باب پهريون
انگريزن جي دور ۾ سنڌ جو سياسي جائزو
سنڌ جي سرزمين سدا سرسبز رهي آهي. پيداوار جي لحاظ
سان هي برڪت ۽ بچت واري سرزمين آهي. ”جنت السنڌ،
سنڌو نديءَ ڪري هڪڙي وادي آهي، جا هندستان جي
ميدانن مان ”انڊو گئنجٽڪ“ عظيم الشان ميدان جو
الهندو حصو والاري ٿي. هيءَ ميدانن ۽ جبلن جي مٽي
مان جڙيل آهي، جا ڊيگهه ۾ پندرهن سئو ميل ۽ ويڪر ۾
ڏيڍ سئو ميل آهي.[1]
سنڌ جون موجوده حدون، اتر ۾ پنجاب، اڀرندي ۾
هندستان (ڪڇ جو رڻ) ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ ۽ الهندي ۾
بلوچستان.
انگريزن جا سنڌ سان تعلقات
سنڌ، هندستان جي ٻين صوبن کان دولتمند هئي.
”ازانسواءِ سنڌوندي جي جهاز راني ۽ مغربي ملڪن سان
ويجهو هئڻ سبب سندس واپار هزارها ورهين کان مغربي
دنيا سان هلندڙ هو.“[2]
سنڌ جي زياده پيداوار ۽ شاهوڪار هئڻ سبب مٿس حملي
ڪرڻ جا ڪارڻ بنيا، سنڌ سان انگريزن جا تعلقات ٽن
نمونن جا قائم ٿيا، جهڙوڪ واپاري، سياسي ۽ فوجي،
جو پهرئين دور 1607ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني، پنهنجي
هڪ ڪئپٽن کي هدايتون ڏنيون ته هو پنهنجا واپاري
تعلقات سنڌ تائين وڌائي. سر رابرٽ شيرلي ۽ سندس
ساٿي 1635ع ۾ سنڌ جي ديبل بندر وٽ لنگر انداز ٿيا
۽ ٺٽه ۾ هڪ ڪارخانه قائم ڪيو، جيڪو شاهجهان جي دور
۾ سنڌ جو مکيه واپاري مرڪز هو، واپار ۾ فائدو نه
ڏسي، 1662ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني هن ڪارخاني کي بند
ڪيو، ۽ اٽڪل هڪ صدي گذرڻ بعد انهيءَ کي ٻيهر قائم
ڪيو. 1758ع انگريزن ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي دور
۾ ٺٽه ۽ شاه بندر ۾ ڪارخانه قائم ڪيا. 1775ع ۾
انگريز واپارين، تنگ ٿي پنهنجو ڪاروبار بند ڪيو.
انگريزن جا سنڌ سان هي واپاري نموني جا تعلقات
هئا.“
[1]
1799ع ۾ بمبئي حڪومت جي طرفان هڪ وفد آيو. جنهن
ٺٽه ۽ ڪراچي ۾ ڪمپني لاءِ ٻيهر ڪارخانا قائم ڪرڻ
جي اجازت ورتي. برطانيه جي ريزيڊنٽ، هاڻي واپاري
صورت ۾ سياسي مقصدن لاءِ ڪم ڪرڻ لڳو، پر 1800ع ۾
سنڌ جي اميرن، برطانوي ريزيڊنٽ کي حڪم ڪيو ته هو
پنهنجا ڪارخانا بند ڪري سنڌ ڇڏي وڃي، اهي واپاري
نوعيت جا تعلقات هئا.
سال 1809ع ۾ لارڊ منٽو، هڪ وفد، سنڌ جي ميرن ڏانهن
موڪليو. هي وفد مسٽر اسمٿ جي سربراهي هيٺ 9 مئي تي
ڪراچي پهتو. 1809ع ۾ لارڊ منٽو ۽ سنڌ جي اميرن جي
وچ ۾ پهريون معاهدو ٿيو. هي معاهدو 22 آگسٽ 1809ع
۾ ٿيو، جنهن جا صرف سياسي مقصد هئا. هن عهدنامه ۾
ڄاڻايو ويو ته:
1- حڪومت برطانيه ۽ سنڌ جي ميرن جهڙوڪ، مير غلام
علي، مير مراد علي ۽ مير ڪرم علي جي وچ ۾ اندروني
طرح دوستي رهندي.
2- ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دشمني ڪڏهن به ظاهر نه
ٿيندي.
3- ٻنهي ملڪن، جهڙوڪ حڪومت برطانيه ۽ حڪومت سنڌ،
گڏيل راضي نامي موجب پنهنجي وڪيلن جو تبادلو ڪندا.
4- حڪومت سنڌ ڪڏهن به فرينچ قبيلن کي سنڌ ۾ اچڻ
جي اجازت نه ڏيندي. ”هي معاهدو رجب المرجب جي 10
تاريخ 1224 هه مطابق 21 آگسٽ 1805ع ۾ ٿيو. “
[1]هن
وقت برطانيه جي پاليسي جو مقصد هو ته دوستيءَ جا
ناتا وڌائي سنڌ جي اميرن جي درٻار ۾ اثر قائم ڪجي.
