لاهور واري ٺهراءُ جي سنڌ مان پٺڀرائي
تاريخ 21، 22، 23 مارچ 1940ع ۾ آل انڊيا مسلم ليگ
جو تاريخي اجلاس قائداعظم محمد علي جناح جي صدارت
هيٺ منعقد ٿيو. ”مسلم ليگ جي اجلاس کان اڳ 21 مارچ
1940ع تي مسلم ليگ ورڪنگ ڪاميٽي جي ميٽنگ قائداعظم
۽ سڪندر حيات سان ٿي، جتي قائداعظم کي قرارداد جو
مسودو ڏنو ويو. جيڪو جناح صاحب کي هڪ ياداشت نامي
جي صورت ۾ حاجي عبدالله هارون کيس 1، فيبروري
1940ع ۾ ڏنو.
(2)
لاهور جي اجلاس ۾ سنڌ جي طرفان خانبهادر محمد ايوب
کهڙو، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ جي ايم سيد جيڪي ان
وقت ۾ سنڌ وزارت ۾ شامل هئا سي اجلاس ۾ نمايان ڏسڻ
۾ پئي آيا.
(1)
هن اجلاس ۾ سنڌ مان ٻيا هيٺيان معزز شخص شامل ٿيا.
”ايم اي خالق، سيد حسن بخش شاهه (محرابپور) حاجي
دوست محمد (لاڙڪاڻو)، حق نواز خان صاحب (شڪارپور)
امير احمد (لاڙڪاڻو) غلام محي الدين صاحب،
عبدالحئي صديقي (سکر) مسٽر منير احمد (لاڙڪاڻو)
عبدالرئوف صاحب ڪراچي، محمد اسلم ڪراچي،محمد هاشم
جوڻيجو، محمد رمضان صاحب، محمد علي چوڌري
(ٿرپارڪر) مقبول احمد (ٿرپارڪر) چوڌري رحمت الله
(ٿرپارڪر) مرزا رحمان بيگ (سکر) رئيس افضل خان
کيڙو (مورو).
(2)
”پاڪستان جو ٺهراءُ جيڪو بنگال جي وزيراعظم مولوي
فضل حق جي طرفان پيش ڪيو ويو هو، ان ٺهراءُ جي
حمايت ۾ تقرير ڪندي حاجي عبدالله هارون چيو ته اها
هڪ عالم آشڪار حقيقت آهي ته، هندستان ۾ مسلمان سنڌ
کان آيا، سنڌي مسلمانن جو اهو پهريون سوال آهي
جيڪو هاڻي مسلم ليگ جي سامهون آهي. سال 1938ع سنڌ
مسلم ليگ هڪ ٺهراءُ منظور ڪري ”آزاد رياستون“ جي
عنوان سان ڇپايو هو، جنهن ۾ اتر، اوڀر ۽ اولهه
وارا علائقا شامل هجن. انهيءَ کان پوءِ آئيني
منصوبا بڻايا ويا، جن تي نظرثاني ڪئي پئي وڃي. اهو
مسلمانن جو فرض آهي ته هن ٺهراءُ کي بغير ڪنهن
رنڊڪ جي منظور ڪيو وڃي. حاجي عبدالله هارون هندن
کي چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن، هندو صوبن ۾ مسلمانن سان
اتفاق وارو سلوڪ نه ڪيو ويو ته، مسلم صوبن ۾ هندن
سان اهو سلوڪ ڪيو ويندو جيڪو هٽلر يهودين سان ڪيو
هو. هن اميد ظاهر ڪئي ته اها تجويز جيڪا ٺهراءُ جي
شڪل ۾ ڏني ويئي آهي اها هندن ۽ انگريزن لاءِ قابل
قبول هوندي.
(1)
”هن
لاهور واري ٺهراءُ منظور ٿيڻ کان پوءِ تڏهن سنڌ ۾
مسلم آزاد رياست پاڪستان جي حمايت ۾ ٺهراءُ منظور
ڪيا ويا. انهي مقصد لاءِ سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ مان لاهور
جي ٺهراءُ جي حمايت ۾ ٺهراءُ پاس ڪيا ويا. هيٺين
طرح سان ٺهراءُ منظور ڪيا ويا.
”سنڌ
جو عوام لاهور جي ٺهراءُ جي مڪمل حمايت ڪري ٿو.
سنڌ
جي مسلمانن کي قائداعظم محمد علي جناح جي اڳواڻيءَ
۾ مڪمل ڀروسو آهي.
هندستان جا مسلمان اهڙو ڪو به دستور قبول نه ڪندا
جيڪو آل انڊيا مسلم ليگ کي قبول نه هوندو. سنڌ جي
هيٺين شهرن ۽ ڳوٺن مان ٺهراءُ پاس ڪيا ويا.
