باب ٽيون
صوبائي خودمختياري ۽ سنڌ جون سياسي جماعتون
1936ع ۾ سنڌ کي هندستان جو هڪ صوبو بڻائي، صوبائي
گورنر مقرر ڪيو ويو. گورنر کي هڪ صلاحڪار ڪاميٽي
ڏني ويئي، جنهن جو چيئرمين سر غلام حسين هدايت
الله ۽ ان جا ميمبر سر شاهنواز ڀٽو ۽ ديوان
هيرانند هئا، صوبائي ڪائونسل ۾ 25 مسلمان ميمبر
هئا جيڪي 1930ع ۾ سنڌ مان بمبئي ڪائونسل لاءِ
چونڊيا ويا هئا سنڌ ڪائونسل ۾ هيٺيان مسلمان
ميمبر هئا.
بابا
مير محمد بلوچ، 2. خان بهادر غلام نبي شاهه، 3.
مير بنده علي ٽالپور، 4. شيخ عبدالمجيد سنڌي، 5.
پير غلام حيدر شاهه، 6. حسين علي رحمت الله، 7.
حاجي ابراهيم جي ٽيگر، 8. غلام حسين ماچيس والا،
9. رسالدار عبدالرحمان، 10. محمد ايوب کهڙو، 11.
خان بهادر شير محمد خان بجاراڻي، 12. ڄام جان محمد
خان، 13. سيد جلال الدين قادري، 14. شيخ
عبدالعزيز، 15. خان بهادر علي بهائي پٽيل، 16.
مسٽر ٻانگي، 17. خان بهادر عبداللطيف، 18. سر
شاهنواز ڀٽو، 19. واحد بخش ڀٽو، 20. سيد محمد ڪامل
شاهه، 21. سيد ميران محمد شاهه، 22. خان بهادر
الهه بخش، 23. رئيس جان محمد ڀرڳڙي، 24. سيد نور
شاهه، 25. مسٽر ميهر بخش.
سنڌ
صوبائي ڪائونسل جو ميعاد 31 مارچ 1937ع تائين مقرر
ڪيو ويو هو، جيستائين نئين صوبائي اسيمبلي ۽ وزارت
قائم ٿئي.
(1)
1937ع جي اليڪشن لاءِ هر هڪ صوبي لاءِمقرر سيٽون
رکيون ويون. جداگانه چونڊن واري اصول تي سيٽن جو
تعداد مقرر ڪيوويو، جنهن موجب جتي به اقليت واري
قوم رهندي تن کي اڪثريت واري قوم جون سيٽون گهٽائي
اقليت وارن کي ڏنيون ويون، جيئن هو اقليت جي حقن
جي حفاظت چڱي آواز سان ڪري سگهن. 1932ع ۾ وزيراعظم
ريمنري ميڪڊنالڊ اعلان ڪيو ته فرقيوارانه فيصلي
موجب (ايوارڊ) ۾ چيو ويو ته مسلمانن کي مختلف
صوبائي مجلس قانون ساز ۾ جداگانه نسبت سان سيٽون
ڏنيون وينديون.
صوبو |
في صد مسلم آبادي |
مسلمانن لاءِ مخصوص سيٽن جو في صد |
پنجاب |
57 |
49 |
بينگال |
55 |
48 |
سنڌ |
71 |
57 |
اتر اولهه سرحدي صوبا |
91 |
72 |
آسام |
34 |
31 |
بهار اوڙيسه |
11 |
24 |
بمبئي |
9 |
17 |
مدراس |
8 |
13 |
وچان صوبا |
5 |
14 |
1935ع جي ايڪٽ موجب سنڌ اسيمبلي جي جوڙجڪ:
سنڌ ليجسليٽو اسيمبلي
عام
جايون 18، مسلمان 32، واپاري 2، زميندار 2، مزدور
1، عام زالن لاءِ 1، مسلمان زالن لاءِ 1، ڪل 60
ووٽ حق هيٺين کي هوندو.
1.