”انگريزن جا واپاري مفاد، گهڻي وقت کان هئا، انهن
جو مقصد هو ته فرينچن جا اثرات سنڌ مان ختم ڪيا
وڃن. برطانيه 1809ع ۾ سنڌ جي اميرن سان معاهدو
ڪيو، جنهن کي 1820ع ۾ ٻيهر تازو ڪيو ويو.“
[2]
هي معاهدو سياسي نوعيت جو هو.
”انگريز سنڌ کي فتح ڪرڻ لاءِ هڪ ٻيو ناٽڪ رچايو ته
سنڌوءُ رستي واپار ڪرڻ جي اجازت وٺجي. سال 1831ع ۾
بينٽڪ اليگزينڊر کي مقرر ڪيو ويو، جنهن حيدرآباد
جي حاڪم، مير مراد علي خان کي اعتماد ۾ وٺي سنڌو
درياهه جي ماپ وٺڻ جي اجازت ورتي. هاڻي سنڌ کي
برطانيه جي ٻيڙي کان بچائڻ ناممڪن ٿي پيو. سنه
1831ع ۾ سر اليگزينڊر برنس کي حڪم ڪيو ويو ته هو
پنجاب جي حاڪم راجا رنجيت سنگهه کي برطانيه سرڪار
جون سوکڙيون پهچائي.“[3]
برطانيه جي حاڪم جارج چوٿين، اليگزينڊر جي هٿان
گهوڙا ۽ ٻيون سوکڙيون رنجيت سنگهه کي موڪليون.
”جڏهن اليگزينڊر برنس سنڌ ۾ پهتو ته هن کي سوکڙين
پهچائڻ سان گڏ، هي به مخفي هدايتون ڏنيون ويون ته
هو سنڌوندي متعلق به جاسوسي ڪري.“
[1]
سنڌ جي اميرن انهيءَ قدم تي احتجاج ڪيو، مگر
گورنر جنرل ميرن کي دوستي وارو عهدنامو ياد ڏياري
خاموش ڪيو. جڏهن برنس پهريائين سنڌ درياهه ۾ داخل
ٿيو، تڏهن هڪ بلوچ سپاهي رڙ ڪري چيو ”وڏي غلطي ٿي
ويئي! توهان، اسان جو درياهه ڏسي ورتو.“ برنس ٺٽه
ويجهو ماڻهن جي واتان هي چوندي ٻڌو. ”افسوس! سنڌ
ويئي، انگريزن درياءَ کي ڏٺو آ، جيڪو فتح ڪرڻ جو
رستو آهي.“
[2]
1836 ۾ پنجاب جي سک راجا، دارگيٽ جي رستي سنڌ جي
حملي ڪرڻ جو منصوبو بڻايو. ”رنجيت سنگهه، انگريزن
کي سنڌ کي ورهائڻ جي صلاح ڏني ته سنڌ جا ٻه حصا
بڻائي، هڪ حصه پاڻ ۽ باقي انگريز کڻن. مگر گورنر
جنرل اها رٿ قبول نه ڪئي.“
[3]
لارڊ آڪلينڊ کيس تنبيهه ڪئي ته هو ڪڏهن به سنڌ کي
فتح ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو. سنڌ ڏانهن رنجيت سنگهه
جو خطرو ته ٽري ويو مگر ان جي بدلي ۾ گورنر جنرل
سنڌ جي اميرن سان وڌيڪ معاهدو ڪيو، اهڙي طح 1838ع
۾ معاهدو ٿيو ته انگريزن جو ايلچي حيدرآباد ۾
رهندو، سنڌ جي اميرن کي اڻ سڏايل برطانيه جي بدلي
۾ وڏو معاوضو ڏيڻو پيو.
اميرن، عمليءَ طرح انگريزن جي ماتحت ٿي رهڻ جي
مخالفت ڪئي، انگريزن وري ٻيو معاهدو ميرن اڳيان
پيش ڪيو، جيڪو ڪئپٽن ايسٽ وڪ جي وسيلي موڪليو ويو.
اهو ڏسي مير نصير محمد ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويو ۽ چيو ته
جڏهن کان انگريزن جا تعلقات سنڌ سان شروع ٿيا
آهن، تڏهن هر روز نئين ڳالهه پئي ٿئي، توهان جي
سرڪار ڪڏهن به مطمئن نه ٿيندي. اسان، توهان جي
دوستي کان پريشان آهيون پر اسان هميشه لاءِ ظلم
برداشت نه ڪنداسين. اسان پنهنجي علائقي مان توهان
کي فوج وٺي وڃڻ لاءِ رستو ڏنو ۽ هاڻي، توهان هت
رهڻ پسند ڪيو ٿا.“
[1]
ڪرنل پاٽيجز، ميرن کي دڙڪو ڏنو ته ڪمپني جي فوج
سڀني پاسن کان تيار بيٺي آهي، اهڙي طرح دٻاءُ سان
هڪ نئون معاهدو 1839ع ۾ ڪيو ويو. هي فوجي نوعيت جا
تعلقات هئا.