مورو، ديهه خالصو (مورو)، محبوب تنيه (ميرو خان)
(2)
”جهمپير، محمد خان جروار (ماتلي) ميان جو ڳوٺ
(شڪارپور) شڪارپور، چڪ (سکر)، هالا، ٽنڊو محمد
خان، سيد صاحب شاهه (نوابشاهه) قمبر، پير (قمبر)،
چاچڙ (ڪوٽڙي)، شاهپور چاڪر.
(3)
سنڌ
۾ مسلم ليگ جي سڀني برانچن قرارداد لاهور جي حمايت
۾ ٺهراءَ منظور ڪيا. اهڙي طرح سنڌ مسلم ليگ لاهور
قرارداد جي مڪمل حمايت ڪئي. ”سنڌ مسلم ليگ ڪائونسل
جي گڏجاڻي 22 ڊسمبر 1940ع تي زير صدارت حاجي
عبدالله هارون جي ڪراچي ۾ ٿي ۽ ان ۾ هيٺيان ٺهراءَ
بحال ڪيا ويا:
جنهن
صورت ۾ سنڌ اسيمبلي جي اندر ڪن گروپن درميان جيڪو
ٺاهه ٿيو هو، سو هينئر هن ڪائونسل جي پڇڻ کان
سواءِ بدلايو ويو آهي. هن ڪائونسل انهي ٺاهه جي
باقي بچيل حصن تي يعني، گڏيل چونڊن وان ٻنهي بلن
تي ويچار ڪيو آهي. ان کانسواءِ ڪائونسل جي اڳيان
آل انڊيا مسلم ليگ لکنو واري سيشن ۾ پاس ڪيل
ٺهراءَ به اچي چڪو آهي. سنڌ سرڪار طرفان گڏيل
چونڊن واري بل جي اشاعت کان پوءِ هن ڪائونسل کي
مسلمان جماعتن طرفان درخواستون پهتيون آهن، جنهن
مان صاف ظاهر آهي ته مسلم عوام گڏيل چونڊن جي خلاف
آهي. ان کان سواءِ ڪائونسل اهو محسوس ڪري ٿي ته
گڏيل چونڊن جو سوال آل انڊيا اهميت رکي ٿو. آل
انڊيا مسلم ليگ جن بنيادي اصولن جي برخلاف آهي، ان
حالت ۾ ڪائونسل مسلم ليگ وزيرن، ۽ اسيمبلي جي
مسلمان ميمبرن کي استدعا ڪري ٿي ته هو گورنمينٽ کي
آگاهه ڪن ته هو اهو بل پاس نه ڪرائي پر جيڪڏهن
هروڀرو حڪومت زور رکي ته مخالفت ڪن.
سنڌ
مسلم ليگ ڪائونسل سنڌ جي موجوده سياسي حالتن ۽ ليگ
جي تنظيمي ڳالهين تي ويچار ڪرڻ بعد هيٺيون فيصلو
ڪيو آهي ته، مسلم ليگ وزيرن، مير بنده علي، محمد
ايوب کهڙو ۽ شيخ عبدالمجيد کي گهرجي ته هو جنوري
1941ع جي خاتمي کان اڳ سنڌ اسيمبلي اندر مسلم ليگ
پارٽي جو وجود قائم ڪن. اهڙي پارٽي قائم ٿيڻ بعد
نئين سر حالتن تي غور ويچار ڪيو ويندو، ان وچ ۾
ڪائونسل سنڌ اسيمبلي جي هر هڪ مسلمان ميمبر کي
استدعا ٿي ڪري ته هو مسلم ليگ پارٽي ۾ شريڪ ٿي
مسلمانن جي اتحاد کي مضبوط ڪن. صوبي سنڌ جي مسلم
ليگ کي پختي پائي تي بيهارڻ لاءِ ضروري آهي ته سڄي
تحريڪ تي مڪمل ڪنٽرول رهي. پريس ۽ پروپئگنڊه جي ڪم
کي وڌائجي، مسلم ليگ جي ورڪرن جا جٿا پيدا ڪجن.
مٿين
مقصد جو حصول لاءِ هيٺين طرح ڪاميٽي ٺاهي وڃي،
جنهن جو چيئرمين مسٽر جي ايم سيد، سيڪريٽري محمد
هاشم گذدر ٿيندا. ان ڪاميٽي کي وڌيڪ عهديدار ۽ ٻين
وڌيڪ ميمبرن کي مقر ڪرڻ جو اختيار هوندو.
