اداري پاران
سنڌي زبان ۾، سياسيات جي موضوع تي لکيل ڪتابن جو
تعداد بنهه گهٽ آهي. ٿورا نصابي ڪتاب، سياسي
اڳواڻن جون چند يڪ طرفيون تصنيفون ۽ ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ
ترجمو ئي هن کيتر ۾ ڪل علمي سياسي سرمايو چئي
سگهجي ٿو. معياري تحقيقي سياسي ڪتابن جي اڻاٺ اڄ
به محسوس ٿئي ٿي، توڙي جو هيءُ موضوع هاڻي، اڳ جي
ڀيٽ ۾، وڌيڪ شوق ۽ دلچسپيءَ سان پڙهجي رهيو آهي.
اسان ڏسون ٿا ته اڄ، ڌرتيءُ تي سڀ کان اهم ۽ مک
تبديلي، سياسي تبديلي ليکي وڃي ٿي ۽ ان تبديليءَ
جي ڪارڻن ۽ نتيجن کي نهايت تفصيل ۽ تحقيق سان بيان
ڪيو وڃي ٿو. اڄ جو انسان، ڪوڙن قصن جي ڪوڙڪي ۾ گهٽ
ڦاٿل نظر اچي ٿو. هو قومن جي عروج و زوال جي
داستانن کي نه صرف دلچسپيءَ سان پڙهي ٿو بلڪه انهن
تي غور و خوض ڪرڻ جو پڻ عادي بڻجي چڪو آهي – جتي،
هو زوال جي سببن جي ڇنڊڇاڻ ڪري ٿو، اتي عروج جي
اسباب جو پڻ عاقلانه اڀياس ڪري ٿو – هو ان سياسي
روئداد، ڪارروائي يا قبضي کي صرف عبرت حاصل ڪرڻ،
ان تي افسوس ظاهر ڪرڻ، يا پاڻ وندرائڻ خاطر نٿو
پڙهي بلڪه ان مان اخذ ڪيل نتيجن جي روشنيءَ ۾
پنهنجي سياسي ماحول جو جائزو وٺي ٿو ۽ ان رخ کي
معلوم ڪري، سمجهي ٿو ته سندس حالتون کيس ڪهڙي طرف
وٺي وڃي رهيون آهن. مختصر طور، ائين چئي سگهجي ٿو
ته اهڙين لکڻين جو مقصد سياسي شعور جي سجاڳي آهي،
جنهن کان وانجهيل، گروهه، طبقو يا قوم، نه اڳتي
وڌي سگهي ٿي ۽ نه قومن جي تاريخ ۾ ڪا اهم ۽
مانائتي جاءِ والاري سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته اها ڳالهه
هر ڪو ڄاڻي ٿو ته ٻي هر آزادي، سياسي آزاديءَ
پويان اچي ٿي. سياسيات جي موضوع جي دلچسپيءَ مان
ئي ڪنهن قوم جي ذهني بلوغت ۽ پختگيءَ جو ثبوت ملي
سگهي ٿو. هن علم جي ڄاڻ ان جي قومي ايڪي جي سگهه
آهي. اهو ئي سبب آهي جو هر ترقي پسند ۽ سڌريل
ٻوليءَ ۾ سياسي رهنمائن جي جدوجهد جي داستانن کي
فڪشن
(Fiction)
جي مقبول ۽معروف ڪتابن کان وڌيڪ شوق ۽ دلچسپيءَ
سان پڙهيو وڃي ٿو ۽ انهن ڪتابن جون لکين ڪاپيون
وڪرو ٿين ٿيون ۽ ٻين ٻولين ۾ انهن جا ترجما ڇاپيا
وڃن ٿا. سنڌيءَ ۾ اهڙين تحريرن جي اڃا شروعات مس
ٿي آهي، جيڪا ڳالهه نهايت ڏکوئيندڙ آهي. اڄ به
اسان وٽ ڪيترا قلمڪار آهن جيڪي هن موضوع تي سٺا
ڪتاب لکي سگهن ٿا. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان
جا اهي ليکڪ ساٿي، هن ڪم کي قومي اهميت ۽ ضرورت جي
نقطئه نظر سان ڏسن ۽ ان کي قومي قرض ۽ فرض سمجهي
هٿ ۾ کڻن.
ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، ان لحاظ کان کيرون لهڻيون
جو پاڻ سياسيات کي پنهنجو مخصوص ميدان ڄاڻي، ان تي
لڳاتار قلم آزمائي ڪندو اچي. سندس نوڪ قلم مان
ڪيترا سياسي مضمون نڪري نروار ٿي چڪا آهن ساڳئي
وقت موصوف هن موضوع تي لکڻ جو هڪ جامع پروگرام
جوڙيو آهي. ان سلسلي جو پهريون ڪتاب ”سنڌ جي سياسي
جدوجهد“ ڇپجي پڌرو ٿي چڪو آهي ۽ هيءُ ٻيو ڪتاب
”تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو“ سندس پي – ايڇ – ڊي
جي ڊگري لاءِ لکيل مقالو آهي جيڪو ڪيترين ترميمن ۽
اضافن بعد ڪتابي صورت ۾ ڇپجي اوهان جي هٿن ۾ آهي.
ڊاڪٽر صاحب، هن ڪتاب ۾ گڏ ڪيل مواد کي، جنهن محنت
۽ پورهئي سان هٿ ڪيو آهي، ان لاءِ سنڌ ۽ سنڌي
ماڻهو سندس ٿورائتا رهندا. نوجوان نسل سندس ورتل
ڪوشش ۽ ڪاوش کي قدر جي نگاهه سان ڏسندو، ڇاڪاڻ ته
ان نسل جي رهبري، رهنمائي ۽ عبرت واسطي ڪافي مواد،
گهڻيءَ جاکوڙ ۽جدوجهد، بعد يڪجا ڪيو ويو آهي.
پاڪستان لاءِ تحريڪ ۽ ان ۾ سنڌ جي ماڻهن جو ڀرپور
حصو، تاريخ جي صفحن تي هڪ روشن باب آهي. هن ساري
تحريڪ مان هڪ سدا جرڪندڙ نتيجو، اهو نڪري ٿو ته
سنڌ غلاميءَ جي طوق کي هر دور ۾ لاهي اڇلائڻ لاءِ
هميشه آتي نظر پئي آئي آهي – پوءِ اها غلامي
انگريزن جي هجي يا هندن جي – سنڌ جو عوام پر ماري
قوتن جو دشمن رهيو آهي ۽ انهن جي مخالفت ۾ پنهنجو
ڌن، تن – سڀ قربان ڪيو آهي. پنهنجي آزاديءَ کي
محفوظ رکڻ جي اها روش، قابل تحسين ۽ قابل قدر آهي.
انساني تاريخ ٻڌائي ٿي ته سياسي تبديليون، عوامي
تحريڪون ۽ آزاديءَ لاءِ هلچلون، گهڻو تڻو تباهين،
بربادين ۽ هولناڪين سان عبارت آهي ۽ ان ڪري هر
ڪنهن لاءِ ڳڻتيءَ ۽ فڪر جو سبب پئي رهيون آهن. مگر
مقصد جي حصول خاطر انهن مڙني مصيبتن، مشڪلاتن،
تڪليفن ۽ عذابن کي بهرحال ڀوڳڻو آهي – انسان، روشن
۽ بهتر مستقبل لاءِ تاريخ جي هر دور ۾ عظيم
قربانيون ڏنيون آهن. ماءُ پنهنجي ممتا کي نڇاور
ڪيو آهي، معصوم ٻار پنهنجي مسڪراهٽ قربان ڪئي آهي
نوجوان پنهنجو پيار ڀيٽ رکيو آهي ۽ ڪنواري ڪنيا
پنهنجي ارمانن کي چکيا تي چاڙهيو آهي – ايترين
ڀيٽائن ڏيڻ بعد به سچ، سک ۽ سرهائي جو واءُ نه وري
– اهو هر دور ۾ تاريخ جو وڏو الميو پئي رهيو آهي.
هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، پاڪستان تحريڪ
۾ سنڌ جي مختلف طبقن طرفان ڪيل جدوجهد جو تفصيلي
جائزو ورتو آهي ۽ ڪيترن گمنام قومي ڪارڪنن جي
ڪارنامن ۽ قربانين کي هميشه هميشه لاءِ ايندڙ نسل
لاءِ محفوظ ڪري ڇڏيو آهي – سنڌ جي هزارين سپاهين
جي قربانين جو احوال قلمبند ڪري، ڊاڪٽر صاحب، ساري
قوم جو جس کٽيو آهي.
قاضي محمد قاسم نئين سنڌي لائبريري مورو سنڌ، لاءِ
اها ڳالهه فخر ۽ عزت جو باعث آهي ته سندس اشاعتي
سلسلي جي شروعات، ڊاڪٽر صاحب جي زندگيءَ جي پورهئي
۽ سندس گران قدر علمي ۽ تحقيقي ڪم سان ٿي رهي آهي
– هيءُ ادارو، هن بعد به، علمي، ادبي ۽ تحقيقي
ڪتاب پيش ڪندو رهندو، جنهن لاءِ پڙهندڙن جي سهڪار
۽ ساٿ جي ضرورت آهي.
- - نذير قاضي
پيش لفظ
چڱي ڪم ڪرڻ جي سوچ ۽ ان کي پوري ڪرڻ لاءِ محنت ۽
خلوص وارو جذبو هوندو آهي ته قدرت انهي لاءِ وسيلو
۽ راهون پيدا ڪندي آهي. هڪ استاد جي حيثيت سان
پڙهڻ ۽ پڙهائڻ منهنجي فرض ۾ شامل آهي، عالم ۽ علم
دوست ماڻهن جي صحبت ۾ رهڻ ڪري، مون کي ڪن مخلص
دوستن پي ايڇ ڊي، ڪرڻ جي صلاح ڏني، انهيءَ مقصد
سان مرحومن ڊاڪٽر نيازالحق سربراهه شعبه سياسيات
سان صلاح ڪيم، جنهن صاحب مون کي همٿايو ۽ ڪنهن به
موضوع تي ڪجهه لکي اچڻ لاءِ چيو: ڪو به موضوع
منتخب ڪرڻ ۽ لکڻ مون اڻڄاڻ لاءِ نهايت ڏکيو هو.
جڏهن مان سنڌيالاجي لائبريري ۾ ويس تڏهن ڊاڪٽر جي
الانه مون کي نئين زندگي جا رسالا ڏنا. پهريون
رسالو جيڪو منهنجي هٿ ۾ آيو ان کي کوليم ورق
اٿلائيندي، رسالو نئين زندگي جي ماه آگسٽ 1969ع جي
صفحه 25 تي ايڊيٽر جي طرفان اپيل جو موضوع پڙهيم.
ان ۾ ليکڪن ۽ تاريخدانن جو ڌيان ڇڪايو ويو هو ۽ هي
جملا لکيل ڏٺم ”دراصل سنڌ جي آزادي ۽ جدوجهد بابت
ڪا به مستقل ۽ مستفيض تصنيف موجود نه ٿي سگهي آهي،
جنهن ۾ ڪنهن به دور جي ڪارنامن جو پيرائتو ۽
تفصيلي احوال يڪجا هجي. سنڌ هميشه کان حب الوطني ۽
قرباني جا اهڙا انيڪ ڪارناما ادا ڪري چڪي آهي، جن
مان هتي جي ماڻهن جي قومي ۽ اخلاقي ڪردار جي عظمت
اجاگر ٿئي ٿي. اڳ جي تاريخ کي ڇڏيندي، رڳو هندستان
جي آزادي ۽ پاڪستان جي قيام وارين تحريڪن ۾ سنڌ جي
مجاهدن، جيڪي علمي ۽ عملي سرگرميون ۽ قربانيون
ڏنيون، تن بابت ڪو هڪڙو ئي ڪتاب اسان وٽ موجود نه
آهي. بيحد ضروري آهي ته سنڌ جي تاريخ کي انهي
انداز سان مرتب ڪيو وڃي، جنهن مان نه صرف ايندڙ
نسلن کي واقفيت ۽ رهنمائي ملي، بلڪه اها هن سرزمين
لاءِ دائمي فخر جو باعث پڻ بڻجي. اسان جي ڪنهن نه
ڪنهن تاريخدان کي اهو ڪم ترت ئي سرانجام ڪرڻ کپي.“
هن اپيل کي پڙهي وري پڙهيم، سوچيم ته موضوع ازخود
ئي ذهن ۾ اچي ويم. ڪجهه ڪتاب پڙهيم، پڪو ارادو ڪيم
ته ”تحريڪ پاڪستان“ تي لکان.