انڪم ٽيڪس ڏيندڙ 2. ستون درجو پاس ڪيل 3. 30 رپيا
ڪراچيءَ يا ٻي هنڌ ڍل ڀريندڙ 4. هاري جيڪو زمين جي
ڍل ساليانو 14 رپين کان گهٽ نه ڀريندڙ هجي 5. جن
کي پنهنجي زمين هجي 6. زالون جيڪي لکي پڙهي سگهن.
(1)
1935ع جي ايڪٽ موجب سنڌ جي مسلمانن لاءِ 34 جايون
مخصوص ڪيون ويون.
فرقيوارانه ايوارڊ موجب مسلمانن جي اڪثريت وارن
صوبن ۾ آبادي کان گهٽ نمائندگي ملي. مسلمانن جا
اڪثريتي صوبا انهيءَ ڪري راضي ٿيا، ڇاڪاڻ ته مسلم
اقليت کي اسيمبلي ۾ گهڻي تعداد هئڻ سبب کين مناسب
آواز هوندو، جنهن ڪري هو پنهنجي حقن جي حفاظت ڪري
سگهندا. اهڙيءَ طرح مسلمان اڪثريتي صوبن جي، اقليت
وارن صوبن لاءِ هي پهرئين قرباني هئي. ايوارڊ جو
فيصلو سياسي ليڊرن جي صلاح مشوره سان ٿيو هو، پر
عوام جو انهيءَ ۾ ڪا به راءِ نه ورتي ويئي.
ڪانگريس انهيءَ ايوارڊ مان تمام خوش هئي، ڇاڪاڻ
ته، اقليت ۾ وڌيڪ سيٽون کين مليون ۽ اڪثريتي صوبن
۾ پارٽي جي پوزيشن پڻ مضبوط هئي. مسلمانن جي
نمائندگي ڪرڻ وارا اقليتي صوبن سان تعلق رکندڙ هئا
۽ مرڪزي سياسي پارٽين ۾ به اقليتي صوبن کي فوقيت
هئي، جنهن ڪري انهن اکيون پوري ان ايوارڊ کي منظور
ڪيو.
سنڌ
جون سياسي جماعتون
سنڌ
کي صوبائي خودمختياري ملڻ کان اڳ ۾ سنڌ ۾ هيٺيون
سياسي پارٽيون ڪم ڪري رهيون هيون. ڪي سياسي
پارٽيون جن جو تعلق آل انڊيا سياسي پارٽين سان هو،
اهي سنڌ جي سياست ۾ بهرو وٺي رهيون هيون. جهڙوڪ
ڪانگريس، جمعيت العلماءُ هند، هندو مهاسڀا ۽ مسلم
ليگ.
سنڌ
۾ مسلم ليگ جو وجود ختم ٿي چڪو هو. جنهن ڪري سنڌ ۾
ٻيون سياسي پارٽيون وجود ۾ آيون. جن جو دائره ڪار
صرف سنڌ تائين محدود هو. تن مان مکي جماعتون
هيٺيون هيون.
سنڌ
پيپلس پارٽي
سنڌ
پيپلز پارٽي تاريخ 12 جون 1934ع ۾ قائم ڪئي ويئي،
هن جماعت سنڌ جي سياست ۾ ان وقت حصو وٺڻ شروع ڪيو،
جڏهن سنڌ کي صوبائي خودمختياري ملڻ واري هئي. انهي
ڪري هيءَ سياسي جماعت بڻائي ويئي، جيئن ايندڙ
چونڊن ۾ هي جماعت ڪامياب ٿئي. هن جماعت جا هيٺيان
عهديدار چونڊيا ويا.
صدر:
سر شاهنواز ڀٽو
نائب
صدر: خانبهادر الهه بخش سومرو
نائب
صدر:ميران محمد شاهه
جنرل
سيڪريٽري: حاتم علوي
جوائنٽ سيڪريٽري: جي ايم سيد
(1)
سنڌ
پيپلس پارٽي، سنڌ ۾ پهرئين واحد سياسي جماعت هئي
جنهن جي سياست جو دائره صرف سنڌ تائين محدود هو.
