”ھڪ کان ٻھ چڱا“. ھن ھومر واري انداز ۾ وراڻيو ”ٻھ
ڄڻا ھونداسين تھ واٽ ويندي ڪو نھ ڪو بھانو گھڙي
وٺنداسين.“
ان گفتار کان پوءِ اسان ھلڻ لڳاسين پر سقراط
پنھنجن ئي سوچن ۾ گم ڪجھھ پٺتي رھجي ويو، ۽ جڏھن
مان سنس انتظار جي خيال کان بيھي رھيس تھ ھن مون
کي اشارو ڏنو تھ ھلندو ھل. مان جڏھن اگيٿون جي گھر
وٽ پھتس تھ ڏٺم تھ دروازا کليا پيا ھئا. مون سان
ھڪ چرچي جھڙي ڳالھھ ٿي جو اوچتو ھڪ نوڪر ٻاھر آيو،
مون سان مليو ۽ مون کي ھڪدم مھمان خاني ڏانھن بھ
وٺي ويو. جتي سمورا مھمان ٺھيا ٺڪيا ويٺا ھئا. جو
دعوت بس شروع ٿيڻ واري ھئي.“
”ارسٽوفينز! ڀلي ائين، جي آئين“، اگيٿون ڏسڻ شرط
ئي مون کي کيڪاريو ”تون مھل تي پڳو آھين تھ اسان
سان گڏ رات جي ماني کائي سگھين. پر جي ڪنھن ٻئي ڪم
سانگي آيو آھين تھ مھرباني ڪري ان کي ھاڻي پاسيرو
رک ۽ اسان سان رلي ملي وڃ. ڇو تھ ڪالھھ مون تولاءِ
ڏاڍو واجھايو. پر تون نھ ملين جو توکي کڻي ٻڌايان
– پر تون سقراط کي پاڻ سان گڏ ڇو نھ آندو آ؟“
مون ڪنڌ ورائي ھيڏانھن ھوڏانھن ڏٺو، پر سقراط ڏسڻ
۾ ڪو نھ آيو ۽ مون کي اھا وضاحت ڪرڻي پئي تھ ھو ڪي
گھڙيون اڳ مون سان گڏ ھيو ۽ اھو تھ مان سندس ئي
ڪوٺ تي ھتي رات جي ماني تي آيو آھيان.
”چڱو ٿيو جو آئين“ اگيٿون وراڻيو ”پر ھو پاڻ ڪاٿي
آ؟“
”جڏھن مان ھتي گھر ۾ داخل پئي ٿيس تھ ھو منھنجي
پٺيان ئي پئي آيو. “ مون چيو، ”پر مون کي پاڻ کي
سمجھھ ۾ نٿو اچي تھ ھو ويو ڪاڏي؟“
.اڙي ڇوڪر وڃ“، اگيٿون ھڪ نوڪر کي حڪم ڪري چيو ۽
مون ڏانھن منھن ڦيري چيائين ”ارسٽوفينز! تون
تيستائين اريڪسيميڪس جي ڀرسان ويھھ“ ان کان اڳ جو
مان ويھان، ھڪ نوڪر منھنجي ھٿن ڌوئڻ لاءِ پاڻي کڻي
آيو. ڪجھھ گھڙين ۾ ھو پھريون نوڪر پڻ موٽي آيو ۽
اچي ٻڌايائين تھ اسان وارو يار سقراط پاڙي جي ھڪ
گھر جي ڏيڍي وٽ سوچ ۾ گم، چپ چاپ بيٺو آھي. ”ھن کي
ڄڻ ڪنھن پنڊ پاھڻ ڪري ڇڏيو آ،“ نوڪر ٻڌايو. ”سڏ بھ
ڪيامانس پر چري ئي نھ ٿو.“
”ڪيڏي عجيب ڳالھھ چئبي!“ اگيٿون چيو، ”چڱو تو وري
وڃي کيس سڏ ڪر ۽ ائين سڏيندو رھيس. مان جواب ۾
”نھ“ جو لفظ ٻڌڻ نھ ٿو چاھيان.“
”کيس اڪيلو ڇڏي ڏيو.“ مون چيو، ”ھن کي بس ائين
ھندي ھلندي ڪئي بھ بيھي رھڻ“ ۽ ”سوچن جي سمنڊ ۾
غرق ٿي وڃڻ“ جي عادت آھي. مون کي پڪ آ تھ ھو سگھو
ئي ايندو، سو کيس تنگ نھ ڪيو، ڇڏي ڏيوس.“
”چڱو جي تون ائين ئي بھتر ٿو سمجھين تھ پوءِ ٺيڪ
آ“ اگيٿون وراڻيو، ۽ پوءِ نوڪرن ڏي منھن ڪري
چيائين، ”اسان کي ھن جو انتظار ڪرڻ کان سواءِ ماني
کائڻ گھرجي، جيڪو اوھان کي وڻي سو اسان کي کارايو
پيئاريو. سدائين مان اوھان کي حڪم جاري ڪندو رھيو
آھيان پر اڄ ڪير بھ اوھان کي حڪم ڪرڻ ۽ چوڻ آکڻ
وارو ڪونھي. اڄوڪي موقعي تي ائين کڻي سمجھو تھ
توھان اسان جا ميزبان آھيو ۽ مان پاڻ بھ ۽ ھيءَ
سڄي سنگت اوھان جا مھمان آھيون، جي اسان جي سٺي
خدمت چاڪري ڪيو تھ توھان جي ساراھھ ڪندي نھ
ٿڪنداسين.“
ان کان پوءِ ماني شروع ٿي، پر سقراط ٺھي نھ جڙي.
مانيءَ دوران اگيٿون ڪيترائي ڀيرا سقراط ڏي ماڻھو
موڪلڻ جي خواھش ڏيکاري، پر مان کيس روڪيندو رھيس.
آخرڪار جڏھن دعوت اڌ کان مٿي گذري چڪي ھئي تھ
سقراط اچي پھتو. ڇو تھ عام طور تي اھا بيخوديءَ جي
حالت ايڏو گھڻو وقت نھ ھلندي ھيس. اگيٿون جيڪو
صوفي تي ھڪ ڇيڙي ڏانھن اڪيلو ئي ويٺو ھو (2) تنھن
رڙ ڪري چيو تھ، ”سقراط ھيڏانھن اچ! منھنجي ڀرسان
اچي ويھھ تھ جيئن مان توکي ڇھي سگھان ۽ ائين ان
ڏاھپ مان فيض وٺان، جيڪا تنھنجي دل ۾ آئي ۽ ھينئر
تون وٽ سوگھي آھي. ڇو تھ مون کي پڪ آ تھ تون
اوستائين ھيڏانھن نھ آيو ھوندين، جيستائين اھا
ڳالھھ نھ لڌي ھوندئي، جنھن جي ڳولا ۾ ھئين“.
