”معززو! مان سقراط جي تعريف تشبيھن سان ڪرڻ
چاھيندس. شايد ھو ائين سمجھي تھ مان ڪو سندس، کل
ٺٺولي جھڙي تصوير ڇڪڻ چاھيان ٿو. پر اھڙين تمثيلن
مان منھنجو مقصد رڳو سچ ثابت ڪرڻو آ، مذاق ڪرڻ نھ
آھي. منھنجي خيال ۾ ھن جا مھانڊا سائلينس
(22)
جو انھن مجسمن جھڙا آھن، جيڪي
مجسمن جي دڪانن تي پيا ھوندا آھن ۽ جن جي وات ۾
بانسري يا توتارو پيل ھوندو آھي. جيئن ڪاريگرن اھي
ٺاھيا آھن ۽ ان ڪري کوکلا ھوندا آھن. انھن کي وڃ
تان کوليو وڃي تھ انھن جي اندران ديوتائن جون
ننڍيون ننڍيون مورتيون ٺھيل ھونديون آھن. مان ھي
بھ چوندس تھ ھي مارسياس
(23)
ون ديوتا وانگر آھي. بھرحال
سقراط! تون پاڻ کئي ان کان انڪار ڪري نھ ٿو سگھين
تھ تنھنجو منھن مھانڊو، انھن ٻنھيجھڙو آھي ۽ ھا
تون ٻين سڀني ڳالھين ۾ بھ ساڻن مشابھت رکين ٿو.
مثال طور ھڪ تھ تون داداگير آھين. ڇا تون ناھين؟
جي نھ ٿو مڃين تھ مان ان جي شاھدي پيش ڪرڻ لاءِ
تيار آھيان. ڇا تون بانسري وڄائيندڙ ناھين؟ ھونئن
بظاھر تھ تون واقعي بھ نھ آھين. پر ڇا تھ عجب
انداز سان تون مارسياس کان ھ وڌيڪ اثرائتي نموني
اھو ڌنڌو ڪرين ٿو. مارسياس کي تھ ھڪ ساز جي ضرورت
پئي تھ جيئن پنھنجي منھن مان نڪرندڙ قوت سان ھو
ماڻھن کي موھي ۽ اھا قوت اڄ بھ انھن ۾ آھي، جيڪي
سندس سر ۽ آلاپ، آلاپيندا آھن، جن سرن ۽ آلاپن جو
لاڳپو اولمپس سان ڏيکاريو ويندو آھي. مان انھن کي
مارسياس جا ئي ڪري ڳڻيان ٿو، جنھن ئي اولمپس کي
اھي سيکاريا ھئا.
سندس اھي سر ڀلي پوءِ ڪو وڏو استاد ۽ ماھر مرد
وڄائي يا ڪا عام رواجي بانسري وڄائيندڙ ڇوڪري، پر
پنھنجي الاھي اصليت سبب ڪري، اھي سر ماڻھن کي
بيوخد ڪري ڇڏيندا آھن ۽ اھڙن انسانن کي پڌرو ڪري
بيھاريندا آھن، جيڪي ان جستجو ۽ تڙپ ۾ ھوندا آھن
تھ ڪھڙي معرفت کين ديوتائن ۽ انھن جي اسرارن جي
ويجھڙآئي نصيب ٿئي. پر سقراط! تون مارسياس کان بھ
گھڻو مٿانھون انڪري آھين، جو تون پنھنجن لفظن سان،
ساز، کان سواءِ ئي، اھي ساڳيا سر ۽ منڊ مڙھين ٿو.
جڏھن اسان ڪنھن ٻئي ڳالھائيندڙ کي ٻڌون ٿا. پوءِ
ڀلي اھو ڪيڏو نھ سٺو ۽ ڪامل مقرر ھجي، پر ڇا بھ ٿي
پئي، ان جو اسان تي اثر يا تھ بلڪل گھٽ، يا مورڳو
ٿئي ئي ڪو نھ ٿو. جڏھن تھ تنھنجا چيل رڳو ڪجھھ
جملا، پوءِ ڀلي اھي ٻئي جي واتان ٻڌل ھجن يا انھن
کي اڌوگابرو ورجايو ويو ھجي. تڏھن بھ اھي اسان جي
اندر جي گھراين ۾ لھي ٿا وڃن ۽ اسان کي منڊي ٿا
ڇڏين. پوءِ تنھنجون ڳالھيون ڪنھن مرد، عورت يا
ڪنھن ڳڀرو نوجوان ئي ٻڌيون ھجن، سڀني تي ساڳيو سحر
۽ اثر ٿئي ٿو ۽ مھربانو! جيڪڏھن مون کي اھو خوف نھ
ھجي ھا تھ توھان مون کي صفا مدھوش سمجھندا ھوندؤ،
تھ پوءِ مان اھا ڳالھھ ساک پت تي چوان ھا تھ ھن جي
لفظن مون تي ڪيڏو نھ اثر ڪيو آھي، اھڙو اثر جيڪو
اڃا تائين قائم ۽ دائم آھي. مان جڏھن بھ کيس ٻڌندو
آھيان تھ منھنجي دل اڳي کان وڌيڪ ڌڙڪڻ لڳندي آھي،
ڄڻ مون تي ڪا ديوانگي طاري ٿي وئي ھجي ۽ منھنجي
اکين مان ڳوڙھا نڪري ڳلن تان وھڻ لڳندا آھن. مان
ڏٺو آھي تھ کوڙ سارن ٻين سان بھ ساڳي حالت ٿئي ٿي.
