سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب: تحريڪ پاڪستان

۾ سنڌ جو حصو

باب: 8

صفحو : 16

 

باب اٺون

غلام حسين جي وزارت خلاف عدم اعتماد جو ووٽ

تاريخ 14 مئي 1943ع تي سنڌ جي سابق وزيراعظم الهه بخش سومري کي جيڪب آباد ۾ قتل ڪيو ويو، سپيٽمبر 1943ع ۾ سنڌ جي هڪ وزير محمد ايوب کهڙي کي استعيفيٰ ڏياري الهه بخش سومري جي خون جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو. سنڌ وزارت ۾ وزير جي جاءِ خالي ٿيڻ سبب تاريخ 13، نومبر 1944ع ۾ سنڌ وزارت ۾ به وڌيڪ وزير کنيا ويا، هڪ مير غلام علي ٽالپر ۽ ٻيو راجا ٿامس. هي وزارت مسلم ليگ جي حمايتي هئي ۽ ان جي مڪمل حمايت سان ڪافي عرصي تائين هلي.

سال 1945ع ۾ سنڌ مسلم ليگ جي سالياني چونڊ ٿي جنهن ۾ هيٺيان عهديدار سال 1945ع لاءِ نامزد ڪيا ويا.

سنڌ مسلم ليگ جا عهديدار:

صدر:  جي ايم سيد

جنرل سيڪريٽري:سيد غلام حيدر شاهه

ڪاروباري ڪاميٽي جا ميمبر:

سيد پير محمد شاهه، سيد حسن بخش شاهه، سيد خير شاهه، آغا غلام نبي پٺاڻ، ايم اي حافظ، جي الانا، رئيس شهمير خان، غلام محمد خان اسراڻ، محمود، پير غلام مرتضيٰ سرهندي.  (1) حڪومت سنڌ مسلم ليگ جي جلسن سڏائڻ تي پابندي وڌي. تايخ 8، جنوري 1945ع ۾ الحاج محمد هاشم گذدر وزارت تان استعيفيٰ ڏني ۽ سنڌ اسيمبلي اندر وزارتن تان رسه ڪشي شروع ٿي ويئي. سنڌ مسلم ليگ جي صدر جي ايم سيد ۽ سنڌ جي وزيراعظم غلام حسين هدايت الله جي وچ ۾ اختلاف پيدا ٿيا. غلام حسين هدايت الله کي خطرو هو ته جيڪڏهن سنڌ اسيمبلي جو اجلاس گهرايو ويندو ته وزارت جي خلاف عدم اعتماد جي رٿ آندي ويندي. ”21 فيبروري 1945ع ۾ سنڌ مسلم ليگ اسيمبلي پارٽي جي ميٽنگ صبح جو 11 بجي وزيراعظم سر غلام حسين جي چيمبر ۾ ٿي، ليگ پارٽيءَ جي 22 ميمبرن مان 18 ميمبر ميٽنگ ۾ حاضر هئا. سر غلام حسين جي قيادت ۾ ٺهراءُ پاس ڪيو ويو. (1) تاريخ 24 فيبروري 1945ع ۾ سر غلام حسين جي مسلم ليگ وزارت، مسلم ليگ جي ميمبرن هٿان جنرل ايڊمنسٽريشن جي سپليمينٽري گرانٽ ۾ شيخ عبدالمجيد صاحب جي هڪ رپيا ڪتر واري رٿ جي پاس ٿيڻ جي شڪست کاڌي. 25 ميمبرن رٿ جي فائدي ۾ ۽ 19 ميمبرن مخالفت ۾ ووٽ ڏنو، مسلم ليگ  پارٽي جي 14 ميمبرن، هندو پارٽي جي (ستن ميمبرن) شيخ پارٽي (چئن ميمبرن) رٿ جي فائدي ۾ ووٽ ڪيو. ڪتر جي رٿ پاس ٿيڻ کانپوءِ سنڌ جي گورنر سر هيوڊو گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ جي 62 سيڪشن جي سب سيڪشن (2) صوبائي اسيمبليءَ جو اجلاس اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. شيخ عبدالمجيد پنهنجي ڪتر جي رٿ تي تقرير ڪندي سرڪار جي ڪاروبار تي سخت نڪته چيني ڪئي ۽ هيءَ ڳالهه صاف ڪيائين ته هي رٿ سرڪار تي بي اعتمادي جي رٿ برابر آهي.  (2) اتي سنڌ صوبه مسلم ليگ جي صدر مسٽر جي ايم سيد اٿي اعلان ڪيو ته مون کي  گذريل رات مسلم ليگ جي اسيمبلي پارٽيءَ کان درخواست پهتي آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اسان جو پارٽي ليڊر سر غلام حسين تي اعتماد نه رهيو آهي، تنهن ڪري اسان ان جي خلاف ووٽ ڪنداسين. سر غلام حسين چيو ته مون سان دغابازي ڪئي ويئي آهي. اڃا تازو ٽيون ڏينهن پارٽي ميمبرن مون تي اعتماد جو ٺهراءُ پاس ڪيو هو ۽ خاطري ڏني هئي ته هو مون سان بجيٽ ۽ گرانٽ تي ساٿ ڏيندا، هينئر اوچتو ئي اوچتو هي سازش سٽي وئي آهي ۽ منهنجي برخلاف ووٽ ڪيو وڃي ٿو. هيءُ ظاهر ظهور غداري آهي. جيڪڏهن انهيءَ قسم جون دغابازيون، غداريون چالو رهيون ته سنڌ نون سڌارن ماڻڻ جي حقدار نه ٿي سگهندي! مسٽر نهچلداس وزيراڻي ڪتر واري رٿ جي تائيد ڪندي، هن ڳالهه کي ورجايو ته هي رٿ بي اعتمادي جي رٿ جي برابر آهي. جنهن صورت ۾ سر غلام حسين هندو پارٽيءَ جو حق تسليم نه ڪيو، انهيءَ ڪري اسان اڳ ۾ ئي مخالفت ۾ هئاسون ۽ هينئر هن ڪتر جي رٿ جي تائيد ڪريون ٿا.