سقراط، اگيٿون جي خواھش مطابق سندس ڀرسان ويھندي
چيو: ”اگيٿون، اھا ڪيڏي نھ نعمت چئبي جو ڏاھپ ڇھڻ
سان اوتجي سگھجي، ڀريل انسان منجھان ان انسان ۾
جيڪو خالي ھجي. ائين جيئن ڀريل ڪوپ مان پاڻي پشم
جي ڌاڳي وسيلي گذري، خالي ڪوپ کي ڀري ڇڏيندو آھي
جي واقعي ڏاھپ بھ ائين ھجي تھ پوءِ مان تنھنجي ڀر
۾ ويھڻ کي املھھ پائيندس! ڇو تھ تون پنھنجي
خوبصورت، جھجھي ۽ جالاري ڏاھپ جي وھڪري سان مون کي
صفا سيراب ڪري ڇڏيندين. منھنجي ڏاھپ تھ خسيس ۽
اعتراض جوڳي قسم جي آھي ۽ ان جي حقيقت تھ بس ھڪ
خواب کان وڌيڪ نھ آھي. پر تنھنجي ڏاھپ اؤجل ۽
ڪاميابين جي اميدن سان پر آھي. ڏس نھ، اھا تو
منجھان ڪيئن تھ تجلا ڏئي نڪتي ۽ ٽيون ڏينھن، ٽيھن
ھزارن کان وڌيڪ يونانين کي پنھنجو جلوو پسايو،
جڏھن تھ تون اڃا نوجوانڙو آھين!“
”بس سقراط، بس – ھاڻي گھڻيون ٽوڪون ڪيئي.“ اگيٿون
چيو، ”ڪي گھڙيون ترس تو ۽ مون ۾ اھو طئھ ٿي ويندو
تھ اسان ٻنھي منجھان ڪير ڏاھپ جو ڀنڊار آھي – شراب
جو ديوتا ڊيوليسس اسان جو جج ھوندو. پر ھينئر بھتر
ائين ٿيندو تھ مانيءَ جا ٻھ گرھھ ھڻي وٺجن.“
سقراط صوفي تي پنھنجي جڳھھ ورتي. سڀني سان گڏجي
ماني کاڌائين، تنھن کانپوءِ ديوتائن کي شڙاب جي
ڀيٽا ڏني وئي سندن شان ۾ ڀڄن ڳايو ويو، ۽ جڏھن
ٻيون رواجي رسمون پوريون ٿي چڪيون ۽ شراب پيئڻ
وارا ئي ھئاسين (3) تھ پاسنياس چيو، ”منھنجا
دوستو! ترسو – پھريون اھو طئھ ڪريون تھ اڄ اسان
پيئڻ جو ڪھڙو گھٽ ۾ گھٽ سخت قائدو مقرر ڪريون. ڇو
تھ مان اوھان کي يقين سان ٿو چوان تھ مون تي اڃا
تائين ڪالھوڪي پيتل مڌ جا خمار آھن ۽ وري پاڻ
سنڀالڻ لاءِ اڃا ڪي وقت گھرجيم ۽ مون کي لڳي ٿو تھ
اوھان مان بھ گھڻن جي ئي ساڳي بري حالت آھي، ڇو تھ
ڪالھوڪي دعوت ۽ اوھان بھ ھيؤ. سو ھاڻي صلاح ڪري
ھلڪي پيئڻ جي ڪا ترڪيب ڳولي ڪڍجي تھ چڱو.“
”مان بلڪل راضي آھيان“ ارسٽوفينز چيو، ”اسان کي
ڪنھن بھ نموني اڻ مئي مڌ پيئڻ کان پاسو ڪرڻ گھرجي،
ڇو تھ مان پاڻ بھ انھن منجھان ھڪڙو آھيان، جيڪي
ڪالھھ مئي منجھان پاڻ پسائي نڪتا ھئا.“
”منھنجي خيال ۾ تون ٺيڪ پيو چوين“ اڪيومنيس جي پٽ
اريڪسيميڪس چيو، ”پر اڃا ھڪڙو ھمراھھ آھي، مان
جنھن جي واتان اھا ڳالھھ ٻڌڻ چاھيندس، اگيٿون تون
پاڻ ۾ ڪيتري سگھھ ٿو سمجھين؟“
”نھ بابا- منھنجي ڀيڻي ناھي. مون ۾ اھڙو ست
ڪونھي.“ اگيٿون وراڻيو،
”تھ پوءِ“ اريڪسيميڪس چيو، ”ارسٽوڊيمز، فيڊرس ۽
ٻيا مون جھڙا نٻل سرير جيڪي مئي جي سٽ نٿا سھي
سگھن، تن جي ڄڻ جند ڇٽي ۽ ڀاڳ ڀلا چئبا جو اڄ وڏا
گڙنگ پياڪ مس مس دستبردار ٿيا آھن – مان سقراط کي
نٿو ڳڻيان، جيڪو اڻ ميو پي بھ ڄاڻي ۽ بلڪل پرھيز
ڪري بھ ڄاڻي، ۽ ھو دل ۾ نھ ڪندو جي اسان ڪھڙو بھ
فيصلو ڪيون. تھ پوءِ جڏھن سنگت منجھان ڪو بھ جھجھي
پيئڻ جي خيال ۾ نھ آھي تھ پوءِ مون کي معاف ڪيو
وڃي جي مان اوھان کي پيئڻ جي اٿرن بابت سچ ٻڌايان.
مان اوھان کي ھڪ طبيب جي ھيثيت ۾ پنھنجي تجربي
مطابق اھا حقيقت ٻڌائڻ چاھيندس تھ اڻ ميو پيئڻ
انسان لاءِ نقصانڪار آھي ۽ اھا عادت وس پڄندي مون
پاڻ ۾ بھ ڪڏھن نھ وڌي آھي ۽ پڪ ڄاڻو تھ نھ ئي ڪنھن
ٻئي کي اھڙو مشورو يا ھدايت ڏيندس. خاص ڪري انھن
کي جن تان ڪالھوڪي پيتل مڌ جا خمار اڃا لٿائي نھ
آھن.“
”مان تھ سدائين تنھنجي مشوري تي عمل ڪيو آھي. خاص
ڪري صحت ۽ بيماري بڙي جي معاملي جڏھن تون طبيب جي
حيثيت ۾ ڪو نسخو ڏيندو آھين.“ مائرينس جي فيڊرس وچ
۾ ڳالھائيندي چيو، ”۽ ٻي سنگت بھ جي سياڻي آھي ۽
کين عقل ۽ سرت آھي تھ پوءِ اھي بھ ائين ئي ڪندا.“
آخر سڀ ان تي راضي ٿيا تھ اڄوڪي محفل ۾ مدھوشي جي
حد تائين مڌ نھ پيتو وڃي پر جنھن کان جيترو اڪلي
سگھي ۽ وڻي، اوترو پيئي.
”پوءِ“ اريڪسيميڪس چيو، ”جيئن تھ توھان سڀ ان تي
متفق آھيو تھ ھرڪو پنھنجي راز مطابق پيئندو ۽ اھو
بھ تھ ڪھن تي ڪا زور زبردستي نھ ھوندي تھ پوءِ
ھينئر مان ھڪ ٻي تجويز ڏيندس تھ بانسري وڄائيندڙ
ڇوڪري، جيڪا اجھو اجھو آئي آھي تنھن کي چيو وڃي تھ
ھوءَ ھلي ُڃي ۽ ڀلي وڃي پنھنجي منھن سان وڄائي يا
جي ھوءَ چاھي تھ پوءِ اندر زناني ۾ وڃي وڄائي (4).