مان پيريڪلس ۽ بين ڪيترن سٺن مقررن کي ٻڌو آھي. پر
مون سان اھڙي ڪار ڪڏھن بھ نھ ٿي آھي، مان مڃيان ٿو
تھ انھن بھ سٺو ڳالھايو ھوندو، پر منھنجو من ڪڏھن
بھ جنبش ۾ نھ آيو ۽ نھ ئي اچي مون کي ان ڳڻتي
ورايو ۽ خوف ۽ افسوس ٿيو تھ منھنجي زندگي تھ غلام
کان بھ بھتر ڪونھي. اھو اسان جو ھي نئين دؤر جو
مارسياس ئي آھي، جيڪو مون کي اھا ڳالھھ مڃائي
ويندو آھي تھ مان جنھن نموني زندگي گذاريان پيو سا
بلڪل بيڪار آھي ۽ سقراط تون ان ڳالھھ جي سچائيءَ
کان انڪار ڪري نھ سگھندين ۽ مان ڄاڻان ٿو تھ جي
مان ھينئر بھ ھن شخص کي ڪن ڏئي ٻڌو تھ مان وري بھ
پاڻ بچائي نھ سگھندس ۽ ساڳيو حشر ٿيندم، ڇو تھ ھي
مون کي اھو اعتراف ڪرائڻ تي مجبور ٿو ڪري وجھي تھ
مان بلڪل ڳھيلو آھيان ۽ مون کي ائين زندگي نھ
گذارڻ گھرجي. جيئن مان ھاڻي ڪچاين ۽ غلطين جو گھر
بڻجي گذاريان ٿو ۽ پنھنجي حقيقي فائدن جي پرواھھ
نھ ڪندي، اٿينس جي عوام جي اجاين معاملن ۾ پاڻ کي
وچڙائي رکيو اٿم
(24)
سو مان پنھنجو پاڻ تي جبر ڪري،
پنھنجا ڪن کڻي بند ڪيان ٿو ۽ ائين ڀڄي جند ڇڏايان
ٿو، جيئن يوليسس، سائرنس کان پاڻ بچايو
(25)
نھ تھ جيڪر مان ھن وٽ اوستائين
سوگھو ٿيو ويٺو رھان، جيستائين ڪراڙو ٿي وڃان ۽ ھي
ئي اھو واحد شخص آھي، جنھن جي موجودگي ۾ مون کي
اھو ڪجھ محسوس ٿئي ٿو، جيڪو اوھان سڀني کي خبر آھي
تھ ھونئن منھنجي طبيعت ۽ فطرت ۾ شامل ئي نھ آھي-
ڪنھن ٻئي جي اڳيان لڄي ٿيڻ، سو مان صرف ھن جي
اڳيان ئي لڄي ۽ شرمندو ٿيندو آھيان. ٻئي ڪنھن جي
بھ اڳيان نھ. ان جو سبب ھي آھي جو مان ڄاڻان ٿو تھ
مون وٽ ھن جي ڪنھن بھ دليل جو ڪو جواب ڪونھي، جو
کڻي کيس چوان تھ مان ائين نھ ڪندس جيئن ھو چوي ٿو.
پر جڏھن مان کانئس پري آھيان تھ پوءِ عوامي شھرت
جو پيار مون تي غالب اچي ٿو وڃي. سو مان ھڪ ڀاڄوڪڙ
غلام وانگر آھيان، جيڪو ھن کان ڀڄي بھ وڃان ٿو ۽
وري جڏھن ساڻس ملان ٿو تھ ڏاڍو شرمسار ٿيان ٿو، جو
ھن جي آڏو ڳالھيون مڃي ۽ اعتراف ڪري اٿيو ھيس.
ڪيترائي ڀيرا مون ائين سوچيو تھ جيڪر ھي شخص ھن
ڌرتيءَ جي گولي تان ئي گم ٿي، مري کپي وڃي تھ مان
ڏاڍو خوش ٿيندس. پر مان اھو ڄاڻان ٿو تھ جي ائين
ٿيو تھ مون کي خوشيءَ کان وڌيڪ افسوس ئي ٿيندو. سو
حقيقت ھيءَ آھي تھ مون کي بلڪل سمجھھ ۾ نھ ٿو اچي
تھ مان ھن سان ڪيئن پڇان.
”۽ ھن بانسري – وڄائيندڙ ون ديوتا جي اثر ٻين
ڪيترن ئي بھ مون وانگر. متاثر ڪيو آھي. پر اڃا مون
کي بڌو جو مان اوھان کي اھو ڏيکاريندس تھ ھي انھن
سان ٻين ڪھڙين ڳالھين ۾ ھڪجھڙائي رکي ٿو، جن سان
مان سندس ڀيٽ ڪئي آھي ۽ ڇا تھ عجيب انداز آھي!
ٻڌو، مان ٿو اوھان کي بڌايان. ڇو تھ مان يقين سان
چوان ٿو تھ توھان کي ھن جي اصلي طبيعت جي خبر ئي
نھ آھي. سو مان کيس اوھان آڏو پيش ڪندس ۽ جي شروع
ٿيو آھيان تھ پوءِ چپ ڇاجي، توھان کي خبر آھي تھ
سقراط کي خوبصورت نوجوانن سان نينھن لڳائڻ وارا
نيڻ آھن. ھو سدائين انھن جي موھ ۾ رھي ٿو ۽ انھن
جو ئي ڪٺل آھي ۽ وري ظاھر ائين ڪري ٿو تھ کيس اھڙي
ڪنھن معاملي جي ڪا خبر چار ڪانھي ۽ ڄڻ ھي ھر الھھ
کان بي خبر ۽ اياڻو آھي- سندس ٻاھريون ڏيکاءُ اھڙي
قسم جو آھي ۽ ان ڳالھھ ۾ ھي سالينس جھڙو آھي. اصل
۾ سالينس جي مجسمي وانگر ھن ۾ اھي اھڃاڻ بھ مٿاڇرا
ئي آھن. منھنجا معزز پيالي ڀائرو! توھان کي خبر
آھي تھ ھن جي اندر ۾ ڇا آھي؟- پاڻ تي ضابطو ۽
توھان سوچي ئي نٿا سگھو تھ ڪيترو – مون تي يقين
ڪندؤ تھ ھن لاءِ اھو رتي جيترو بھ مسئلو ناھي تھ
ڪوئي خوبصورت بھ آھي. توھان تصور ئي نھ ٿا ڪري
سگھو تھ ھي حسن کان ڪيڏي نھ حد تائين نفرت ڪندو آ
۽ ان ت اک ئي نھ ٻڏندي اٿس. نھ ئي ھن کي ڪنھن جي
شاھوڪاري يا شھرت جي ڪا ذري برابر بھ پرواھھ آھي،
جيڪا ماڻھن ليکي وڏي ڳالھھ ھوندي آھي. پر ھن لاءِ
اھو سڀ ڪجھھ بلڪل بيڪار آھي ۽ اسان پڻ ڪجھھ بھ
ناھيون، سندس نظر ۾! ھا اھو ٻڌائي ڇڏيانو، ٻين
ماڻھن کي تماشو بڻائي ۽ پاڻ وري اياڻپ جو سانگ
رچائي ٿو- پنھنجي عمر ائين گذاري ٿو، پر مون کيس
گولي سندس گنڀيرتا ۽ اصليت توڙي ارادا ڏٺا آھن.