جڏهن تحريڪ پاڪستان بابت مختلف ڪتاب پڙهيم، تڏهن
نهايت ڏک ۽ صدمو پهتو. ڇاڪاڻ ته جيڪي ڪجهه انهن
ڪتابن ۾ لکيو ويو هو يا تحقيق ڪئي وئي هئي، تن ۾
سنڌ جي ڪردار ۽ قربانين کي بلڪل نظرانداز ڪيو ويو
هو.معلوم ائين پيو ٿئي ته هندستان ۾ جيڪي به
تحريڪون هليون، سنڌ ڄڻ هندستان ۾ هئي ئي ڪا نه!
جيڪڏهن ڪنهن محقق سنڌ کي متوجه ٿي ڪيو ته ان به
بلڪل مختصر بيان ڪيو آهي. سنڌ ۾ ڪيل قربانيون منظم
طريقي سان لڪايون ويون. نتيجي طور نوجوان نسل
”پنهنجن وڏن جي ڪيل خدمتن ۽ ڪارنامن کان غافل رهيو
جن تي هو فخر ڪرڻ جو مجاز هو.
مٿين سببن کان متاثر ٿي مون پنهنجو مقصد بڻايو ته
اهي ڳالهيون منظرعام تي آڻيان، جن کي ڪن تاريخدانن
ڄاڻي واڻي لڪايو. اهي حقيقتون هٿ ڪيان جن کي سنڌ
جو نوجوان نسل غيرواقف آهي. ان دور کي ظاهر ڪريان
جيڪو نه صرف سنڌ بلڪه پوري پاڪستاني قوم کان لڪايو
ويو آهي.
مٿئين حقيقتن کي ذهن ۾ رکندي، مون پنهنجو موضوع
”تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو“ منتخب ڪيو.
موضوع ننڍو ۽ آسان پيو لڳي مگر جڏهن فهرست بنايم
تڏهن پاڻ کي هڪ رڻ پٽ ۾ سمجهيم. ڇاڪاڻ ته تحريڪ
پاڪستان تي جيڪي ٻه ڪتاب لکيا ويا هئا تن ۾ سنڌ جو
مختصر ذڪر به نه هئڻ جهڙو هو. توڪل جو ترهو ٻڌي
تحقيقي ڪم ۾ لڳي ويس. کوجنا ڪرڻ لاءِ سنڌ جو
سيلاني ٿيڻو پيو. هن تحريڪ ۾ جن سنڌ جي سڄڻ بهرو
ورتو هو، سي گهڻو ڪري پنهنجي جدوجهد ۾ ادا ڪيل
ڪردار، تڪليفن ۽ مصيبتن جي جدوجهد واري تاريخ سيني
۾ سانڍي هميشه لاءِ پاڻ سان کڻي ابدي آرامي ٿي ويا
هئا. باقي جيڪي هئا تن پنهنجي ياداشتن کي ٿورو
گهڻو قلم بند ڪيو هو. بهرحال سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ مان
جيڪي ڪجهه ملي سگهيو تنهن کي سهيڙي توهان جي آڏو
آندو اٿم.
1971ع کان 1977ع تائين پورا ڇهه سال مون ڪوشش ڪري
موضوع کي مڪمل ڪرڻ جي محنت ڪئي اٿم. تاهم مان هن
پنهنجي ڪم تي ڪو به فخر نه ٿو ڪريان. ممڪن آهي ته
مون کان گهڻو ڪجهه رهجي ويو هجي، تحقيقي ڪم ڪڏهن
به مڪمل چئي نه ٿو سگهجي. مون کان پوءِ جيڪي به هن
موضوع تي ڪم ڪندا، ٿي سگهي ٿو ته اهي وڌيڪ حقيقتون
اوهان جي آڏو آڻين. خدا ڪري ته هي مختصر محنت قبول
پوي.
