي گھرئي منجھان ايفروڊائيٽ پيدا ٿي، اھڙي حسين ۽ ايڏي سفيد جھڙي اڇي، گج ، ائين ان جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ ئي پيار بھ پيدا ٿيو ۽ انسانن ۽ ديوتائن تي پيار جي حڪمراني شروع ٿي.

7.       اسپارٽا، بوئيوٽا: اسپارٽا جي شھري رياست ھم جنسي لاڳاپن ڪري مشھور ھئي جن جو سبب اتان جي حڪومت جي سخت نظم و ضبط جھڙن فوجي قانونن ۽ سھرين جي بئرڪن جھڙي زندگ گذارڻ ڪري ھئو. بوئيوٽا وري پنھنجي رھاڪن جي گھٽ عقل ۽ فھم جي حوالي کان مشھور ھو.

8.       انگريزي جي مختلف ترجمن ۾ ڪئي ”پارسي“ ڪٿي ”جھنگلي“ ۽ ڪٿي ”غير يوناني“ لفظ آيل آھي.

9.       ھپياس ۽ ھپارڪس: اٿينس جا ٻھ امر حڪمران ڀائر ھئا، جن اٿينس تي 514 ق- ۾ حڪمراني ڪئي. ھپارڪس پھريائين ھرموديس سان ياري رکڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ناڪام ٿيڻ تي، ھن جي ڀيڻ جي بي حرمتي ڪئي. ان ڳالھھ تي ھرموديس ۽ ھن جي عاشق ارسٽوگينن، گڏجي ٻنھي آمر ڀائرن کي قتل ڪرڻ جو منصوبو ٺاھيو، پر ھنن سان ڊوھھ ٿي ويو ۽ منصوبو پڪڙجي پيو. ھرموديس موقعي تي مارجي ويو ۽ ارسٽوگيٽن پڪڙجي پيو، جيڪو بعد ۾ تشدد سبب مري ويو. بھرحال ڪجھھ ئي وقت کان پوءِ ٻنھي ڀائرن جي آمرانھ حڪومت بھ ختم ٿي وئي. جيتوڻيڪ ان سڄي معاملي جو بنياد ذاتي ھيو، پر ھرموديس ۽ ارسٽوگيٽن عوام جي دلين ۾ آمر حڪمرانن جا ھٽائيندڙ ۽ آزادي جا عملبردار ليکيا ويندا ھئا. ھنن ڄڻ شھيدن جو رتبو حصل ڪري ورتو ھو. ھتي ھن حوالي جو مقصد اھو ڏيکارڻ آھي تھ پيار جو ٻنڌڻ ۽ رشتو ڪيترو نھ مضبوط ٿئي ٿو. جو صرف ٻھ ڄڻا بھ جن جو ھڪٻئي سان پيار آھي، آمر ۽ جابر حڪمرانن خلاف اٿي کڙا ٿين ٿا.

10.   اوٽس ۽ ايفيالٽس: ٻھ ديو يا راڪاس ھئا، جن آسمان تي چڙھڻ لاءِ ”پيلين“ جبل کي ”اوسا“ جيل جي مٿان کڻي رکيو ھو، جيڪو وري اصل ۾ ”اولمپس“ جبل جي مٿان رکيو ھئائون. پر اپالو ديوتا کين ماري ڇڏيو.

11.    ھيفائيٽس: باھھ ۽ ڌاتو گري جو ديوتا.

12.   سريمن ڪلياڻ ۾ شاھھ لطيف جي ھڪ شعر جي ھي سٽ بھ ڪجھھ اھو مفھوم رکي ٿي.

”اٽي سي ايڪ ٿيا، جي گتا نينھن ڳري“.

- معنيٰ: جي حبت جي چنب: م اڙيا، سي رجي ھڪ ٿي ويا.

