سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب: تحريڪ پاڪستان

۾ سنڌ جو حصو

باب: 5

صفحو : 11

 

باب پنجون

ڪانگريس وزارت جي استعيفيٰ

ڪانگريس، گانڌي جي اڳواڻي ۾ عدم تعاون تحريڪ ”هندستان خالي ڪريو“ آزاد هند جي تحريڪ هلائي رهي هئي، ڪانگريس مسلمانن جي نمائنده جماعت  مسلم ليگ کي نظرانداز ڪري ڇڏيو، مسلمانن جي گهرجن ۽ حقن کي نظرانداز ڪيو ويو. ڪانگريس حڪومتون مسلمان  ٻين گهٽ قومن وارن جي حقوق  مفاد جي حفاظت ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿيون، اختلافي معاملات ۾ هندن جي مفاد کي سامهون رکي فيصلا ڪيا ويا. آفيسرن جي فرائض ۾ مداخلت ڪري انهن کي پنهنجي مرضي موجب هلايو ويو؛ اهڙي فضا پيدا ڪئي ويئي، جنهن موجب هندو عوام جي دلين ۾ هي خيال پيدا ٿيو ته هندستان ۾ هندو رائج قائم ٿي ويو.

قائداعظم محمد علي جناح، مهاتما گانڌي  وائسرا هند سان ڳالهيون ڪيون، ڪانگريس مسلمانن جي ڪنهن به مطالبي تي همدردي نه ڪئي. گانڌي، حڪومت تي آزادي لا دٻاءُ وڌو  عدم تعاون تحريڪ کي اڳتي وڌايو، ڪانگريس، حڪومت جا مليل خطاب واپس ڪيا  وزارتن تان استعيفيٰ ڏني. مسلم ليگ ڪانگريس سان تعاون نه ڪيو، ڇاڪاڻ ته ڪانگريس مسلمانن جي الڳ حيثيت تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو. ڪانگريس وزارتن جي استعيفيٰ ڏيڻ کي جناح صاحب مسلمانن لا نجات سمجهيو  مسلمانن کي اپيل ڪئي ته هو ڪانگريس سان عدم تعاون ڪري خوشي محسوس ڪن ”يوم نجات“ ملهائين.

قائداعظم جي اپيل تي لبيڪ چئي هندستان جي سڀني مسلمان صوبن ۾ ”يوم نجات“ ملهايو ويو. سنڌ ۾ ان جو ڪنڊڪڙڇ مان ٺهراءُ منظور ڪري، حڪومت کان مختلف مطالبا ڪيا ويا. اهڙي طرح سڄي سنڌ ۾ مختلف هنڌن تي جلسا منعقد ڪري ”يوم نجات“ جوش و خروش سان ملهايو ويو.

ڪانگريس وزارت جي استعيفيٰ  مسلم ليگ طرفان يوم نجات

”سال 1939ع ۾ ڪانگريس صوبائي وزارتن تان استعيفيٰ ڏني. قائداعظم جناح ان کي پنهنجي فتح قرار ڏئي مسلمانن کي تاريخ 22، ڊسمبر 1939ع تي يوم نجات ڏياري.(1)  قائداعظم جي هن اپيل تي لبيڪ چوندي سنڌ جي عوام جلسا ڪري يوم نجات ملهايو. يوم نجات جي سلسلي ۾ ڪراچي جي مسلمانن جو هڪ عظيم الشان جلسو خالقڏنه هال ۾ زير صدارت حاجي عبدالله هارون جي منعقد ٿيو. هال ماڻهن سان سٿيو پيو هو، ڪيترائي ماڻهو ٻاهر درين تي بيهي سارو وقت دلچسپي سان  جلسي جي ڪارروائي ٻڌندا رهيا. 9 بجي صبح تلاوت ڪلام پاڪ کان پوءِ جلسو شروع ٿيو. مولوي عبدالحئي حقاني هڪ وجد آفرين نظم يوم نجات متعلق پڙهيو، ان بعد حاجي عبدالله هارون افتتاحي تقرير ڪئي، جنهن ۾ يوم نجات ملهائڻ جو واضح مقصد بيان ڪيو. قائداعظم جي ڪيل اپيل تي مخالفن جي نڪته چيني جو جواب ڏنو ويو. بعد ۾ڪانگريس حڪومت جي ڪيل ظلمن جو مختصر بيان ڪيو ويو. سر صاحب چيو ته هندو پريس مولوي فضل الحق وزيراعظم بنگال جي خلاف غلط پروپئگنڊا ڪري رهي آهي، ته هو پنڊت جواهر لال سان ڪانگريس وزارتن جي خلاف لڳايل الزامن جو ثبوت ڏيڻ جو انجام ڪري ڦري ويو آهي! سر صاحب چيو ته اها غلط پروپئگنڊا آهي. مولوي فضل الحق پنهنجي پهرين ڳالهه تي قائم آهي. آخر ۾ مسلمانن کي امن سان رهڻ جي هدايت ڪندي، ٻڌي ۽ قومي جذبي کي پيدا ڪرڻ جي اپيل ڪيائين. ان بعد هيٺيان ٺهراءُ صدر صاحب جي طرفان پيش ٿيا، جيڪي الله اڪبر جي نعرن جي گونج ۾ قبول ٿيا.