مسٽر محمد امين کوسي رٿ جي مخالفت ڪندي چيو ته جن ماڻهن جو وجود ئي دغابازي آهي تن کان پبلڪ جي ڀلائيءَ جي ڪهڙي اميد رکي سگهجي ٿي. هنن کي نه اصول آهي ۽ نه ئي صبر آهي. هينئر هو خاص مقصدن جي بنياد تي سر غلام حسين جي مخالف ٿي بيٺا آهن.

اهڙن ماڻهن سان شيخ (عبدالمجيد) صاحب کي جيڪو بااصول انسان آهي شريڪ ٿيڻ نه گهرجي. اهي ماڻهو ٻن ٻن ڪلاڪن کانپوءِ ويس بدلائين ٿا، اهي ساڻس به اوترو ئي وفادار رهندا جيترو سر غلام حسين سان هليا آهن. هنن کي جيڪڏهن پاڻي جون سهولتون مليون، خطاب مليا ته يڪدم اوڏانهن هليا ويندا. رٿ تي  ووٽنگ ٿي ته رٿ جي فائدي ۾، 1. شيخ عبدالمجيد 2. مسٽر مولا بخش 3. پيرزاده عبدالستار 4. وڏيرو محمد عثمان 5. مسٽر جي ايم سيد 6. مسٽر محمد هاشم گذدر 7. سيد محمد علي شاهه 8. نواب محمد خان چانڊيو 9. نواب امير علي لاهوري 10. نواب جان محمد خان 11. سيد غلام نبي شاهه 12. خانبهادر غلام محمد خان اسراڻ 13. خان صاحب سهراب خان سرڪي 14. رئيس رسول بخش انڙ 15. پير غلام حيدر شاهه آف بلڙي 16. سردار علي گوهر خان 17. سيد خير شاهه 18. سردار قيصر خان 19. مسٽر نهچلداس 20. پرتابراءِ 21. راءِ بهادر هوت چند 22. سيٺ دولترام 23. سيٺ گهنو مل 24. مکي گوبند رام 25. مسٽر تاوا منبر.

جملي 25 ميمبرن ووٽ ڪيو. رٿ جي خلاف هيٺين ماڻهن ووٽ ڪيو.