سندس اندر جا اھي خزانا شايد ئي ڪنھن کي معلوم
ھجن. بھرحال مون ھڪ دفعو انھن جو مشاھدو ماڻيو آھي
۽ مون کي اھي ايڏا تھ الاھي، املھھ، خوبصورت ۽ من
موھيندڙ لڳا جو مون کي ان کان سواءِ ٻي ڪا واھھ ئي
نھ پئي سجھي تھ بس ان گھڙيءَ ئي جيئن سقراط چوي،
جھٽ کڻي ائين ڪيان. مون کي اھو وھم ويھي ويو تھ ھي
منھنجي حسن تي موھت ۽ اڪن ڇڪن تي پيو آھي. مون
سوچيو اھا تھ منھنجي لاءِ نعمت ٿي ۽ ڀلا ڀاڳ چئبا
جو مان خوبصورت ھجڻ سبب اھڙي موقعي ۾ آھيان تھ
سقراط کي ائين راضي ڪر، کانئس اھو سڀ ڪجھھ ٻڌان ۽
جاڻي وٺان جيڪو ڪجھھ ھن وٽ آھي، ڇو تھ توھان کي
خبر آ تھ تن ڏينھن ۾ مون کي پنھنجي حسن تي جيڪو
ناز ۽ غرور ھيو ۽ پڻ ان جي جيڪا ھاڪ ھئي، انھن
ٻنھي جي ڪا حد ئي نھ ھئي، سو اھا اٽڪل ويڙھائي ۽
ارادو رکي مان پاڻ واري نوڪر کي موڪل ڏئي ڇڏي.
توھان کي بڌايان تھ ان کان اڳ مان ڪڏھن بھ سواءِ
ڪنھن نوڪر چاڪر کي ساڻ ڪرڻ جي اڪيلو کان اڳ مان
ڪڏھن بھ سواءِ ڪنھن نوڪر چاڪر کي ساڻ ڪرڻ جي اڪيلو
سقراط ڏانھن نھ ويندو ھوسھئس. پر ان ڏينھن کان
پوءِ مان سدائين اڪيلو ھن ڏانھن نڪري ويندو ھئس.
مان اوھان سان شڄي ڳالھھ سچي ڪيان ٿو ۽ اوھان
مھرباني ڪري ڌيان سان ٻڌجو ۽ تون بھ سقراط، جيڪڏھن
مان ڪٿي ڪوڙ ڳالھايان تھ بيشڪ ان گھڙيءَ ئي پڪڙي
وٺجان. سو مون ائين ھن سان ملاقاتون شروع ڪيون ۽
اسان ٻئي بلڪل اڪيلا ھونداسين. مان اصل ڪپڙن ۾ ئي
نھ پئي ماپيس جو مون ڀانيو تھ جڏھن اسان وٽ ٻيو
ڪير بھ موجود ڪونھي تھ ھي اجھو ٿو اھڙي قسم جي
ڳالھھ ٻولھھ ۽ سرگوشيون شروع ڪري، جيئن ھڪ عاشق
پنھنجي معشوق سان اڪيلائي ۾ ڪندو آھي. پر ڪجھھ بھ
نھ، اھڙي قسم جي ڪا ڳالھھ ئي ڪو نھ ٿي- ھو مون سان
ڏينھن ائين ئي گذاريندو رھيو جنھن جو عام طرح ھي
ھيراڪ آھي. جڏھن اسان جو ڪو ڏينھن سٺو پئي گذريو
تھ ھي ھميشه موڪلائي ھليو ويندو ھو. ان کان پوءِ
مون ھن کي آکاڙي ۾ پاڻ سان گڏ ڪثرت ڪرڻ ۽ سکيا وٺڻ
جي بھاني ساڻ کنيو. مان اتي ساڻس ڪٺي رھيم تھ من
ھينئر ڪو ڪامياب ٿيان. ھو مون سان گڏ ڪٿرت ڪندو ھو
۽ ڪيترا دفعا ڪشتي وڙھندي منھنجي بلڪل ويجھو بھ
ھيو ۽ ان مھل ٻيو ڪو بھ ماڻھو موجود نھ ھوندو ھو.
سوچيم تھ متان ان ٽل سان مان پنھنجي مقصد ۾ ڪامياب
ٿيان. پر صفا چاڙھو نھ ٿيو. آخر سڀني اٽڪلن ۾
ناڪام ٿيڻ کان پوءِ مون اھو فيصلو ڪيو تھ مون کي
اڃا وڌيڪ پختا اپاءَ وٺڻ گھرجن ۽مٿانئس سڌو سنئون
وار ڪرڻ گھرجي ۽ اھو تھ مون ھڪ دفعو جيڪو ارادو
ڪيو آھي. تنھن کي اڌ ۾ نھ ڇڏيندس. ڇو تھ مان
معاملي جي پاڙ تائين پھچڻ پئي چاھيو. سو مون کيس
رات جي ماني جي دعوت ڏني. بلڪل ائين ڄڻ ھو ڪو حسين
محبوب ھجي ۽ مان ڪو حرفتي عاشق، جو کيس اٽڪلن سان
سوگھو ڪري رھيو ھجان. پھريون تھ ھن بلڪل مڃيو ئي
نھ پئي. نيٺ ھڻندي ماريندي. ايلاز منٿن سان مس وڃي
اچڻ لاءِ راضي ٿيو. پھريون دفعو جڏھن ھو آيو تھ
ماني کائڻ کان پوءِ ھن جلدي موڪلايو ۽ ان واري مان
بھ کيس لڄ وچان روڪي نھ سگھيس. پر مان آھيان جو
ڪٿي ٿو مڙان، سو ساڳيو وار وري ڪيم، ۽ ھن ڀيري
ماني کائڻ کان پوءِ رات جو دير تائين ساڻس ڪچھري
ڪنبدو رھيس ۽ پوءِ جڏھن ھن موڪلائڻ پئي چاھيو تھ
مان کيس ٽڪي پوڻ لاءِ زور ڀريو، اھو بھانو ڏئي تھ
جيئن تھ رات ڪافي گذري چڪي آھي سو ھينئر ايڏو دير
سان، اويلو وڃڻ بھتر نھ ٿيندو.