ٺهراءُ نمبر 1: ڪراچي جي مسلمانن جو هي ميڙ، هي راءِ قائم ٿو ڪري ته ڪانگريسي وزارتن مسلمانن سان روا ڪيل سلوڪ مان هي ثابت نه ڪيو آهي ته هو انصاف ۽ معقوليت سان سڀني قومن جي نمائندگي ڪري ٿي. گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ هن ميڙ جي اها راءِ آهي ته ڪانگريس وزارتون مسلمانن ۽ ٻين گهٽ قومن جي حقوق ۽ مفاد جي حفاظت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون آهن.

حڪومت جي انتظام متعلق ڪانگريس وزارتون پنهنجي فرائض جي بجاآوري ۾ پوئتي پيون ۽ قانون ساز مجلس ۾ پڻ مسلمانن جي عام راءِ جي توهين ڪئي. مسلمانن جي ڪلچر کي تباهه ڪرڻ جي هر ڪا ڪوشش ڪئي وئي، انهن جي مذهبي معاشي زندگي ۾ مداخلت ڪئي وئي، مسلمانن جي سياسي ۽ اقتصاي حقن کي پائمال ڪيو ويو، اخلاقي معاملات خواه جهڳڙن ۾ هميشه هنن هندن جي طرفداري ڪئي ۽ هندن جي مقاصد جي تائيد ڪئي، مسلمانن جي مفاد کي نظرانداز ڪري نقصان پهچايو ويو.

ڪانگريس حڪومت ننڍين ننڍين ڳالهين ۾ به ضلعي آفيسرن جي معمولي فرائض ۾ مداخلت ڪئي، جنهن جي ڪري مسلمانن کي سخت نقصان پهتو ۽ اهڙي فضا پيدا ڪئي وئي جنهن ۾ هندو عوام جي دلين ۾ هي خيال پيدا ٿيو ته هندستان ۾ هندو راڄ قائم ٿي ويو آهي! انهي ڪري هندن ۾ زياده تر ڪانگريس ۾ ايتري بي خوفي ۽ جرئت پيدا ٿي، جو هنن مخالف هندن ۽ مسلمانن سان زيادتيون ڪيون. مسلمانن جي حقن ۾ مداخلت ڪئي. انهي ڪري هي جلسو مختلف صوبن ۾ ڪانگريس حڪومت جي ختم ٿيڻ تي هڪ قسم جي ظلم کان ڇوٽڪارو محسوس ڪري ٿو ۽ هن ڳالهه تي خوشي جو اظهار ڪري ٿو ته گذريل اڍائي سالن کان وٺي مسلمانن تي جيڪي ظلم زيادتيون ۽ ناانصافيون ٿي رهيون هيون، انهيءَ تي اڄ ”يوم نجات“ ملهايو وڃي. هي جلسو رب کان دعا گهري ٿو ته، هندستان جي مسلمانن کي اهڙي قوت، طاقت ۽ تنظيم فرمائي جو اهڙين وزارتن جي قائم ٿيڻ کي روڪي سگهن ۽ مقبول عام وزارتون قائم ڪري سگهن، جي سڀني قومن سان برابري ۽ انصاف ڪن.