ان جي بدران اڄ پاڻ ۾ ڪچھري ٿا ڪريون ۽ جي توھان
ان ڳالھھ تي راضي ٿي اھڙي اجازت ڏيو ٿا ۽ ائين پڇو
ٿا تھ گفتگو ڪھڙي موضوع تي ٿيڻ گھرجي تھ مون وٽ ان
لاءِ بھ ھڪ تجويز آھي.“
سندس اھا تجويز قبول ڪري کيس اجازت ڏني وئي ۽ پوءِ
اريڪيسميڪس چيو، ”مان يورپيڊس جي ميلانپي وانگر
ڳالھائيندي شروعات ائين ڪندس تھ ”اھا منھنجي رٿ نھ
آھي، جيڪا مان ٻڌائڻ وارو آھيان. اھا ڳالھھ فيڊرس
جي آھي. ھو اڪثر فرياد واري انداز ۾ مون کي چوندو
آھي. اريڪيسميڪس اھا ڪيڏي نھ عجيب ۽ شرم جھڙي
ڳالھھ آھي تھ ٻين ديوتائن جي شان ۾ تھ بيت، ڀڃن ۽
قصيدا ٺھيل آھن. پر آڳاٽي عظيم ۽ سھگاري ديوتا
پيار جو، ھيترن سارن شاعرن، جيڪي بھ ٿي گذريا آھن
تن منجھان ڪو بھ واکاڻيندڙ ۽ مداح ڪونھي. جنھن
ھڪڙو گيت ئي سندس ساراھھ ۾ لکيو ھجي. ڪافي لائق
سافسٽ
/
استاد بھ آھن. مثال طور تمام
سٺو پراڊيڪس آھي. ھنن پنھنجي لکيل ساراھھ واري نثر
۾ ھيراڪلس ۽ ٻين ڪيترن سورمن جي گڻن جي باري ۾
تفصيلي بحث ڪيو آھي. پر ھڪ ٻي عجيب ڳالھھ ٻڌ تھ
مون کي ڪنھن ڏاھي جو لکيل ھڪ ليک ھٿ لڳو جنھن ۾
لوڻ کي ان جي فائدن جي ڪري، تعريف ۾ آسمان تي
پھچايو ويو آ! ۽ اھڙين ئي ٻين ڪيترين سارن شين کي
سندن مان مطبق مرتبو ۽ مڃتا ڏني وئي آھي ۽ سوچ تھ
– لوڻ ۽ ٻين موضوعن تي ڇا تھ بکيڙو ۽ مٿاماري ڪئي
وئي آھي. پر اڄ ڏينھن تائين ڪنھن بھ اھا جرئت نھ
ڪئي آھي تھ پيار جي شان مطابق ڪو شبد چئي! ۽ ائين
ھن سگھاري ۽ عظيم ديوتا کي بلڪل نظر انداز ڪيو ويو
آھي.“
منھنجي خيال ۾ فيڊرس بلڪل درست پيو چوي، سو مان
سندس مدد ڪرڻ چاھيندس. ٻي ڳالھھ تھ مان پڻ اھو ئي
سوچيان ٿو تھ اسين جيڪي ھن وقت ھتي اچي گڏ ٿيا
آھيون. ان کان بھتر ٻيو ڪجھھ نھ ٿا ڪري سگھون تھ
پيار ديوتا کي مڃتا ڏيون. سو جي توھان مون سان ان
ڳالھھ تي متفق آھيو تھ پوءِ پڪ ڄاڻو تھ تقريرن جي
ڪمي نھ ھوندي. ڇو تھ پوءِ منھنجي رٿ اھا آھي تھ
اسان مان ھر ھڪ، کاٻي کان ساڄي پاسي ڏانھن، پير جي
شان ۾ تقرير ڪندو وڃي. ھر ھڪ وٽ ڏات جي ڏيھھ مان
جيڪو ڪجھ بھ آھي سو سڀ ٻڌائي ۽ فيڊرس جيئن تھ
منھنجي کاٻي پاسي ڏانھن پھريون پھريون ويٺل آھي ۽
جيئن تھ ان موضوع جو ابو بھ اھو ئي آھي. سو منھنجي
خيال ۾ شروعات کيس ئي ڪرڻ گھرجي.“
”اريڪيسمڪس، تنھنجي رٿ خلاف ڪو بھ ووٽ نھ پوندو“
سقراط چيو، ”جيتري قدر منھنجي ڳالھھ آھي تھ مان
آخر ڪيئن تنھنجي رٿ جي مخالفت ڪنس، مان جيڪو اھو
باسيان ٿو تھ مان، ھڪ پيار کان سواءِ ٻيو ڪجھھ بھ
ڄاڻان ئي نھ ٿو. نھ ئي مان سمجڪھان ٿو تھ ڪو
اگيٿون يا پاسينياس ان موضوع جي مخالف ڪندا.
ارسٽوفينز جي باري ۾ تھ شڪ ڪرڻ ئي اجايو آ، ڇو تھ
سندس واسطو ئي ڊايونيسس ۽ ايفروڊائيٽ سان آھي ۽
مون کي چوڌاري ويٺلن ۾ بھ اھڙو ڪو نظر ڪو نھ ٿو
اچي، جيڪو نااتفاقي ڏيکاري. جيتوڻيڪ مان ان ڳالھھ
کان باخبر آھيان تھ اھا رٿ اسان بارن لاءِ ڪجھھ
ڏکي پوندي ۽ اسان سان انصاف نھ ڪندي جو اسان جو
وارو آخر ۾ آھي. بھرحال پوءِ بھ پاڻ ان تي راضي
آھيون ۽ دل ۾ نھ ڪنداسين. جيڪڏھن اسان کان اڳ وارا
ھمراھھ پنھنجين سيبتين تقريرن سان موضوع تي
ڳالھائڻ لاءِ باقي ڪجھھ بچائين ئي نھ، چڱو تھ پوءِ
فيڊرس کي پيار جي واکاڻ شروع ڪرڻ گھرجي، اسان جون
نيڪ تمنائون ساڻس گڏ آھن.“
سڄي سنگت ھائوڪار ڪئي ۽ خواھش ڏيکاري تھ فيڊرس،
سقراط جي چوڻ مطابق، شروعات ڪري، اسٽوڊيمز کي اھو
سمورو ياد نھ ھيو، جيڪو ڪجھھ ڳالھايو ويو ۽ نھ ئي
وري مون کي اھو سمورو ياد آھي، جيڪو ھن مون کي
ٻڌايو. سو انھن تقريرن منجھان جيڪو ڪجھھ مون کي
ياد آ، ۽ جيڪو مون ياد ڪرڻ لاءِ اھم سمجھيو، سو
توکي ٻڌايان ٿو.
جيئن چيم تھ ارسٽوڊيمز مون کي ٻڌايو تھ فيڊرس ھتان
شروعات ڪئي تھ ”پيار ھڪ وڏو طاقتور ديوتا آھي ۽
ڌرتي توڙي آسمان تي سڀني کي حيرت ۾ وجھي ڇڏيندڙ
خاص ڪري پنھنجي ڄم جي لھاظ کان ھن جو وڏو شان آ،
جو ھو سڀني ديوتائن کان آڳاٽو آھي. ان جي ثابتي
اھا آھي تھ پيار جو ڪو پيءُ ماءُ ڪونھي، نھ ئي
ڪنھن شاعر يا نثرنگار ڪڏھن ائين لکيو يا چيو آھي
تھ کيس والدين ھئا، جيتوڻيڪ ھيسئائڊ چوي ٿو:
پھريون آيو
/
ڄايو انڌ ڌنڌ ۽ پوءِ ڄائي
ڌرتي.
موڪري ڇاتي واري،
جيڪو سڀ ڪجھھ آھي تنھن لاءِ،
ھميشه جي لاءِ رھڻ واري،
۽ ان سان گڏ پيار.
ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي تھ انڌ ڌنڌ کان پوءِ ھي
ٻئي، يعني ڌرتي ۽ پيار، وجود ۾ آيا. پير مينڍس پڻ
ڄم بابت ھينئن ٻڌائي ٿو.
ديوتائن جي سلسلي ۾.
پھريائين پھريائين.
پيار کي جوڙيائين.
۽ اڪيو سيلاس بھ ھيسئائڊ سان متفق آھي ۽ ائين گھڻا
ان ڳالھھ تي متفق آھن تھ پيار ڀني ديوتائن کان
آڳاٽو آھي ۽ نھ صرف اھو تھ ھو آڳاٽو ۽ مربي ديوتا
آھي، پر اسان لاءِ تمام گھڻين سٺاين جو سبب ۽
وسيلو پڻ آھي. مان نٿو ڄاڻان تھ ڪنھن بھ نوجوان
لاءِ ان کان وڌيڪ سٺائي ڪا ٻي ٿي سگھي ٿي تھ ھن کي
پنھنجي نوجواني کان وٺي ئي ھڪ نيڪ ۽ سٺو پيار ڪندڙ
ملي. يا ھڪ پيار ڪندڙ کي پنھنجي پيار لاءِ ھڪ
لائق، نوجوان محبوب ھٿ اچي. ڇاڪاڻ تھ ھڪ مانائتي
زندگي گذارڻ لاءِ جيڪو اصول ۽ رھنمائي ھجڻ گھرجي.
