سنڌ
۾ مسلمانن جي تعليمي حالت
اڻ پڙهيل |
مرد |
زالون |
جوڙ |
|
61568، |
51775، |
113343 |
|
25933، |
16066، |
41999 |
|
27355، |
11614، |
15741 |
|
123379، |
98180، |
221559 |
|
226621، |
177635، |
404256 |
|
پڙهيل |
مرد |
زالون |
جوڙ |
|
412 |
86 |
498 |
|
677 |
86 |
763 |
|
593 |
112 |
705 |
|
4884 |
670 |
5554 |
|
6566 |
954 |
7520 |
|
انگريزي دان |
مرد |
زالون |
جوڙ |
عمر |
1 |
-- |
1 |
0-10 سال |
57 |
6 |
63 |
10-15 سال |
47 |
-- |
47 |
15-20 سال |
326 |
23 |
349 |
20کان30 |
431 |
29 |
460 |
ڪل جوڙ |
|
|
|
|
|
|
|
سنڌ
۾ هندن جي تعليمي حالت
اڻ پڙهيل |
مرد |
زالون |
ڪل جوڙ |
|
58071 |
53447 |
11518 |
|
23016 |
15398 |
38414 |
|
14235 |
10823 |
25058 |
|
110753 |
87943 |
918696 |
|
206075 |
167600 |
1373686 |
|
پڙهيل |
مرد |
زالون |
ڪل جوڙ |
|
632 |
215 |
837 |
|
1107 |
479 |
1386 |
|
1304 |
212 |
092 |
|
8074 |
864 |
8938 |
|
0895 |
1570 |
12465 |
|
انگريزي دان |
مرد |
زالون |
جوڙ |
عمر |
23 |
5 |
28 |
10 سال تائين |
129 |
8 |
137 |
10-15 سال“ |
1298 |
8 |
306 |
15-20 سال “ |
1709 |
42 |
1751 |
20 کان مٿي |
2159 |
63 |
2222 |
ڪل جوڙ |
ورتل: رپورٽ سنڌ محمدن ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس،
حيدرآباد 1924ع.
انگريزي آرٽس ڪاليجن ۾ سنڌي مسلمانن ۽ هندن جو
تعداد سال 1922- 1923ع ۾ ڪل مسلمان شاگرد 72 هئا.
سال
1924ع ۾ سنڌي مسلمانن ۽ هندن جو تعداد هيٺين طرح
آهي.
ڪاليج |
هندو |
مسلمان |
ايلفنسٽنٽ ڪاليج |
10 |
1 |
ڊيڪن ڪاليج |
1 |
0 |
گجرات ڪاليج |
1 |
0 |
راڻل انسٽيٽيوٽ آف سائنس
|
10 |
0 |
ولسن ڪاليج |
1 |
0 |
سينٽ زيوير ڪاليج |
4 |
1 |
فرگونسن ڪاليج |
9 |
4 |
بهاؤالدين ڪاليج |
0 |
1 |
ساملداس ڪاليج |
4 |
0 |
بڙودا ڪاليج |
13 |
6 |
سنڌ ڪاليج |
466 |
79 |
مسلم يونيورسٽي عليڳڙه |
0 |
17 |
نيشنل ڪاليج حيدرآباد |
74 |
15 |
سڀني ڪاليجن ۾ |
593 |
124 |
هنري ڪاليج |
گورنمينٽ لاسڪول بمبئي |
5 |
7 |
گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج بمبئي |
35 |
3 |
انجنيئرنگ ڪاليج پونه |
6 |
2 |
ايگريڪلچرل ڪاليج پونه |
5 |
2 |
سڊنهم ڪاليج آف ڪامرس بمبئي |
2 |
-- |
لاڪاليج پونا |
3 |
1 |
فاريسٽ ڪاليج ڪوئيمبٽور |
1 |
1 |
لائلپور ايگريڪلچرل اسڪول |
4 |
1 |
ڪراچي انجنيئرنگ ڪاليج |
-- |
-- |
يونيورسٽي لاءِ |
99 |
3 |
سڀني تعليمي ادارن ۾ |
160 |
20 |
|
|
|
|
|
1924ع ۾ انگريزي اسڪولن ۾ شاگردن جو تعداد
هندو مسلمان
67161769
سال
1922-1923ع ۾ مسلمانن جو تعداد 1720 هو. يعني هڪ
سال اندر صرف مسلمان 49 ڇوڪرا وڌيا.