ڪراچي جي مسلمانن جو هي جلسو انهن سڀني صوبن جي گورنرن ۽ انهن جي صلاحڪار ڪائونسلن کي درخواست ڪري ٿو ته هر مسلمانن جي جائز شڪايتن ۽ ظلمن، جيڪي ڪانگريس حڪومت ڪيا آهن، انهن اعلانن مطابق جي گورنرن، گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ 1935ع جي فقره 93 موجب مختلف صوبن جي حڪومت جون واڳون وٺڻ وقت ڪيا هئا، جلد کان جلد انهن جو ازالو ڪن ۽ سڀني ظلمن کي دفع ڪري عام ماڻهن کي يقين ڏيارين ته مٿين حڪومت سڀني سان انصاف ڪرڻ واري آهي.

ٺهراءُ نمبر 2: قائداعظم محمد علي جناح، وائسراءِ هند سان دوران ملاقات ۽ مسٽر گانڌي ۽ ٻين ڪانگريسي ليڊرن جي درميان تازي ڪيل گفتگو ۾ جا روش اختيار ڪئي آهي ان لاءِ ڪراچي جي مسلمانن جو عام جلسو پرزور تائيد ۽ تصديق ڪري ٿو. هن ڳالهه کي پرزور لفظن ۾ ورجائي ٿو ته مسلمان هر طرح پنهنجي قائداعظم جا تابع ۽ فرمانبردار آهن. هن جلسي جي راءِ آهي ته قائداعظم جي ڪوشش ۽ جدوجهد جو مقصد صرف مسلانن لاءِ نه آهي، پر سڀني قليل تعداد جي قومن جي فائدي لاءِ پڻ آهي. ان ۾ عام طرح سڄي ملڪ جي حقيقي ترقي ۽ آزادي جي ضمانت آهي. ان بعد جلسو دعاءِ خير سان ختم ٿيو.  (1)

يوم نجات جو سلسلو سڄي سنڌ ۾ جاري رهيو. تاريخ 22 ڊسمبر جمعي جي ڏينهن ڪوٽڙي جي هيٺين مسجدن ۾ يوم نجات جون دعائون گهريون ويون. جهڙوڪ ميمڻ مسجد، ڀٽي مسجد، نانگو لين مسجد، اسٽيشن مسجد، جامع مسجد جمعي نماز بعد هيٺيان ٺهراءَ پاس ٿيا:

1. ڪوٽڙي جي مسلمانن جو هي جلسو قائداعظم محمد علي جناح جي قيادت ۾ مڪمل اعتماد جو اظهار ڪري ٿو. سندس فرمان موجب ٺهراءَ پاس ٿيو ته گذريل اڍائي سالن ۾ جتي جتي ڪانگريسي حڪومتون قائم ٿيون آهن اتي اقليت وارن قومن سان خاص ڪري مسلم قوم جي زبان ڪلچر تهذيب ۽ سياسي حقن، کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ايستائين جو يو ٻي سي پي ۽ بهار ۾ مسلمانن جي جان ۽ مال ۽ آبرو خطري ۾ پئجي ويا.

جيئن ته ناانصاف ڪانگريسي حڪومتون دفع ٿي ويون آهن، تنهن ڪري هي ميڙ رب جا شڪرانه ادا ڪري ٿو ۽ دعا ٿو گهري ته هندستان ۾ اهڙيون حڪومتون قائم ٿين جيڪي هندن، مسلمانن، اڇوتن ۽ ٻين اقليت وارن قومن جي صحيح نمائنده هجن.

2. مسلمانن جو هي ميڙ قائداعظم جي قيادت ۾ مڪمل اعتماد رکي ٿو ۽ اميد ٿو رکي ته سندس ڪوشش سان ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جو ٺاهه ٿي ويندو! جنهن سان نه فقط مسلمانن پر ٿورائي وارن قومن کي به سموري ملڪ ۾ فائدو پهچندو.

3. هي ميڙ ظاهر ٿو ڪري ته سنڌ جي مسلمانن جو موجوده سنڌ وزارت ۾ ڪو به اعتماد ڪونهي، گورنر سنڌ، وائسراءِ هند ۽ وزير هند جو ڌيان ڇڪائجي ٿو ته موجوده وزارت جو جلد به جلد خاتمو ڪيو وڃي.