ان رھنمائي لاءِ مان چوان ٿو تھ نھ ئي مٽ مائٽ، نھ
ئي رتبو، نھ دولت ۽ نھ ئي ڪا ٻي شيءِ اثرائتي ۽
ڪارگر ٿي سگھي ٿي، پر رڳو پيار ئي ٿي سگھي ٿو ۽
منھنجو ان مان ڇا مطلب آ؟ منھنجو مطلب آھي اھو
احساس جيڪو خواري جي ڳالھھ مھل شرم ڏياري ۽ اتم ۽
اعليٰ آدرش لاءِ اتاھھ ڏئي. ھا ان احساس کانسواءِ
نھ ئي رياستون ۽ نھ ئي ڪو فرد سٺا، سھڻا ۽ عظيم ڪم
ڪري سگھي ٿو. ٧ تڏھن مان چوان ٿو تھ ھڪ عاشق جڏھن
ڪو خواري جھڙو ڪم ڪندي پڪڙجي پوي ٿو يا جڏھن ڪو
سندس بيعزتي ڪري ۽ ھو بزدلي ڏيکاري. پنھنجو بچاءُ
نھ ڪري ۽ پوءِ ان ويرم ۾ جي سندس محبوب کيس ڏسي
ورتو تھ ھن کي وڌيڪ پيڙا ۽ پشيماني ٿيندي. جڏھن تھ
سندس پيءُ، يا ڪنھن سنگتي يا ڪھڙي بھ ٻئي ماڻھوءَ
جي ڏسي وٺڻ تي ھن کي اڏي پشيماني ۽ اڻ تڻ نھ
ٿيندي. وري معشوق کي بھ پنھنجي باري ۾ ساڳيو ئي
احساس ٿيندو. جي ھن کي بھ سندس عاشق ڪنھن اھڙي
خواري جھڙي صورتحال ۾ ڏسي ورتو.
۽ جيڪڏھن اسان ڪا اھڙي ترڪيب يا طريقو ڳولي ڪڍون
جو ڪا رياست يا ڪا فوج عاشقن ۽ معشوقن تي مشتمل
ھجي تھ پوءِ ھو پنھنجي شھر
/
رياست جا بھترين حڪمران ثابت
ٿيندا جو ھو بڇڙائي ۽ بدڪاري کان پاسو ڪندا ۽
ھڪٻئي کي عزت، مان ۽ مڃتا ڏيڻ ۾ ھڪ ٻئي سان ريس
ڪندا ۽ ٻي صورت ۾ جي ھو ھڪ ٻئي سان ڪلھو ڪلھي ۾
ڏئي جنگ ڪندا تھ ڀلي کڻي ٿورا مٺ جيترائي ھجن، پر
ھو سڄي دنيا کي فتح ڪري وٺندا. ڇو تھ عاشق ائين ئي
چاھيندو تھ پنھنجي سونپيل جڳھھ ڇڏيندي يا پنھنجا
ھٿيار ڦٽا ڪرڻ مھل، ڀلي کيس سڄو جڳ تھ ڏسي، پر
سندس معشوق کيس نھ ڏسي وٺي. ھو ھزار ڀيرا مرڻ لاءِ
تيار ھوندو، پر ھن جو ائين ڏسي وٺڻ سھي نھ سگھندو.
يا ڪير پنھنجي معشوق کي اڪيلو ڇڏي ڀاج کائيندو يا
ان کي درپيش خطري جي گھڙيءَ ۾ گسي پوندو؟ اھڙي
گھڙيءَ ۾ تھ ڀاڙي ۾ ڀاڙي بھ ھڪ بھادر، جوشيلو جوان
۽ پھلوان بڻجي پوندو. جو پيار منجھس اھڙو اتساھھ
ڀريندو ۽ جيئن ھومر چوي ٿو تھ خا ڪن سورمن ۾ ”جوش
ڦوڪي ٿو“، سو پيار بھ پاڻ منجھان اھڙي قوت عاشقن ۾
اوتي ٿو.
پيار ئي انسان ۾ - پوءِ اھو مرد ھجي يا عورت –
پنھنجي محبوب جي لاءِ موت قبولڻ جي جرئت بھ پيدا
ڪري ٿو – ھا، صرف پيار ئي اوھان يونانين جي سامھون
ڳالھائيندي، مان پيلياس جي ڌيءُ الڪيسٽس جي مثال
کان وڌيڪ ڪو ٻيو مثال، انھيءَ ڳالھھ جي ٻوت طور
پيش ڪري نھ ٿو سگھان، اوھان کي خبر آھي تھ ھوءَ
پنھنجي مڙس پاران پنھنجي زندگي قربان ڪرڻ لاءِ
تيار ھئي. جڏھن تھ ٻيو ڪو بھ موت قبولڻ لاءِ تيار
نھ پئي ٿيو. توڙي جو سندس مڙس جا پيءُ ۽ ماءُ بھ
موجود ھئا، پر سندس ڪومل پيار گوءِ کڻي. ھن جي
پيءُ ۽ ماءُ کي بھ اھڙو اجنبي ثابت ڪري ڏيکاريو جن
جو پنھنجي پٽ سان ڄن رت جو نھ پر رڳو نالي ۾ ڪو
رشتو ھيو. ۽ ھن جو اھو عمل صرف انسانن کي ئي نھ،
پر ديوتائن کي بھ ايڏو اتم لڳو. جو اھڙن گھڻن
انسانن منجھان جن سٺا ۽ نيڪ عمل ڪيا آھن. ھن جو
شمار انھن چند انسانن منجھھ ٿئي ٿو، جن کي ديوتائن
طرفان سندن اتم عملن جي مڃتا ملي ٿي. سو ديوتائن
سندس روح کي ھيڊس (5) منجھان آزاد ڪري کيس ڌرتي
ڏانھن واپس زندھھ موٽڻ جو اختيار ڏئي ڇڏيو. ڏسو تھ
پيار ۾ اھڙي دليري، ھمٿ ۽ سچائي کي ديوتا ڪيڏو نھ
مان ۽ مرتبو بخشين ٿا پر ائيگرس جي پٽ ارفيس کي
ديوتائن، ھيڊس منجھان خالي ھٿين ئي موٽائي ڇڏيو ۽
کيس پنھنجي زال، جنھن جي ڳولا ۽ طلب ھن کي ھئي،
اھا خود کيس نھ ڏنائون پر ان جو رڳو عڪس ئي
ڏيکاريائونس. ڇو تھ ھو بس ھڪ نازڪ سرندي نواز ئي
رھيو ۽ ڪا ھمٿ ۽ دليري ڪو نھ ڏيکاري. ھو الڪيسٽس
وانگر پنھنجي پيار جي لاءِ مرڻ جي جرئت تھ نھ ڪري
سگھيو. رھندو حرفت ھلائي ھيڊس ۾ زندھ داخل ٿيڻ جي
ڪوشش ڪرڻ لڳو، وڌيڪ اھو تھ ديوتائن کيس انھيءَ
ڀاڙيائپ جي سزا بھ کيس اھا ڏني جو سندس موت بھ ھڪ
عورت جي ھٿان ئي ٿيو.
وري اڪائيلس کي سندس عاشق پئٽر وڪلس سان ھن جي سڄي
پيار جو اجر بلڪل مختلف مليو – اھو خيال تھ
پئٽروڪلس عاشق نھ پر معشوق ھيو. ھڪ بيوقوفي واري
ڀل آھي. جنھن جو ايسڪائيلس شڪار ٿيو آھي. ڇو تھ
اڪائيلس نھ رڳو پئٽروڪلس کان وڌيڪ حسين ھيو پر ٻين
سمورن سورمن
کان بھ سھڻو ھو ۽ جيئن ھومر اسان کي ٻڌائي ٿو،
اڪائيلس کي اڃا ڏاڙھي بھ نھ لٿي ھئي ۽ پئٽروڪلس
کان عمر ۾ گھڻو ننڍو ھيو. سو پئٽروڪلس ساڻس پيار
ڪندڙ ھيو نھ ڪي سندس پيار – ھاڻي اڪائيلس کي تھ
بلڪل خبر ھئي، ڇو تھ ھن کي پنھنجي ماءُ ٻڌايو ھيو
تھ ھو موت کان بچي سگھيو پئي ۽ گھر موٽي وڏي ڄمار
تائين زندھ رھي سگھيو پئي جيڪڏھن ھو ھيڪٽر کي قتل
نھ ڪري، پر ھن سورمن جھڙو ڪم ڪندي پنھنجي دوست جي
مدد ڪرڻ ۽ ھن جي مري وڃن کان پوءِ ھن جو بدلو وٺڻ
لاءِ پنھنجي جان جي قرباني ڏني ۽ مرڻ جي جرئت ڪئي،
جنھن ڪري ئي ديوتائن کيس الڪيسٽس کان بھ مٿاھين
عزت بخشي ۽ کيس بليسٽ جي ٻيٽن ڏانھن اماڻي ڇڏيو.