سنڌ
مسلم جماعت
سنڌ
مسلم جماعت سر غلام حسين هدايت الله جي ڪوششن سان
19 آگسٽ 1936ع ۾ ٺهي، هن جماعت جو نصب العين سنڌ
جي سياست ۾ حصو وٺي، سنڌ جي خدمت ڪرڻ هو. 1937ع جي
چونڊن لاءِ هن جماعت پنهنجون تياريون ڪرڻ شروع
ڪيون، ته جيئن اليڪشن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري حڪومت
بڻائجي. هن جماعت جا هيٺيان عهديدار هئا.
صدر:سر غلام حسين هدايت الله
نائب
صدر: شيخ عبدالمجيد سنڌي
نائب
صدر: احمد نذير خان صاحب
جنرل
سيڪريٽري: قاضي خدا بخش (وڪيل)
خزانچي: مسٽر يار محمد
ميمبر ورڪنگ ڪاميٽي:
شاهه
محمد ڏونگر 2. غلام دستگير پانڌياڻي 3. شيخ محمد
وارث 4. ڊاڪٽر ولي محمد عباسي 5. قاضي عبدالرزاق
6. فتح محمد سيوهاڻي 7. قاضي عبدالرسول وڪيل 8.
تاج محمد اوڍور 9. فيروز صاحب نانا وڪيل 10. سعيد
علي 11. مولوي حاجي عبدالرحيم 12. عبدالڪريم ٿيگر
13. مسٽر حاجي جاڙو خان.
(1)
سنڌ
آزاد پارٽي
سنڌ
آزاد پارٽي شيخ عبدالمجيد سنڌي بڻائي هئي. ڇاڪاڻ
ته سنڌ آزاد پارٽي سنڌ جي بمبئي کان عليحدگيءَ ۾
نمايان حصو ورتو هو، ۽ سنڌ جي مسلمانن جي راءِ
عامه کي هموار ڪيو هو. هر هڪ ڳوٺ ۽ تعلقي ۾ سنڌ
آزاد پارٽيءَ جون برانچون اڳ ۾ ئي ڪم ڪري رهيون
هيون، هن جماعت جو روح روان شيخ عبدالمجيد سنڌي
هو، جيڪو سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي واري تحريڪ ۾
سنڌ جي روزانه اخبار الوحيد جي ڪري سنڌ ۾ مقبول
هو. سنڌ آزاد پارٽي پنهنجو سياسي ميدان 1936ع ۾
هموار ڪرڻ شروع ڪيو هو. هن پارٽي جي تبليغ لاءِ هڪ
پمفليٽ ڇپايو هو، ان پمفليٽ جو نمونو پيش ڪجي ٿو.
جنهن موجب ان پارٽيءَ کي زور وٺائڻ شروع ڪيو.
”جيڪڏهن سنڌ جا مسلمان گهرن ٿا ته، سنڌ ۾ حڪومت جي
سرشتي کي پنهنجو تعبيدار بڻائين، بي انصافيون ۽ بي
داد نگرين کي ٻنجو ڏين، ته پوءِ، انهن تي فرض آهي
ته، آزاد پارٽيءَ جي مدد ڪن.
آزادپارٽيءَ جا اميدوار تڏهن ڪامياب ٿيندا، جڏهن
ووٽر کي پارٽيءَ جو پروگرام سمجهايو ويندو.
انهن
۾ اهو يقين پيدا ڪيو ويندو ته، فقط آزاد پارٽي
سندن تڪليف کي دور ڪرڻ لاءِ آزاديءَ سان لڙي
سگهندي.
انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته ووٽرن کي تيار ڪيو وڃي ۽
نفس پرست اميدوارن کان بچايو وڃي.
