توھان ٻڌو سندس جواب، يار حاضر جواب بھ آھي. ڏسو
سندس ان جواب سان سنگت بھ مطمئن ٿي وئي. وري سندس
ھيءَ ڳالھھ بھ ٻڌو. پاڻ ٻڌائي ٿو تھ ھو ھر روز صبح
جو ڊانس ڪندو آھي تھ جيئن ھلڪو ٿئي ۽ سندس ان
ڳالھھ جو ھي شاھد بھ ويٺو آ، ”اھو بلڪل سچ آ، مان
کيس ائين ڪندو ڏسي سمجھيم تھ ھي چريو ٿي ويو آ
الاجي ڇا، پر ھن مون سان گفتگو ڪئي ۽ مان اوھان کي
ٻڌايان تھ ھو مون کي مچائي ويو. ۽ جڏھن مان گھر
موٽيس – توھان يقين ڪندؤ؟ مان ڊانس تھ نھ ڪئي، مون
کي اھا نھ ايندي آھي. پر پوءِ بھ مون پنھنجون
ٻانھون ھيڏانھن ھوڏانھن گول پئي ڦيرايون.“ ٺھيو.
ھن ھمراھھ شاھدي نھ ڏني پر ويل ۾ ويچارو سقراط
پئجي ويو. اڳھون انگل ڪري سقراط کان گانو ٻڌائون.
تڏھن وڃي خوش ٿيا ۽ ھاڻي وري ھي اشڪيل کيس وڌو
اٿائون، ”سقراط! اسان کي بھ ڊانس ڪري ڏيکار.“ پر
ھن جو خيال ھوڏانھن ڇوڪريءَ ڏانھن ڇڪجي ويو آھي.
ھيڏي ڏسو تھ ھوءَ ڪھڙو نھ خطرناڪ ڪرتبَ پئي ڪري.
ھو جمناسٽڪ جو ڪرتب ”سمر سالٽ“ ڪري رھي آھي ۽
تلوارن سان ٺھيل گول دائري مان منڍي ٽپائي رھي
آھي! توھان کي ڪجھھ نھ ٿو ٿئي ائين ڏسندي؟ ڏاڍا
سخت دل آھيو. پر سقراط – ھن جي پريشاني نھ ڏسو،
”ان ۾ ڪو شڪ ڪونھي تھ اھو واقعي بھتر ۽ اچرج ۾
وجھندڙ ڪرتب آھي. پر اھا بھ ڪا وندر چئبي، ھڪ
نوجوان ۽ خوبصورت جيو کي پنھنجي جان اھڙي جوکي ۾
وجھندي ڏسڻ ۾؟ مون کي اھو بلڪل قبول ڪونھي.“ ۽
سندس حساس نرم دل جو قدر ڪندي، ھنن ڇوڪريءَ کي بس
ڪرائي.
اھو ھو سقراط، زينوفون جي سپوزيم ۾. پر ھن جي ھڪڙي
ٻھ بھ ڳالھھ اوھان کي ٻڌايان. ھي تھ اسڪولي ڇوڪرن
سان بھ اھڙو ٿو رلي ملي وڃي، جو ھو ڄڻ پاڻ کي گھر
۾ ٿا محسوس ڪن. ڪا اوپرائپ ئي ڪونھي نھ. سقراط ۽
ڪجھھ ٻيا ڪمري جي ھڪ پرسڪون ڪنڊ ۾ وڃي ويھن ٿا ۽
گفتگو شروع ڪن ٿا. مينيڪسينس ھن کي اوڏانھن ويندو
ڏسي، پنھنجي راند ڇڏي اچي ٿو ۽ پوءِ سندس سنگتي
لائسس بھ سري اچي ھن جي ڀرسان ويھي ٿو ۽ ائين پيا
ڇوڪرا بھ اچي مڙن ٿا. ھو مينيڪسينس کان پڇي ٿو:
”توھان ٻنھي نوجوانن مان وڏو ڪير آ؟“ ”اھو ئي تھ