ڪاميٽي جا ميمبر هي هوندا: جي ايم سيد، يوسف
هارون، قاضي فضل الله، آغا غلام نبي پٺاڻ، سيد حسن
بخش شاهه ۽ پير عبدالستار جان سرهندي ۽ مسٽر محمد
هاشم گذدر.
ڪاميٽي يڪدم هيٺيان قدم کڻندي:
(الف): هر شهر ۾ پرائمري مسلم ليگ برانچون قائم
ڪرائيندي.
(ب):
پريس، پليٽ فارم ۽ پروپئگنڊه وسيلي اسيمبلي جا
اصول عوام تائين پهچائيندي.
(ث):
عوام جي ڀلي جا ڪم ڪندي. مسلمانن جي معاشرتي،
اقتصادي، تعليمي ۽ سياسي بهبودي جي لاءِ ڪوشش
ڪندي، ڪاميٽي صوبائي مسلم ليگ جي ڪائونسل ۽ ورڪنگ
ڪاميٽي جي ضابطي اندر رهندي، مٿين مقصدن جي حصول
لاءِ جلد هڪ اسڪيم تيار ڪندي، ڪاميٽي گهٽ ۾ گهٽ هر
ٽئين مهيني پنهنجي رپورٽ صوبائي ورڪنگ ڪاميٽي
ڏانهن موڪليندي.
(ج):
سنڌ صوبائي مسلم ليگ جي گڏجاڻي ضلعي مئجسٽريٽ
حيدرآباد ۽ سنڌ حڪومت جي مذمت ڪري ٿي، جو هن سکر
فسادجي ٽن قيدين کي حيدآباد سينٽرل جيل ۾ 11 ڊسمبر
تي ڦاسين ڏيارڻ بعد لاش سندن عزيزن جي حوالي نه
ڪيا، ۽ نه ئي انهن جي جنازه نماز پڙهائي ويئي ۽
لاش مخفي طور جيلن ۾ دفنائي ڇڏيا.
مارچ
23، 1940ع کان هر سال انهيءَ تاريخ تي سڄي
هندوستان ۾ ”يوم پاڪستان“ مسلم ليگ جي طرفان
ملهايو ويو. سنڌ ۾ به هر سال ”يوم پاڪستان“ ڌام
ڌوم سان ملهايو ويو. هر هنڌ کان پاڪستان جو مطالبو
ڪيو ويو. اهڙي طرح پاڪستان جو مطالبو مسلمانن جي
ضمير جو آواز بڻجي ويو. يوم پاڪستان ملهائڻ جي هڪ
تقريب مثال طور ڏجي ٿي جيڪا نوابشاهه جي مسلمانن
طرفان ملهائي ويئي.
”حضرت قائداعظم محمد علي جناح جي فرمان موجب 23
مارچ 1940ع ۾ يوم پاڪستان وڏي شان شوڪت سان ملهاوي
ويو. جلوس ۽ ميٽنگ جو بندوبست مسلم ليگ نيشنل گارڊ
جي طرفان ڪيل هو. پروگرام هيٺين ريت هو.
وچ
چڪري ۾ ميٽنگ جو پنڊال جنهن کي بهترين نموني
سينگايو ويو هو. صبح جو 8 وڳي نيشنل گارڊ نوابشاهه
جي سالار مسٽر محمد عظيم خان جهنڊي بلند ڪرڻ جي
رسم ادا ڪئي.
شام
جو چار وڳي جامع مسجد کان بئنڊن سان جلوس ڪڍيو
ويو، جنهن جو انتظام نيشنل گارڊ جي هٿ ۾ هو ۽ جلوس
هيٺين ريت سينگاريل هو:
سيد
غلام قادر شاهه سينگاريل گهوڙي تي سبز جهندي سان
جلوس جي اڳواڻي ڪري رهيو هو، پويان منظم نيشنل
گارڊ جا رضاڪار قومي ترانه چوندا ٿي هليا. ان کان
پوءِ مسلم نوجوانان جماعت ۽ شهر جا ماڻهو هئا.