(1)
مگر اڳتي هلي شيخ عبدالمجيد غلام حسين هدايت الله
واري سنڌ مسلم جماعت جو نائب صدر ٿيو، ۽ جلدي وري
الڳ ٿي سنڌ آزاد پارٽيءَ کي منظم ڪرڻ شروع ڪيو.
سنڌ
اتحاد پارٽي
تاريخ 31 آڪٽوبر 1936ع ۾ سر شاهنواز ڀٽو، حاجي
عبدالله هارون، غلام حسين هدايت الله ۽ هندن مان
راءِ بهادر هوتچند چانڊو مل، مسٽر ريوا چند ٿڌاڻي
۽ ڊينگو مل ٿڌاڻي گڏ ٿي اتحاد پارٽي جو بنياد
رکيو، مگر سر غلام حسين ان پارٽيءَ کان جدا ٿي ويو
۽ ساڳي مسلم پوليٽيڪل پارٽي بڻائي. هن پارٽيءَ جا
سر شاهنواز ڀٽو ۽ حاجي عبدالله هارون روح روان
هئا.
هن
پارٽيءَ جا هيٺيان اڳواڻ هئا.
ليڊر:سر شاهنواز ڀٽو
ڊپٽي
ليڊر:خانبهادر الهه بخش سومرو
(1)
ڊپٽي
ليڊر:سر عبدالله هارون
1937ع جي صوبائي اليڪشن
تاريخ 31 جنوري 1937ع ۾ سنڌ صوبائي اسيمبليءَ جون
چونڊون منعقد ٿيون. سنڌ ۾ هيٺين سياسي پارٽين
چونڊن ۾ حصو ورتو.
يونائيٽيڊ پارٽي 2. اتحاد پارٽي 3. مسلم پوليٽيڪل
پارٽي 4. سنڌ آزاد پارٽي 5. ڪانگريس 6. مزدور 7.
هندو ۽ مسلمان آزاد ميمبر.
چونڊن جي مڪمل نتيجي موجب هيٺيان اميدوار ڪامياب
ٿيا.
سنڌ
صوبائي اليڪشن جو نتيجو
1937ع جي سنڌ صوبائي اليڪشن ۾ هيٺيان مسلمان
ميمبر ٿيا.
ڪراچي ضلع:
1.
محمد عثمان سومرو 2. محمد يوسف چانڊيو
3.
پير غلام حيدر شاهه4. محمد هاشم گندر
5.
الله بخش گبول 6. شيخ عبدالمجيد
7.
مسز جينه ٻائي جي الانا.
حيدرآباد ضلعو:
8.
ميران محمد شاهه 9. مير غلام الله ٽالپر
10.
مير بنده علي ٽالپر11. مير غلام علي ٽالپر
12.
مخدوم غلام حيدر
ٿرپارڪر
13.
مير الهداد خان14. سيد غلام نبي شاهه
15.
ارباب توڳاچي
نوابشاهه ضلع:
16.
رسول بخش انڙ 17. سيد نور محمد شاهه
18.
محمد علي شاهه19. ڄام جان محمد خان
20.
سيد خير شاهه
دادو
ضلع:
21.
پير الاهي بخش 22. جي ايم سيد
23.
غلام محمد اسراڻ
لاڙڪاڻو ضلع:
24.
محمد ايوب کهڙو 25. امير علي لاهوري
26.
محمد خان چانڊيو.
سکر
ضلع:
27.
قيصر خان بوزدار 28. شمس الدين پٺاڻ
29.
عبدالستار اي رحمان پيرزادو30. الهه بخش سومرو
31.
رسول بخش شاهه محمد شاهه
جيڪب
آباد ضلع:
32.
شير محمد بجاراڻي33. محمد امين کوسو
34.
جعفر خان بليدي.
سنڌ
زميندار
35.
غلام حسين هدايت الله
(1)
1937ع جي سنڌ صوبائي اليڪشن ۾ هيٺيان غيرمسلم
ميمبر ڪامياب ٿيا
حيدرآباد ضلعو:
1.پروفيسر ڄيٺا نند 2. مکي گوبند رام 3. گهنو مل
تارا چند 4. سيٺ گهنو مل 5. نيرن داس ڇتن مل
ڪراچي ضلع
6.