4. هي ميڙ جدا جدا پرڳڻن جي گورنرن کان مطالبو ٿو ڪري ته سندس پرڳڻن ۾ ڪانگريسي حڪومتن پاران جي زيادتيون ۽ بي انصافيون ڪيون ويون آهن. تن جي تحقيقات ڪرائي وڃي ۽ مسلم قوم جي جائز شڪايتن کي دور ڪيو وڃي. (1)

”قائداعظم محمد علي جناح جي ارشاد موجب لاڙڪاڻي جي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ عام جلسو ڪري دعائون گهرڻ بعد ”يوم نجات“ گهڻي زور شور سان پرامن حالت ۾ ملهايو ويو. لاڙڪاڻي شهر جي هر هڪ مسجد ۾ جدا جدا ٺهراءُ پاس ڪرڻ کان سواءِ عظيم شاهه ميدان تي شاندار جلسو زير صدارت محمد هاشم گذدر ايم ايل، اي جي منعقد ٿيو. هيٺيان ٺهراءُ پاس ڪيا ويا:

1. هي جلسو عام راءِ ظاهر ڪري ٿو ته ڪانگريس حڪومت ختم ٿيڻ سبب مسلمانن ۽ ٻين اقليت وارن قومن کي ظالمانه راڄ کان  نجات ملڻ سبب، ڌڻي تعاليٰ جو شڪر ادا ڪيو ويو.

هي جلسو محمد علي جناح جي اڳواڻي تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪري ٿو.

هي جلسو موجوده سنڌ وزارت جي موجوده روش تي نفرت جو اظهار ڪري ٿو ۽ گورنر سنڌ وائسراءِ سنڌ، وزير هند کان استدعا ٿو ڪري ته هن وزارت کي جلد از جلد ختم ڪري نيون چونڊون ڪرايون وڃن.

هي جلسو انهيءَ ڳالهه تي تشويش جو اظهار ٿو ڪري ته موجوده وزارت هندن جي دٻاءُ تي کين راضي رکڻ لاءِ گڏيل چونڊن جي باري ۾ جيڪو بل پاس ڪرائڻ گهري ٿي سو مسلمانن جي مخالفت هوندي به موجوده وقت ۾ سخت نقصان ثابت ٿيندو. اهڙي قدم کڻڻ تي هندن ۽ مسلمانن جا تعلقات جيڪي اڳ ۾ خراب ٿيل آهن سي وڌيڪ خراب ٿيندا. مٿين صورت ۾ گورنر سنڌ کي استدعا آهي ته اهڙي بل آڻڻ جي منظوري نه ڏئي.

هي جلسو اصلاح اخبار جي نازيبا روش جي مذمت ڪري ٿو. هي اخبار محمد علي جناح ۽ ٻين مسلم ليڊرن جي باري ۾ خراب لکي رهي آهي، ان نامعقول رويي کي هي جلسو گهڻي نفرت جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ ٻين مسلمانن کي عرض ٿو ڪجي ته اصلاح اخبار جو بائيڪاٽ ڪيو وڃي.

جلسه ۾ هيٺيان ماڻهو حاضر هئا، محمد علي ڪاڪيپوٽو، مولوي محمد اسماعيل قريشي، مولوي محمد ابراهيم بٺوي، مولوي عبدالڪريم بٺوي، مولوي غلام حسين، سرائي علي گوهر لاهوري، علي محمد وڪيل، وڏيرو حاجي محمد نواز خان کهڙو، حڪيم محمد عالم، حڪيم علي محمد شاهه بقاءِ پوري.  (1)

”بٺي تعلقي ميرو خان: تاريخ 22 ڊسمبر 1939ع جمعه نماز بعد عام جلسو مولوي عبدالڪريم بٺوي جي زير صدارت منعقد ٿيو، جنهن جو ٺهراءُ منظور ڪري گورنر سنڌ ۽ وائسراءِ هند کان مطالبو ڪيو ويو ته موجوده سنڌ وزارت کي جلد از جلد ختم ڪيو وڃي.“  (1)

”ڳوٺ سونو جتوئي تعلقي لاڙڪاڻي ۾ تاريخ 22 ڊسمبر 1939ع مولوي غلام محمد جي صدارت هيٺ عام جلسو منعقد ٿيو. جتي ٺهراءُ پاس ڪري موجوده سنڌ وزارت کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو.“  (2)