حقيقت اھا آھي تھ جيتوڻيڪ ديوتا، عاشقن جي جرئت ۽
ھمت کي وڏو مان ۽ شان بخشين ٿا. پر ڪنھن محبوب جو
پنھنجي عاشق لاءِ پيار جا، ھو اڃا وڌيڪ مداح بھ
آھن ۽ ان جو وڏو قدر ڪري اجر ڏين ٿا، ڇو تھ عاشقن
کي اھڙو اتساھھ ۽ ھمٿ تھ اڳ ۾ ئي ديوتا طرفان ڏنل
ھوندي آھي.
مون وٽ اھي ئي دليل آھن ان ڳالھھ جا تھ پيار ٻين
سڀني ديوتائن کان آڳاٽو، اتم ۽ سگھارو ديوتا آھي.
اھو ئي انسانن لاءِ خصلت، گڻن ۽ خوشين جو مالڪ ۽
ڏيندڙ آھي. زندگيءَ ۾ بھ ۽ موت کان پوءِ بھ.“
ارسٽوڊيمز ٻڌايو تھ اھا اھڙي ئي قسم جي تقرير ھئي،
جيڪا فيڊرس ڪئي. سندس چواڻي تھ ڪي بيون تقريرون بھ
ٿيون، جيڪي کيس ٺيڪ طرح ياد نھ رھيون. ھن پوءِ ھڪ
ٻي تقرير ٻڌائي جيڪا پاسينياس جي ھئي.
ھن چيو، ”فيڊرس، منھنجي خيال ۾ تھ بحث کي اسان جي
سامھون چٽو ڪري نھ رکيو ويو آھي. اسان ائين ڪيئن
بلڪل سادي سودي نموني بنا ڪنھن فرق سمجھڻ جي، بس
پيار جي واکاڻ ۾ تقرير ڪرڻ شروع ٿي وڃون. جيڪڏھن
پيار صرف ھڪڙو ئي ھجي ھا تھ پوءِ تون جيڪو ڪجھھ
چيو سو بلڪل ٺيڪ آھي. پر جيئن تھ ھڪ کان وڌيڪ پيار
موجود آھن، سو تون اڳ ۾ ئي اھو واضح ڪري ڇڏين ھا
تھ اسان جي مداح جو موضوع ڪھڙو پيار آھي. سو مان
پھريائين ان علطي جي تصحيح ڪندس تھ ڪھڙو پيار
واکاڻ جو مستحق آھي ۽ پوءِ ان واکاڻ جي مستحق پيار
جي، ان جي شان مطابق واکاڻ ڪندس، جنھن جو اھو لائق
آھي، جيئن تھ اسان سڀني کي خبر آھي تھ پيار،
ايفروڊائيٽ (6) ديوي کان ڌار نھ ٿو ڪري سگھجي. سو
جيڪڏھن ايفروڊائيٽ بھ رڳو ھڪڙي ھجي ھا تھ پيار بھ
ھڪڙو ھجي ھا. پر جيئن تھ ديويون بھ آھن ان ڪري
پيار بھ لازما ٻھ ھجڻ گھرجن، ڇا مان غلط ٿو چوان
تھ ديويون ٻھ آھن؟ ھڪ وڏي جيڪا يورينس جي ڌيءُ آھي
۽ جنھن کي ڪا ماءُ ڪونھي. ان کي آسماني ايفروڊائيٽ
چيو وڃي ٿو ۽ بي ننڍي، جيڪا زيوس ۽ ڊايوٽي جي ڌيءُ
آھي ان کي اسان عام ايفروڊائيٽ سڏيندا آھيون. ۽
پيار جيڪو سانس لاڳاپيل آھي، تنھن کي عام پيار ۽
ٻئي کي آسماني پيار سڏيو وڃي ٿو.
ساراھھ سڀني ديوتائن جي ڪرڻ گھرجي. پر انھن جي
فطرت ۾ فرق ظآھر ڪرڻ کان سواءِ ئي نھ ڪرڻ گھرجي.
تنھنڪري مون کي بھ ٻنھي پيارن جي فطرت ۾ فرق، ضرور
ظاھر ڪرڻو پوندو. حقيقت ۾ ھر عمل پنھنجو پاڻ ۾ نھ
سٺو آ نھ خراب. عمل، سندن بجاآوري جي طريقي ۽ ڍنگ
جي ڪري ئي مختلف ٿين ٿا. مثال اھو ئي کڻي وٺو،
جيڪو اسان ھينئر ڪري رھيا آھيون – مڌ پيئون، ڳايون
۽ ڳالھايون پيا – اھي عمل پنھنجي سر سٺا آھن، نھ
برا، پر انھن جي سٺي ۽ بري ھجڻ جو دارومدار ان تي
آھي تھ انھن جو استعمال ڪھڙي حساب ۾ ڪھڙي خيال کان
ڪيو وڃي ٿو. جيڪڏھن اھي عمل درست نموني ۽ سھڻي
انداز ۾، احسن طريقي سان سرانجام ڏنا وڃن ٿا تھ
اھي سٺا آھن ۽ غلط حساب ۾، احسن طريقي سان سرانجام
ڏنا وڃن ٿا تھ اھي سٺا آھن ۽ غلط حساب ۾، پري خيال
کان ڪيا وڃن تھ اھي بُرا آھن. ساڳيو ئي قصو پيار
جو آھي. ھر قسم جو پيار نھ، پر رڳو اھو پيار جنھن
جي آڏو اتم مقصد موجود آھي، سوئي اعليٰ ۽ ساراھھ
جي لائق آھي. پوءِ اھو پيار جيڪو عام ايفروڊائيٽ
جو اولاد آھي. سو لازما عام رواجي قسم جو ٿئي ٿو ۽
اھو ڪنھن بھ قسم جي تفاوت يا فرق ڪرڻ کان وانجھيل
آھي. اھو اھو پيار آھي جيڪو نيچ قسم جا ماڻھو ڪندا
آھن ۽ ان جون نشانيون ھي آھن:
پھرين ڳالھھ تھ اھو عورت سان بھ ٿي سگھي ٿو ۽
ڇوڪرن سان بھ. ٻي ڳالھھ تھ مٿين ٻنھي صورتن ۾ اھو
روح سان نھ پر جسم سان ڪيو ويندو آھي ۽ نئين ڳالھھ
تھ اھڙو ماڻھو ائين چاھيندو آھي تھ ھو جنھن سان
پيار ڪري ٿو، اھو جيترو گھٽ سمجھو ۽ اڻڄاڻ ھجي تھ
اوترو چڱو، ڇو تھ ان پيار جي پڄاڻي رڳو پنھنجي غرض
پوري ڪرڻ تائين ھوندي آھي ۽ اھو ڪڏھن بھ پنھنجي
پڄاڻي مانائتي نموني ۽ شان شوڪت سان نھ چاھيندو