مسئلو آ، اسان ٻنھي جي وچ ۾.“ ”ڀلا اوھان وچ ۾ اھو
مسئلو بھ آھي ڇا تھ ٻنھي مان خوبصورت ڪير آ؟“ ٻئي
ڇوڪرا کلي ٿا ويھن. ”مان توھان کان اھو نھ پڇندس
تھ ٻنھي مان شاھوڪار ڪير آ، ڇو تھ توھان ٻئي دوست
آھيو. ڇا نھ آھيو؟“ ”ھا، آھيون.“ ”۽ دوستن جون سڀ
شيون گڏيل ھونديون آھن. تنھن ڪري توھان مان ڪير بھ
ٻئي کان شاھوار ٿي نھ ٿو سگھي. جي توھان پاڻ ۾ سچا
سنگتي آھيو.“ ”ھا، اھو بلڪل صحيح آ“ ھو، ھن سان
متفق ٿين ٿا، ۽ سندس چواڻي، ھنن ٻن ”نوجوان
نينگرن“ ۽ ھن پوڙھي نينگر، وچ ۾ دوستيءَ تي ھڪ
گفتگو شروع ٿي وڃي ٿي، جيڪا تڏھن وڃي، اتي اچي ٽٽي
ٿي، جڏھن ڇوڪرن جا استاد، زوريءَ ڪچھري
/
چؤنڪڙي کي ڦٽائن ٿا ۽ ڇوڪرن کي
اچي کنڀي اٿارين ٿا، جو کين گھر وڃڻ لاءِ ڪافي دير
ٿي چڪي آھي.
ائين اٿينس آھي ۽ سقراط آھي – ڪجھھ ڄاڻڻ لاءِ،
چاھھ ۽ اتساھھ سان ڀريل نوجوان ھن کي وڪوڙيون بيٺا
آھن. اسان کي ھي ٻڌاءِ - اسان کي ھو ٻڌاءِ، ھو وٺي
ھل ڪن ٿا. دوستي ڇا ٿيندي آ؟- انصاف ڇا کي چئبو
آ؟- سقراط! اسان توکي ائين ڪو نھ ڇڏينداسين، سچ –
اسان کي سچ گھرجي. ”ڪيڏو نھ مزو آ“ ھو ھڪٻئي کي
چون ٿا، ”ڏاھي ماڻھو کي ڳالھائيندو ٻڌڻ ۾.“
۽ سقراط کين سچ ٻڌايو. سڀني اٿينس وارن کي سچ
ٻڌايو. سچ چوڻ جي ڏوھھ ۾ اچي عدالتن ۾ پھتو. ھن تھ
اتي پھچي ججن کي بھ سچ ٻڌايو ۽ سچ سان اھڙي سچي
ياري رکڻ جي ”ڏوھھ“ ۾ کيس موت جي سزا ملي ٿي.
ڪريٽو کيس جيل مان ڀڄائڻ جي رٿ رٿي آھي. ھن کي اچي
ٻڌائي ٿو، پر ھي يار ان کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏي ٿو.
چي: ”فيصلو جيتوڻيڪ حقيقت تي ٻڌل نھ آھي. پر پوءِ
بھ اھو ھڪ قانوني ۽ جائز عدالت پاران، آھي سو مون
کي اھو قبول ڪرڻ گھرجي“، ۽ ھو ھڪ پٽ يا ڌيءُ وانگر
پنھنجي وطن جي قانونن جي فرمانبرداري ڪري ٿو. پورو
مھينو کيس جيل ۾ گذري چڪو. مقدس جھاز ڊيلاس مان
موٽيو آھي. سو ھاڻي سندس سزا تي عمل ٿي سگھي ٿو.
اڄ کيس ”زھر“ پيئڻو آھي. صبح سندس پيرن مان ٻيڙيون
کليون ھيون. ھينئر سچ لھڻ جو وقت ويجھو اچي ٿيو
آھي. ھن جا چاھڻ وارا سڀ ھن جي چوڌاري ويٺا آھن...