”ڳوٺ نئون آباد ڏوڪري ۾ تاريخ 22 ڊسمبر 1939ع صاحبزاده عبدالستار جان سرهندي جي صدارت هيٺ عام جلسو منعقد ٿيو، جتي ٺهراءُ پاس ڪري موجوده وزارت کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو.“  (3)

”ضلعي لاڙڪاڻي جي هيٺين شهرن مان سنڌ وزارت جي خاتمي لاءِ ٺهراءَ منظور ڪيا ويا: ٻيا جلسا هيٺين ماڻهن جي زير صدارت منعقد ٿيا:

ڳوٺ فريد آباد تعلقو ڏوڪري زير صدارت محمد پريل خان سيال ڳوٺ غني کهاوڙ تعلقو وارهه زير صدارت خان محمد شاهه. ڳوٺ بنگل ديرو تعلقو رتوديرو زير صدارت حاجي محمد عباس ڀٽو.  (4)

ضلعي لاڙڪاڻي جي هيٺين ڳوٺن مان پڻ ساڳي قسم جا ٺهراءُ پاس ڪيا ويا. جهڙوڪ ڳوٺ عمر گوپانگ، ڳوٺ عثمان خان گوپانگ، حبڙ نئون، سهاڳو خان، ڳوٺ ٽڳڙ، باڊهه، پٽڙ، ڪڪڙ.

ضلعي حيدرآباد ۾ هيٺين شهرن مان ٺهراءُ پاس ڪيا ويا. جهڙوڪ ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو ولي محمد، مٽياري ۽ تلهار.  (1)

”ضلعي نوابشاه جي هيٺين ڳوٺن مان يوم نجات جي سلسلي ۾ ٺهراءُ منظور ڪيا ويا:

ڳوٺ ابراهيم چنا، شر (سڪرنڊ)، محراب پور (سڪرنڊ)، سرائي سڄڻ زرداري (2)“ ڳوٺ ملڪه (مورو) ڳوٺ احمداڻي لغاري (مورو) قاسم کاهي (نوشهرو فيروز) شاهپور چاڪر (نوابشاهه)  (3) ”سکر ضلعي جي هيٺين شهرن مان ساڳي قسم جون قراردادون منظور ڪيون ويون. ميان جو ڳوٺ (شڪارپور)، چڪه (سکر) حاجي حسين ملاه (گهوٽڪي) ۽ ڳڙهي ٻڍل (شڪارپور) گهوٽڪي ۽ سکر (4) ٿرپارڪر ضلعي جي هيٺين ڳوٺن مان به اهڙي قسم جا ٺهراءُ پاس ڪري سنڌ وزارت جي خاتمي جا مطالبا ڪيا ويا. لاڏيون (سنجهورو) ڪنگرو (ڊگهڙي) نبيسر ۽ نبيسر روڊ.  (5)

سنڌ مسلم ليگ جي سالياني تنظيم ۽ ٺهراءُ

”تايخ 28 جنوري 1939ع سنڌ صوبائي مسلم ليگ جي جنرل باڊي جي گڏجاڻي حاجي عبدالله هارون جي صدارت هيٺ ڪراچي ۾ منعقد ٿي، صوبائي سنڌ مسلم ليگ لاءِ هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا.

صدر:حاجي عبدالله هارون

نائب صدر:جي ايم سيد

نائب صدر:محمد ايوب کهڙو

جنرل سيڪريٽري:شيخ عبدالمجيد سنڌي

جوائنٽ سيڪريٽري: پير علي محمد راشدي

جوائنٽ سيڪريٽري:آغا غلام نبي پٺاڻ

خزانچي: حاجي عبدالله هارون

ڪاروباري ڪميٽي جا ميمبر:  محمد ايوب کهڙو، محمد هاشم گذدر، سيد خير شاهه، سيد حسن بخش شاهه، سيد نور محمد شاهه، جي ايم سيد، غلام نبي اسراڻ، حاجي عبدالله هارون، شيخ عبدالمجيد سنڌي، سيد غلام نبي شاهه، قاضي فضل الله، مولوي محمد اسماعيل، پير علي انور شاهه، سيد اڪبر شاهه، محمد يوسف، محمد بخش، غلام نبي پٺاڻ، آغا نظر علي، شيخ واجد علي، سيد محبوب علي شاهه، سيٺ عبداللطيف ميمڻ، پير عبدالستار جان سرهندي، پير محمد اسحاق جان سرهندي، پير غلام مرتضيٰ سرهندي، سيد غلام حيدر شاهه، محمد حسن شورو، مولانا ضياءُ الله، مولانا ظهور الحسن، حاجي نظرالدين، چوڌري غلام محمد.