آھي. سو ان ڪري اھڙو پيار رڳو اتفاقي ھوندو آھي ۽
جيترو خراب، اوترو سٺو بھ ٿي سگھي ٿو. ان جو اھرو
سڀاءَ ۽ فطرت سندس ماءُ، ان عام ديوي جي ڪري ئي
آھي، جيڪا ٻيءَ کان گھڻو ننڍي بھ آھي ۽ جيڪا نر ۽
ماديءَ جي ميلاپ منجھان ڄائي آھي. پر آسماني
ايفروڊائيٽ جنھن سان ٻئي پيار جو تعلق آھي ۽ جنھن
جي ڄم ۾ عورت جو ڪو حصو پتي ڪونھي – ھوءَ رڳو نر
منجھان آھي. ۽ جيئن تھ اھا وڏي بھ آھي. سو مستي،
البيلائپ ۽ ڏاڍائي منجھس ڪانھي. تنھن ڪري اھي جن ۾
ھن قسم جي پيار جو جوش ڦوڪيل ھوندو آھي، سي نرن
ڏانھن مائل ھوندا آھن ۽ اھڙن ۾ دلچسپي وٺندا آھن،
جيڪي بھادر ۽ ذھين ھوندا آھن ۽ وري اھڙن ھم جنسن
سان پيار ڪندڙن ۾ بھ، ڪير بھ انھن کي سندن چال چلت
۽ لڇڻن مان سڃاڻي سگھي ٿو، جيڪي ھن پوئين ٻئي قسم
– آسماني ايفروڊائيٽ وارو صاف ۽ پوتر پيار ڪندڙ
ھوندا آھن، ڇو تھ اھي ننڍڙن ڇوڪرن سان پيار نھ
ڪندا آھن، پر ان عمر وارن سان جن ۾ عقل، ڏاھپ ۽
ذھانت ظاھر ٿيڻ لڳندي آھي. يعني ائين کڻي چئجي تھ
عمر جي ان حصي ۾ جڏھن کين ڏاڙھي ٺھڻ شروع ٿيندي
آھي ۽ پنھنجي پيار سان عمر جي ان حصي ۾ عشق جي
شروعات ڪندي ۽ ائين نوجوان کي پنھنجو سنگتي
بڻائيندي سندن منشا ۽ مراد ساڻن وفادار رھڻ ۽ انھن
سان سڄي عمر جو ساٿ نڀائڻ جي سڌ ھوندي آھي. ھن قسم
جا عاشق انھن منجھان نھ ھوندا آھن، جيڪي نوجوان
ڇوڪرن جي ننڍي عمر جي ڪري، گھٽ عقل، اڻڄاڻائي ۽
ناتجربيڪاري جو فائدو وٺي، کين بيوقوف بڻائي، ساڻن
دغا ڪندا آھن ۽ ڌوڪو ڏيندا آھن ۽ ھڪ کي ڇڏي وري
ڪنھن ٻئي نئين سان ياري رکندا آھن سو ماڻھن تي
ننڍي عمر جي ڇوڪري سان عشق ڪرڻ تي قانوني پابندي
لڳائي وڃي. ڇو تھ انھن جو مستقبل تھ مبھم ھجي ئي
ٿو ۽ ان جو ڪھڙو يقين تھ ھو وڏي عمر جا ٿي روحاني
يا جسماني طور خراب ٿين يا سٺا. ان معاملي ۾ سٺا
ماڻھو ڄڻ تھ پنھنجي لاءِ پاڻ ئي قانون آھن. پر
بھتر ائين ٿيندو تھ اھڙن نيچ ۽ بي ادب عاشقن تي بھ
اھڙي ڪا پابندي لاڳو ڪئي وڃي. جھڙي اسان وٽ اڳ ۾
ئي موجود آح:“ ڄڻحڻ ۾ظآٻٰ آذآڊ ڄايل عورتن سان
زوري پيار ۽ تعلقات مڙھڻ جي منع ڪيل آھي. اھي ئي
ماڻھو آھن جيڪي پنھنجي بي عقلي ۽ پاڻ تي ضابطي نھ
ھئڻ ڪري، پيار جي نالي کي بدنام ڪن ٿا. پوءِ اھڙن
ڪجھھ ڄڻن کي انھي محبت ڪرڻ کان قانوني طور روڪيو
وڃي. ڇو تھ اھڙا پيار ڪندڙ، پيا جي نالي ۾ ناجائزي
۽ برائي جي منشا رکندا آھن ۽ اھڙن ئي ڏسي ڪري ئي
ڪجھھ ماڻھو ائين بھ چوڻ لڳندا آھن تھ پاڻ کي عاشق
جي حوالي ڪري ڇڏڻ خواري جھڙو ڪم آھي. جڏھن تھ ڪو
بھ ڪم جيڪو شانائتي، قانوني ۽ واجبي نموني ڪيو
وڃي، تنھن تي نھ پابندي وجھي سگھجي ٿي ۽ نھ ئي ان
کي ڪو ننديندو.
ھاڻي ھتي اسان وٽ ۽ ليڪيڊيمن ۾ پيار بابت ٺھيل
قانون منجھائيندڙ آھن. پر ٻين ڪيترن ئي شھرن م
سادا ۽ سولائي سان سمجھھ ۾ ايندڙ آھن. ايلس،
بوئيوٽا، اسپارٽا (7) ۽ ٻين ملڪن ۾ جتي ماڻھن ۾
اھو فصاحت ۽ بلاغت جو ڏانءٌ ۽ رواج ڪونھي. اتي اھي
قانون بلڪل سنوان سڌا آھن، بس قانون فقط اھڙن
لاڳاپن جي حق ۾ موجود آھي ۽ ڪو بھ جوان يا ٻڍو
انھن کي خراب نھ سمجھندو آھي. منھنجي خيال ۾ اھو
ان ڪري آھي جو ان پاسي ماڻھو ڇتي ڪوري واري ڊيگھھ
ڪرڻ نھ ڄاڻندا آھن. سو عاشق اکرن جي استعمال، لفظن
جي جڙاءَ، ۽ تقريرن جي تڪرار سان نوجوانن کي پاڻ
ڏانھن مائل ڪرڻ جي تڪيف ڪو نھ ڪندا آھن. ان جي
ابتڙ، ايونيا جي ڪيترن حصن ۾ ۽ اتي جتي جتي پارسي
حاڪميت (8) آھي ۽ عام طور انھن ملڪن ۾ جتي جابر
حاڪمن جي حڪمراني آھي. اتي پيار جي رواج کي غلط
نظرن سان ڏٺو وڃي ٿو. نوجوانن سان پيار کي اتي بھ
انھيءَ بدنامي ۽ خواري ۾ ڀاڱي ڀائيوار بڻجڻو ٿو
پوي، جيڪا اتي راندين
/
جمناسٽڪ ۽ فلسفي کي نصيب آھي.