لائوڊ اسپيڪر سينگاريل بگيءَ ۾ لڳايل هو جنهن تي
قومي ترانا ۽ تقريرون ٿينديون رهيون. ان کان پوءِ
جلوس ۾ هزارن جي تعداد ۾ پبلڪ هئي. سڄي جلوس لاءِ
گلن جي هارن جو بندوبست سيد غلام قادر شاهه طرفان
ڪيل هو، جلوس مسلمانن جي هر هڪ پاڙي مان قومي
ترانن ۽ الله اڪبر ۽ مسلم ليگ جي فلڪشگاف نعرن سان
گذرندو رهيو. چونڪ چونڪ تي قومي ترانن ۽ تقريرن
سان هلندو رهيو، ساري شهر جو چڪر ڏيئي شام جو ساڍي
ستين بجي پروگرام موجب تلاوت قرآن مجيد سان ميٽنگ
شروع ڪئي ويئي. ميٽنگ جو صدر سيد غلام قادر شاهه
کي چونڊيو ويو، جنهن پنهنجي صدارتي تقرير ۾ مسلم
ليگ کي مصبوط ڪرڻ لاءِ هدايت ڪئي. ان بعد مسٽر
محمد صالح ڪوريجي قومي ترانو ٻڌايو، پوءِ مسٽر
الهه اوڀايو وڪيل، مسٽر عبدالوالي وڪيل، مسٽر محمد
عظيم سالار نيشنل گارڊ، بخاري ابرار حسين شاهه ۽
ڊاڪٽر صوفي صاحب تقريرون ڪيون. يڪراءِ هيٺيان
ٺهراءَ پاس ڪيا ويا.
نوابشاهه مسلم ليگ جو هي جلسو حضرت قائداعظم محمد
علي جناح صاحب جي قيادت ۾ مڪمل اعتماد رکي ٿو ۽ ان
جي هر هڪ حڪم تان اسان مسلمان جاني ۽ مالي قرباني
ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. هي ٺهراءُ فلڪ شگاف نعرن سان
پاس ڪيو ويو.
اسان
نوابشاهه جا مسلمان، پاڪستان کان سواءِ ٻي ڪا به
جوڙجڪ جيڪا اسان تي زوري مڙهي ويندي قبول ڪرڻ لاءِ
تيارنه آهيون.
ڪنٽرول دڪانن جي ورهاست آدمشماريءَ جي لحاظ کان
ڪئي وڃي ۽ 1942ع وارو قانون رد ڪيو وڃي ۽ ٻهراڙين
۾ ڊيپو انهيءَ لحاظ سان مقرر ڪيا وڃن جيئن پبلڪ کي
ڪا به تڪليف نه ٿئي.
نوابشاهه ميونسپالٽي ۾ 11 سيٽون آهن. هينئر اسان
مسلمانن جي آدمشماري وڌيل آهي، تنهن ڪري اسان جي
زوردار استدعا آهي ته آدمشماري جي لحاظ کان سيٽون
به وڌايون وڃن.
(1)
يوم
پاڪستان سنڌ جي هر ڳوٺ ۽ شهر ۾ جوش و خروش سان
ملهايو ويو. سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ مان پاڪستان جو مطالبو
ڪيو ويو. سنڌ جي مسلمانن هر شهر ۾ جلسا جلوس
منعقد ڪري پنهنجي جذبن جو اظهار ڪيو. سنڌ جي ماڻهن
پاڪستان حاصل ڪرڻ لاءِ جناح صاحب جي هر حڪم جي
پوئيواري خوشي سان ڪئي.
پاڪستان ٺهراءَ جي سنڌي هندن جي مخالفت
ملڪ
۾ جيڪي به سياسي سڌارا عمل ۾ آندا ٿي ويا، هندن هر
اهڙي قاعدي ۽ قانون جي مخالفت ٿي ڪئي جيڪو خاص طور
مسلمانن جي ڀلائي لاءِ هئو. اصولي طور جڏهن 1935ع
جو ايڪٽ نافذ ٿي رهيو هو ۽ سنڌ جا مسلمان، سنڌ کي
بمبئي کان جدا ڪري هڪ الڳ صوبائي حيثيت ڏيارڻ لاءِ
تحريڪ هلائي رهيا هئا ته، سنڌ جي هندن انهيءَ
تحريڪ جي سخت مخالفت ڪئي. سنڌ کي صوبائي حيثيت ملڻ
سان سنڌ جي هندن کي پاڪستان ڏسڻ ۾ ٿي آيو، جڏهن به
سنڌ جي مسلمانن جلوس ڪري، ٺهراءُ پاس ڪري ۽ ڪاميٽي
ٿي بڻائي ته سنڌ جي هندن انهيءَ جي ردعمل ۾
ڪانفرنسون ڪوٺائي مطالبا ٿي ڪيا ۽ ڪاميٽي بنائي
جوابي تحريڪ ٿي هلائي. سنڌ جي جدائي لاءِ تحريڪ
هلندڙ هئي ته ان دوران سنڌ جي هندن به ڪانفرنس
ڪوٺائي، جنهن جا اقتصابات هيٺ ڏجن ٿا:
ڪل
سنڌ هندو ڪانفرنس زير صدارت ديوان لعل چند نولراءِ
جي 2 اپريل 1934ع ڪراچي ۾ منعقد ٿي. ڪانفرنس جي
مرحبا ڪاميٽيءَ جي چيئرمين پنهنجي تقرير ۾ چيو.