13.   آئپٽس ۽ ڪروناس: يوناني ڏند ڪٿائن وجب اھي يورينس (آسمان) ۽ گائيا (ڌرتي) جا ٻھ پٽ ھئا. اھي ديوتائن جي پھرين پيڙھي ۾ شمار ڪيا وڃن ٿا. ھو تمام آڳاٽا ديوتا ھئا، زيوس کان بھ اڳ جا.

14.   ھيسئائڊ: اھڙن ڪيترن ئي واقعن جو ذڪر ڪيو آھي: مثلا ڪروناس ديوتا جو پنھنجي پيءُ يورينس جا عضوا وڍڻ، سائڪلوپس ۽ ھڪ سؤ ٻانھن وارن راڪاسن جو قيد ٿيڻ، ڪروناس ديوتا جو پنھنجي پٺن کي ڳھڻ، زيوس ديوتا ۽ يورينس جي پٽن وچ ۾ جنگ وغيره - اھي سڀ يوناني ڏند ڪٿائون آھن.

15.    آيٽي: گمراھي، خرابي، لچائي جي ديوي، جنھن کي آسمان مان ديوتائن تڙي ڪڍيو. ھوءَ پوءِ اچي ڌرتي تي انسانن جي وچ ۾ رھي پئي ۽ انھن کي گمراھي ۽ بدڪاري ڏانھن ڌڪيندي ۽ اڪسائيندي رھي ٿي. (جيئن اسلام ۾ شيطان جو تصور آھي.).

16.   شاعر جنھن يوناني لفظ جو ترجمو آھي، تنھن جي معنيٰ تخليق ڪار بھ آھي، ۽ ھتي ان کي اھڙي معنيٰ ۾ استعمال ڪيو ويو آھي.

17.   گورگياس جي گورگين مٿي: گورگياس ھڪ مڃيل سافسٽ ۽ مقرر ھيو. تقرير جي آخر ۾ ننڍن ننڍن، ھم وزن ھڪ جيترن جملن جو جڙاءُ، گورگياس جي تقرير جي خاصيت ھوندي ھئي. ”گورگين مٿي“ مان سقراط جو مطلب ۽ اشارو ھي آھي: گورگنس تي ڏائڻيون ھونديون ھيون. ٽئي ڀينر ھيون. انھن جو مٿو تمام وڏو ۽ ڀوائتو ھوندو ھيو ۽ ھنن جي مٿي تي وارن بدران نانگ ھوندا ھئا. ڏند ايترا وڏا ھئن، جيڏي سوئر جي سونڍ ۽ اکيون تمام وڏيون، جيڪو ھنن ڏي ڏسندو ھو، سو ڏسڻ شرط پنڊ پھڻ ٿي ويندو ھو. سقراط گورگياس جي مشابھت مان اھو چوڻ چاھي ٿو تھ گورگياس جھڙي سٺي تقرير کان پوءِ، ھاڻي ھن جي ڳالھائڻ لاءِ ڪو مواد ئي ڪو نھ بچيو آھي ۽ گورگين مٿي واري مشابھت مان سندس مراد اھا آھي تھ ھو ڪجھھ ڳالھائي سگھڻ جھڙو رھيو ئي نھ آھي، جو اھڙي تقرير ٻڌڻ کان پوءِ ڄڻ تھ پنڊپاھڻ ٿي ويو آھي.

18.   اگيٿون پنھنجي تقرير ۾ چئي چڪو تھ پيار خوبصورتي سان ھوندو آ.

19.   ھتي مختلف ۽ گھڻا نالا ان ڪري ڏنا ويا آھن جو انگريزي جي مختلف ترجمن ۾ انھن ئي معنائن وارا مختلف نالا ڏنل آھن.

20.  لائيڪر گس قانوندان: يونان جي ھڪ نيم تاريخي نيم افسانوي شخصيت، پيدائش اٽڪل 900 – 800 ق-م اسپارٽا رياست جي قانون ۽ فوج جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي ۽ ھڪ مضبوط رياست جو بنياد وڌو. ھن زمين جي نئين سر منصفانھ ورھاست ڪئي ۽ گڏيل لنگر خانن جو بنياد وڌو. سجي يونان کي بچائڻ واري ھت ڏنل حوالي جو اشارو، اسپارٽا جي ھڪ مضبوط فوجي قوت جي حيثيت ۾ پارسي جنگين دوران اھم ڪردار ڏانھن آھي.