آر ڪي سڌوا 7. ڊاڪٽر پوپٽ لال
8.
نهچل داس
نوابشاهه ضلع:
9.
نيول رام 10. سيٺ هوتو چند
ٿرپارڪر
11.
پرتابراءِ12. ٺڪر جي
داد
ضلع
13.
جمشيد مهيتا
لاڙڪاڻو ضلع
14.
راءِ صاحب گوڪلداس
سکر
ضلع
15.
دولت رام مکنداس 16. هسا رام سندلداس
17.
پوڄسنگ گر ڏنو مل18. ڊاڪٽر پمداڻي
جيڪب
آباد ضلع
19.
ڊاڪٽر هيمن داس واگهو مل20. ايسر داس واهند مل
يورپين
21.
ڊي اين او سليون22. ڪرنل موهن
هندو
عورتون
23.
مس ڄيٺي سپاهلاڻي
واپاري
24.
جي ايڇ رچن
مزدور
25.
نيرن داس بيچر.
(1)
سنڌ
صوبائي اسيمبليءَ ۾ مسلمانن لاءِ 35 جايون مخصوص
هيون ۽ 25 جايون غيرمسلمانن لاءِ مخصوص ڪيل هيون.
جملي 60 جايون رکيل هيون. هيٺين طرح سنڌ جي سياسي
جماعتن جي اڪثريت هئي.
سنڌ
اتحاد پارٽي 18، سنڌ هندو مهاسڀا 11، ڪانگريس 8،
مسلم پوليٽيڪل پارٽي 3، مزدور 1، باقي آزاد هندو ۽
مسلمان ڪامياب ٿيا.
اتحاد پارٽي، اڪثريت واري پارٽي هئي، مگر ان
پارٽيءَ جو ليڊر ۽ ڊپٽي ليڊر سر شاهنواز ڀٽو ۽
حاجي عبدالله هارون چونڊن ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا.
سنڌ اسيمبليءَ جي پهرئين گڏجاڻي هيرانند جي
چيئرمينيءَ هيٺ منعقد ٿي. اسپيڪر جي جاءِ لاءِ به
اليڪشن ٿي. اسپيڪر جي چونڊ لاءِ ٽي اميدوار هئا.
شيخ عبدالمجيد سنڌي، پير الاهي بخش ۽ ڀوڄ سنگ. پير
الاهي بخش، شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي حمايت ۾
اميدواريءَ تان هٿ کڻي ويو، نتيجه طور ڀوڄ سنگ کي
40 ووٽ مليا ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ کي 18 ووٽ
مليا.
(1)
سر
غلام حسين هندن کي پنهنجي حمايت ۾ آڻڻ لاءِ کين هڪ
جاءِ اسپيڪر ۽ هڪ وزير جي جاءِ ڏيڻ جو يقين
ڏياريو، اهڙيءَ طرح ڀوڄ سنگ کي مسلمانن جي هڪ
گروهه جي حمايت هئڻ سبب اسپيڪر جي چونڊ ۾ ڪاميابي
ٿي. تاريخ 26 اپريل 1937ع ۾ سنڌ اسيمبلي جي جدا
جدا پارٽين جي هڪ گڏجاڻي ٿي، سر غلام حسين جي
پارٽيءَ ۾ ڪل 36 ميمبر هئا جن مان 24 مسلمان ۽ 12
هندو هئا. انهن سڀني جي هڪ گڏيل پارٽي ٺاهي، ان جو
نالو ”ڊيموڪريٽڪ پارٽي“ رکيو ويو. اتحاد پارٽي مان
به ڪجهه ميمبر هن پارٽي ۾ شريڪ ٿيا، پارٽي جي
تنظيم هيٺينءَ طرح ڪئي ويئي.