”مهربان ڊيليگيشن ڀينر ۽ ڀائرو، آءُ توهان سڀني جو
مرحبا ڪاميٽي جي پاران شڪرگذار آهيان جو توهان
پنهنجي وقت ۽ سهولت جو سانگو نه ڪري هيتري وڏي
انداز ۾ شامل ٿيا آهيو. هندن جي بچاءُ ڪاڻ، توهان
پنهنجو فرض سمجهيو آهي هن ميڙ ۾ اچي شريڪ ٿيڻ، ۽
اهو ئي ساڳيو ويچار سنڌ هندو ايسوسيئيشن جي
بانيڪارن جو آهي. آءُ توهان سڀني ڀائرن ۽ مهربان
پرڌان صاحب توهان جي به وڏي خوشيءَ سان آجيان
ڪريان ٿو. هي ڪانفرنس هن مراد سان ڪوٺائي ويئي آهي
ته هندن جي ڀلي ڪاڻ ڪيترن ئي ڳالهين جو ويچار ڪجي
۽ جلد ئي اهي سڀ توهان جي ويچار اڳيان رکيون
وينديون.
سنڌ
جا هندو ڪو ٿورا نه آهن. 26 سيڪڙو سنڌ جي آدم مان
آهن. ٻيو ڪو هنن کي وطن ڪو نه آهي. سنڌ ديش جي
جيوت ۾ مکي ۽ چڱو بهرو وٺي رهيا آهن. هو رڳو وياج
خور ڪو نه آهن جهڙي طرح سان سندن ورودي (دشمن) کين
بدنام ڪرڻ لاءِ سڏي رهيا آهن. هو زمينن جا به مالڪ
آهن ۽ ٻيو نه ته ٽيون حصو پوک جو هنن جي ملڪيت آهي
۽ شهرن ۾ زمين جو وڏو حصو هنن جو آهي، مسلمانن جي
ٻنين جو ڪيترو حصو هو مقاطي تي پوکين ٿا، ڪيترن ئي
زميندارن جا هو مکي آهن، سک پرانت جي زرعي پيدائش
ڪاڻ ڳچ پئسا هندو ئي خرچين ٿا.
ڪوآپريٽو بئنڪن ۾ سندن وڏيون ڌراوتون آهن. ٻنين جي
پيدائش هو خريد ڪن ٿا ۽ وڪڻن ٿا. ملڪ جي ڪاريگرن،
هنرن، واپار ۽ بئنڪن ۾ هو چڱو بهرو وٺن ٿا. انڪم
ٽيڪس جو وڏو حصو هندن وٽان وصول ٿئي ٿو. ڪراچيءَ
جي شهر ۾ جي واپاري مال گهرائين ٿا تن ۾ ساري ملڪ
جي اندر جي مال خريد ڪندڙ آهن، تن جي وچ ۾ هندن جي
معرفت ڏي وٺ ٿئي ٿي. اوچ وڏيا جي ڪري گهڻن ئي وڏن
ڌنڌن ۽ عهدن تي هو پهتا آهن. وديا ڏيڻ ۾ هو ماهر
آهن ۽ ماستريءَ جو هنر ته کائون ڪير سکي! سرڪاري
نوڪرين ۾ به هن چڱو نالو ڪڍيو آهي. مطلب ته ملڪ جا
جدا جدا سپرداين مان جيڪڏهن هنن کي ڪڍي ڇڏجي ته
باقي ڪجهه نه رهندو. هندن جي مدد ۽ پورهئي کان
سواءِ سارو ملڪ انهيءَ جهنگ پڻ جي حالت کي رسندو
جا سرحد جي ملڪن جي آهي، جتي نه علم نه ڪاريگريون.
نه هنر، نه وڻج نه واپار ۽ انسان جهڙا حيوان!