جيلر اچي ٿو، چيئ ٿو: ”سقراط! مون کي توکان اھڙي
شڪايت نھ رھندي، جيڪا ٻين کان رھي اٿم تھ اھي مون
سان ڪاوڙجي پوندا آھن ۽ مون تي لعنتون ۽ ڦٽڪار
وجھندا آھن. جڏھن مان آفيسرن جي حڪم موجب کين زھر
پيئڻ جو اطلاع اچي ڏيندو آھيان. پر مان ھن سڄي
عرصي دوران توکي اشراف خاندان، صبر ۽ ڌيرج وارو
بھترين انسان ڏٺو آھي. انھن مڙني کان مٿانھون،
جيڪي بھ ھتي آيا آھن. سو ھينئر بھ مون کي پڪ آھي
تھ تون مون تي رنج نھ ٿيندين. ڇو تھ تون ڄاڻين ٿو
تھ اھو مان نھ پر ٻيا آھن، جيڪي ان ڏوھھ جا ذميوار
آھن. سو ھاڻي خدا ھافظ ۽ ان اڻٽر کي آرام سان سھڻ
جي ڪوشش ڪر. تون منھنجي اچڻ جو مطلب سمجھي ئي ويو
ھوندين.“ پوءِ ھو مڙي ٿو ۽ ٻاھر وڃڻ لڳي ٿو. ڳوڙھا
سندس اکين مان نار ڪري، ڳلن تان وھڻ لڳن ٿا. سقراط
ھن ڏانھن ڏٺو ۽ چيو: ”توکي بھ خدا حافظ ۽ نيڪ
تمنائون، مان ائين ئي ڪندس، جيئن تون چوندين“ ۽
پوءِ سقراط، ڪريٽو کي زھر آڻائڻ لاءِ چوي ٿو.
ڪريٽو اصرار ڪري ٿو ”اڃا تھ سچ بھ پھاڙين مٿان
بيٺو آھي، ايتري تڪڙ نھ ڪر.“ سقراط انڪار ڪري ٿو.
جيل جو جلاد زھر کڻي اندر اچي ٿو. سقراط کيس ڏسندي
ئي چئي ٿو، ”منھنجا دوست! تون انھن معاملن ۾ ماھر
آھين، ڏس تھ مون کي ھاڻي ڇا ڪرڻو آ؟“ ”ٻيو ڪجھھ بھ
نھ، بس رڳو ھي پيءُ، ۽ پوءِ ايستائين گھمندو رھھ،
جيستائين توکي پنھنجون ڄنگھون ڳوريون محسوس ٿين.
تنھن وقت ليٽي پئجان ۽ پوءِ زھر پنھنجو عمل پاڻ
ڏيکاريندو.“ ۽ ائين چوندي ھو زھر جو پيالو سقراط
ڏانھن وڌائي ٿو ۽ ھو پنھنجي ساڳي ئي ھريل انداز ۾،
کنڀير اکين سان گھوريندي. ھن کان پڇي ٿو. ”تون
ائين سمجھين ٿو تھ ھيءَ سرڪ
/
چڪو مون کي آرام ڪرائڻ لاءِ
ڪافي ئي آھي؟“ سقراط! اسان صرف گھربل مقدار تيار
ڪندا آھيون. ان کان وڌيڪ نھ.“ ۽ پوءِ ھن جي ھٿن
مان پيالو، وڏي سرھائي سان، خوش ٿيندي وٺي ٿو-
”عاشق زھر پياڪ، وھھ ڏسي وھسن گھڻو“ – ”نھ تھ ائين
ڪندي ھو ڪو ڏڪي ٿو، نھ ئي سندس منھن جو پتو لھي
ٿو، يا ڪو رنگ ئي مٽجيس ٿو. پوءِ پيالو، پنھنجي
چپن تي رکندي (ڄڻ تھ ان کي چاھھ مان چمندي) ان
گھڙيءَ ئي سڪون سان پي ڇڏي ٿو.“ اپالودورس، ڪريٽو،
فيدو ۽ کوڙ ٻيا، جيڪي سڀ ھن مھل تائين تھ ڪيئن بھ
ڪري پاڻ کي قابو ڪيون ويٺا ھئا، پر ھن کي زھر
پيئندي ۽ پيالو خالي ڪندي جو ڏٺائون تھ ھاڻي
پنھنجي وس نھ رھيا آھن. ڪوئي روئي ٿو. ڪوئي رڙي
ٿو.... ماتم پئجي وڃي ٿو.... ”ھو تھ يتيم ٿي
ويندا.... ھھڙي پيءُ، ھھڙي دوست جي جدا ٿيڻ تي...“
ھو اھو سوچين ٿا ۽ وري سڏڪن ۾ پئجي وڃن ٿا... آھون
اڀ ڏارين ٿيون.... رڳو سقراط ئي خاموش آھي. ”سچ پڇ
تھ مان ان سبب ڪري زائفن کي اڳ ۾ اماڻي ڇڏيو تھ
متان اھي اھڙي ناسمجھي جو مظآھرو ڪن. ڇو تھ مان
ٻڌو آھي تھ ماڻھوءَ کي سڪون سان مرڻ گھرجي، پوءِ
بس ڪيو ۽ صبر کان ڪم وٺو.“ ھو پشيمان ٿي کڻي چپ ڪن
ٿا. سقراط گھمندو رھي ٿو ۽ پوءِ ٻڌائي ٿو تھ سندس
ڄنگھن مان ھاڻي ست ڇڏائي ويو آ، جو اھي ڳوريون ٿي،
گھلجڻ لڳيون آھن.“ ھو کٽ تي اھلي پئي ٿو، ۽ سندس
جسم آھستي آھستي مٿين پاسي ڏانھن سن ٿيندو وڃي ٿو.