21.   سولون: ڇھين صدي ق – م جي پھرين ڏھاڪي ۾ سولون کي اٿينس جي آئين ۾ سڌاري ۽ واڌاري جو ڪم سونپيو ويو. اھڙي طرح ھن جي ڪوشش ۽ قدمن سان اٿينسي جمھوريت جا بنياد پيا.

22.  سائلينس: سقراط جي اڪثر ساڻس مھانڊن ۾ ڀيٽ ڪئي ويندي ھي، ھو سدائين ڊايونيس سان گڏ ھوندو ھو. ھن جي ظاھري شڪل ۽ عادتون سٺيون نھ ھونديون ھيون، ھڪ گنجو، عياش، وڏي پيٽ ۽ بنھھ ويڪري نڪ وارو، جيڪو عام طور گڏھھ تي سواري ڪندو ھو. پر انھن سڀني ڳالھين ھوندي، ھن کي ھڪ وڏو سالڪ، ڏاھو، رشي، اوليا ۽ نبي ڪري ليکيو ويندو ھو. ھو پنھنجي گڻن، قابليت ۽ مھارتن جو اظھار بلڪل نھ ڪندو ھو، جڏھن وڃي کيس صفا مجبور نھ ڪيو وڃي. سائلينس سان مشابھت جو مطلب ھڪ بي ڊولي ڏيک اندر ڏاھپ جي لڪل ھئڻ جو آھي.

23.  مارسياس: مارسياس بھ ڊايونيس سان لاڳاپيل سيٽائرس (ون ديوتائن) منجھان ھڪ آھي، جن جو قد بندرو ۽ وار ۽ ڪن جانورن جھڙا ۽ ھو بيحد قوت وارا ھوندا ھئا. جيئن اولمپس ۽ سائلينس ڏانھن، تيئن مارسياس ڏانھن بھ بانسري / مرلي جي ايجاد ارپي ويندي آھي. ھو بانسري ايتري تھ سٺي وڄائيندو ھو. جو ھڪ دفعي مقابلي ۾ اپالو ديوتا کان بھ کٽي ويو. پنھنجي سڪست تي ڪاوڙجي، اپالو ديوتا ھن جي جيئري ئي کل لاھي ڇڏي.

24.  السيبيادس: بھترين ۽ ذھين پر اڇاٿرو ۽ اٻھرو اٿينس جو سياستدان اڳواڻ ۽ فوجي ڪمانڊر، 450 ق – م ۾ ڄائو. ننڍي ھوندي سقراط جي سنگت ۾ رھيو، پر 30 سالن جي عمر کان اڳ ئي ان کي الوداع چئي چڪو. جنھن دانشمندي جي گھر ۽ ذھانت جي اميد سقراط کانئس رکي سا ھن پوري نھ ڪئي ۽ وڃي اھڙي اقتدار جي حصول ۽ حرص واري سياست ۾ اڙيو، جنھن کان سقراط کي نفرت ھئي 404 ق-م ۾ ھن اٿينس ڇڏي. ايشيا مائنر جي ھڪ پارسي گورنر وٽ وڃي پناھھ ورتي، جنھن اسپارٽا وارن جي چوڻ ۾ اچي ڪري کيس قتل ڪرائي ڇڏيو.