مورو سنڌ محمد لائق زرداري
آڪٽوبر 1978ع
ٻه اکر
”تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو ڪردار. مقالي تيار ڪرڻ
وقت، منهنجي تحقيقي ڪم جو رهبر محترم مرحوم ڊاڪٽر
نيازالحق خان هو. هن صاحب منهنجي صحيح رهبري ڪئي.
مون کي هر وقت همٿائيندو رهيو. هڪ سال مون سندس
رهبري ۾ ڪم ڪيو. مان جڏهن ڪراچيءَمان تحقيقي مواد
وٺي سندس گهر ويس، تڏهن اوچتو سندس جنازي تي وڃي
بيٺس. هي منظر ڏسي منهنجي دل کي گهرو صدمو پهتو.
مان ڳوڙها ڳاڙيندو پنهنجي قسمت تي سوچيندو نااميد
ٿيس. سندس رهنمائي ۽ تعاون تي مون کي فخر آهي. دعا
آهي ته رب سائين کيس جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا ڪري
آمين.
ڊاڪٽر نياز الحق جي وفات بعد محمد حسن ڀٽو، جيڪو
بعد ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي شعبه سياسيات جو سربراهه
مقرر ٿيو تنهن سان پنهنجي مشڪلات جو حال اوريم. هن
صاحب مون کي دل داري ڏني ۽ پنهنجي مدد ۽ تعاون جو
يقين ڏياريو. مون دوباره ڪم شروع ڪيو – مگر جلدي
محمد حسن ڀٽو صاحب اسلام آباد ۾ نئين ذميواري
سنڀالي. مان وري بي سهارو ٿي پيس. مگر هن اسلام
آباد ۾ هوندي به پنهنجو ڪيل واعدو ياد رکيو. سندس
هدايت تحت مان محترم ڊاڪٽر سيد ابراهيم شاهه بخاري
صاحب سان پنهنجي تڪليف جو ذڪر ڪيو. هن صاحب منهنجو
رهبر ٿيڻ قبول ڪيو. کين گذارش ڪيم ته منهنجو مقالو
ايم فل لاءِ رجسٽر ٿيل آهي. ڪافي وقت گذري چڪو
آهي. هاڻي مون کي پي ايڇ ڊي لاءِ رهبري ڪريو. هن
صاحب مون کي يقين ڏياريو ته محنت ڪر – تحقيق ڪر ته
پوءِ مقالي جي نوعيت ۽ ڪم ڏسي توکي حق پلئه وجهبو.
مان پنهنجي تحقيقي ڪم ۾ رات ڏينهن لڳايو. هر هفتي
ڊاڪٽر صاحب سان پنهنجي موضوع متعلق هدايتون وٺندو
رهيس. جنهن صاحب هڪ شفيق استاد وانگر هر گهڙي، هر
وقت رهبري ڏيندو رهيو. سندس خلوص ۽ تعاون مون کي
تاحيات مثالي حيثيت سان ياد رهندو. سندس شفقت ۽
ڪيل تعاون جا ٿورا ۽ احسان ادا ڪرڻ لاءِ مون وٽ ڪي
به موزون لفظ نه آهن، جنهن سان پنهنجي جذبات جو
اظهار ڪريان. منهنجي هن محنت ۾ سائين ڊاڪٽر
ابراهيم شاهه بخاري برابر ڀاڱي ڀائيوار آهي. مقالي
جي فني ترتيب ۽ گهربل مواد جي معلومات محترمه
پروفيسر ڊاڪٽر حميده کهڙي ڏني. هن تحقيقي مقالي جي
تياري وقت، سنڌيالاجي جي سربراهه ڊاڪٽر جي الانه ۽
سندس عملي جو تعاون رهيو جنهن لاءِ مان ٿورائتو
آهيان، برادرم خان محمد پنهور صدر شعبه صحافت سنڌ
يونيورسٽي ۽ محترم شيخ عبدالمجيد سنڌي جي مدد ۽
تعاون کي ڪڏهن به وساري نه سگهندس.