هندن
جو هيڏو وڏو حصو سنڌ جي پرڳڻي ۾ آهي، تنهن ڪري وڏي
افسوس جي ڳالهه آهي ته هند سرڪار ڄاڻي ٻجهي ۽ ڪنهن
خاص مطلب سان سنڌ جي جدائي جي سوال نسبت جي صلاح
مصلحتون هندستان ۾ يا انگلينڊ ۾ ٿيون آهن، تن سڀني
کان سنڌ جي هندن کي ريٽي ڦٽو ڪري ڇڏيو آهي. جيڪي
پڪارون سنڌ جا هندو ڪن ٿا تن کي ڌڪار سان ليکيو
وڃي ٿو. ۽ اهو ئي چوڻ ۾ اچي ٿو ته ڄڻ، سنڌ جا هندو
هستيءَ جي پٽيءَ تان ميسارجي ويا آهن ۽ سو به اها
حالت سرڪار ڪري، جا هام هڻي ته ٿورائي وارين قومن
جو بچاءُ ڪندڙ ۽ حامي پاڻ آهي. شايد سرڪار جي نظر
۾ ٿورائي واريون قومون اهي ئي آهن، يا مسلمان آهن
يا يورپي! هن ڳالهه ۾ آءُ گهرو وڃڻ نٿو چاهيان ۽
نه ڪي ثابت ڪرڻ ته مسلمانن جا اڳواڻ ۽ انگلينڊ جي
سرڪار ڪهڙيءَ طرح وقت به وقت ڦيريون کائي رهيا
آهن. عالم آشڪار آهي ته ٻه ڪانفرنسون جي سنڌ جي هن
باري ۾ ٿيون آهن تن ۾ کوٽ جي ويچار ڪندي هوشيار ۽
آزمودگار ڄاڻن، هي ڄاتو ته کوٽ اسي لک، سال در سال
ٿيندي.
اسان
جا مسلمان دوست سمجهن ٿا ته سنڌ جدا ٿيڻ کان پوءِ
هو ڪو بهشت ماڻيندا، حساب ڪيو ويو آهي ته سنڌ جي
سالياني اپت 150 لک ٿيندي، جنهن مان وڏو حصو زمين
جي ڍل مان ايندو. هند سرڪار مان خيرات ملندي سا ته
بيراج جي وياج ۽ کوٽ ٽوٽ يا گاس پيس ڏانهن ڪتب
آندي ويندي. زميندار هينئر ئي پڪار ڪري رهيا آهن
ته اگهن جي ڪرڻ ڪري زمين جون ڍلون 25 يا 50 سيڪڙو
گهٽايو وڃن. ٻن سالن جي اندر جي سنڌ جدا ڪئي ويئي
ته ڪو اگهن چڙهڻ جو امڪان ڪونهي! يا ته زميندان تي
ڍلون وجهڻيون پونديون، جنهن جو اهو نتيجو ٿيندو ته
پاڻ هيٺ ٿي ويندا، يا ته شهرن ۾ رهندڙ ماڻهن تي؛
جي واپار ڌنڌي يا هند ۾ لڳل آهن ۽ ڌنڌا ۽ هنر گهڻو
ڪري يورپيئنس ۽ هندن جي هٿ ۾ آهن. ڳريون ڍلون وجهي
هنن کي اڏائڻو پوندو.
جدا
سنڌ جي ليجسليٽو ڪائونسل ۾ مسلم زميندار گهڻا
ٿيندا، جنهن جي ڪري شهرن ۽ ڳوٺن جي وچ ۾ چٽاڀيٽي
لڳندي. جنهن مان جي انگور نڪرندا سي توهين سمجهي
سگهو ٿا! بيراج کاتو جو خاص گورنر جي هٿ رهندو –
تنهنجي ڪري ممڪن آهي ته زميندارن تي زور پوي.
هند
سرڪار جا هيتري ساري خيرات ڏيندي سا پوري جانچ ٽئي
سال ڪندي ته ايندي! ۽ اها ئي ڪوشش ڪندي ته ڪيئن
خيرات جو اندازو گهٽائجي- جنهن جو نتيجو اهو ٿيندو
جو سنڌين کي پاڻ تي نيون ڍلون مڙهڻيون پونديون.
سنڌ جدا ڪرڻ سان سنڌ جون حالتون بهتر نه پر بدتر
ٿينديون. جيڪڏهن سنڌ جدا ڪئي وڃي ته بينگالي
بهادرن وانگر مڙس ٿي ان کي منهن ڏيو، بينگال جي
ورهاڱي ڀيري- بنگالين سرڪار جو سر جهڪايو، سنڌ جا
هندوءَ توهان آزمائش جي وقت ۾ پٺتي پوندا؟ لنڊن ۾
سنڌ جي جدائي خلاف پرچارڪرڻ لاءِ سنڌ جي هندن جي
هڪ شفارت موڪلي ويندي.
سکر
جي ڊويزنل صدر پنهنجي تقرير ۾ چيو ته، ”اسين اٽڪل
اسي، نوي سالن کان بمبئي سان گڏيل آهيون ۽ سنڌ ان
سان گڏيل رهندي. اسين هن حالت ۾ بهتر آهيون. سنڌ
جدا ٿيڻ تي سنڌ جي حالت بهتر نه پر بدتر ٿيندي.