ڇو تھ اھي سڀ شيون ان ظلم ۽ انڌير جي نگريءَ لاءِ
نقصانڪار بڻجن ٿيون. ڇو تھ حڪمرانن جو فائدو
انھيءَ ۾ آھي تھ سندن رعيت بي ھمٿ ۽ بي وس ھجي ۽
منجھن سماجي، شعوري، يا دوستيءَ جو ڪو بھ مضبوط
ٻنڌڻ موجود نھ ھجي ۽ اھو پيار ئي تھ آھي، جيڪو ٻين
سڀني سببن کان وڌيڪ، ڪنھن بھ ٻنڌڻ جي مضبوطيءَ جو
ضامن آھي، جيئن اسان جي اٿينس جي آمر حڪمران
پنھنجي تجربي مان پرايو، ڇو تھ ارسٽوگيٽن جي پيار
۽ ھرموديس جي دوستي ئي اھا قوت بڻي، جنھن سندس
حاڪميت کي ڊاھي ڇڏيو. (9)
تنھن ڪري ئي اھڙين محبتن کي جيڪا بدنامي ملي ٿي،
سا لاڳاپيل آھي، انھن جي برن عملن سان، جيڪي ان کي
بدنام ئي ڪندا آھن. ائين کڻي چئجي تھ حڪمرانن جي
خود غرضي ۽ پنھنجي مفادن جي پورائي ڪري ۽ رعايا جي
ڀاڙيائپ ۽ بي ھمٿيءَ ڪري، ٻئي طرف وري ڪجھھ ملڪن ۾
جتي محبتن کي ائين بنا فرق ڪرڻ جي مان ۽ شان ڏنو
وڃي ٿو. سو اتان جي قانون ڍاھيندڙن جي ذھني
پسماندگي جي ڪري ٿي آھي. اسان جي ديس ۾ ڪافي بھتر
اصول موجود آھن پر جيئن مون چيو پئي تھ اھي البت
منجھائيندڙ آھن. ڇو تھ اوھان ڏسندؤ تھ نروار پيار،
ڳجھن پيارن کان وڌيڪ مانائتا ليکيا وڃن ٿا، ۽ اھو
تھ اھڙن سان پيار ڪرڻ کي، جيڪي وڏ گھراڻن ۾ ڄمن
ٿا، توڙي جو مھانڊن جا بھ مڙئي موچارا ۽ پورا سارا
ھجن ٿا، تڏھن بھ اھڙي پيار کي خاص مان، شان ۽ عزت
جي نگاھھ سان ڏٺو وڃي ٿو. اھو بھ غور ڪيو تھ عاشق
کي سڀ ڪيڏو نھ ھمٿائين ٿا ۽ ائين نھ ٿو سمجھيو وڃي
تھ ھو ڪو غير مانائتو ڪم ڪري رھيو آھي، جنھن ۾
جڏھن ھو ڪامياب ٿئي ٿو تھ سندس واکاڻ ٿئي ٿي ۽ جي
ھو ناڪام ٿئي ٿو تھ ھن تي الام اچي ٿو. ۽ ھو
پنھنجي پيار کي ھاصل ڪرڻ جي جستجو ۽ ڳولا ۾ اسان
جي سماج جو قانون سندس ڪيتريون ئي عجيب شيون نھ
صرف درگذر ڪري ٿو، پر کيس انھن جي ڪرڻ جي اجازت بھ
ڏئي ٿو، جنمھن قسم جي چال چلت کي ھونئن تھ جيڪر
سخت نموني ننديو وڃي، جي اھي ڌنڌا ٻئي ڪنھن مطلب
لاءِ يا پئسي پنجڙ ھٿ ڪرڻ جي حرص ۾ ڪيا وڃن ۽
ماڻھو ائين ڪري جيئن عاشق پنھنجي معشوق لاءِ ڪندو
وتندو آھي – دعائون گھري، وينتيون وجھي ليلائي ۽
پلو پائي، قسم کڻي، در آڏو تڏو وڇائي سمھي ۽
پنھنجي رضا خوشيءَ سان ڪنھن غلام کان بھ بدتر
غلامي ۾ گھارڻ قبول ڪري- ھونئن تھ ٻئي ڪنھن بھ
معاملي ۾ دوست ۽ دشمن ٻئي کيس اھڙن عملن ۽
ڪارگذارين کان بلڪل روڪن ھا. پر ھينئر ڪو بھ دوست
سندس اھڙن ڪمن ڪري نھ تھ شرمسار ٿيندو ۽ نھ ئي کيس
تنبيھھ ڪندو ۽ نھ ئي ڪو دشمن مٿانئس ڪميڻائي يا
چاپلوسي جو الزام ھڻندو. پر عاشق جا اھي سڀ عمل
رھندو کيس زيب ڏين ٿا ۽ ھن جو شرف وڌائين ٿا. ۽
اسان جي ريتن رسمن ۽ قانونن موجب اھي نھايت ساراھھ
جوڳا آھن ۽ اھو تھ اھي ڪي عيب وارا لڇڻ نھ آھن ۽
سڀ کان عجيب ڳالھھ اھا تھ ماڻھو چون ٿا تھ عاشق ئي
- ۽ بيو ڪير بھ نھ پر رڳو عاشق ئي – ساک کڻي، وري
ڄاڻي ٻجھي ان ساک ۽ قسم تان ڦري سگھي ٿو ۽ وري
ديوتا بھ عاشق جي اھڙي خطا کي معاف ڪري ڇڏين ٿا.
ڇو تھ ھڪ عاشق جو قسم، ماڻھن چواڻي، قسم ليکبو ئي
ناھي. سو اسان جي پاسي وري ھن دنيا ۾ موجود ريتن
رسمن ۽ قانونن موجب اھري آادگي، ديوتائن ۽ انسانن
عاشقن کي ڏئي ڇڏي آھي. انھن ڳالھين جي بنياد تي ڪو
ماڻھو اھو واجبي دليل بيشڪ ڏئي سگھي ٿو تھ اٿينس ۾
عاشق ٿيڻ يا معشوق ھجڻ وڏي مانائتي ڳالھھ ليکي وڃي
ٿي پر وري جڏھن والدين پنھنجي پٽن کي سندن عاشقن
سان ڳالھائڻ کان روڪين ٿا ۽ کين خانگي استادن جي
سکيا ۽ تربيت ھيٺ رکن ٿا. جيڪو سندن عشق وارن
معاملن تي بھ نظرباني ڪري ٿو. پوءِ اھو ڇوڪرو جيڪو
عشق ۾ اڙيل آھي. ان کي جڏھن سندس سنگتي ۽ ھڪ جيڏا
مھڻا ۽ معيارو ڏين ٿا ۽ اھو تھ سندن وڏا، کين طعنا
ڏيندڙن کي خاموش ڪرائڻ کان بھ انڪار ڪري ڇڏين ٿا.
ھاڻي جيڪڏھن ڪير بھ انھن سمورن معاملن تي ويچار
ڪندو تھ ھڪ مختلف نتيجي تي پھچي ائين سمجھي سگھي
ٿو تھ اسان اھڙن معاملن کي خواري جھڙو سمجھون ٿا.
پر جيئن مان پھرين چئي چڪو آھيان تھ منھنجي خيال ۾
اھو سوال ڪو ايڏو سادو ڪونھي تھ بس آھي عمل
مانائتا آھن يا خواري جھڙا؟ پر حقيقت ھيءَ آھي تھ
ھر عمل جو دارومدار حالتن تي آھي. ڪو بھ عمل
پنھنجو پاڻ نھ سٺوآھي نھ خراب. اھي عمل ان ماڻھو
لاءِ معتبر ۽ مانوارا آھن، جيڪو سندن پيروي ۽
بجاآوري، عزت، آبرو سان ۽ واجبي نموني ۾ ڪري ٿو. ۽
اھي عمل ان لاءِ غير مانائتا ۽ خواري جھڙا آھن،
جيڪو انھن جي پويان پيمانو ٿي پوي ٿو. پڇڙي ماڻھو
آڏو يا بڇڙي نموني آڻ مڃڻ ۾ بي عزتي آھي. پر سٺي
ماڻھوءَ آڏو يا سڍي نموني مات کائڻ ۾ مان آھي.
بُرو آھي اھو نيچ عاشق، جيڪو روح نھ پر جسم سان
پيار ڪري ٿو ۽ ھو مستقل مزاج نھ ھوندو آھي. ڇو تھ
ھو جنھن شيءِ سان پيار ڪري ٿو. اھا پڻ پائيدار ۽
مستقل نھ آھي. سو جواني جي جوڀن جو گل، جنھن جو ھو
گھرجائو آھي، جڏھن ڪومائجي وڃي ٿو تھ پوءِ ھو بھ
باوجود پنھنجي سمورن وچنن ۽ وعدن جي پرساھي ٿو ۽
اامي ٿو وڃي. جڏھن تھ اعليٰ اخلاق وارو عاشق سجي
عمر وفادار رھي ٿو. ڇو تھ ھن پاڻ کي جوڙيو بھ ھڪ
امر شيءِ سان آھي. سو اسان جي ديس جون ريتون رسمون
ائين عشق ڪندڙن کي ھڪ قسم جي امتحان مان گذرڻ تي
مجبور ڪن ٿيون. اھي عاشق کي پيار ڪرڻ لاءِ ھمٿائن
ٿيون ۽ معشوق کي پاڻ بچائڻ ۽ نٽائڻ لاءِ تھ جيئن
سچي عاشق آڏو ان جي جاکوڙن ۽ پرک کانپوءِ آڻ مڃجي
۽ غلط قسم جي عاشق کان گسائي، ٽارو ڪري وڃجي، سو
عاشق ۽ معشوق ٻئي ھڪ قسم جي امتحان منجھان لنگھن
ٿا. جيستائين انھن جي پرک ٿئي ۽ پڌرا ٿين تھ اھي
ٻئي، ترتيب وار، ٻنھي قسمن جي عشق مان ڪھڙي قسم
سان لاڳاپيل آھن.