25.   سائرنس: سسلي (اٽلي) جي اولھھ طرف سمنڊ ۾ ھڪ ٻيٽ تي، انھن جو ماڳ ھوندو ھو. تعداد ۾ 2 يا ٽي، ھنن جو جسم ھڪ وڏي پکي جھڙو ۽ منڍيون عورتن جون ھونديون ھيون. ھو پنھنجي سريلن راڳن ۽ آلاپن سان سامونڊي مسافرن کي لالچائي، رلائي چٽ ڪري ڇڏينديون ھيون. يوليسس جڏھن اتان لنگھڻ وارو ٿيو تھ ھن ٻيڙي تي سوار ساٿين جي ڪنن ۾ ميڻ ڀري ڇڏي تھ جيئن انھن جي فريبي سرن کان بچي ۽ پاڻ کي جھاز جي کوھي سان سڪ ٻڌي ڇڏياين تھ جيئن انھن سريلن ۽ لڀائيندڙ سرن ۽ گيتن کي ٻڌي، اھڙو اشتياق بھ پورو ڪري ۽ گڏوگڏ انھن جو شڪار ٿيڻ کان بھ بچي. نجومين اڳڪٿي ڪئي ھئي تھ جيڪڏھن ڪنھنڪ انھن جو راڳ ٻڌو ۽ زندھ بچي ويو تھ پوءِ ھو مري وينديون. يوليسس جي ان واقعي کان پوءِ سائرنس پاڻ کي سمنڊ ۾ اڇلايو ۽ سامونڊي ٽڪرين ۾ مٽجي ويون.

26.  پھاڪو يا چوڻي اصل ۾ ھيئن آھي تھ ”شراب ۽ ٻار سچا آھن“. مطلب اھو تھ شراب پيئڻ کان پوءِ ماڻھو جيئن تھ ھوش ۾ نھ رھندو آھي، سو دل جون سڀ ڳالھيون اوڳاڇي ٻاھر ڪندو آھي ۽ ائين سڀ سچيون ڪري ويھندو آھي. ساڳي ريت ننڍڙو ۽ معصوم ٻار بھ سنئون سڌو سچ ڳالھائيندو آھي. ڪا لڪ يا ڪوڙي ڳالھھ نھ ڪندو آھي. الڪيبيادس کي جيئن تھ شراب پيتل آھي، سو ھو چوي ٿو تھ مان جيڪو ڳالھائيندس سو سچ ڳالھائيندس.

27.  سقراط ھتي کيس اھو سمجھائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو تھ ماڻھو ننڍي عمر ۾ جيئن تھ ناتجربيڪار ھوندو آھي. ان ڪري سندس اٻھرا تجزيا ۽ رايا غلط نڪرندا آھن. پر جڏھن ماڻھو گھمي ڦري، ڏسي وائسي ۽ زماني جي لاھين چاڙھين مان گذري، عمر ۾ وڏو ٿئي ٿو ۽ بالغ بڻجي ٿو تھ کيس عقل بھ اچي ٿو ۽ پوءِ ھو اٻھرو نھ پر سنجيده ٿئي ٿو ۽ بالغ بڻجي ٿو تھ کيس عقل بھ اچي ٿو ۽ پوءِ ھو اٻھرو نھ پر سنجيده ٿئي ٿو ۽ ھاڻي پنھنجا رويا ۽ رايا، بس دل جي چوڻ ۽ خواھشن تي نھ، پر عقل ۽ دليلن جي بنياد تي قائم ڪري ٿو.

28.  324 ق-م جڏھن سقراط جي عمر 37 سال ۽ الڪيبيادس جي عمر اٽڪل 19 سال ھئي.

29.  ھي اشارو ارسٽوفينز جي ناٽڪ ”بادل“ ڏانھن آھي، جنھن ۾ سقراط جي ٽور ۽ چال اھڙي ڏيکاري وئي آھي.

30.  بريسيڊياس: اسپارٽا جو تمام لائق، قابل ۽ ڪامياب جنرل، جنھن جنگ ۾ پنھنجي رياست کي 431 ق-م کان 422 ق-م تائين، اٿينس جي فوجن کان محفوظ رکيو، جنھن سال ۾ ھو ايمفيويولس وٽ مري ويو.

31.   پيريڪلس: 460 ق-م تائين اٿينس جو عظيم اڳواڻ رھيو.