”سو ھو مون واري بستري جي ڀرسان واري ان صوفي کي
ئي ھنڌ طور استعمال ڪندي، اھلي پيو، جنھن تي ويھي
ھن رات جي ماني کاڌي ھئي، ڪمري ۾ اسان ٻن ڄڻن کان
سواءِ، ٻيو ڪير بھ ستل ڪو نھ ھيو. ھاڻي ھيستائين
مان جيڪو قصو اوھان کي ٻڌايو آھي سو بنا ڪنھن
جھجھڪ جي ڪنھن کي بھ ٻڌائي سگھجي ٿو. پر قصي جو
جيڪو پويون حصو آھي. اھو، جيڪڏھن مان سنجيده ۽
سرتيو ھجان ھا تھ توھان کي ڪو نھ ٻڌايان ھا. پر
ھينئر ٻن سببن ڪري اوھان کي ٻڌايان ٿو. پھريون تھ
جيئن چوڻ آھي تھ ”شراب سچو آھي“ ۽ ڪو ان ۾ اھو بھ
واڌارو ڪري سگھي ٿو تھ ”ٻار بھ سچا آھن“ جيڪو
واڌارو بھرحال ھينئر اھم ناھي
(26).
ٻي ڳالھھ تھ اھو بھ انصاف نھ ٿيندو تھ مان سندس
تعريف تھ ڪيان، پر ھن جي طرفان ايڏي مغروري ۽ ظلم
سان ڪيل استحصال ۽ بي واجبي کي لڪايان. وڌيڪ اھو
تھ مان بھ، جيئن چوندا آھن تھ ”نانگ جو ڏنگيل“ ،
ائين آھيان ۽ ”خبر کاڌن کي پوي“ جي مصداق، ڏنگيل
بھ پنھنجون پيڙائون ۽ ڏک سور انھن کي ڏسيندو آھي،
جن کي اڳ ۾ ئي اھڙو جذبو ھوندو آھي، ڇو تھ رڳو اھي
ئي کيس سمجھي سگھندا ۽ جيڪڏھن ڏنگيل کان سخت تڪليف
۽ پيڙا جي ڪري، ڪي اھڙا اکر نڪري ويا يا ڪو اھڙو
عمل ۽ رويو بھ ٿيو تھ ھو مٿانئس ناراضگي ۽ سختي نھ
ڪندا. تھ ٻڌو، مونکي سڀ کان وڌيڪ زھريلي ۽ سور
ڪرائيندڙ کير ڏنگيو آھي ۽ اھو بھ ان جاءِ تي، جنھن
کان وڌيڪ حساس ۽ سور ڪندڙ ھنڌ بيو ٿي ئي نھ ٿو
سگھي – دل، روح يا اوھان ان کي جيڪي ڪجھھ چئو –
مون کي ھن شخص جي فلسفي ڏنگيو آھي ۽ گھائي وڌو
اٿس. فلسفي جو ڏنگ جيڪو وڌيڪ آزار ڏيندڙ بھ آھي ۽
جيڪو کير کان بھ وڌيڪ مضبوطيءَ سان چنبڙي ۽ چھٽي
پئي ٿو. جڏھن اھو ڪنھن مھربان ۽ فراخدل نوجوان جي
اندر جي گھراين ۾ پھچي ٿو ۽ جيڪو کيس ڪا بھ ڳالھھ
چوڻ ۽ ڪرڻ لاءِ تيار ٿو ڪري وجھي ۽ جڏھن تھ
چوڌاري، سنگت بھ اھڙي ويٺي آھي – فيڊرس، ۽ اگيٿون،
اريڪسيميس، ارسٽوفينز ۽ ارسٽوڊيمز، سقراط جي نالي
وٺڻ جي تھ ضرورت ئي ناھي - ۽ ٻيا بھ کوڙ اسارا
ويٺا آھيو. ڇاڪاڻ تھ اوھان سڀ بھ ڏاھپ
/
فلسفي جي حصول جي سوق ۾ ان
پيڙا ۽ ان چريائپ منجھان گذريا آھيو. سو اوھان بھ
اھو سڀ ڪجھھ ٻڌو تھ مون سان ڇا وھيو واپريو ۽ مون
کي ان وقت جي ڪيل عملن ۽ ھينئر چيل لفظن جي معافي
۽ ڇڏڇوٽ ڏجو. باقي جيتري قدر نوڪرن ۽ ٻين اڻ
گھڙيلن جي ڳالھھ آھي تھ اھي پنھنجي ڪنن کي آڱريون
ڏئي ڇڏين.
”سو مھربانو! جڏھن نوڪر ٻاھر ھليا ويا ۽ پتي بھ
وسامي وئي تھ مون فيصلوڪيو تھ ھاڻي ٻنا ۽ ڪنا،
وٽيون ۽ پاسا مور نھ وٺندس، پر مون کي سنئون سڌو
جرئت سان پنھنجي جذبن جو اظھار ڪرڻ گھرجي. سو مون
کيس ٿورو لوڏو ڏنو ۽ پڇيو، ”سقراط! ننڊ اچي ويئي
ڇا؟“ ”نھ، اڃا تھ اھڙي ڳالھھ ئي ڪانھي“ ھن وراڻيو،
”توکي خبر آھي تھ مان ڇا سوچي رھيو آھيان؟“ ”نھ-
ڇا؟“ ”مان سوچيان ٿو تھ منھنجي مرني عاشقن منجھان
تون ئي اھو واحد عاشق آھين جيڪو ئي منھنجو مستحق
بھ آھين پر تون وري ايڏو لڄارو آھين، جو پنھنجي
جذبن جي اظھا رکان بھ ڊجين ٿو. توکي بڌايان تھ مان
ڪيئن ٿو سمجھان، مان ائين ٿو سمجھان تھ مان وڏي
بيوقوفي ڪندس، جيڪڏھن انھي معاملي ۾ توکي راضي نھ
ڪيم، سو جيڪڏھن ٻي بھ ڪا گھرج جيڪا توکي ھجي يا
جيڪو بھ مال ملڪيت مون وٽ يا منھنجي دوستن وٽ ھجي
تھ اھو سڀ ڪجھھ تنھنجي لاءِ حاضر آ. ڇو تھ مان گڻن
کي حاصل ڪرڻ کان وڌيڪ ڪنھن بھ شيءِ کي قيمتي نھ ٿو
سمجھان. ۽ منھنجو پختو ايمان آھي تھ ان مراد ماڻڻ
۾ منھنجي جيتري مدد تون ڪري سگھين ٿو. بيو ڪير نھ
ٿو ڪري سگھي. پوءِ مان ڏاھن آڏو لڄي ٿيندس.