سقراط پاڻ کي ھٿ لائي ڪجھھ محسوس ڪري ٿو ۽ چوي ٿو:
”جڏھن زھر دل تائين پھتو اھا پڄاڻي ھوندي. ”ھاڻي
اثر پيٽ جي ھيٺين حصي تائين پھچي چڪو. ھن پنھنجي
منھن تان لٽو لاٿو ۽ جھيڻي آواز ۾ چيائين، ”ڪريٽو!
اسان ايسڪليپيس (ديوتا) جو ھڪ ڪڪڙ لھڻو. اھو قرض
لاھڻ نھ وسارجان.“ ”ھائو ائين ضرور ڪيو ويندو.
توکي ٻيو ڪجھھ بھ چوڻو آ؟“ کيس ڪو جواب ڪو نھ ٿو
ملي. اچو تھ ڀلا اسان کانئس پڇون، من سقراط ڪو
جملو، ڪو اکر ڳالھائي وجھي.... نھ ھو ڪو جواب ڪو
نھ ٿو ڏئي.... بس سندس جسم ۾ ٿوري جنبش پيدا ٿئي
ٿي. جيل وارو عملدار سقراط مٿان وڌل لٽو لاھي ٿو.
سقراط جون اکيون..... اچو، توھان بھ سري اچي، سندس
منھن ڏسو. .... اکيون تھ ڏسوس. ڪيئن نھ ٽِڪ ٻڌي
بيٺيون آھن. الائي ڇا کي چتائي ڏسن ٿيون، شايد
ڪجھھ چون ٿيون... ڪريٽو اٿي ٿو. سندس وات ۽ اکيون
بند ڪري ٿو.“ ھن جھڙو بااخلاق، داناءُ ۽ انصاف
پسند ھنن پنھنجي سڄي عمر ۾ نھ ٻڌو نھ ڏٺو.“ اھڙو
”ساٿي“ سندن اکين اڳيان، سندن ھٿن مان، کانئن کسجي
وڃي ٿو. لطيف بيتاب ٿي چوي ٿو: گل ڇنو گرنار جو،
گل ڇنو گرنار جو...“
چنڊ جي چوڏھين رات لکيو ويو.
ڊاڪٽر گل
ڏاھيون ڏک ڏسن
(سقراط جي ٻن ڊائيلاگن
(Dialogues)
”پيار“
(Symposium)
۽ ”ڏاھيون ڏک ڏسن“
[Apology]
جو ترجمو، جن کي سقراط جي
شاگرد افلاطون سھيڙيو)
تعارفي نوٽ
”پيار“
(Symposium)
افلاطون جي شروعات لکيل مڪالمن
مان شايد آخري آھي، جو 389 ق-م ۾، سقراط جي موت
کان ڏھھ سال پوءِ جو لکيل آھي. سڄو منظر اگيٿون جي
گھر جو آھي. اگيٿون ھڪ ڏک ڀريو ناٽڪ
(Tragedy)
لکيو جيڪو ھو ناٽڪن جي مقابلي
۾ پيش ڪري ٿو. کيس مقابلي ۾ انعام مليو. اھو کيس
مليل پھريون انعام آھي. ان ڪاميابي جي خوشيءَ ۾،
ھن ٽئين ڏينھن تي پنھنجي گھر، دوستن لاءِ، رات جي
ماني جھلي آھي. اھا
416
ق-م جي ڳالھھ آھي. اٽڪل 15
سالن کان پوءِ (جڏھن سقراط اڃا حيات ھو) اھو
احوال، اپالودورس، ھڪ ٻئي ھمراھھ کي ٻڌائي ٿو،
جيڪو ھن ارسٽوڊيمز کان ٻڌو ھو ۽ ھڪ ڀيرو اڳ،
گلاڪون کي بھ ٻڌايو اٿائين.