32.  نيسٽر ۽ اينيٽر: ترتيب وار يوناني ۽ ٽراءِ جا بزرگ سياستدان، جيڪي ھومر پنھنجي ”الياڊ“ ۾ ڄاڻايا آھن.

33.  لائڪيم: ھڪڙو جمنازيم (ڪثرت شالا / آکاڙو) جتي سقراط جو اڪثر اچڻ وڃڻ ٿيندو ھو. بعد ۾ ارسطو اتي پڙھائيندو ھيو ۽ پنھنجو مڪتب قائم ڪيو ھئائين.

 

حوالا ۽ سمجھاڻيون

(اپالاجي – ڏاھيون ڏک ڏسن)

1.        شھر جي بازار ۾ ھنڊي وارن يعني ڏوڪڙ مٽيندڙن، ٻين لفظن ۾ بئنڪ وارن جا ڪائونٽر (دخل) کليل ھوندا ھئا. سقراط جو اتي ڪو ڏيتي ليتي يا ڌنڌي ڌاڙي جو معاملو ڪو نھ ھيو. اصل ۾ اھا جڳھھ گفتگو، بحث مباحثي ۽ ملڻ جلڻ لاءِ موزون ۽ مناسب ھوندي ۽ ليکي ويندي ھئي.

2.       اينيٽس ۽ سندس ساٿاري: يعني ميليٽس ۽ لائڪون، اينيٽس ھڪ بااثر ڊيموڪريٽڪ اڳواڻ ھو. ھو انھن ٻن اڳواڻن منجھان ھو، جيڪي 403 ق-م ۾ ٽيھن جابرن جي حڪومت ختم ٿيڻ کان پوءِ، ٻيھر بحال ڪيا ويا. کيس سافسٽن کان نفرت ھئي ۽ ھو، سقراط کي سافسٽ سمجھندو ھو. ميليٽس ھڪ شوخ ۽ تند نوجوان شاعر ھو. ھن سقراط تي داخل مقدمي جي اڳواڻي پئي ڪئي، لائڪون ھڪ فصيح ۽ بليغ مقرر ھيو.

3.       ھي اشارو مزاحيھ ناٽڪ نويس ۽ شاعر ارسٽوفينز ڏانھن آھي، جنھن جي 423 ق-م ۾ پيش ڪيل مزاحيھ ناٽڪ بادل ۾ سقراط جي ھجو ڪئي وئي آھي. ھن تي ٺٺولي ڪندي، کس ھڪ بيڪار قسم جو سافسٽ، ٻٽاڪي نيم – سدائنسدان، مقرر ۽ ھڪ لامذھب ڏيکاريو ويو آھي.

4.       ناٽڪ ۾ سقراط کي ھڪ پوڙھو ۽ ھوا ۾ ٽنگيل ھڪ وڏي کاري ۾ ويٺل ڏيکاريو ويو آھي. ھو ان م ويھي ڪري سج کي چتائي ڏسي، ان بابت سوچي رھيو آھي. مٿي ھوا ۾ سندس دماغ ڄڻ وڌيڪ بھتر م ڪري ٿو ۽ بيون کوڙ اھڙيون گھڻيون عجيب و غريب چٿرون بھ ناٽڪ ۾ امل ڪيل آھن. سقراط بھرحال جاميٽري ۽ ستارن جي علم جو وڏو ڄاڻو ھو.

5.        فافسٽ: اوائلي يونان ۾ سافسٽ (سوفسطائي) اھڙن استادن ۽ عالمن کي چيو ويندو ھو، جيڪي پنھنجي مقرر في وٺندا ھئا. ھو خانگي طور پڙھائيندا ھئا. ھو فلسفو يا بلاغت خوش بياني، تقرير وغيره جا فن سيکاريندا ھئا.