جيڪڏھن مون توکي راضي نھ رکيو، ان کان بھ وڌيڪ
لڄي، جيترو ھونئن بيوقوفن جي ھڪ ميڙ آڏو ٿيندس، ڇو
تھ سندن سمجھھ مطابق تھ مون پنھنجو پاڻ کي تنھنجي
آڏو بي شرمائي سان حوالي ڪري ڇڏيو.“
”ھن منھنجي اھا سڄي ڳالھھ ٻڌي ۽ پوءِ پنھنجي ان
مخصوص ٽوڪ واري انداز ۾، اوتريءَ ئي معصوميت سان
جواب ڏنائين، جيترو پاڻ کي اٻوجھھ ظاھر ڪندو آھي،
”منھنجا پيارا السيبيادس! تنھنجو آدرش تھ واقيع
اعليٰ چئبو ۽ تون ڏاڍو ذھين چئبين. تون ھينئر
منھنجي لاءِ جيڪو ڪجھھ چيو جيڪڏھن اھو سچ بھ آھي ۽
اھو تھ مون ۾ اھڙي قابليت ۽ لياقت آھي، جنھن سان
تون بھتر بڻجي سگھين ٿو ۽ تون مون ۾ ڪا اھڙي اڻلڀ
سونھن ڏٺي آھي، جيڪا تنھنجي خوبصورتي جي ڀيٽ ۾ بھ
تمام مٿانھين ۽ اعليٰ آھي. سو جيڪڏھن پنھنجي ان
کوجنا کان پوءِ تون مون سان ڏيتي ليتي ڪرڻ ۽
پنھنجي سونھن جي مٽا، منھنجي سونھن سان ڪرڻ ٿو
چاھين تھ پوءِ ظاھر آ تون مون کي سودي ۾ ماري
وئين. ڇو تھ پوءِ تون کوٽي سونھن جي بدلي، سچي
سونھن ٿو حاصل ڪرڻ گھرين. حقيقت ۾ تون ڊايومڊي
وانگر سون سان مٺ مٽائڻ ٿو گھرين. پر منھنجا مٺا
دوست! تنھنجي مٿان رحمتون! ٿورو وڌيڪ غور ڪر ۽ چڱي
نموني کوجنا ۽ جاسوسي ڪري ڏس تھ توکي معلوم ٿيندو
تھ مان ڪجھھ بھ نھ آھيان ۽ اھو تھ تون منھنجي قدر
قيمت جي ڪاٿي ڪرڻ ۾ ڪٿي ڀليل تھ نھ آھين؟ ڇو تھ
عقلي مشاھدو ۽ اندر جي نظر ان وقت ئي درست ۽ صاف
ڏسڻ ۽ پرکڻ شروع ڪري ٿي، جڏھن عام اکين جي نظر ۽
مشاھدو پنھنجي منزل گذاري چڪي ٿو ۽ تون اڃا ان ماڳ
کان گھڻو پوئتي آھين.“
(27).
”اھو ٻڌندي مون چيو ”بس، مون کي، توکي اھو ئي
ٻڌائڻو ھيو ۽ مون جيڪو ڪجھھ بھ چيو، سو منھنجي سچن
جذبن جو ترجمان ئي آھي. مون پنھنجو بار لاٿو، ھاڻي
اھا تنھنجي ذميواري آھي تھ تون منھنجي ۽ پنھنجي
لاءِ جيڪو مناسب ۽ بھتر سمجھين اھو سوچ.“
”چڱو، ٺيڪ آ“ ھن وراڻيو ”پوءِ ڪنھن ٻئي دفعي اسان
ويھي غور ڪنداسين ۽ ھن معاملي ۾ ۽ ٻين معاملن ۾
بھ، جيئن پاڻ ٻنھي لاءِ بھتر ۽ مناسب سمجھھ ۾ آيو،
تيئن کڻي ڪنداسين.“
”ان گھڙيءَ ئي مون کي گمان ٿيو تھ ھي بس ڪسجي ويو،
جو مون سندس جواب ٻڌي اھو اندازو ھنيو تھ لفظن جا
تير، جيڪي مون کيس کپايا ھئا، تن ھن کي زخمي ڪري
وڌو آھي، سو ان کان اڳ جو ھو وڌيڪ ڪجھھ چئي، مان
ٽپو ڏيئي اٿيس ۽ پنھنجو چوغو، ھن جي مٿان اڇلي،
مان پاڻ سندس کٿل چوغي جي اندران لڪي ويم – ڇو تھ
اھا سياري جي مند ھئي - ۽ ائين ھن عجيب ۽ حيرت ۾
وجھندڙ شخص، ھن راڪاس کي، مان پنھنجي ٻانھن ۾
ويڙھي ۽ وڪوڙي، سڄي رات سمھيو رھيس ۽ سقراط! ھتي
بھ تون ائين نھ چئي سگھندين تھ مان ڪو ڪوڙ ٿو
ڳالھايان. بھرحال منھنجي ان سموري جدوجھد ۽ جاکوڙ
جي باوجود، ھي شخص، منھنجي سونھن، وينتين ۽ منٿن
کان مٿانھون ثابت ٿيو ۽ انھن جي مٿان سوڀارو ٿيو ۽
منھنجي حسن کي ايڏي کان مٿانھون ثابت ٿيو ۽ انھن
جي مٿان سوڀارو ٿيو ۽ منھنجي حسن کي ايڏي ڌڪار،
نفرت ۽ مغرورائپ سان ٿڏي ڇڏيائين، جنھن سونھن جي
بنياد تي ئي مان ڪڏيم پئي ۽ اھو گمان ھيم تھ سچ پچ
ان ۾ ڪشش ۽ سحر آھي. پر او جج صاحبو! او منصفو!