پيار
(SYMPOSIUM)
گفتگو ۾ شريڪ ماڻھو
1.
اکيٿون: ميزبان، الميھ شاعري ڪندڙ، نوجوان خوبصورت
شاعر نالي جي معنيٰ اٿس ”سٺو“. گورگياس ۽ پراڊيڪس
جو شاگرد.
2.
سقراط: نالي جي معنيٰ ”زندگي جو مالڪ
/
ڌڻي“ ھن وقت عمر اٽڪل
53
سال.
3.
فيڊرس: افلاطون جو دوست، نالي جي معنيٰ آھي ”روشن،
خوشي مان چمڪندڙ
/
ٻھڪندڙ“ ھپياس ۽ لائسياس جو
شاگرد.
4.
پاسنياس: اگيٿون جو عاشق، نالي جي معنيٰ اٿس
”غمگسار“، ”پراڊيڪس“ جو شاگرد.
5.
اريڪسيميڪس: ھڪ طبيب، نالي جي معنيٰ آھي ”جنگ ۾
بچائيندڙ“ يا فوجي طبيب.
6.
ارسٽوفينز: مشھور مزاحيھ شاعر، ھن وقت عمر اٽڪل 32
سال. نالي جي معنيٰ ”بھترين شڪل
/
صورت“ پنھنجي مزاحيھ ناٽڪ
”بادل“، جيڪو ھن پنج سال اڳ لکيو، تنھن ۾ سقراط تي
ٺٺول ڪئي ھئائين.
7.
السيبيادس: نالي جي معنيٰ آھي، ”زندگيءَ جو سگھارو
محافظ“، عمر اٽڪل 35 سال، ناميارو سياستدان.
اڄڪلھھ اٿينس ۾ پنھنجي سياسي قوت جي اوج کي پھتل
ھڪ يوناني جون ھڙئي خصلتون منجھس موجود آھن، ويندي
”سقراط“ ۽ ”يوليسس“ جون بھ، ڏاڍو خوبصورت ۽ ذھين،
پر عياش ۽ بدچلن، سقراط جو وڏو مداح، سقراط ھڪ جنگ
۾ سندس جان بچائي ھئي جڏھن سندس عمر اٽڪل 19 سال
ھئي.
-
ڊايوٽما، ھڪ فرضي ڪردار آھي، جنھن جو تاريخي وجود
نھ ٿو ملي.
پيار
SYMPOSIUM
اپالودورس: مزيدر ڳالھھ اھا آھي تھ مان ھڪ دفعو
اڳي بھ ساڳيو قصو ٻڌائي چڪو آھيان، جيڪو تو مون
کان پڇين پيو، ڇو تھ ٽيون ڏينھن، جڏھن مان فليرم
مان پنھنجي گھران نڪري شھر ڏانھن آيس پئي تھ
منھنجي ھڪ واقف ڪار مون کي ڏسي ورتو ۽ پري کان ئي
ٽوڪ واري انداز ۾ رڙ ڪري چيائين ”او فليري (1)
اپالودورس وو! اتي بيھجان مان اچان ٿو. بيھين
نٿو؟“ مان بيھي رھيس. ”اپالودورس، مان اجھو اجھو
تنھنجي ڳولا پئي ڪئي“ ھن چيو ”تھ جيئن توکان اھو
سربستو احوال وٺان تھ اگيٿون جي گھر، ان رات جي
مانيءَ تي سقراط السيبيادس ۽ ٻين پيار جي واکاڻ ۾
ڪھڙيون ڪھڙيون تقريرون ڪيون. اصل ۾ اھو احوال فلپ
واري پٽ فوئينڪس. ٻئي ھڪڙي ھمراھھ کي ٻڌايو ھو،
جنھن کان وري مون ٻڌو. ھن وارو بيان مڙئي ڪجھھ
مجھيل ھيو. ھن اھو بھ ٻڌايو تھ توکي ان واقعي جي
سموري سڌ آھي، سو مون کي اميد تھ تون مون کي سڄو
قصو ”الف“ کان وٺي ”ي“ تائين بيان ڪري ٻڌايئندين.