ابتدائي تعليم
سال
1922-1923ع شاگردن جو تعداد هيٺئين ريت هو:
هندو مسلمان
4901944246
انهن
44246 ڇوڪرن مان 7ء 51 يعني اڌ کان مٿي فقط ملن جي
اسڪولن ۾ ابتدائي تعليم وٺندڙ هئا.
سنڌي
ٽريننگ ڪاليجن ۾ ماستري پڙهندڙ شاگرد
ڪلاس
مردانه ٽريننگ ڪاليج 1924 زنانه ٽريننگ ڪاليج 1923
ڪلاس |
هندو |
مسلمان |
ٻيا |
ڪل |
ڪلاس |
هندو |
مسلمان |
ٻيا |
ڪل |
سيڪنڊ |
9 |
10 |
-- |
19 |
ابتدائي |
13 |
3 |
-- |
16 |
ٿرڊ |
35 |
35 |
1 |
71 |
پهريون |
8 |
-- |
-- |
8 |
|
|
|
|
|
ٻيوسال |
3 |
-- |
-- |
3 |
|
|
|
|
|
ٽيوسال |
1 |
-- |
1 |
2 |
رپورٽ: سنڌ محمدن ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس حيدرآباد
1924ع.
هندو
مسلمان يا
ڪل
جوڙ 44-45-1 90 ڪل جوڙ 25-3-1 جوڙ 29
حيدرآباد ميڊيڪل اسڪول 1884ع کان 1921 تائين ڪل
431 شاگرد پاس ٿيا جن مان فقط 31 مسلمان هئا. ان
کان پوءِ 1924ع ۾ هيٺين طرح تناسب هو.
ڪلاس |
مسلمان |
غيرمسلمان |
سنڌي |
غيرسنڌي |
ڪل جوڙ |
پهريون سال |
5 |
17 |
9 |
13 |
22 |
ٻيون سال |
3 |
10 |
6 |
7 |
12 |
ٽيون سال |
3 |
7 |
3 |
7 |
10 |
چوٿون سال |
3 |
6 |
7 |
2 |
9 |
ڪل تعداد |
14 |
40 |
25 |
29 |
108 |
شاگردن جو تناسب |
1936-1937 |
1937-1938 |
واڌارو |
يورپين ۽ ائنگلو انڊي |
3 |
6 |
+ 3 واڌ |
انڊين ڪرسچن |
30 |
28 |
- 2 گهٽ |
هندو |
978 |
1046 |
- 79 واڌ |
مسلمان |
168 |
150 |
- 18 گهٽ |
پارسي |
48 |
53 |
- 5 واڌ |
سکهه |
27 |
29 |
- 2 واڌ(1) |
ڪل |
1262 |
1318 |
56 واڌ |
اي.
وي. اسڪوليس
انڊين ڪرسچن |
35 |
34 |
9ء2 گهٽ |
هندو |
004، 14 |
699، 14 |
0ء25 واڌ |
مسلمان |
473، 4 |
605، 4 |
0ء3 واڌ |
پارسي |
275 |
276 |
09ء0 واڌ |
ٻيا مذهب |
336 |
494 |
00ء28 واڌ |
ڪل جوڙ |
73، 191 |
108، 20 |
409 واڌ |
1941ع ۾ ڪاليجن ۾ مسلمانن جو تناسب
|
هندو |
مسلمان |
انگريزي ڪاليجن ۾ |
578، 1 |
152 |
انگريزي اسڪولن ۾ |
188، 21 |
691، 4 |
ابتدائي اسڪولن ۾ |
228، 73، 1 |
735، 8
(1) |
سنڌ
جا مسلمان انگريزن جا غلام ۽ هندن جا ٻانها بنجي
ويا. مسلمانن کي احساس ٿيو ته جيڪڏهن پاڪستان حاصل
نه ڪيو ويو ته گڏيل هندستان ۾ مسلمان مٽجي ويندا،
سنڌ، هندستان ۾ اسلام جو دروازو هو، اسلامي تبليغ
هتي زور شور سان هلي هندو اقليت ۾ هئا، هن واقليت،
انهيءَ نعري کي عملي طور هر ممڪن نموني ۾ مسلمانن
جي خلاف استعمال ڪيو، تحريڪ خلافت ۽ هجرت ۾ سنڌ
جي مسلمانن کي بي انتها مالي ۽ جاني نقصان ٿيو.