6.       ھتي سقراط جو مطلب آھي تھ ھو ڪو مافوق البشر ھستي يعني نور وغيره نھ آھي پر ھو ھڪ سڌي سادي فھم ۽ عقل وارو عام انسان آھي ۽ ھن کي اھو ڪجھھ ئي سمجھيو ۽ سڏيو وڃي، جيڪو ھو واقعي آھي. سندس اھڙي سڃاڻپ کانئس کسي، کيس بدنام نھ ڪيو وڃي.

7.       اوائلي يونان ۾ ماڻھو ڪو بھ اھم ڪم، ديوتائن کان ھدايت وٺڻ کان اڳ نھ ڪندا ھئا. يونان ۾ تنھن وقت ھونئن تھ گھڻا دارلاستخاره ھوندا ھئا، جتي ڪنھن پروھت يا پڄارڻ ذريعي ديوتائن سان رابطو ڪري، سوالن جا جواب گھريا ويندا ھئا. ڊيلفي وٽ اپولو ديوتا جو دارلاستخاره ھو. ۽ ان تي بين سڀني کان وڌيڪ اعتماد ڪيو ويندو ۽ عزت جي نگاھھ سان ڏٺو ويندو ھيو. ان دارلاستخاري جو 8 ق-م کان 6 صدي ق – م تائين يونان جي سياسي، اقتصادي ۽ اخلاقي معاملن ۾ تمام وڏو اثر ۽ ڪردر رھيو. ”پالو“، سج ديوتا ھيو ۽ يونانين جي وڏي ديوتا ”زيوس“ جو پٽ ھيو ۽ ان جو ترجمان ليکيو ويندو ھو.

8.       ھڪ عجيب و غريب قسم جيڪو سقراط ڪڏھن ڪڏھن کڻي ٿو. اھو افلاطون جي ھڪ ٻئي ڊائلاگ ”گورگياس“ ۾ ڪجھھ ھيئن ڊگھو لکيل آھي، ”مصرين جي ديوتا، ڪتي جو قسم“، مصرين جو مختلف ديوتان ۾ يقين ھوندو ھو. ھو ڪيترن جانورن کي پوڄيندا ھئا. ڪتي يا لومڙ واري ديوتا کي اينوبس چيو ويندو ھو. پھرين عقيدن موجب ھو موت جو ديوتا ليکيو ويندو ھو، جيڪو فرعونن جا ساھھ ڪڍندو ھو.

9.       اناڪسا گورس: ڪلازوميني جو باشندو، 500 ق-م ۾ ڄائو، شاھوڪار گھراڻي سان تعلق ھيس، پر مال ملڪيت ڇڏي، سائنس ۽ فسلفي جي حصول لاءِ گھران نڪري پيو ۽ اچي اٿينس پھتو. سندس چوڻ ھو تھ مادي کي نھ تھ پيدا ڪري، نھ ئي تباھ ڪري سگھجي ٿو. ھي سموريون شيون يا تھ جڙڻ يا ڊھڻ جي عمل ڪري وجود ۾ آيون آھن. ھن تي اھي الزام لڳي مقدمو ھليو تھ ھو چئي ٿو تھ سج ھڪ ڳاڙھو تتل پٿر ۽ چنڊ مٽي جو ٺھيل اھي ۽ واقعي ھو ائين چوندو بھ ھو. ان وقت بھ سج ۽ چنڊ کي ديوتا مڃيو ويندو ھو. سو مٿانئس لاديني جي فتويٰ جاري ٿي ۽ موت جي سزا مليس (؟) پر پيريڪلس: جيڪو ھن جو دوست ھيو، تنھن پنھنجي اثر رسوخ ۽ اٽڪل سان کيس ڀجائي ڇڏيو. ھو ائين پنھنجي جان بچائي واپس پنھنجي شھر وٽي آيو. 72 سالن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو.