1. سر غلام حسين. 2 خان بهادر مير غلام علي ٽالپر 3. پير الاهي بخش 4. راءِ صاحب گوڪلداس 5. ڊاڪٽر هوتچند 6. مسٽر الانا 7. محمد يوسف چانڊيو 8. سيٺ لولو مل 9. سيد نور محمد شاهه 10. ڪرنل هوزڪ 11. مسٽر فريزر 12. سردار جعفر خان بليدي 13. سردار مير الهداد خان 14. سردار بهادر مير حسين بخش 15. مير بنده علي خان  ٽالپر 16. محمد امين کوسو 17. شمس الدين خان پٺاڻ 18. ديوان ڏيئل مل 19. ٽڪر جي جملي 19. ميمبرن ووٽ ڪيو. پارليامينٽري سيڪريٽري خان بهادر گبول ووٽنگ هلندي رفوچڪر ٿي ويو ۽ اسپيڪر کي گورنر وٽان حڪم مليو ته اجلاس کي اڻڄاڻايل مدي لاءِ ملتوي ڪيو وڃي.

جناح ۽ جي ايم سيد جا اختلاف

مسلم ليگ جي صدر جي ايم سيد، وزارت جي شڪست بعد قائداعظم محمد علي جناح ۽ نوابزاده لياقت علي خان ڏانهن تار موڪلي، کين ٻڌايو ته سنڌ اسيمبلي جي مسلم ليگ پارٽيءَ جي 28 ميمبرن مان 15 ميمبرن لکيل تقاضا ڪئي آهي ته موجوده وزارت هلندڙ اجلاس ۾ ئي ڊهڻ گهرجي. انهيءَ طلب ۽ فيصلي موجب جنرل ايڊمنسٽريشن جي سپليمينٽري گرانٽ ۾ هڪ روپيو ڪترا جي رٿ آندي ويئي، چوڏهن مسلم ليگي ميمبرن رٿ جي فائدي ۾ مسلم ليگي ميمبرن خلاف ووٽ ڪيو.  (1) قائداعظم محمد علي جناح کي جي ايم سيد، صدر سنڌ مسلم ليگ جي طرفان تار پهتي، ان جي جواب ۾ قائداعظم کيس تار رستي جواب موڪليو ته ”توهان جون 24 ۽ 27 فيبروري 1945ع واريون تارون پهتيون، نهايت افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته توهين پاڻ قبول ٿا ڪريو ته اوهان غيرقانوني طريقا اختيار ڪيا آهن. توهين اڻ سهائيندڙ منصوبا بازين ۾ شامل ٿي دشمنن جي هٿ ۾ رانديڪو بنيا آهيو. توهان پنهنجي اڳواڻ ۽  پارٽي جي خلاف غداري ڪئي آهي. ان طرح توهان اسان جي مقصد ۽ مسلم ليگ جي عزت ۽ شان کي سخت ڌڪ هنيو آهي، توهان گهوٽالو پيدا ڪيو آهي. پارٽيءَ جو انتظام ڀڳو آهي، پارٽيءَ ۾ نفاق وڌو آهي ۽ مسلم ليگ جماعت جي عزت کي نقصان رسايو آهي. اهو سڀ ڪجهه توهان بمبئيءَ ۾ اسان جي ڪيل ڳالهين جي خاتمي تي مون کي خاطريون ڏنيون هيون، انهن جي خلاف ورزي ڪري، منهنجي ڏنل صلاحن کي نظرانداز ڪيو آهي. توهان عمل ڪميٽي (مرڪزي پارليامينٽري بورڊ، مسلم ليگ جي سڄي نظام، جماعت جي قوانين ۽ ضوابط کي نظرانداز ڪري ڇڏيو، جن جي وسيلي اوهين پنهنجي جائز شڪايتن کي دور ڪرائي سگهيا ٿي. توهان غلط رستو اختيار ڪري اهي طريقا ورتا آهن، جيڪي ظاهر آهي ته مسلم ليگ جي جماعت جي بنيادي نظام ۽ سندس نصب العين کي نقصان پهچائيندا! توهان جو اختيار ڪيل طرز عمل نهايت بي مناسب مسلم قوم جي مفاد خواه مسلم ليگ جماعت جي لاءِ نقصانڪار آهي. ان کان پوءِ اوهان کي ڪنهن قسم جون هدايتون يا صلاحون ڏيڻ بلڪل بي معنيٰ ٿينديون۔ (1)