”لوڪمانيه تلڪ جون هلايل تحريڪون، گئودان شيوا جي
مرهٽي کي هيرو ڪري مڃڻ، آريه سماجين طرفان اسلام ۽
پيغمبر اسلام صلعم تي حملا ڪرڻ ۽ شڌي جي تحريڪ
اهڙا غلط ۽ هاڃيڪار حربا هئا، جن هتي جي غيرت پرست
۽ خدا جي توحيدي تصور کي مڃڻ وارن هندن کي بلڪل
بدلي ڇڏيو. سنڌ ۾ به فرقيوار فساد شروع ٿيا، هندن
ڳوٺن مان لڏي شهرن تي قبضو ڪيو. ازان سواءِ منظم
پروگرام هيٺ، ٻاهران هندو گهرائي، سنڌ جي مختلف
ضلعن ۾ آباد ڪيا، جئن مسلم اڪثريت کي اقليت ۾
تبديل ڪري سگهجي،۽ غريب مسلمان جيڪي روزگار جي
معمولي ذريعن ۾ مشغول هئا، تن کي اقتصادي طور
مفلوج بنايو ويو.
(1)
انگريزن جي سرپرستي حاصل ٿيڻ کان پوءِ هندن طرفان
هڪ منظم سازش هيٺ مسلمانن جي مذهبي پيغمبر، جرنيلن
۽ اڳواڻن خلاف مضمون، اشتهاري ڪتابچه، پوسٽر ۽
ڪتاب شايع ٿيڻ لڳا، هن سلسلي ۾ ”سندري“،”قتل حقيقت
راءِ“، ”وير درگاداس“ وغيره جو مثال ڏيئي سگهجي
ٿو. ”قراني الله ميان جي صنعت“ ”قراني الله ميان
جي تصوير“ ڪتاب ۽ اسلامي بهشت جا فوٽو شايع ٿيا.
سنڌ جي مسلمان عالمن، هندن جي انهن لکيل ڪتابن جا
جواب ڏنا: 1935ع جي آئيني سڌارن جي هندن مخالفت
ڪئي، ڇو ته انهن سڌارن موجب سنڌ بمبئي کان الڳ ڪري
ڌار صوبو بنايو ويو. بهرحال نيون چونڊون 1937ع ۾
ٿيون ۽ صوبن ۾ نمائينده وزارتون ٺهيون، جن صوبن ۾
ڪانگريس حڪومت ٺاهي، اتي مسلمانن جي زندگي عذاب
بنجي ويئي. نواب صديق علي خان ۽ سيد رئوف شاه جي
اڳواڻي هيٺ اقليتيءَ صوبن جو هڪ وفد سنڌ آيو، جنهن
عام جلسن ۾ ڪانگريس حڪومت جي اڳواڻن ۽ متعصب هندن
جي اصل مقصدن کي واضح ڪري ”شارڌا“ ۽ ”وارڌا“ جي
مسلم ڪش ۽ بندي ماترم تحريڪ خلاف هتي جي مسلمانن
کي سجاڳ ڪيو.
(1)
سنڌ
جي سياست تي پڻ هندن جو قبضو هو، هندو جنهن کي
چاهين تنهن کي وزارت ۾ آڻين ۽ ڊاهين. وزارت کي هنن
پنهنجي مطلب ۽ مفاد ۾ استعمال ٿي ڪيو، سرڪاري
نوڪرين ۾ مسلمان اٽي ۾ لوڻ برابر هئا، وڏين نوڪرين
۽ انتظامي مشنريءَ تي پڻ هندن جو قبضو هو، تعليم
جون سهوليتون هندن کي هيون، مسلمان شاگردن کي دل
شڪسته ۽ بي همٿ ڪيو ٿي ويو. سنڌ جي زميندارن جي
اڪثريت هندن جي مقروض هئي، مسلمانن جا زيور ۽
زمينون هندن وٽ وڏي وياج تي گروي طور رکيون
وينديون هيون، جن جا اڪثر مالڪ هندو ٿي ويا. ڳاٽي
ٽوڙ وياج سبب زميندار پنهنجون زمينون وڃائي ويٺا،
واپار ۽ صنعت تي هندن جو قبضو هو. سنڌ جا مسلمان
تعليم ۾ پوئتي پيل هئا، تنهن ڪري اڪثر مسلمان هندن
جي کوٽ ۽ ڪوڌ ۾ ڦرجي ڏينهون ڏينهن پوئتي پوندا ٿي
ويا. قاعدي ۽ قانون کان اڻ واقف هئڻ سبب اڪثر سنڌ
جا مسلمان، هندو ۽ انگريز ڪامورا شاهي جي حراس
سبب احساس ڪمتري جو شڪار ٿيڻ لڳا. اقليتي صوبن جا
مسلمان ته ويل ۾ هئا هر وقت فرقيوارانه فسادات
ٿيندا رهندا هئا، جن ۾ ڪيترا مسلمان شهيد ٿي ويا.