هندو نوجوانن کي منهنجو چوڻ آهي ته پنهنجي ڌرم،
شرم، ڪرم، ڌن، دولت ۽ عزت جو بچاءُ ڪيو! هن چيو ته
توهان هندستان جا رهواسي معنيٰ هندن جو آستان.
مسلمان، هندستان کي اڄ پاڪستان بڻائڻ جي ڪوشش ڪري
رهيا آهن.
ڪشنچند واڌو مل پنهنجي تقرير ۾ چيو ته ”جيڪڏهن سنڌ
جي هندن يڪراءِ ٿي سنڌ جي جدائي خلاف آواز بلند
ڪيو ته پارليامينٽ کي اختياري نه ٿيندي جو سنڌ جدا
ڪري.
ڪراچيءَ جي چندر سين جيٺلي چيو ته ”سنڌ جي هر هڪ
هندو بچي جي اندر ۾ منتر ڦوڪيو ته سنڌ جدا ٿيڻ نه
ڏيئي.“
هن
ڪانفرنس ۾ هي ٺهراءَ پاس ڪيا ويا.
هي
ڪانفرنس سرڳواسي پرنسپال صاحب سنگهه ساهاڻي ۽ ڊي
جي آڏواڻي جي سنڌ هندو ايسوسيئيشن جا ڳچ وقت
بانيڪار هئا، تن جي موت تي ڏک ظاهر ڪري ٿي ۽ سندن
پوين سان همدردي ٿي ظاهر ڪري.
هي
ڪانفرنس پروفيسر حشمتراءِ ڇٻلاڻيءَ جي بي موقعي
موت تي سخت افسوس ظاهر ڪري ٿي، جدائي واري مسئلي
تي هن جيڪي ويهي پورهيا ڪيا ۽ انگن اکرن، حقيقتن
پيش ڪرڻ ۾ جيڪي دماغي قابليت، هتي خواه ولايت ۾
ڏيکاري ۽ سنڌ جي حقن جي جيڪا پهرين سجاڳي ڪئي،
تنهن لاءِ واجب آهي ته هي ڪانفرنس سندس ذڪر ڪيل
علائقي موجب شڪر گذار ڪندي. سندس يادگار قائم ڪري
سندس پوين سان همدردي ٿي ظاهر ڪري.
هي
سنڌ جي هندن جي ڪانفرنس، سنڌ کي بمبئي علائقي کان
ڌار ڪرڻ واري رٿيل فيصلي جي سخت مخالفت ڪندي.
انگلينڊ سرڪار کي زوردار عرض ٿي ڪري ته اهو اهڙو
گهاتڪ ۽ مصيبت جهڙو قدم نه کڻي.
هي
ڪانفرنس سنڌ جي هندن کي سجاڳ ٿي ڪري هڪ شفارت ٺاهي
موڪلجي جيڪا اتي پرچار ڪري. پارليامينٽ جي
ميمبرن، انگريز قوم ۽ انگريز مدبرن جي همدردي حاصل
ڪري.
سنڌ
جا هندو گڏيل چونڊ جي فائدي ۾ آهن.
(1)
اهڙيءَ طرح نه رڳو سنڌ جي جدائي خلاف هلچل هلائي
پر پاڪستان جي ٺهراءُ ۽ تحريڪ جي پڻ مخالفت ڪئي.
پاڪستان جي ٺهراءُ ۽ تحريڪ خلاف، سنڌ جي هندن
طرفان هڪ ڪانفرنس تاريخ 12 جنوري 1941ع زير صدارت
مهاتما ٻڌ ديوجي حيدرآباد ۾ منعقد ٿي. هن ڪانفرنس
جو اهتمام آنربل راءِ صاحب گوڪلدس سابق وزير لوڪل
سيلف گورنمينٽ سنڌ ڪيو. ”هن ڪانفرنس ۾ منجلا ديوي
(بڙودا) هڪ گيت ڳايو. ان کان پوءِ آچاريه جڳديش
ڀوشڻ ڀڄن ڳايو. پوءِ چيئرمين آجيان ڪاميٽي، بولچند
ڏاندو مل پنهنجي تقرير ۾ چيو ته ”سڄڻو! هن سمي
جيڪي سڄي دنيا ۾ وهي واپري رهيو آهي، سو توهان کان
ڳجهو نه آهي، ۽ ٺيڪ هن ئي ڪٺن سمي مسلم ليگ،
پاڪستان جي پاڪ نالي تي، ناپاڪ هلچل هلائي – ڀارت
لاءِ نئون خطرو کڙو ڪيو آهي.