”سنڌ مسلم ليگ جي صدر جي ايم سيد جو رايو هو ته مسلم ليگ وزارت تي مسلم ليگ جماعت جو اقتدار رهي ۽ سنڌ وزارت مسلم ليگ جي پاليسي ۽ اصول مطابق هلي. سنڌ جو وزيراعظم غلام حسين هدايت الله پنهنجي مرضي موجب ڪم ڪندو هو. ان جي پاليسين تي مسلم ليگ جو صدر نڪته چيني ڪندو هو. سنڌ وزارت جي ڪارڪردگي جي رپورٽ آل انڊيا مسلم ليگ کي موڪليندو هو. جي ايم سيد ۽ غلام حسين هدايت الله جي سياسي اختلافن، ذاتي اختلافن جي صورت اختيار ڪئي. غلام حسين هدايت الله  جي وزارت خلاف عدم اعتماد جي رٿ آڻڻ سبب، جي ايم سيد ۽ آل انڊيا مسلم ليگ جا تعلقات خراب ٿي ويا. آل انڊيا مسلم ليگ غلام حسين وزارت جي حمايت ۾ هئي.  (2)

سال 1945ع ۾ مرڪزي اسيمبلي جون چونڊون ٿيون. آل انڊيا مسلم ليگ مرڪزي اسيمبليءَ لاءِ يوسف هارون کي ٽڪيٽ ڏني. جي ايم سيد گروپ جنهن جو سنڌ وزارت ۽ آل انڊيا مسلم ليگ سان اختلاف هئا، تنهن يوسف هارون جي خلاف پير علي محمد شاهه راشدي کي مقابلي لاءِ بيهاريو، مگر مسلم ليگ جي  بيهاريل اميدوار يوسف هارون وڏي اڪثريت سان علي محمد شاهه راشدي کي شڪست ڏني.

 

جنوري 1946ع جي اليڪشن

آل انڊيا مسلم ليگ، سنڌ مسلم ليگ جي عهديدارن جي نئين سر تنظيم ڪئي. هيٺيان عهديدار نامزد ڪيا ويا.

صدر: يوسف هارون

جنرل سيڪريٽري: آغا غلام نبي پٺاڻ

مرڪزي اسيمبلي ۾ مسلم ليگ کي ڪاميابي ٿي. جنوري 1946ع ۾ صوبائي اسيمبليءَ جون چونڊون ٿيڻ واريون هيون، سنڌ ۾ مسلم ليگ پارليامينٽري بورڊ قائم ڪيو ويو، جيڪو ايندڙ اليڪشن لاءِ مسلم ليگ جي اميدوارن کي پارٽيءَ جي ٽڪيٽ ڏيندو. سنڌ مسلم ليگ پارليامينٽري بورڊ تي هيٺيان ميمبر هئا.

جي ايم سيد، غلام حسين هدايت الله، مير غلام علي خان ٽالپر، پير الاهي بخش، محمد ايوب کهڙو، سيد خير شاهه، آغا غلام نبي پٺاڻ، سيد محمد علي شاهه ۽ غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي.

سنڌ پارليامينٽري بورڊ ايندڙ چونڊن لاءِ اسيمبلي اميدوارن کان درخواستون گهرايون. پارليامينٽري بورڊ کي 30 جاين لاءِ 70 درخواستون پهتيون. تاريخ 14 آڪٽوبر 1945ع ۾ سنڌ صوبائي مسلم ليگ جي ميٽنگ ٿي، جنهن ۾ سنڌ پارليامينٽري بورڊ پنهنجن سفارشن سان گڏ مرڪزي پارليامينٽري بورڊ کي ٽڪيٽون ڏيڻ لاءِ چيو؛ ڇاڪاڻ ته مرڪزي ورڪنگ ڪاميٽي گهڻي ۾ گهڻا اختيارات مرڪزي پارليامينٽري بورڊ کي ڏنا هئا. ڪنهن به صوبي جي پارٽي اختلافن کي مرڪزي مسلم ليگ حل ڪرڻ جي مجاز هئي.  (1) سنڌ اسيمبلي جي اميدوارن جون درخواستون تمام وڏي تعداد ۾ پهتيون. سنڌ ۾ مسلم ليگ جا ٻه گروپ هئا. سيد گروپ ۽ غلام حسين هدايت الله گروپ. هر گروپ جي ڪوشش هئي ته سندس گروپ جي اميدوارن کي ٽڪيٽون ملڻ گهرجن.  ”سنڌ ۾ سياسي فضا تمام ڪمزور هئي جي ايم سيد، سر غلام حسين هدايت الله تي اقرباپروري جا الزام لڳايا ۽ ان جو سخت مخالفت ٿي بيٺو. قائداعظم محمد علي جناح کي خطرو هو ته سنڌ ۾ اهڙي صورت ۾ ڪا به تبديلي مسلم ليگ لاءِ وڏي نقصانڪار ثابت ٿيندي. (1)  مرڪزي پارليامينٽري بورڊ، سنڌ پارليامينٽري بورڊ جي مشوري کان سواءِ پنهنجي مرضي موجب ٽڪيٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو.