10.   اڪائيلس: ڏند ڪٿائن موجب يوناني سورمو جيڪو ٽراءِ خلاف جنگ ۾ وڙھيو ۽ اڳواڻي ڪئي. سندس پيءُ ماءُ کي خبر پئي تھ ھو ٽروجن جي جنگ ۾ مارجي ويندو. پر يوناني، اڪائليس کانسواءِ جنگ نھ پئي کٽي سگھيا. ٽراءِ طرفان اڳواڻي ھيڪٽر ڪري رھيو ھو. ان جڏھن ھن جي دوست پيٽروڪلس کي قتل ڪري وڌو تھ اڪائيلس ان جي بدلي وٺڻ لاءِ سنڀريو. سندس ماءُ کيس جھليو، پر ھو نھ مڙيو. ھن ھيڪتر کي قتل ڪيو. آخر کيس بھ کڙي ۾ تير لڳو، جيڪا ڏند ڪٿائن موجب سندس سڄي جسم ۾ ڪمزور حصو ھئي ۽ ھو مري پيو.

11.    ٽن جڳھن جا نال- جتي سقراط بھ اٿينس جي فوج سان گڏجي جنگ ۾ حصو ورتو. ڊيليم وٽ تھ ھن پنھنجي بھادري سبب ڏاڍو پاڻ موکيو.

12.   ڪل 10 قبيلا ھوندا ھئا، جن مان ھر قبيلو پاڻ مان 50 نمائندا، پکن ذريعي چونڊي، 500 ڄڻن تي مشتمل ڪائونسل / سينيٽ ۾ موڪليندو ھو. ھر ھڪ قبيلو واري تي 35 يا 36 ڏينھن لاءِ ڪائونسل / سينيٽ ۾ موڪليندو ھو. ھر ھڪ قبيلو واري تي 35 يا 36 ڏينھن لاءِ ڪائونسل / سينيٽ جي صدارت ڪندو ھو ۽ ان جي 50 ڄڻن جي ڪميٽي پاڻ مان 10 ڄڻن تي مشتمل ”صدارتي“ ڪميٽي چونڊيندي ھئي، جيڪا رياستي معاملن کي منھن ڏيندي ھئي – انھن ڏھن ۾ سقراط بھ ھڪ ھيو.

13.   ھي آجنيوزي جي بحري جنگ ڏانھن اشارو آھي جيڪا 406 ق-م ۾ لڳي ھئي. جرنيلن جي انھيءَ غفلت سبب عوامي ردعمل تمام وڏو ٿيو.

14.   سڀني ڏھن جرنيلن تي گڏ، ھڪ ئي ٽولو ٺاھي مقدمو ھلايو ويو. جڏھن تھ سقراط جو چوڻ ھو تھ ھر ھڪ کي پنھنجي حصي جي ڪيل لاپرواھي مطابق الڳ مقدمو ھلائي اوتري سزا ڏني وڃي. بحڙھال اڪثريت جو فيصلو منظور ٿيو ۽ انھن مان ڇھھ جرنيل، جيڪي اٿينس ۾ موجود ھئا، تن کي قتل ڪيو ويو.

15.    ھيءَ انھن جابر امراءَ جي حڪومت ھئي، جن کي ”ٽيھن جي ٽولي“ سڏيو ويندو ھو ۽ جيڪا اٿينس جي آخري شڪست کان پوءِ 404 ق-م ۾ قائم ٿي.

16.   اٿينس ۾ جمھوريت جي پڄاڻيءَ تائين ان نو (9) مھينا حڪومت ڪئي.

17.   اھا سرڪاري عمارت جتي ڪائونسل جي 50 ڄڻن واري ڪاروباري ڪميٽي ويھندي ھئي ۽ جتان کان ”ٽيھھ جابر“ اقتدار تي قبضي کان پوءِ حڪومت ھلائيندا ھئا.

18.   اوائلي يوناني شاعر، جنھن ٽروجن جنگ جي باري ۾ ڊگھا زرميھ شعر لکيا، جيڪي الياڊ ۽ اوڊيسي جي نالن سان مشھور آھن.