هن ميٽنگ ۾ هيٺيان ٺهراءُ بحال ڪيا ويا.

هي ميٽنگ متفقه طور قائداعظم محمد علي جناح کي آئنده آل انڊيا مسلم ليگ ڪانفرنس، جيڪا لاهور ۾ ٿيڻ واري آهي، تنهن جو صدر منتخب ڪيو وڃي. انهيءَ جو اطلاع تار رستي سيڪريٽري آل انڊيا مسلم ليگ کي موڪليو وڃي.

هي فيصلو ڪيو ويو ته صوبي سنڌ مسلم ليگ جا عهديدار ورڪنگ ڪاميٽي جا ميمبر ٿي رهندا، ان کانسواءِ جنرل باڊي کي حق رهندو ته پاڻ مان 25 ڄڻن کي ورڪنگ ڪاميٽي تي چونڊين.

گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته مسلم ليگ جي عهديدارن ۽ ورڪنگ ڪاميٽي جي ميمبرن جي چونڊ ڪئي وئي.

جيڪو به ورڪنگ ڪاميٽي جو ميمبر ٽن ميٽنگن ۾ لڳاتار غيرحاضر رهيو ته هن جي جاءِ خالي سمجهي، ٻئي کي نامزد ڪيو ويندو.

صوبي سنڌ جي هن گڏجاڻي جو رايو آهي ته سکر ضلعي ۾ جيڪي بدقسمتي سان افسوسناڪ واقعا ٿيا آهن تن جي جوابدارموجوده وزارت آهي. انهن سڀني ماڻهن سان، جيڪي هن نقصان جو شڪار ٿيا آهن، تن سان دلي همدردي ڪري ٿي، ٻنهي قومن کي اپيل ڪري ٿي ته پاڻ ۾ محبت ۾ رهن ۽ الهه بخش سومري جي اهڙي پاليسي جو شڪار نه ٿين، جنهن موجب صاحب موصوف قومن ۾ تفرقو وجهي حڪومت ڪرڻ گهري ٿو.

هي فيصلو ڪيو ويو ته صوبي سنڌ جي سيڪريٽري پاران اخبارن ۾ اعلان ڪيو وڃي ته آل انڊيا مسلم ليگ لاهور واري اجلاس ۾ صوبي سنڌ مان جيڪي صاحب ڊيليگيٽ ٿي وڃڻ گهرن سي 20 فيبروري جي اندر سيڪريٽري سنڌ جي سرٽيفڪيٽ کان سواءِ ڪو به ڊيليگيٽ  ٿي نه سگهندو.

فيصلو ڪيو ويو ته صوبي سنڌ ورڪنگ ڪاميٽي پارليامينٽري ڪاميٽي جا فرائض انجام ڏيندي.

هي فيصلو ڪيو ويو ته ايندڙ اسيمبلي جي چونڊ لاءِ جيڪي حضرات مسلم ليگ جي قوائد و ضوابط جا پابند 1940ع تائين صدر سنڌ مسلم ليگ کي ڏياري موڪلين. اميدوارن جا نالا به مناسب وقت تائين مخفي رکيا ويندا. جن صاحبن کي مسلم ليگ جي طرفان نامزد ڪيو ويندو، انهن جي نالن جو اعلان نامينيشن پيپر ڀرڻ کان اڳ ڪيو ويندو. سيڪريٽري صاحب کي هدايت ڪئي وئي ته اهڙو اعلان اخبارن جياشاعت لاءِ موڪلي.

هي فيصلو ڪيو ويو ته مسلم ليگ تحريڪ کي صوبي سنڌ ۾ زور وٺائڻ لاءِ هڪ لائوڊ اسپيڪر ۽ لاري خريد ڪئي وڃي؛ جنهن لاءِ هيٺين صاحبن مالي امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو. جي ايم سيد ۽ خير شاهه هڪ هزار، محمد ايوب کهڙو هڪ هزار ۽ وڌيڪ خرچ حاجي عبدالله هارون ڀريندو، حاجي عبدالله هارون اعلان ڪيو ته اسان جي ورڪرن جيڪڏهن ڇهن مهينن منجهه سٺو ڪم ڪري ڏيکاريو ته هو ٻي لاري خريد ڪري ڏيندو.