مرڪزي پارليامينٽري بورڊ جو اهو غيرمناسب قدم هو. سنڌ مسلم ليگ کي نظرانداز ڪري رڳو وزارت ۾ برسر اقتدار ماڻهن جي چوڻ سان ٽڪيٽون ڏنيون ۽ سنڌ مسلم ليگ جي عهديدارن ۽ پارليامينٽري بورڊ جي ميمبرن جي مشورن کي نظرانداز ڪيو ويو.

”مرڪزي اسيمبلي ۾ مسلم ليگ کي سئو سيڪڙو ڪاميابي ٿي هئي، جنهن موجب 11 جنوري 1946ع جو ڏينهن ”يوم فتح“ طور ملهايو ويو. سنڌ مسلم ليگ جي عارضي صدر محمد هاشم گذدر جي طرفان سنڌ جي مسلمانن کي اپيل ڪئي ويئي ته هو ايندڙ صوبائي اسيمبلي جي چونڊن ۾ مسلم ليگ اميدوارن جي حمايت ڪن.  (2) هي ڏينهن انهيءَ ڪري ملهايو ويو، جيئن مسلمان اهو يقين ڪن ته ايندڙ چونڊن ۾ به مسلم ليگ ڪامياب ٿيندي جيئن مسلمانن جي عام راءِ مسلم ليگ جي حمايت ۾ ٿئي.

مسلم ليگ جي پروپئگنڊه

تاريخ 11 جنوري جمع جو ڏينهن ”يوم فتح“ پوري سنڌ ۾ جلسا جلوس ڪڍي ملهايو ويو. اهڙو هڪ جلسه ڪراچيءَ ۾ منعقد ٿيو. ”تاريخ 11 جنوري 1946ع ۾ جمع جي ڏينهن هڪ وڏو جلوس نواب صديق علي سالار اعظم آل انڊيا مسلم ليگ نيشنل گارڊ جي اڳواڻي هيٺ ڪراچيءَ ۾ نڪتو، جنهن ۾ 500 سائيڪل سوار، اٺ گاڏيون ۽ بسون ماڻهن سان ڀريل هيون. هي جلوس سنڌ مسلم ڪاليج ڪراچيءَ تائين آيو، جتي ڪاليج جي عمارت مٿان پاڪستان جو جهنڊو کوڙيوويو. جلوس ڪراچيءَ جي وڏن روڊن جهڙوڪ فريئر روڊ، وڪٽوريا روڊ، بندر روڊ، رنڇوڙ لائين، ڪلان ڪوٽ، چاڪيواڙه ۽ نيپيئر روڊ کان ٿيندو عيدگاهه ميدان تي پهتو. عيدگاهه ميدان تي عام جلسو منعقد ٿيو، جتي مسلم ليگ ۽ پاڪستان جي حمايت ۾ تقريرون ڪيون ويون.  (1)

”تاريخ 4، جنوري 1946ع تي جي ايم سيد کي سنڌ مسلم ليگ جي صدارت ۽ آل انڊيا مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي ميمبري تان خارج ڪيو ويو ۽ مسلم ليگ جي صدارت عارضي طور محمد هاشم گذدر کي ڏني ويئي.  (2) آل انڊيا ايڪشن ڪاميٽي ۽ آل انڊيا مسلم ليگ مان هيٺين ميمبرن جي ميمبرشپ ختم ڪئي وئي. ڇاڪاڻ ته انهن مسلم ليگ جي اميدوارن جي مقابلي ۾ نامينيشن فارم ڀريا هئا. جهڙوڪ:

سيد محمد علي شاهه، پير قربان علي شاهه، خانبهادر گبول، غلام حيدر شاهه، غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي، پير غلام حيدر شاهه ۽ بيگم دائودپوٽه (3) سنڌ اليڪشن ڪاميٽي جي ٻيهر تنظيم ڪئي وئي ۽ هيٺيان ماڻهو سنڌ مسلم ليگ ايڪشن ڪاميٽيءَ تي مقرر ڪيا ويا: محمد ايوب کهڙو – آغا غلام پٺاڻ، مير غلام علي ٽالپر ۽ يوسف هارون، حاتم علوي، محمد هاشم گذدر.