ٻڌو- ۽ مان توھان کي ان ڪري منصف سڏيان ٿو، جو ھن
مھل اوھان جي آڏو سقراط جي ان مغرور ۽ ھٺيلي رويي
جو ڪيس داخل آھي ۽ توھان کي ان بابت فيصلو ڪرڻ ۽
فتويٰ ڏيڻي آھي- مان آسمان ۾ موجود سمورن ديوتائن
۽ ديوين جو قسم کڻي چوان ٿو تھ اسان ٻنھي جي وچ ۾
وڌيڪ ڪجھھ بھ نھ ٿيو ۽ جڏھن مون کي صبح جو جاڳ ٿي
تھ ائين لڳو ڄڻ رات مان پيءُ يا وڏي ڀاءُ سان ستو
ھيس!.
”توھان ڇا ٿا سمجھو تھ اھڙي نامنظوري کان پوءِ
منھنجي ذھني ڪيفيت ۽ محسوسات ڇا ھوندا. ھڪ طرف مون
محسوس ڪيو تھ منھنجي بيعزتي ڪئي وئي آھي. پر ٻئي
طرف مون کي سقراط جي اخلاق، پاڻ تي ضابطي ۽
مردانگي جي لاءِ ڏاڍي عزت ۽ احترام پيدا ٿيو. مان
ھڪ اھڙي شخص سان مليو ھئس، ھن ڌرتي تي جنھن جھڙي
ڏاھپ، بردباري ۽ ڌيرج جو مشاھدو ماڻڻ جو، مون ڪڏھن
تصور بھ نھ ڪيو ھو. نتيجو اھو نڪتو تھ نھ ئي مان
مٿانئس ڪاوڙ ڪري سگھيس ۽ کانئس سنگت ياري نھ ڇني
سگھيس ۽ نھ ئي کيس فتح ڪرڻ لاءِ ڪو ٻيو ئي طريقو
سوچي سگھيس. مون تي اھو واضح ٿي ويو تھ ھي ھمراھھ
رشوتن قبول ڪرڻ ۾ ان کان بھ گھڻو گھڻو سخت ۽ پڪو
پختو ھيو، جيترو اجيڪس تلوار جي زخم کائڻ کان.
پنھنجي خوبصورتيءَ سان کيس زير ڪرڻ جي ان آخري
ڳالھھ ۾ جنھن ۾ مان سوچيو ھو تھ ھو نازڪ آھي ۽ مان
کيس گھائي، ڪاميابي ماڻي سگھان ٿو، ان ۾ آءٌ ناڪام
ٿي ويس، سو منھنجا ھوش حواص ۽ عقل بس جواب ئي ڏئي
ويٺا- ڪير بھ، ڪڏھن بھ، ڪنھن جو اھڙو غلام ۽ قيدي
ڪو نھ ٿيو، جھڙو مان ھن جو بڻيس.
”اھو سڀ ڪجھھ اسان جو پوٽيڊيا جي مھم
(28)
تي وڃڻ کان اڳ ٿيو ھو. ان مھم
دوران ھو منھنجو ويسي – ڀائي ھيو. اتي مون کي، سنس
تڪليف سھڻ ۽ ٿڪ برداشت ڪرڻ جي حيرت انگيز قوت جو
مشاھدو ٿيو ۽ ان معاملي ۾ ھن پنھنجو پاڻ کي نھ صرف
مون کان، پر سڄي فوج کان مٿانھون ثابت ڪري ڏيکاريو
۽ ڇا تھ شاندار سندس سھپ ۽ صبر جي قوت ھئي. جڏھن
اسان رسد کان ڪٽجي ويندا ھئاسين، جيئن اڪثر جنگ ۾
ٿيندو آھھ- ۽ اسان کي کاڌي پيتي کانسواءِ ئي اڳتي
وڌڻو پوندو ھو، تھ نھ صرف مان، پر ڪير بھ اھڙو نھ
ھيو، جنھن جي ان معاملي ۾ ساڻس ڀيٽ ڪري سگھجي. ھو
اسان سڀني کان مٿانھون ھو ۽ وري جڏھن پاڻي جھجھو
ھوندو ھو يا ڪو جشن ڪندا ھئاسين تھ ڪير بھ اھڙو ڪو
نھ ھو، جيڪو واقعي ان مان حقيقي طور لطف اندوز ٿي
سگھي، خاص ڪري مڌ پيئڻ مھل. جيتوڻيڪ ھو تڏھن
پيئندو ھو، جڏھن ڪو کيس مجبور ڪري ۽ پوءِ ھو پيئڻ
۾ اسان سڀني کي مات ڏئي ويندو ھو - ۽ وڌيڪ عجب جي
ڳالھھ اھا تھ اڄ ڏينھن تائين، ھن دنيا ۾ ڪنھن بھ
ماڻھو، ڪڏھن بھ کيس مدھوش نھ ڏٺو آھي ۽ ان جو ثبوت
اجھو ئي اوھان ڏسندؤ جي مان غلط نھ آھيان. ۽ بس
رڳو اھو ئي نھ ھيو. سرديءَ کي سھڻ جي سندس سگھھ بھ
ھڪ عجيب اسرار ھئي. انھن علائقن ۾ سيءَ بھ قھر جا
پوندا ھئا. ھڪ دفعي جي ڳالھھ آ تھ ٻاھر پارو پئي
پيو ۽ ھر ماڻھو يا تھ در اندر ويٺو رھيو يا جيڪڏھن
ڪو ٻاھر ويو بھ پئي تھ پاڻ کي لٽن ڪپڙن سان ويڙھي
سيڙھي، سٿي ۽ ٻٽون ھڻي ٻاھر نڪتو پئي ۽ پنھنجي
پيرن کي ان يا ر جي کل سان ويڙھي ۽ ٻڌي پوءِ گھميو
پئي. اھڙي صورتحال ۾ سقراط، اگھاڙن پيرن سان ۽
پنھنجي ان عام چوغي ۾ ئي ٻاھر نڪتو ۽ برف تي انھن
ماڻھن کان وڌيڪ آرام سان گھميو پئي، جن کي بوٽ
پاتل ھئا. ٻين فوجي سپاھين ھن کي شوخيءَ ۽ شڪ سان
پئي ڏٺو. ھنن ائين سمجھيو تھ ھن جي ائين ڪرڻ جو
مقصد کين شرمندو ڪرڻ ھيو.