هي فيصلو ڪيو ويو ته صوبي سنڌ مسلم ليگ جي امدادي سرمائي لاءِ 500 ماڻهن کان گهٽ ۾ گهٽ 10 رپيا ساليانو چندو ورتو وڃي.

هي فيصلو ڪيو ويو ته مسلم ليگ تحريڪ کي زور وٺائڻ لاءِ مختلف تڪن ۾ ضلعي مسلم ليگ ڪانفرنسون ڪوٺايون وڃن. انهي سلسلي ۾ پهرين ڪانفرنس 25 فيبروري 1940ع تي ڳوٺ مراد ميمڻ ملير ۾ ڪئي وڃي. هن ڪانفرنس گهرائڻ لاءِ سمورو انتظام پير غلام مرتضيٰ سرهندي ڪرڻ قبول ڪيو. صوبي سنڌ جي سيڪريٽري کي هدايت ڪئي وئي ته اهڙيون ڪانفرنسون منعقد ڪرڻ لاءِ ٻين پرائمري برانچن کي پڻ هدايت ڪري.

هي به فيصلو ڪيو ويو ته صوبي سنڌ مسلم ليگ ڪانفرنس جو اجلاس مئي مهيني ۾ لاڙڪاڻي ۾ گهرايو وڃي، جنهن جو انتظام لاڙڪاڻي جو صدر محمد ايوب کهڙو ڪندو.

هي فيصلو ڪيو ويو ته جرڳن جي بل جي مخالفت ڪئي وڃي ۽ مسلم ليگ جي ميمبرن کي هدايت ڪئي وڃي ته هو ان بل جي مخالفت ڪن.

هي به فيصلو ڪيو ويو ته آل انديا مسلم ليگ کي درخواست ڪجي ته سکر منزل گاهه مسجد جي فسادن ۽ گرفتارين جي ضروري تحقيقات لاءِ هڪ تحقيقاتي ڪاميٽي مقرر ڪري.

هي فيصلو ڪيو ويو ته مسلم ليگ رليف فنڊ جي عهديدارن جي چونڊ ڪئي وڃي. جنهن لاءِ هيٺيان عهديدار مقرر ڪيا ويا.

 

صدر: محمد ايوب کهڙو

جنرل سيڪريٽري: سيد محبوب علي شاهه

خزانچي: حافظ محمد صديق

۽ ٻيا ميمبر هئا؛ آغا نظر علي خان، جي ايم سيد، خير شاهه، ڊاڪٽر محمد يامين، نعمت الله قريشي، ابو شوڪت حمزو، شيخ واجد علي، سيد رسول بخش شاهه، قاضي فضل الله، آغا غلام نبي، حاجي گل خان، تاج الدين ۽ غلام نبي بروهي.  (1)


(1) B. N Pandey, Break up of British India, London, Mecmillan, 1969 P - 150

(1)  روزانه الوحيد ڪراچي، ڊسمبر 24، 1939ع.

(1)  روزانه الوحيد ڪراچي، ڊسمبر 27، 1939ع.

(1)  روزانه الوحيد ڪراچي، ڊسمبر 27، 1939ع.

(1)  روزانه الوحيد ڪراچي، ڊسمبر 28، 1939ع.

(2)  روزانه الوحيد ڪراچي، ڊسمبر 28، 1939ع.

(3)  روزانه الوحيد ڪراچي، ڊسمبر 28، 1939ع.

(4) . روزانه الوحيد ڪراچي، جنوري 5، 1940ع.

(1)  روزانه الوحيد ڪراچي، جنوري 3، 1940ع.

(2)  روزانه الوحيد ڪراچي، ڊسمبر 28، 1939ع.

(3)  روزانه الوحيد ڪراچي، جنوري 5، 1940ع.

(4)  روزانه الوحيد ڪراچي، ڊسمبر 25، 1939ع.

(5)  روزانه الوحيد ڪراچي، جنوري 5، 1940ع.

(1)  روزانه الوحيد ڪراچي، فيبروري 1940ع.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20  21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org