سقراط تنھنجو دوست آھي، سو سندس گفتگو بيان ڪرڻ
لاءِ بھترين ماڻھو توکان وڌيڪ ڪو ٻيو؟ پر پھريون
اھو ٻڌاءِ تھ تون پاڻ ان دعوت ۾ ھئين؟“
مون ھن کي چيو: ”گلاڪون واقعي ھن ھمراھھ جو احوال
توکي منجھيل معلوم ٿيندو. جي تون اڳ ۾ ئي اھو
سمجھي ويٺو ھوندين تھ ڪو اھو واقعو ويجھڙائي ۾ ئي
ٿيو آھي يا اھو تھ مان بھ ڪو انھن سان گڏ مانيءَ
تي ھيس.“
”مان تھ ڄاڻي بھ ائين سمجھي ويٺو ھيس.“
”منھنجا پيارا گلاڪون تو ائين ڪيئن سمجھي ڇڏيو؟ ڇا
توکي خبر نھ آھي تھ ڪيترن سالن کان اگيٿون اٿينس ۾
رھندو ئي ناھي ۽ سقراط سان منھنجي واقفيت کي اھي
ڪي ٽي سال مس ٿيا آھن، جو مون پنھنجو اھو روز جو
معمول بڻايو آھي تھ ھو جيڪي ڪجھھ چئي ٿو يا ڪري
ٿو. تنھن جي خبر رکان. ڪو وقت ھيو جو مان دنيا
لتاڙي ان وھم ۽ گمان ۾ ھئس. مان وڏي شيءِ ٿي ويو
آھيان. جڏھن تھ حقيقت ۾ سڄي ڌرتيءَ تي مان وڌ ۾ وڌ
نڀاڳو ۽ نامراد شخص ھئس. بلڪل ائين جيئن ھينئر
تنھنجي حالت آھي. مان سوچيندو ھئس تھ مون کي فلسفي
ٿيڻ بجاءِ، ڪھڙو بھ ٻيو ڪم ڪار ڪرڻ گھرجي.“
”چڱو ھاڻي اھي ڀوڳ ٺڪاءَ ڇڏ“ ھن چيو ”۽ مون کي
ٻڌاءِ تھ اھا مجلس ٿي ڪڏھن ھئي؟“
”اسان جي ننڍپڻ ۾“ مون وراڻيو ”جڏھن اگيٿون کي
پنھنجي پھرين ڏک ڀرئي ناٽڪ تي انعام مليو ھو، ان
کان ٻئي ڏينھن تي جڏھن ھن پنھنجي ساٿي فنڪارن سان
گڏجي، پنھنجي سوڀ جي ڀيٽا ڏني ھئي.“
”پوءِ تھ اھا ڏاڍي پراڻي ڳالھھ چئبي، ڀلا توکي
ڪنھن ٻڌايو؟ - سقراط پاڻ ڇا؟“
”نھ، نھ“ مون وراڻيو ”مون کي بھ ان ساڳئي ھمراھھ
ٻڌايو جنھن فوئينڪس کي ٻڌايو – ھو ھڪڙو ننڍڙو
ھمراھھ ناھي جنھن ڪڏھن بھ پيرن ۾ جتي پائڻ جي
تڪليف نھ ڪئي آھي – سائڊ اٿينيم وارو ارسٽوڊيمز.