مسلم ليگ جو اليڪشن ورڪ تمام زور شور سان شروع ڪيو ويو. سنڌ جي مسلمان شاگردن جا جٿا ٺاهي مسلم ليگي اميدوارن جي حمايت ۾ پرچار ڪرڻ لاءِ موڪليا ويا. مسلم ليگ پاڪستان جي نعري تي چونڊن ۾ حصو ورتو. سنڌ ۾ راءِ عامه کي هموار ڪرڻ لاءِ اشتهار ڇپرايا ويا ۽ اسلام جي نالي تي مسلمانن جي جذبات کي اڀاريو ويو. شاعرن مسلم ليگ ۽ پاڪستان جي حمايت ۾ شعر چيا.

مسلم ليگ جي حمايت ۾ اشتهار

مسلمانن جي ضمير جو آواز

”مسلمان هڪ عليحده قوم آهن ڇاڪاڻ ته.....

اسلام هندستان جي مسلمانن جي ساري زندگي جي سوين آرزوئن ۽ تمنائن ۾ غيرمسلمانن کان بلڪل مختلف بنائي ڇڏيو آهي.

هندستان ۾ ٻارنهن سون ورهين کان مسلم قوم ٻين قومن کان جداگانه، مختلف ۽ امتيازي حيثيت رکندي پئي آئي آهي.

مسلمانن جو تمدن، معاشرت، قانون اخلاق وغيره ٻين کان بلڪل نرالو آهي.

محمد بن قاسم، سلطان محمود غزنوي، شهاب الدين غوري، علاؤالدين خلجي، ظهير احمد بابر، محڪم الدين اورنگزيب، سلطان ٽيپو ۽ حافظ رحمت خان روهيله جي ساري زندگي انهي ڳالهه جي گواهي ڏئي ٿي.

هندستان ۾ مسلمانن جي جداگانه نوعيت، خاص ڪري حضرت خواجه اجمير رحمت الله، مجدد الف ثاني، حضرت نظام الدين محبوب الاهي، حضرت شاهه ولي الله ۽ حضرت احمد شهيد بريلوي جي گودن ۾ پلي آهي.

حضرت جمال الدين افغاني جي تحريڪ احياءِ السلام، سيد احمد خان جون تعمير ملت لاءِ ڪوششون ۽ سر محمد اقبال جو سمورو پيغام جداگانه قوميت جي اصول تي مبني آهي. دنيا ۾ هندستان جو مسلمان ڪجهه ٻيو ڪري ٿو ته  هندو ٻيو ڪري ٿو.  (1)

پاڪستان

”نالو آهي مسلمان جي آزادي.

پاڪستان نالو آهي مسلمان جي بااختيار ۽ آزاد حڪومت جي قيام جو پاڪستان جي قيام کان پوءِ ستن ڪروڙن کان زياده مسلمان آزاد ۽ خودمختيار هوندا.

دنيا ۾ اسلام جو جهنڊو بلند رکندا.

پاڪستان کان پوءِ اقليت وارن صوبن جي ٽن ڪروڙ مسلمانن کي انگريزن جي مدد جي ضرورت ڪا نه پوندي.

پاڪستان کان سواءِ هندستان انگريزن جي غلامي کان آزاد ٿي نه ٿو سگهي.

پاڪستان کان سواءِ هندستان جي مسلمانن لاءِ ترقي جو ڪو به رستو ڪو نه آهي.  (2)