هندو ۽ مسلمان جي وچ ۾ ڀائچاري وارو رستو ختم ٿي
ويو. هندو سرمائيدار مسلمانن کي نيچ ۽ ناپاڪ سمجهڻ
لڳا. تاريخ 5، 6 نومبر 1940ع ۾ هندو مسلم ايڪتا
ڪانفرنس زير صدارت مولانا چشتي جي نواب شاه ۾
منعقد ٿي. هن پنهنجي صدارتي تقرير ۾ ذڪر ڪيو ته
”جنهن ڳالهه اسان جي وطن عزيز کي عرب ۽ عجم،
آفريڪا ۽ آمريڪا، يورپ چين ۽ جپان ۾ بدنام ڪيو
آهي، سو آهي! اسٽيشن، آفيسن ۽ اسڪولن ۾ هندو پاڻي،
مسلم پاڻيءَ جو ويڇو. اهو ويڇو هندن جي پيداوار
هو. ڪن هندن جي دڪان تي مسلمان لاءِ الڳ گلاس رکيا
ويا هئا.
(1)
سنڌ
۾ سياست تي هندن جو ڪنٽرول هو، حالانڪ اسيمبليءَ ۾
مسلمانن جي اڪثريت هئي: جڏهن به هندو محاذ وارو بل
اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيو ٿي ويو تڏهن هندو هڪ ٿي ٿي
ويا، مسلمانن جي مفاد واري سوال جي هندن هميشہ
مخالفت ٿي ڪئي؛ تعليمي ميدان ۾ هندو مسلمانن کان
اڳتي هئا، حڪومت جي کين پٺڀرائي هئي. واپار تي
هندن جو مڪمل ضابطو هو، حالانڪ ٽالپرن جي پوئين
دور کان وٺي اقتصاديات تي هندن جو قبضو هو.
”ٽالپوري عهدي جي پوئين دور ۾ وياج خور واڻئي سنڌ
جي هر ويسن ۽ واهڻن توڙي ڳوٺ ۽ شهر ۾ پنهنجي
سرمائيداري جو ڄار پکيڙي، مزدور، ڪاسبي، هاري،
توڙي ننڍي کاتيدار ۽ زميندار جي اقتصادي خوشحالي
کي ختم ڪري ڇڏيو هو.
(2)
جڏهن انگريزن هندن جي سرپرستي
شروع ڪئي تڏهن مسلمانن جون زمينون هندن وٽ وڏي
وياج تي گروي رکيون ويون، سي آهستي آهستي هندن جي
ملڪيت ٿي ويون.
گڏيل
هندستان ۾ جئن ته کين قومي حڪومت جي سرپرستي حاصل
ٿئي ها ته هندو پنهنجن حرڪتن ۽ حرفتن ۾ وڌيڪ
خطرناڪ ثابت ٿئي ها. ان ڪري مسلمانن هر صورت ۽ هر
ذريعي سان سندس مخالفت ڪندي، پاڪستان جي حمايت
ڪئي. مسلمان پاڪستان جي نعره تي گڏ ٿي الڳ وطن
قائم ڪرڻ جي تحريڪ هلائي. جيڪڏهن مسلمان ڇڙوڇڙ ٿي
هندن سان گڏيل هندستان ۾ گڏ رهن ها ته مسلمان
هميشہ ڪسمپرسيءَ جي زندگي گذارين ها؛ بخل سان رهن
ها، وياج کائين ها ۽ ٻيون هر قسم جون قباحتون عمل
۾ آڻين ها، جيڪي مذهبي طور سندس لاءِ اڻوڻندڙ،
معيوب ۽ حرام جي حد تائين ذليل هيون. ۽ اهڙيءَ طرح
به شايد هندو تسلط جو نه مقابلو ڪري سگهي ها ۽ نه
ان کي ختم ڪري سگهي ها. اهي ئي سبب هئا جو سنڌ جي
مسلمانن آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان لاءِ جدوجهد
ڪئي. سنڌ جو سپوت قائداعظم محمد علي جناح پاڪستان
تحريڪ جو اڳواڻ هو ۽ سنڌ مان حاجي عبدالله هارون
جي- ايم سيد، محمد ايوب کهڙو، آغا غلام نبي پٺاڻ،
غلام حسين هدايت الله، پير الاهي بخش مکي ٻانهن
ٻيلي هئا. انهن سان گڏ سنڌ جا سياستدان، زميندار،
هاري، شاگرد، عورتون، پاڪستان قائم ڪرڻ لاءِ
پنهنجو رت ۽ ست قربان ڪيو.