ليڊر: سر غلام حسين هدايت الله
ڊپٽي
ليڊر:مکي گوبند رام
ڊپٽي
ليڊر:مير بنده علي ٽالپر
جنرل
سيڪريٽري:محمد ايوب کهڙو
جنرل
سيڪريٽري:نهچلداس
جوائنٽ سيڪريٽري:مير غلام علي ٽالپر
وهپ:
سيد ميران محمد شاهه ۽ نهچلداس.
(1)
سنڌ
جي پهرئين وزارت
تاريخ 28 اپريل 1937ع ۾ ڀوڄ سنگ سنڌ اسيمبلي جو
اسپيڪر ٿيو، سنڌ جي گورنر يونائيٽيڊ پارٽيءَ جي
ليڊر سر غلام حسين هدايت الله کي وزارت بڻائڻ جي
دعوت ڏني. سنڌ جي پهرئين وزارت هيٺين طرح ٺهي.
سر
غلام حسين هدايت الله وزيراعظم، خزانه، داخلا، عام
انتظام ۽ سياسي امور.
مکي
گوبند رام وزير پوليس ۽ پي ڊبليو ڊي.
مير
بنده علي خان ٽالپر وزير روينيو.
مکي
گوبند رام 18 آڪٽوبر 1937ع تي استعيفا ڏني ۽ سندس
جاءِ تي ڊاڪٽر هيمنداس روپچند واڌواڻي کي وزير
بڻايو ويو ۽ کيس روينيو، پبلڪ هيلٿ ۽ ميڊيڪل جا
کاتا ڏنا ويا.
مگر
جلدي خانبهادر الهه بخش سومرو، سنڌ اسيمبلي اندر
پنهنجو هڪ گروپ قائم ڪيو. جنهن ۾ گهڻن مسلمان
ميمبرن جون تعاون الهه بخش سان هو ۽ هندو ميمبرن
جو ڪافي تعداد پڻ الهه بخش جي سربراهيءَ ۾ گڏ ٿيو.
سنڌ ۾ وزارت هندو ميمبرن جي هٿ ۾ رانديڪو هئي،
هندو اڪثريت ڊاڪٽر هيمنداس کي وزير ٿيڻ ناپسند ٿي
ڪيو، ۽ اهي سر غلام حسين جي وزارت جي مخالفت ڪرڻ
لڳا ۽ الهه بخش سومري جي اڳواڻيءَ هيٺ متحد ٿيا.
هندو ميمبرن، اخبارن رستي وزارت تي نڪته چيني ڪرڻ
شروع ڪئي ۽ الهه بخش جي حمايت ۾ نهچلداس وزيراڻي
جي اڳواڻي هيٺ ميٽنگون ٿيون. نتيجي طور سواءِ هڪ
وزير ۽ هڪ پارليامينٽري سيڪريٽريءَ جي سڀ هندو
ميمبر مخالف بينچن تي وڃي ويٺا، جيتوڻيڪ غلام حسين
هدايت الله جي وزارت ايمانداريءَ سان صوبي جي
ترقيءَ لاءِ ڪم ڪري رهي هئي.
(1)
اهي
ساڳيا ميمبر، جيڪي مخالف پارٽيءَ سان تعلق رکندا
هئا، تن وزارت کي وڌائڻ لاءِ گهر ڪئي، ڇاڪاڻ ته
اهي چاهين پيا ته، محمد ايوب کهڙي کي وزير ڪري
کنيو وڃي، انهيءَ مقصد لاءِ ڪراچيءَ ۾ ميٽنگ ٿي،
جنهن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي، ميران محمد شاهه، الهه
بخش سومرو ۽ جي ايم سيد شريڪ ٿيا. هن ميٽنگ ۾ سر
غلام حسين کي هڪ ياداشت موڪلي ويئي ته الهه بخش
سومرو، محمد ايوب کهڙو ۽ نهچلداس وزيراڻيءَ کي
پنهنجي وزارت ۾ کڻي؛ پر گورنر وزارت جي وڌائڻ جي
مخالف هو، جنهن ڪري سر غلام حسين ائين نه ڪري
سگهيو. نتيجي طور سر غلام حسين جي وزارت کي ڊاهيو
ويو ۽ الهه بخش سومري جي وزارت ٺهي.