هي
ديس اسان جي پنيه ڀومي آهي. ڌرم ڀومي ۽ ڪرم ڀومي
آهي. ۽ هن ديس جي اندر اسان کي پنهنجي لاءِ سنسار
لاءِ، پنهنجي سڀيتا ۽ سنسڪرتيءَ لاءِ، پنهنجي
اتهاس ۽ بزرگن ۽ آدرش لاءِ زندهه رهڻو آهي، تنهن
ڪري ڪنهن به حالت ۾ جيستائين اسان جي جان ۾ جان
آهي ۽ جيستائين اسان جو هڪ به ٻچو جيئرو آهي،
تيستائين، هن ناپاڪ هلچل کي ناڪم بڻائينداسين.
مرنداسين، مٽباسين، ليڪن ڀارت کي ٽڪر ٽڪر ڪرائڻ جو
ڪلنڪ پنهنجي سر تي نه کڻنداسين.
(2)
ڪانفرنس جي صدر مهاتما ٻه ديو پنهنجي تقرير ۾ چيو
ته ”مسٽر جنها اهنسا جي سڌانت جو فائدو وٺي، هڪ
وڏي راڄنيتي چال ٿو چلي ۽ کيڏ ٿو کيڏي. مان
پاڪستان ۽ ناپاڪستان کي هندستان جي اتهاس ۾ خاص
اهميت ڪو نه ٿو ڏيان. اسين هندستاني راڄ چاهيون ٿا
۽ نه انگريزي بادشاهت، نه ڪي جرمني شهنشاهيت يا نه
ڪا ٻي! منهنجو مطلب آهي ته ڪا ٻي قوم جيڪا
هندستان سان محبت ۽ هڪجهڙائي جي بنياد تي سهڪار
ڪندي ته اسان ان جي ڀلي ڀت آجيان ڪنداسين.“
نه
ڪنهن ٻي حالت ۾! پنهنجو جهنڊو بلند ڪري، ايشور کي
پنهنجو رهب سمجهي. اسين جن ۾ به سري رام ۽ شري
ڪرشن جو رت موجود آهي، سي اوس پنهنجي آدرش تي
پهچنداسين.
ڪانفرنس ۾ هيٺيان ٺهراءَ پاس ڪيا ويا.
هي
ڪانفرنس پاڪستان جي رٿ ۽ سنڌ اندر بيگناهه فردوش
هندن جي قتل ڦرلٽن کي زوردار لفظن ۾ نندي ٿي ۽ سخت
اعتراض وٺي ٿي.
وڌيڪ
هي ڪانفرنس اهو اعلان ٿي ڪري ته اهڙي پاليسيءَ جي
خلاف عام طور ۽ خاص طور پاڪستان رٿ جي برخلاف
سڀني واجبي رستن ۽ پنهنجي سموري طاقت سان لڙندي.
وڌيڪ صاف ٿي ڪري ته پنهنجن رستن ۾ اهنسا کي آڏو
رکيو ويندو ۽ محبت سان پنهنجي مخالفن کي پاڻ ڏانهن
ڇڪيو، ليڪن پنهنجي بچاءَ ۾ سڀ ڪارگر ۽ قائدي اندر
رستا،
Defenssive Offens
سميت ڪم آڻينداسين.
هن
ٺهراءَ تي تمام گهڻن اڳواڻن ۽ جدا جدا سڀائن جي
ڪار به ڪرتائن جهڙوڪ: (1) مسٽر درمداس بيلا رام
منتري (هندو سڀا (2) گياني تيرٿ سنگهه (سک سڀا)
(3) ديوان چوهڙ سنگ (4) پنڊت دوارڪا پرساد (5)
مسٽر گڏنو مل (6) پرنسپال رام سهاءِ (7) پروفيسر
تارچند (8) نرسنگ لعل (9) مهاشيه چيتن ديو (10)
ڀائي لڌارام ۽ ٻين صاحب ڳالهايو.“
(1)
سنڌ
جي هندو، هر شهر ۾ ۽ هر جلسي ۾ پاڪستان جي مخالفت
ڪئي. هر اهو ڪم جيڪو سنڌ جي مسلمان جي ڀلائي لاءِ
هو، تنهن کي هنن پنهنجي خلاف ٿي سمجهيو ۽ ظاهر ۾
اعلان ڪري پاڪستان جي خلاف ڪم ڪيو. هندن جو پئسو
پروپئگنڊه لاءِ گهڻو استعمال ٿيو. سنڌ جي مسلمان
ليڊرن کي خريد ڪرڻ، مخالفت ۾ بيهاري مدد ڪرڻ جا
حربا استعمال ڪيا، مگر سنڌ جو عوام مسلم ليگ سان
پاڪستان جي نعري ۾ شامل رهيو.
|