مسلم
ليگ جي ٻيهر تنظيم
سال
1935ع ۾ قائداعظم هندستان آيو. ”جڏهن جناح صاحب
مسلم ليگ کي ٻيهر منظم ڪرڻ شروع ڪيو، تڏهن پنجاب
جو سر فضل حسين انتظامي ڪائونسل مان موٽي اچي
يونينسٽ پارٽيءَ کي زنده ڪيو. جناح صاحب کي ٽن
سالن لاءِ صدر نامزد ڪيو ويو. مسلم ليگ جي ڪمزوري
تڏهن منظر عام تي آئي، جڏهن 1937ع جي اليڪشن ۾
مسلم ليگ کي مسلمانن جا 6. 4 سيڪڙو ووٽ مليا.“
پوري هندستان ۾ مسلم ليگ جو هڪ ٻه اميدوار ڪامياب
ٿيا سي به جلدي مسلم ليگ کي ڇڏي ٻين پارٽين ۾
شامل. ٿيا. 1937ع ۾ هندستان جي صوبن ۾ اليڪشن تي،
مسٽر جناح ڪوشش ڪئي ته مسلمانن جي آزاد خيال سياسي
رهنمائن جي مدد سان مسلم ليگ چونڊ ۾ حصو وٺي، ۽
نوابن ، سرن ۽ خانبهادرن جو مقابلو ڪري! مگر ان کي
هر هڪ صوبي ۾ ناڪامي ٿي، پنجاب ۾ صرف ٻه مسلم ليگي
اميدوار ڪامياب ٿيا جن ۾ هڪ راجه غضنفر علي خان
جيڪو جلد پوءِ يونينسٽ پارٽي (جنهن جو ليڊر سر
سڪندر حيات خان هو) ۾ شامل ٿيو. باقي هڪ ميمبر ملڪ
برڪت علي هو. ٻيو ته ٺهيو پر نوابزاده لياقت علي
خان به مسٽر جناح جي پارليامينٽري بورڊ تان
استعيفا ڏئي ڇڏي ۽ هڪ بيان جاري ڪيو ته ”مسٽر جناح
پارليامينٽري بورڊ ۾ صرف هڪ خيال جي ماڻهن کي ڀري
ڇڏيو آهي، جن جو قوم ۾ ڪو به وقار نه آهي ۽ انهن
ماڻهن کي نظر انداز ڪيو آهي جيڪي مسلمانن جا اصل
ليڊر آهن ۽ اليڪشن ۾ چونڊجي آيا آهن.
(1)
اليڪشن بعد لياقت علي، جناح جي پارٽيءَ کي ڇڏي
ويو. ان بعد لياقت علي خان ايگريڪلچرسٽ پارٽي جي
ٽڪيٽ تي کڙو ڪيو ويو ۽ وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيو.
(2)
هن اليڪش ۾ مسلم ليگ جي اندر هڪ وڏو انتشار پيدا
ٿي ويو، مسلم ليگ ۽ جناح جا ساٿي مسلم ليگ کي ڇڏي
پنهنجون وفاداريون ٻين سياسي پارٽين سان وابسته
ڪيون. ”يو- پي صوبي ۾ مسلمانن جي علما پارٽي جيڪا
اليڪشن کان اڳ مسلم ليگ ۾ شامل هئي، سا مسلم ليگ
کي ڇڏي 1937ع جي اليڪشن ۾ ڪانگريس سان شامل ٿي.