الهه
بخش سومري جو وزيراعظم ٿيڻ
مٿيان ميمبر وزارت جا مخالف ٿي پياهئا، انهن کي
وزارت جي ضرورت هئي، جنهن ڪري انهن کي وزارت سان
ذاتي ساڙ ٿي پيو. انهيءَ ڪري مخالف ميمبر، ڪانگريس
۽ هندو آزاد ميمبرن سان ملي غلام حسين هدايت الله
جي وزارت کي ڊاهڻ جي ڪوشش ڪئي. جنهن ۾ جي ايم سيد،
علي محمد شاهه راشدي (راشدي ميمبر نه هو) وزارت کي
ڊاهڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. آخرڪار وزارت کي مسٽر
سڌوا جي هڪ رپيا واري ڪتر جي رٿ تان شڪست آئي ۽ سر
غلام حسين وزارت کان استعيفيٰ ڏئي ٻاهر نڪتو.
اهڙيءَ طرح خانبهادر الهه بخش ”اتحاد پارٽي“ جي
ليڊر جي حيثيت ۾ ڪانگريس ۽ هندو گروهه جي مدد سان
وزارت بڻائي.
تاريخ 23 مارچ 1938ع ۾ الهه بخش سومرو مخالف
پارٽيءَ کي اڪثريت ۾ آڻي ان جي ليڊر جي حيثيت سان
وزارت ٺاهي.
الهه
بخش سومرو وزيراعظم خزانه ۽ داخلا ۽ ٻين وزيرن هر
هڪ نهچلداس، چيتو مل وزيراڻيءَ کي پي ڊبليو ڊي،
ميڊيڪل ۽ پبلڪ هيلٿ ۽ پير الاهي بخش کي روينيو جا
کاتا ڏنا ويا.
(1)
سر
غلام حسين هدايت الله رڳو جي ايم سيد، علي محمد
شاهه راشدي جي ذاتي مخالفت جي ڪري حڪومت وڃائي، هي
سنڌ جي صوبائي خودمختياري ملڻ بعد پهرين وزارت جو
حشر هو، هر ڪنهن پنهنجو گروهه بنائي وزير ٿيڻ جو
مطالبو ٿي ڪيو. پهرئين وزارت جي عمر هڪ سال مس هئي
ته ان کي لاٿو ويو، ڪو به عوام جي ڀلي جو ڪم نه
پيو ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته وزير پنهنجي حمايت کي وڌائڻ
۽ پائيدار رکڻ لاءِ ميمبرن جا غيرضروري ناجائز
مطالبا پورا ٿي ڪيا.
الهه
بخش سمجهدار ۽ سلجهيل سياستدان هئڻ سان گڏ قوم
پرست ليڊر هو. ڪانگريس جو رويو قوم پرستن سان
همدرديءَ وارو هو. الهه بخش کي ڪانگريس توڙي هندو
قوم پرستن جي حمايت حاصل هئي. ”الهه بخش هڪ مسلمان
گروهه جو ليڊر هو، جنهن کي 22 ميمبرن جي حمايت
حاصل هئي، هو صرف ڪانگريس جي اٺن ميمبرن جي حمايت
حاصل ڪرڻ لاءِ ڪانگريس جي پروگرام سان هلڻ لڳو.
جنهن ڪري کيس وزيراعظم بڻايو ويو.
(2)
حالانڪه الهه بخش ڪانگريس جي ڪنهن به نڪتي يا
تحريڪ ۾ حصو نه ورتو هو. هن دور ۾ الهه بخش ذاتي
اثر ۽ هوشياري سبب هندن ۾ مقبول هو، مگر اڳتي هلي
مسلم ليگ جي مخالفت سبب ڪانگريس جو حمايت ٿيو.
|