۽ اسان جي انھيءَ عام سوچ پٺيان اصل محرڪ بھ اھو
ئي آھي. ٻھ ڳالھيون مناسب ۽ واجبي نھ آھن. پھرين
ڳالھھ تھ اٻھرو عشق بھ مانائتو نھ چئبو، ڇو تھ
وقت، جيئن ٻين معاملن ۾ تيئن ھن معاملي ۾ بھ، ان
جي سڄي ھجڻ جي اصلي پرک آھي. بي ڳالھھ تھ اھا بھ
غير مانائتي ڳالھھڪوٺبي جي پئسن، ڏوڪڙن يا سياسي
قوت کي ڏي ڪري پيار ڪجي:- ٻن سببن ڪري، يا تھ
ماڻھو ڊڄي ٿو ۽ انھن تڪليفن ۽ مصيبتن کي برداشت نھ
ٿو ڪري سگھي، جيڪي مٿانس مڙھيون وڃن ٿيون يا ھو
پئسي ڏوڪڙ ۽ انھن رعايتن ۽ سياسي فائدن تي ھرکجي
پوي ٿو، جيڪي کيس آڇيون وڃن ٿيون. جڏھن تھ انھن
مان ڪا بھ شيءِ دائمي يا جٽاءُ ڪندڙ ڪونھي ۽ انھن
مان ڪا خالص ۽ سٺي دوستي جنم وٺي، سا تھ ممڪن ئي
ناھي. پوءِ اسان جي قانونن مطابق باقي ھڪڙو ئي
طريقو وڃي بچي ٿو جيڪڏھن معشوق، عاشق کي سھڻي
طريقي سان راضي رکڻ چاھي. ڇو تھ اسان وٽ قانون اھو
ئي آھي تھ ڪا بھ خدمت جيڪا عاشق پنھنجي مرضيءَ سان
معشوق لاءِ ڪري ٿو، سا عاشق جي بي عزتي يا خوشامد
نھ ٿي ليکي سگھجي. ساڳي ريت محبوب لاءِ بھ رڳو ھڪ
ئي طريقو – رضاڪارانھ خدمت – جو رھي ٿو، جنھن ۾ ڪا
خواري يا گھٽتائي ڪونھي - ۽ اھو آھي گڻن جي حصول
جي ڳولا ۾ رھڻ.
ڇاڪاڻ تھ اسان وٽ ھڪ رواج آھي تھ جي ڪو بھ ھمراھھ
ڪنھن ٻئي جي خدمت ان سوچ ھيٺ ڪري ٿو تھ اھو کيس
ڏاھپ يا ڪنھن ٻئي خصلت ۾ سڌاريندو ۽ تربيت ڪندو تھ
پوءِ اھڙي پاڻمرادي خدمت ۾ ڪا بي عزتي يا گھٽتائي
نھ ٿي سمجھجي ۽ ان تي خوشامد جو الزام بھ نھ ٿو
لڳي سگھي ۽ اھي ٻئي رواج، ھڪ نوجوان سان پيار ۽
ٻيو جنھن جو واسطو فلسفي ۽ گڻن سان آھي. سي ٻئي
جڏھن ھڪ وقت گڏ ھجن تھ پوءِ محبوب کي عاشق ڏانھن
مھربان ھجڻ ۾ سٺائي آھي. ڇو تھ ائين پنھنجن اصولن
مطابق، جيڪي ساڻن ٺھڪن ٿا. جڏھن عاشق ۽ سندس محبوب
گڏجن ٿا يعني اعشق اھو سوچيندي تھ ھو پنھنجي
مھربان محبوب جي ڪا بھ خدمت ڪرڻ ۾ جيڪا سندس وسئون
پڄي سگھي، حق بجانب آھي ۽ محبوب وري ائين سوچي تھ
ھو بھ ان ۾ صحيح آھي تھ ھو ان سان جيڪو کيس ڏاھپ ۽
سٺائي سيکاري ٿو. تنھن سان ھر ڀلائي ڪري جيڪا
کانئس پڄي سگھي. ھڪڙو ڏاھپ، گڻن ۽ خصلتن کي ٻئي
تائين پھچائڻ جو لائق ھجي ٿو تھ ٻيو وري انھن جي
حصول جو منتظر تھ جيئن انھن جي ڪري سندس تعليم
تربيت ٿئي ۽ سندس ڏاھپ ۾ واڌارو اچي. جڏھن پيار جا
اھي ٻئي اصول پاڙجن ٿا، پورا ٿين ٿا ۽ ھڪ ھنڌ گجن
ٿا تھ پوءِ - ھا رڳو پوءِ ئي، محبوب جو عاشق کي
خوش رکڻ ۽ ان ڏانھن مھربان ھجڻ سٺي ڳالھھ آھي.
جڏھن پيار اھڙي بي غرض قسم جو آھي تھ پوءِ پرواھھ
ناھي، جي ڌوڪو بھ مليو. پر ٻئي ھر قسم جي پيار ۾
اوتري ئي بي عزتي ليکبي. ڀلي جي ڌوڪو ملي بھ يا نھ
بھ ملي. ڇو تھ جڏھن ڪو معشوق، پنھنجي عاشق ڏانھن
ان سوچ تحت مھربان آھي تھ اھو شاھوڪار آھي. پر
پوءِ پئسي پنجڙ ملڻ واري سندس مراد پوري نھ ٿي
سگھي جو عاشق ڪنگلو نڪري پوي ٿو تھ پوءِ ٺيڪ ان ۾
خواري ۽ بدنامي آھي. ڇو تھ جيتريقدر ھن جي ڳالھھ
آھي تھ معشوق جي تھ اھا ئي ڪوشش ھئي تھ ھو پئسي
ڏوڪڙ خاطر پاڻ کي ڪنھن جي ۽ ھر ھڪ جي آڏو، ڪھڙي بھ
۽ ھر استعمال لاءِ حوالي ڪري ڇڏيندو. پر اھا ڳالھھ
شانائتي نھ ليکبي ۽ ساڳئي حوالي سان جي ڪو معشوق
ڪنھن عاشق ڏانھن مھربان آھي. ان بنياد تي تھ اھو
ھڪ سٺو انسان آھي ۽ ان اميد سان تھ سندس سنگت ۾
پاڻ سڌري پوندو ۽ بھتر بڻبو. پوءِ ڀلي جي سندس
عاشق برو نڪري پوي ۽ ڪو بھ گڻ نھ ھيس ۽ ائين جي
محبوب کي ڌوڪو بھ مليو تھ بھ ڄڻ تھ ھن ھڪ اتم غلطي
ڪئي. ڇو تھ ھن تھ اھو ثابت ڪري ڏيکاريو تھ ھو
سچائيءَ سان پنھنجي سر گڻن ۽ نيڪي جي حصول ۽
پنھنجي سڌاري خاطر، ڪنھن بھ ماڻھوءَ لاءِ ھر شيءِ
ڪرڻ لاءِ تيار آھي ۽ اھا ئي تھ خوبصورت ترين ڳالھھ
آھي. ھر صورت ۾ گڻن ۽ خصلتن خاطر ڪنھن ٻئي جي
قبوليت ۽ مڃتا، اعليٰ ۽ اتم ڳالھھ آھي. ھي اھو
پيار آھي جيڪو آسماني ديوي جو پيار آھي، پيار جيڪو
آسماني بھ آھي ۽ رياستن ۽ انسانن لاءِ وڏو قيمتي
بھ، جنھن پيار ۾ عاشق ۽ معشوق پنھنجي سڌاري لاءِ
سڀ ڪجھھ ڪرڻ تي ھڪجھڙا ۽ ھڪجيترا خواھان ۽ سرگرم
ٿين ٿا. جڏھن تھ ٻي سمورا پيار ھن ٻي ديوي جو
اولاد آھن، جيڪا عام رواجي ديوي آھي، منھنجا پيارا
فيڊرس! مون وٽ تنھنجي لاءِ پيار جي واکاڻ ۾ اھو
ڪجھھ ئي ھيو، جيڪو مون وڌ کان وڌ بھتر انداز ۾،
اتي جو اتي، بنا تياري جي چئي ڏنو. |