مسلم ليگ جي حمايت ۾ شعر

بحمد الله مسلم ليگ جي ٿي هند ۾ نصرت،
۽ ٿيندي سنڌ ۾ ڀي خوب مسلم ليگ جي عظمت.
خدا جو فضل شامل حال آهي ۽ سندس شفقت،
مسلمانن کي حاصل ٿيندي پاڪستان جي دولت.
مسلمان جي هاڻ بس يقيني ڪاميابي آهي،
ترقي اوج اڄ ٿيندو زمانو انقلابي آهي.
مسلمان ۾ اڄ ڀي موجود آهي دولت ايمان،
نه ٿينداسين هرگز ڇو ته آهن صاحب قرآن.
وطن ۽ قوم ملت تان سدا آهن ته سر قربان،
حصول اوج ۽ اقبال لاءِ آهن سي سر گردان.
نه مٽجي سگهندي انهن جي دنيا ۾ عزت ۽ عظمت
جهان ۾ نه عبد هوندو انهن جو شان ۽ شوڪت
مسلمانن کي اڄ آهي نه، اغيار جي پرواهه
نه دنيا جي جميع آ لام ۽ آزادي جي پرواهه
نه، آهي بلبل بستان کي خار جي پرواهه.
ٿئي اسلام جي جان باز کي ڪيئن دار جي پرواهه.
هو آهن سر بڪفن، سينه سپر ۽ عاشق قربان
هنن جو خون ڀي مذهب ۽ ملت جي اڳيان ارزان
مسلمان ڪين هرگز دام ۾ اغيار جي پر مبتلا ٿيندا
هو ٿيندا جان نثار قوم مذهب تان فدا ٿيندا.
لڳائي نعره تڪبير جنهن دم گامزن ٿيندا
بلاشڪ منزل مقصود تي ان دم رسي ويندا.
ٿيو اڄ جو جدا آهي ڇڏي پنهنجي جماعت کي
وساري تنهن ڇڏيو ڄڻ دينکي حڪم اخوت کي
ڇڏي پنهنجن کي غيرن جي تڪي ٿو هو جماعت کي
يقين آهي سگهو ئي سو وڃي رسندو ندامت کي
اسان جو هڪ فقط آزاد ٿئي آزاد غيرن کان،
ٺهي ”احسن“ هر ٿو هر وقت هم مذهب ۽ پنهنجن سان.  (1)

 

پاڪستان جو گيت

هٿ ۾ کڻي سبز نشان ٻڍا ۽ جوان

ڪرڻ اٿيا هي اعلان ٻه اڌ ٿيندو هندوستان

ليڪي رهينگي پاڪستان.

سنڌرو ٻڌي اڄ همٿ جو ٻيڙو ڪنداسين پار ملت جو

ثبوت ڏينداسين پنهنجي غيرت جو – گه رستو روڪي سو طوفان

ليڪي رهينگي پاڪستان.

ڪين ڏينداسون زر تي دين – هي اسان جو پڪو يقين

قوم جو  غدار آ بي دين. ڪري الله سان اسين پيمان

ليڪي رهينگي پاڪستان.

ٻڌل آهي سر سان ڪفن – ٻار ٻچو ڇا مرد و زن

آزاديءَ لاءِ چاهي تن – ڪر تن من ڌن قربان

ليڪي رهينگي پاڪستان.

رهنداسون هاڻي اسين آزاد – شام و سحر آ اسان کي ياد

قائداعظم جو ارشاد – پنهنجو قاعدو آهي قرآن

ليڪي رهينگي پاڪستان.

ليگ جي حق ۾ اسان جو ووٽ؛ اليڪشن فنڊ ۾ سائو نوٽ

سبز علم چڙهندو چوٽ، ٿيندي دنيا پوءِ حيران

ليڪي رهينگي پاڪستان.

 

شمع حرم جا اڄ پروانا – قوم مذهب جا جي ديوانا

موت سان وڙهڻ اٿيا مستانا – اڄ اسان جو هي ايمان

ليڪي رهينگي پاڪستان.  (1)

 

مسلم ليگ جي ڪارڪنن ۽ عهديدارن اليڪشن ورڪ ۾ اسلام کي بچايو. دين جي سلامتي جا نعرا هڻي مسلمانن کي متحد ڪيو. مسلم ليگ هڪ قومي تحريڪ بنجي وئي. جنهن جو مقصد هو ته مسلمانن لاءِ آزاد ۽ خودمختيار پاڪستان قائم ڪجي. جنهن به ماڻهو مسلم ليگ جي مخالفت ٿي ڪئي، تنهن کي غدار چيو ٿي ويو. قائداعظم پڻ تن کي غدار ٿي سڏيو. مسلم ليگ انهن کان اڳتي وڌي ٿي چيو ته جنهن مسلم ليگ جي مخالفت ڪئي اهو اسلام جو مخالف ۽ غدار آهي.  (2) مسلم ليگ جي اميدوارن ۾ ٽڪيٽون ورهايون ويون. هيٺيان اميدوار مسلم ليگ جي طرفان بيهاريا ويا.