ھو اگيٿون جي دعوت ۾ موجود ھيو. ۽ منھنجي خيال ۾،
انھن ڏھاڙن ۾ ھن کان وڌيڪ سقراط جو مداح ٻيو ڪو بھ
نھ ھيو. وڌيڪ اھو تھ مون خود سقراط کان ھن جي بيان
جي ڪجھھ حصن جي سچائي جي باري ۾ پڇا ڪئي ۽ سقراط
پاڻ ھن جي ٻين سڀني ڳالھين جي پڻ تصديق ڪئي.“
”پوءِ ڀلا تون ايترو انتظار ڇو ٿو ڪرائين؟ ڇا
اٿينس تائين ھي رستو اسان جي گفتگو لاءِ ئي نھ
ٺاھيو ويو آ“ گلاڪون چيو،
۽ ائين پوءِ اسان رستي تي ھلندا بھ ريھاسين ۽ ان
رات جو پيار بابت ڪيل بحث مباحثي جي باري ۾ گفتار
بھ پئي ھلندي رھي.
”اپالو درس“، تنھن ڪري ئي جيئن مون توکي شروع ۾ بھ
چيو تھ مان تنھنجو عرض اگھائيندي، اھو قصو سٺي
نموني ٻڌائي سگھان ٿو. سو جي چاھين ئي ٿو تھ پوءِ
مان ان کي ضرور بھ ورجائيندس. سچ پڇين تھ مون کي
پاڻ کي فلسفو ڳالھائڻ يا ڪنھن ٻئي کي فلسفي تي
ڳالھائيندي ٻڌڻ ۾ وڌ ۾ وڌ راحت ۽ فرحت اچي ٿي. ان
منجھان ملندڙ نفعي واري تھ ڳالھھ ئي الڳ آ. – جڏھن
مان ڪا اھڙي گفتگو ٻڌان ٿو – خاص ڪري توھان جھڙن
شاھڪارن ۽ واپارين واري گفتگو – تھ مون کي بيزاري
ٿئي ٿي ۽ توھان تي رحم اچي ٿو، توھان جيڪي منھنجا
سنگتي آھيو ۽ ائين سمجھو ٿا تھ توھان اصلي ڪا وڏي
مڻيا ھٿ ڪري ورتي آھي. جڏھن تھ حقيقت ۾ توھان کي
ڪا ھڙ حاصل نھ ٿي آھي ۽ مون ۾ اھو چوڻ جي جرئت بھ
آھ تھ توھان وري مون کي نڀاڳو ۽ نامراد شخص سمجھي.
الٽو مون تي رحم کائيندا ھوندؤ، جيڪس تھ اوھان
صحيح ئي آھيو، پر اوھان جي باري ۾ منھنجو جيڪو
خيال آھي سو گمان تي نھ پر ڄاڻ تي ٻڌل آھي - ۽ اھو
ئي تھ فرق آھي....؟
ھمراھھ: اپالودورس، تون سدائين اھو ائين رھيو
آھين، نھ مٽي جو نھ مٽئين – سدائين پنھنجن ۽ ٻين
جي براين بابت پيو ڳالھائيندين ۽ مون کي ويساھھ
آھي تھ توکي سڄي انسان ذات جو ارمان آ سواءِ سقراط
جي ۽ پھريون پنھنجو اٿئي. ان سلسلي ۾ تنھنجو اھ
پراڻو نالو درست ئي آھي يعني چريو اپالودورس، جيڪو
تون گھٽ ۾ گھٽ جي حد تائين تھ ضرور آھين. جيتوڻيڪ
مون کي خبر آھي تھ توتي اھو نالو ڪيئن پيو. تون
سدائين پنھنجو پاڻ تي ھڪ سقراط کي ڇڏي ٻي سڄي دنيا
تي ڦوڪيو ٿو وتين.“
اپالودورس: ”ھائو دوست، منھنجي مت کسيل ۽ سودائي
سڏجڻ جا سبب منھنجا پنھنجي ۽ ٻين جي باري ۾ اھي
خيال ۽ گمان ئي آھن. ٻي ڪنھن بھ شاھدي ۽ ثابتي جي
ضرورت ئي ناھي. ائين نھ؟
ھمراھھ: ”بس يار بس – گھڻو ٿيو. پاڻ ھاڻ ان تي بحث