19.   ڪل جج 501 ھئا، جن مان 280 ڄڻن سندس مخالفت ۽ 221 ڄڻن ھن جي حمايت ۾ ووٽ ڏنو. سقراط جو مطب ھتي ھي آھيي سقراط تي الزام ھڻندڙ ھئا ٽي ڄڻا، يعني ميليٽس، اينيٽس ۽ لائڪون، سقراط تي اصل مقدمو داخل ھئا ٽي ڄڻا. يعني ميليٽس، اينيٽس ۽ لائڪون. سقراط تي اصل مقدمو داخل ڪرڻ وارو ميليٽس ئي ھو. ۽ ٻين ٻن ڄڻن کي ھو مقدمي کي طاقتور بانئڻ ۽ اھميت ڏيرڻ لاءِ ساٿاري ڪري وٺي آيو ھو. ڇو تھ لائڪون ھڪ وڏو مقرر ھيو ۽ اينيٽس ھڪ بااثر ۽ ايماندار ڊيموڪريٽڪ سياستدان سمجھيو ويندو ھيو ۽ اينيٽس ھڪ بااثر ايماندار ڊيموڪريٽڪ سياستدان سمجھيو ويندو ھو. سو ھي مخلفت وارا 280 ووٽ ڄڻ ٽنھي جي حق ۾ وڃي پيا. معنيٰ تھ انھن مان ھڪ ھڪ کي الڳ الڳ 93 ووٽ وڃي پيا. سو ميليٽس پاڻ اڪيلو مدعي ھجي ھا تھ کيس 93 ووٽ ملن ھا. جڏھن تھ ڪل ووٽ ھئا 501، انھي حساب سان ميليٽس کي ڪل ووٽن جو پنجون حصو بھ نھ پئي مليو. ۽ ان صورت ۾ اٿينس ۾ رائج قانون مطابق، فريادي کي پنھنجي حق ۾ پنجين حصي کان گھٽ ووٽ کڻڻ تي ڏنڊ ڀرڻو پوندو ھو. ان سبب ڪري سقراط ائين بھ چئي ٿو تھ، ھو ميليٽس جي الزامن کان باعزت آزاد ٿي ويو آھي.

20.  پرائيٽينم: يوناني شھري – رياستن جو تائون ھال ھوندو ھو. عام طور تي اتي ماجسٽريٽ رھندو ھو، پر اھو ھڪقسم جو سرڪاري ھوٽل ھوندو ھو، جتي مختلف ملڪن جي سفيرن، ولائتن کان آيل ناميارن ماڻھن، اولمپڪ راندين ۾ کٽي ايندڙ رانديگرن يا اھي شھري، جن شھر لاءِ تمام وڏي بھتري، ڀلائي واري ڪا خدمت سرانجام ڏني ھجي، تن کي اتي مھماني ڏني ويندي ھئي. اتي ٽڪن ۽ کائڻ پيئڻ جو سڄو خرچ حڪومتي تي ھوندو ھو.

21.   بي دنيا (Hades) يا ھيٺين دنيا (Underworld) اوائلي يوناني مذھبي عقيدن موجب، ان ھنڌ کي چيو ويندو ھو، جتي مرڻ کان پوءِ ماڻھو ويندا آھن، جيئن اسلام ۾ آخرت جو تصور آھي.

انگريزي جي ھيٺين ڪتابن کي آڏو رکي ترجمو ڪيو ويو:


¨  ښڤڎإڞ ضۆ صڷێڷضۑ ڵإ٭ إێڏۑ ښڐإ جضۆۑڐ ڥڎڼ، ضضڷ ڦۑ ۆۑجڎ ڥإۆڏإیۑ ۆضێۑ حۑ. ښڷڈښ ڶكإڵڢج ۾ ۆۆخ ۆډإ ۆعڷ حإ. ێۑڷیڎ ٣٦٠ طڼإ ښڤڎإڞ ڵإ٭ ڶۆج ضۑ ښڐإ ضۆ ڢۑڜڵۆ ڊۑڷ حإ ۽ ١٤١ طڼإ ڊڷڋ ضۑ ښڐإ ضۆ ڢۑڜڵۆ تّډإیۑڷ حإ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com