سائين جي ايم سيد جي لائبريريءَ مان مواد مليم ۽
ساڻس سنڌ جي سياسي جدوجهد متعلق رهاڻيون ڪيم، مان
سندن مهمان نوازيءَ جو ٿورائتو آهيان. ميرپور
بٺوري مان محترم غلام محمد جوهر جو به احسان مند
آهيان، جنهن صاحب مون کي الوحيد اخبار جي ٻارنهن
سالن جا فائل فراهم ڪيا. جن مان مون مفيد مواد
ورتو. پندرنهن ڏينهن وٽس ٻن مددگارن محترم محمد
اسلم پٺاڻ (سجاول) ولي محمد چانڊيو (ضلع لاڙڪاڻو)
سميت رهيس. محترم جوهر صاحب اسان سڀني جي طعام ۽
قيام جي تڪليف خلوص ۽ خوشيءَ سان برداشت ڪئي. سندس
خلوص ۽ ڪيل مدد جو مان گهڻو ٿورائتو آهيان.
مان پنهنجي تعليمي دوستن، استادن، محترم مرزا حيدر
عباس ڪراچي، محترم ابوبڪر ڳورڙ (دادو) محترم
عبدالحميد بلوچ (ڪنڌڪوٽ) نذير احمد قاضي (مورو)
نذير حسين پٺاڻ (قمبر) لياقت عزيز سولنگي جو به
احسان مند آهيان جن وقت به وقت مفيد مشورن سان پئي
نوازيو.
آخر ۾ محمد عظيم سولنگي ۽ اعجاز حسين لغاري، شهمير
علي سيال، هدايت الله ميمڻ ۽ غلام محمد لاکو صاحب
(مورو) جن جا به ڳڻ ڳايان جن مقالي جي ترتيب ۽
تصنيف ۾ منهنجي مدد ڪئي. محترم گل شير بلوچ هن
مقالي کي ٽائپ ڪرائڻ ۾ مدد ڪئي.
انهن بزرگن ۽ عالمن، اديبن، سياستدانن ۽ آفيسرن جو
پڻ احسان مند آهيان، جن پنهنجي ڄاڻ ۽ علم مطابق
(انٽرويو) احوال ٻڌايا. تن جو به گهڻو ٿورائتو
آهيان انهن وٽان گڏ ڪيل ڄاڻ کانسواءِ هي ڪتاب مڪمل
نه ٿي سگهي ها. سندن اسم گرامي آخر ۾ مددگار مواد
جي لسٽ سان شامل ڪيا اٿم.
هن مقالي کي وڌيڪ سڌاري ۽ ڇپائي ۾ پيش ڪرڻ وقت
ڪجهه مواد محترم محمد قابل ڏاهري (شاهپور چاڪر)
کان مليو جنهن لاءِ سندن ٿورائتو آهيان. سنڌ
يونيورسٽيءَ جي ايڊوانس اسٽڊي ۽ ريسرچ بورڊ جي
ميمبرن جو احسان مند آهيان. جن پنهنجي ڪيل ميٽنگ
جي مطابق مئي 8، 1973ع ۾ هڪ ٺهراءَ پاس ڪري اهو
مقالو مون کي پنهنجي خرچ تي ڇپائڻ جي اجازت ڏني.
اهڙو اطلاع ڊپٽي رجسٽرار سنڌ يونيورسٽي پنهنجي هڪ
خط نمبر
AC-I – 297
مطابق، 28 جون 1983ع ذريعي ڏنو.
مان محترم آصف علي خان زرداري، محمد سلام خان
زرداري، غلام رسول خان زرداري جو به احسان مند
آهيان، جن جي مدد ۽ تعاون سان هن ڪتاب جو ڇپجڻ
ممڪن ٿي پيو.
آخر ۾ آءُ پڙهندڙن کي اها به گذارش ڪندس ته هو هن
ڪتاب جي ٻئين ڇاپي ۾ سڌاري ۽ واڌاري لاءِ، پنهنجي
ڄاڻ مطابق – تجويزون، وڌيڪ مواد ۽ متعلقه تصويرون
هيٺين ايڊريس تي موڪلي ڏين ته سندن مهرباني ٿيندي.
مئي 15، 1984ع ڊاڪٽر محمد لائق زرداري
مورو سنڌ
ايڊريس:
معرفت قاضي محمد قاسم نئين سنڌي
لئبريري مورو سنڌ |