”مون ان موضوع تي ڪافي ڳالھايو. پر ”ھڪ ڪارنامو
ٻيو، سورمي جيڪو ڪيو“ بھ ٻڌڻ وٽان آھي. جڏھن ھو
جنگي ھم تي ھيو. ھڪ صبح جو ھو ڪا ڳالھھ سوچي رھيو
ھو پر اھا ڪا کانئس حل نھ پئي ٿي ۽ ھي ان ئي جاءِ
تي، ان بابت سوچ ۾ بيٺو رھيو. اڃا بھ ھو ان کي
سلجھائي نھ سگھيو ۽ ان تي سوچڻ ۾ محو رھيو، تان جو
منجھند ٿي وئي. ان مھل ڪنھن جي نظر تي سوچڻ ۾ محو
رھيو، تان جو منجھند ٿي وئي. ان مھل ڪنھن جي نظر
مٿانئس پئجي وئي ۽ ان عجب وچان ٻئي کي، جنھن وري
ٽئين کي ٻڌايو. ائين اچرج ۾ اچي ويندڙ انبوھھ ۾
اھو ھل ٿي ويو تھ سقراط، سج اڀري کان وٺي ڪنھن سوچ
۾ ٻڏو پيو آھي. آخرڪار سانجھيءَ جو رات جي مانيءَ
کان پوءِ ڪن آيونن، تجسس وچان پنھنجا تڏا ٻاھر آڻي
وڇايا- اھي اونھاري جا ڏھاڙا ھئا- تھ جيئن ٿڌڙي
ھوا ۾ آرام بھ ڪن ۽ ساڳئي وقت سقراط کي بھ ڏسن تھ
ڇا ھو سڄي رت بھ ائين ئي بيٺو رھندو ۽ ھو سڄي رات
ائين اڀ پيري، کتل بيٺو رھيو. تان جو وري اچي سج
اڀريو. پوءِ ھن سج جي پوجا ڪئي ۽ ھليو ويو.
”اوھان جي اجازت سان ھينئر مان توھان کي جنگين جي
باري ۾ بھ ٻڌائڻ چاھيندس. ھن اتي بھ ڪيڏي نھ جرئت
ڏياکري ھئي! سو ساڻس، ان حوالي سان بھ اسان کي
انصاف ڪرڻ گھرجي، جنھن جنگ ۾ مون کي بھادري ۽
شجاعت ڏيکارڻ ڪري انعام عطا ڪيو ويو ھو. ان ۾ اھو
سقراط ئي ھيو، جنھن منھنجي جان بچائي ھئي. جڏھن تھ
ٻيو ڪير بھ مون کي بچائڻ ڪو نھ آيو. مان زخمي ٿي
پيو ھيس، پر ھي ڪٿي ٿو مون کي ائين ڇڏي ڏي. ھن مون
کي بھ ۽ منھنجي ھٿيارن کي بھ بچائي ورتو. شجاعت ۽
بھادري جو اھو انعام کيس ملڻ گھرجي ھا، جيڪو جنرلن
مون کي بخشڻ پئي چاھيو ۽ سقراط توکي ياد ھوندو تھ
مان جنرلن کي ان وقت بھ ائين ئي چيو ھو ۽ سقراط،
تون ھتي بھ تھ ان کان انڪار ڪندين ۽ نھ ئي مون کي
الزام ڏيندين. جنرل منھنجي حق ۾ ٿي بيٺا ھئا. ان
ڪري جو ھڪ تھ منھنجو عھدو وڏو ھو ۽ ٻيو تھ ھي
سقراط خود، جنرلن کان بھ اڃا سرس، ان جو خواھشمند
ھيو تھ اھوا نعام ھو نھ، پر، مان وصول ڪيان.
مھربانو! مان اوھان کي ھڪ ٻيو واقعو بھ ٻڌايان،
جنھن ۾ سقراط جو نظارو ڏسڻ وٽان ھيو. جڏھن ڊيليم
جي جنگ ۾ فوج وٺي ڀاڄ کاڌي. مان گھوڙي سوار دستي ۾
ھيس. جڏھن تھ ھي پيادن ۾ ھيو. ھي ۽ ليڪيس گڏ ھئا.
مان بھ ھنن وٽ اچي پھتس ۽ کين چيم تھ دل نھ لاھجو.
مان بھ اوھان سان سان آھيان ۽ توھان کي اڪيلو ڇڏي
نھ ويندس. ۽ ھتي مون کي سقراط جو پوٽيڊيا کان وڌيڪ
بھتر نموني مشاھدو ڪرڻ جو موقعو مليو. ڇو جو مان
گھوڙي تي سوار ھيس. ۽ ان ڪري خطري کان ٻاھر ھجڻ
ڪري، گھٽ خوفزده ھيس. پھرين ڳالھھ تھ مون ھن کي
ليڪيس کان وڌيڪ پرسڪون ۽ استقلال سان پر ڏٺو ۽ ٻي
اڳلھھ تھ – ارسٽوفينز، جيڪڏھن مان توکان تنھنجو ھڪ
محاورو اڌارو وٺي انھن لفظن ۾ چوان تھ ھن جي ٽور ۽
چال اھا ئي ھئي، جيڪا عام طور اٿينس جي گھٽين ۾
ھوندس اٿس.“ پيئڻ پکي وانگر، مٿو ھوا ۾ جھلي، ٽيڳر
سان سيٽجي ھلندي، ٻنھي پاسن تي اکيون ڦيرائي نگاھھ
وجھندي“ ۽ بلڪل آرام سان دوستن ۽ دشمنن جي حرڪت کي
نظر ۾ رکندي، پري کان ئي ائين ظاھر ۽ واضح ڪري
رھيو ھو تھ جيڪڏھن ڪنھن مٿس آڱر بھ رکي تھ ان جو
کيس منھن ٽوڙ جواب ملندو ۽ ائين ھي ۽ سندس ساٿي
سلامتي سان نڪري آيا. جيڪي جنگ ۾ ائين بھادري سان
وڙھن ٿا. تن جو خير ڪو وار ونگو ٿئي ٿو، پيڇو انھن
جو ٿئي ٿو، جيڪي اٻھرو وٺي ڀاڄ کائين ٿا.