جنوري 1946ع مسلم ليگ جا بيهاريل اميدوارن جا نالا

1. ڪراچي شهر ڏکڻ: الحاج محمد هاشم گذدر

2. ڪراچي شهر اتر لياري مسٽر محمود عبدالله هارون

3. سجاول ميرپور بٺورو ۽ جاتي تعلقورئيس حاجي فضل محمد لغاري

4. شاهبندر، ميرپور ساڪرو تعلقوپير عالي شاهه

5. ڪراچي، ٺٽو تعلقهمسٽر انور حسين

غلام حسين هدايت الله

6. زميندار ۽ جاگيردارن جي تڪ مانشيخ غلام حسين هدايت الله

7. ڪراچي عورتن جي تڪ مانمسز جي الانا

8. ٿرپارڪر

9. نارا وئلي ڊويزن رئيس غلام محمد خان وساڻ

10. ٿر ڊويزن رئيس اباب توڳاچي

11. ميرپورخاص ڊويزنمسٽر غلام رسول ڀرڳڙي

12. شهدادپور تعلقورئيس حاجي علي محمد مري بلوچ

13. مورو سڪرنڊرئيس حاجي غلام رسول خان جتوئي

14. نوابشاهه ۽ سنجهورو تعلقوشيخ محمد ابراهيم

15. ڪنڊيارو تعلقوحاجي غلام نبي ڏهراج

16. دادو، ميهڙ ڪڪڙ تعلقوسيد حاجي علي اڪبر شاهه

17. دادو جوهي تعلقوپير الاهي بخش

18. سيوهڻ ڪوٽڙي تعلقوقاضي محمد اڪبر

19. لاڙڪاڻومحمد ايوب خان کهڙو

20. وارهه ڏوڪريقاضي فضل الله

21. قمبر شهدادڪوٽ رئيس مير محمد خان چانڊيو

22. رتوديرو، ميرو خانسردار نبي بخش خان ڀٽو

23. سکر شهر، روهڙيعبدالستار پيرزاده

24. سکر، ڳڙهي ياسينآغا بدرالدين پٺاڻ

25. شڪارپوررحيم بخش سومرو

26. گهوٽڪي، پنو عاقلسردار علي گوهر مهر

27. ميرپور ماٿيلو ۽ اوٻاوڙوسردار قيصر خان بوزدار

28. جيڪب آباد ڳڙهي خيرومير جعفر خان جمالي

29. ڪنڌڪوٽ ڪشمورسردار نور محمد بجاراڻي

30. ٺل تعلقوسردار سهراب خان سرڪي

31. حيدرآباد شهر ۽ تعلقوسيد ميران محمد شاهه

32. ٽنڊو محمد خان تعلقومير حسين بخش خان ٽالپر

33. بدين ٽنڊو باگومير غلام علي ٽالپر

34. ماتلي ۽ ٽنڊو الهيارمير بنده علي خان ٽالپر

35. هالا تعلقو مخدوم غلام حيدر (1)


(1)  روزانه الوحيد ڪراچي

(1)  روزانه الوحيد ڪراچي، فيبروري 22، 1945ع

(2)  روزانه الوحيد ڪراچي، 25 فيبروري 1944ع.

(1)  روزانه الوحيد ڪراچي، فيبروري 25، 1945ع.

(1)  روزانه الوحيد ڪراچي، مارچ 1، 1945ع.

(2)  حافظ خير محمد اوحدي، جهونو صحافي ۽ آفيس سيڪريٽري سنڌ مسلم ليگ (1946ع) کان مصنف جو ورتل انٽرويو.

(1)  حافظ خير محمد اوحدي، جهونو صحافي ۽ آفيس سيڪريٽري سنڌ مسلم ليگ ڪراچي کان مصنف ورتل انٽرويو

(1) Choudhry Khaliq-u-Zaman Path way to Pakistan Lonk Law 1961 P: 333

(2)  روزانه الوحيد ڪراچي، جنوري 11، 1946ع.

(1)  روزانه الوحيد ڪراچي، ڊسمبر 1946ع.

(2)  روزانه الوحيد ڪراچي، جنوري 1946ع.

(3)  روزانه الوحيد ڪراچي ڊسمبر 25، 1934ع.

(1)  اصلي مسلم ليگ جي جاري ڪيل اشتهار تان ورتل

(2)  روزانه الوحيد ڪراچي، جنوري 4، 1946ع.

(1) روزانه الوحيد، ڪراچي، جنوري 7، 1946ع.

(1)  هڪ پاڪستاني: روزانه الوحيد، ڪراچي، جنوري 4، 1946ع.

(2)  Khalid in Syeed Pakistan The Formative phase London, Oxford University, 1968, P: 183

(1)  روزانه الوحيد، 20، جنوري، 1946ع.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20  21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org