بند ڪيون تھ چڱو. مان پنھنجو عرض وري ورجايان ٿو
تھ تون قرب ڪري ھاڻي مون کي اھا گفتگو ٻڌاءِ ئي
کڻي.“
اپالودورس: ھائو اھو پيار جو قصو ڪجھھ ھن ريت آھي
– پر شايد بھتر ائين ٿيندو جو مان ارسٽوڊيمز وانگر
قصو منڍ کان شروع ڪيان ۽ ڪوشش ڪندس تھ توکي
ارسٽوڊيمز جي لفظن ۾ ئي ٻڌايان. سندس قصو ھن ريت
آھي:
-
مان سقراط سان ان وقت مليس. جڏھن ھو اڃا تازو تڙ
ڪري نڪتو ھو ۽ پيرن ۾ چؤنپل بھ پاتل ھس – اھي ٻھ
شيون جيڪي گھڻي ڀاڱي سقراط جي دستور ۾ شامل ئي نھ
ھونديون آھن. مون کانئس پڇيو تھ ”ڀلا اڄ ھي
پوشاڪون پھري ڪيڏانھن ڪاھھ آھي؟“ ”اگيٿون جي
مانيءَ تي“ ھن وراڻيو، ”مان سندس ڪلھوڪي انعام کٽڻ
جي خوشيءَ ۾ ڪيل دعوت کان ان ڪري نٽائي ويس جو اتي
ماڻھن جي پيڙھھ جو انديشو ھو، پر ساڻس وعدو ڪيو
ھيم تھ ان بجاءِ اڄ ھن ڏي ايندس. تنھن ڪري اڄ ھي
تيل ڦليل ڪيا آھن. ڇو تھ ھو بھ سھڻو جوان آھي ۽
جڏھن بھ ڪو ڪنھن خوبصورت ماڻھوءَ سان ملڻ وڃي تھ
پاڻ سينگاري وڃي.“ ۽ پوءِ ھن مون کان پڇيو. ”ڀلا
تون بھ مون سان گڏ ھلندين، جيتوڻيڪ توکي سڏ نھ
آھي؟“ مون وراڻيو، ”مون کي توھان جيئن حڪم ڪندؤ،
حاضر آھيان.“ ”تھ پوءِ مون سان گڏجي ھل ۽ اڄ اسان
ان چوڻي کي ختم ٿا ڪري ڇڏيون تھ:
”نيچ ماڻھن جي دعوت ۾ سٺا ماڻھو ري صلاحيا ئي
ويندا آھن.“
ان جي بدران اڄ کان اسان جي ھيءَ چوڻي ھلندي تھ:
”سٺن ماڻھن جي دعوت ۾ سٺا ماڻھو ري صلاحيا ئي
ويندا آھن.“
۽ ھن تبديلي جي حمايت ھومر جي آڌار تي پڻ ڪري
سگھجي ٿي. جيڪو ان چوڻي کي نھ صرف ڊاھي پٽ ڪيرائي
ٿو، پر ائين کڻي چئجي تھ ان جا ڌاڻا ڪڍي ٿو ڇڏي.
ڇو تھ ھو اگيميمنن کي ھڪ تمام دلير انسان ڏيکارڻ
کانپوءِ، مينيلاس کي، جيڪو ھڪ بزدل ويڙھو آھي.
تنھن کي ري صلاحيو اگيمينن جي دعوت ۾ شريڪ ڏيکاري
ٿو، جيڪا ھن پنھنجي طرفان ڪيل قرباني جي موقعي تي
ڏني آھي. يعني ھڪ بھتر، بدتر ڏي نھ، پر بدتر بھتر
ڏانھن وڃي ٿو.“
.سقراط ون کي دپ ٿو ٿئي.“ مون چيو، ”نھ ڄاڻان مون
وارو قصو بھ ساڳيو ئي ھجي ۽ ائين جيئن مينيلاس کي
ھومر ڄاڻايو آھي. تيئن مان بھ ھڪ نيچ انسان ھجان،
جيڪو ”ڏاھن جي دعوت ۾ ري صلاحيو وڃي ٿو“ سو چي تون
مون کي ساڻ وٺيون ھلين ٿو تھ پاڻ ئي ڪو بھانو يا
عذر ڳولي ھٿ ڪجان. ڇو تھ مان ائين ڪو نھ چوندس تھ
ڪو مان اڻ ڪوٺيو آيو آھيان، مان تھ کين ائين
ٻڌائيندس تھ مون کي سقراط صلاحي ساڻ کنيو آ.“ |