”سقراط جي ساراھھ ۾ سندس کوڙ ساريون اھڙيون حيرت ۾
وجھندڙ ڳالھيون آھن، جيڪي بيان ڪري سگھجن ٿيون،
سندس عام زندگي جا ڪي وھنوار ۽ عادتون ٻين ماڻھن ۾
بھ ساڳيون ٿي سگھن ٿيون. پر ھن جي حقيقي اچرج ۾
وجھندڙ ڳالھھ ھيءَ آھي تھ ھي دنيا جي ڪنھن بھ ٻئي
ماڻھو، آڳاٽي يا ھاڻوڪي، جھڙو نھ آھي، جي اڪائليس
جھڙو ڪو ٻيو ڳوليندؤ تھ توھان کي بريسيبياس (29)
ملي ويندو ۽ اھڙا کوڙ مثال ملي ويندا. جي اوھان
ائين ڪيترن ئي ٻين مشھور ماڻھن جي پاڻ ۾ ڀيٽ ڪيو.
پر ھي اسان وارو يار اھڙو تھ منفرد ۽ عجيب آھي
پنھنجي شخصيت ۽ گفتگو ۾، جو مجال آ جو ھن جھڙو ڪو
ٻيو لھي وڃو، ھن ئي پيڙھي ۾ يا ڪنھن اوائلي جڳ ۾،
جيڪو ھن سان پري جي بھ مشابھت رکندو ھجي! نھ،
جيستائين توھان انسانن سان ڀيٽ ڪرڻ کي ڇڏي ڏيو ۽
سائيلينس ۽ ون ديوتا جي مجسمن سان ڀيٽ ڪري ڪا واھھ
۽ تدبير ڪڍو، جنھن جو مون خود بھ پنھنجي تقرير ۾
ذڪر ڪيو آھي ۽ اھي نھ صرف پنھنجي شڪل شباھت ۾، پر
پيغام ۽ شبدن ۾ بھ ساڻس مشابھت رکن ٿا.
”اصل ۾ مون کي منڍ ۾ اھو ٻڌائڻ وسري ويو ھو تھ ھن
جون ڳالھيون بھ سائيلينس جھڙيون آھن، جڏھن انھن کي
کوليو وڃي. ڪير بھ جڏھن سقراط سان کيس ڳالھائيندو
ٻڌندو تھ پھريائين اھي ڳالھيون کيس مسخري لڳنديون.
اھي اھرن تھ عجيب اکرن، جملن ۽ ٻوليءَ ۾ اوڍيل
ھونديون، ڄڻ ڪنھن گھڻي ڳالھائيندڙ ون ديوتا جي گل
آھن. ڇو تھ ھن جو ڳالھائڻ، خچرن، لوھار، موچي،
سوچي ۽ چمار (چمڙو رنڱيندڙ) جي باري ۾ ھوندو آھي.
۽ ڄڻ تھ سدائين ساڳيون ڳالھيون، ساڳين لفظن ۾
ورجائيندو پيو وتندو. سو جيڪڏھن ڪو جاھل ۽ ھن کان
اڻ واقف ماڻھو، سندس اھي ڳالھيون ٻڌي تھ کلڻ کان
سواءِ رھي نھ سگھندو. پر جيڪڏھن ڪو ھن مجسمي کي
کولي، اندر بيھي وڃي سقراط جي ڳالھين جو مول متو
سوجھي، پروڙي ۽ پڌرو ڪري تھ ھن کي خبر پوندي تھ
سندس لفظن ۾ ھڪ واضح معنيٰ ۽ مقصد رکيل آھي ۽ اھو
تھ سندس گفتگو ڄڻ ديوتا جي آھي ۽ اھا پنھنجي اندر
اعليٰ ۽ آدرشي گڻ، خصلتون ۽ خوبيون سانڍي ۽ سمائي
ٿي ۽ ان جو اطلاق وسيع آھي. حقيقت ۾ سندس گفتگو جي
وستار ۽ وسعت انھن سمورن موضوعن مٿان آھي، جن جي
ان ماڻھو کي ضرورت آھي، جيڪو ھڪ سٺو، معتبر ۽
مانوارو انسان بڻجڻ چاھي ٿو.
”دوستو! مون کي سقراط جي ساراھھ ۾ بس اھو ئي چوڻو
آھي. مان پنھنجي تقرير ۾ ھن جي مٿان مون کي اھنج ۽
ايذاءُ رائڻ جو ڏوھھ ۽ ميار بھ مڙھي آھي ۽ توھان
کي ٻڌايو اٿم تھ ھن ڪيئن منھنجي بيعزتي ڪئي. مان
اوھان کي اھو بھ ٻڌايان تھ رڳو مان ئي نھ آھيان،
جنھن ائين ڀوڳيو ھجي. پر گلاڪون جو پٽ ڪارميدس ۽
ڊايوڪليس جو پٽ يوٿائيڊيمز ۽ ٻيا ڪيترائي اھڙا
آھن، جن سان بھ ساڳيو ڪجھھ وھيو واپريو آھي. ھي
شروعات ۾ تھ انھن سان پيار ڪرڻ جو سانگ رچائي ٿو ۽
پوءِ حقيقت ۾ پاڻ عاشق بدران معشوق بڻجي وڃي ٿو،
تنھن ڪري اگيٿون، مان توکي اھو ٻڌايان ۽ خبردار ٿو
ڪيان تھ متان ھن جي ھٿان لڳيو آھين، منھنجي تجربي
مان پراءِ ۽ بيوقوف نھ ٿي. ھوشيار رھج ۽ جيئن چوني
آھي تھ ”ان ٻار وانگر نھ ٿيو، جيڪو باھھ کان ڊڄڻ،
ان ۾ سڙڻ کان پوءِ سکندو آھي.“ |