(1)
”مسلم ليگ جي مستقبل ۾ ڀروسو نه ڏسي يو- پي صوبي
جي چوڌهري خليق الزمان وزارت حاصل ڪرڻ لاءِ
ڪانگريس کي قبول ڪرڻ ٿي چاهيو، پر جناح صاحب عين
انهيءَ وقت تي پنهنجي ۽ پنهنجي ليگي ساٿين جي زور
بار وجهڻ بعد مسلم ليگ کي خاتمي کان بچايو.
(2)
اهڙيءَ طرح هندستان جي ٻين مسلم اڪثريتي يا اقليتي
صوبن ۾ به مسلم ليگ جو اميدوار ڪامياب نه ٿيو هو.
جناح لاءِ هي چئلينج هو، ڇاڪاڻ ته جناح صاحب هڪ
دفعو اڳ ۾ هندستان جي مسلمان ليڊرن جي خودغرضيءَ
کان بدظن ٿي مسلم ليگ کي ڇڏي انگلنڊ هليو ويو هو.
جڏهن ليڊرن کيس واپس اچڻ لاءِ زور وڌو ته جناح
صاحب واپس آيو ۽ مسلم ليگ جي صدارت قبول ڪري ان کي
منظم ڪيو. مگر 1937ع جي اليڪشن ثابت ڪيو ته مسلم
ليگ کي مسلمان عوام جي 6. 4 سيڪڙو پٺڀرائي حاصل
ٿي، ان سان گڏ مسلم ليگي عهديدار مسلم ليگ کي ڇڏي
ٻين پارٽين ۾ شامل پئي ٿيا.
جناح
صاحب جي سامهون هڪ وڏو چئلينج هو. جيڪڏهن ٻيهر
مسلم ليگ کي ڇڏي ها ته سندس ذاتي شهرت کي داغ ملي
ها. جناح صاحب آزاد خيال وارو ماڻهو هو. هن سمجهو
ٿي ته هندستان جا مسلمان سندس هر گهڙي ۾ ساٿ
ڏيندا، مگر عوام اڃان ذهني طور انگريزن جو نه پر
وڏيرن زميندارن نوابن جو غلام هو. جنهن به پارٽي
کي نوابن ۽ زميندارن ۽ جاگيردارن جي حمايت هوندي،
اها ئي پارٽي ڪامياب ٿيندي. جناح صاحب هاڻي ٻئي
هٿيار استعمال ڪرڻ شروع ڪيا. يعني نوابن ۽
جاگيردارن ۽ ان سان گڏ غريب عوام جي حمايت حاصل
ڪرڻ شروع ڪئي. وڏن ماڻهن کي جلسن ۾ شرڪت ۽ ان جو
مهمان خصوصي بنائڻ شامل هو. عوام جي حمايت حاصل
ڪرڻ لاءِ کين ”اسلام خطري ۾ آهي“ جو نعرو ڏنو ويو.
”1937ع ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جو اجلاس لکنؤ ۾ منعقد
ٿيو ته مسلم ليگ جي طاقت ۾ ان وقت اضافو آيو جڏهن
بنگال جي وزيراعظم فضل حق ۽ پنجاب جي وزيراعظم سر
سڪندر حيات مسلم ليگ ۾ شامل ٿيا. انهيءَ وقت جناح
صاحب جو خاص مقصد هو ته مسلم ليگ جي طاقت کي
وڌائجي ۽ جيترن ئي منظم پارٽين ۽ طاقتور مسلمان
صوبائي گروپن جي حمايت حاصل ڪجي اوترو وڌيڪ بهتر
ٿيندو.
(1)
جناح
صاحب مسلم ليگ کي عوام ۾ مقبول بنائڻ جي ڪوشش شروع
ڪئي. ليگ جون شاخون قائم ڪيون ويون. مسلم ليگ جي
مقبوليت جو واحد سبب فرقيوارانه پروپيگنڊه هو جنهن
۾ خطري جو سائرن ڏنو ويو ته ”اسلام خطري ۾ آهي.“
الله ۽ قرآن پاڪ جي نالي سان اشتهارات ورهايا ويا،
جنهن ۾ مسلمان قوم کي استدعا ڪئي ويئي ته هو
پنهنجي دين جي بچاءُ لاءِ متحد ٿين.
(2) مسلمان جيڪو
گهڻو ڪري سرمائيدار جي هٿ ۾ هو، تنهن مسلم ليگ
ڏانهن وفاداري منسوب ڪئي. مسلم ليگ جي پروپيگنڊه
کي تيز ڪيو ويو. مسلم ليگ هڪ قومي تحريڪ بنجي
ويئي.
|