چارلس نيپئر جي سنڌ ۾ پهچڻ سان سياسي حالات بدلجي
ويا، گورنر جنرل سنڌ جي اميرن جي پاڻ ۾ رسه ڪشي کي
ختم ڪرڻ لاءِ سر چارلس نيپئر کي عدالتي جاچ ڪرڻ
لاءِ موڪليو، 25 آڪٽوبر تي گورنر جنرل سنڌ ۾ سڀني
سياسي ايجنسيز کي ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ سر چارلس
نيپئر سنڌ ۾ مطعلق العنان اختيارات حاصل ڪيا.
انگريزن جو سنڌ تي قبضو
حقيقت ۾ نيپئر سنڌ ۾ جنگ شروع ڪرڻ جو حامي هو ۽
جڏهن ته ايلنبرو سنڌ کي ملائڻ جو حامي هو. ”لارڊ
ايلنبرو ساڳي حالت ۾ رکڻ ٿي چاهي، جنهن ۾ برطانيه
جي اختيارات جي شهرت فاتح جي نيڪ نامي سان رهي، هن
برطانوي هندستان جي سرحدن جي حفاظت لاءِ، برطانوي
واپار لاءِ سنڌ کي ضم ڪرڻ ضروري سمجهيو.“
[1]
نيپئر سنڌ جي اميرن ڏانهن هڪ ٻيو معاهدو موڪليو
مگر اهو غيرقانوني معاهدو به سنڌ جي مجبور اميرن،
صوبدار خان، حسين علي، محمد خان ۽ نصير خان قبول
ڪيو.
تاريخ 10 جنوري 1843ع ۾ نيپئر جنگ جي اعلان ڪرڻ
کانسواءِ امام ڳڙهه جي قلعي تي قبضو ڪيو ۽ ان کي
تباهه ڪيو. آئوٽرام جنهن قلعي کي پنهنجو بچاءُ
سڏيو هو، جنهن بعد ۾ حملي جي صورت اختيار ڪئي، سنڌ
جي اميرن هن ٻئي عهدنامي تي صحيحون ڪيون. جنهن ۾
رستم خان به صحيح ڪئي. هي معاهدو 12 فيبروري تي
ڪيو ويو. نيپئر، مري قبيلي جي 12 بلوچ سپاهين کي
قيد ڪيو جيڪي سڪرنڊ ويجهو انگريزن جي ڇانوڻي کان
وڃي رهيا هئا. ان بعد نيپئر ۽ شهزادو سولٽي ڪوف
حيدرآباد پهتا ۽ لکيو ته ”امير اڃان ٺاهه جي اميد
۾ هئا ۽ سڀني جي خواهش هئي ته امن رهي.“
[2]
تاريخ 14 فيبروري تي اميرن، آئوٽرام جي هڪ ڏيهي
سيڪريٽري کي رشوت ڏيئي پنهنجا معاهدا حاصل ڪيا،
جن تي اکيون ٻوٽي صحيحون ڪري ۽ مهرون هنيون تن کي
ڦاڙي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو ۽ انهيءَ صحيح ڪيل ٽڪرن
کي پيرن هيٺ، پنهنجي درٻار ۾ اڇلائي ڇڏيو.
[3]
تاريخ 16 فيبروري 1843ع سر چارلس نيپئر هالا کان
مٽياري پهتو، هن وٽ اٺاويهه سو سپاهي ۽ ٻارنهن
بندوقون هيون، ٻئي طرف حيدرآباد جي ميرن جهڙوڪ،
مير نصير خان، شهداد خان، حسين علي خان، رستم خان
۽ ٻين بلوچ سردارن، ارڙهن هزار سپاهين کي گڏ ڪري
سيد غلام شاهه ۽ سيد عبدالله جي اڳواڻي هيٺ لشڪر
تيار ڪيو. توبخاني جو ڪمانڊر جنرل هوش محمد کي
مقرر ڪيو ويو. تايخ 17 فيبروري ميرن حيدرآباد جي
ويجهو مياڻي جي ميدان تي ڦليلي واهه جي ڪپ تي
نيپئر سان جنگ جو آغاز ڪيو. ٽالپرن جي لشڪر شڪست
کاڌي جنهن جا مکيه سبب بارود ۽ ترتيب جي گهٽتائي
هئي. بجاراڻي، محموداڻي ۽ مالڪاڻي ٽالپر سردارن هن
قومي جنگ کان غيرحاضر رهيا. ٽن ڪلاڪن جي جنگ ۾
انگريزن جا 37 سپاهي قتل ٿيا ۽ ٽالپرن جي لشڪر مان
پنج هزار سپاهي شهيد ٿيا. هي سڀ ڪجهه غير تربيت
يافته فوج ۽ پراڻن هٿيارن جي ڪري ٿيو. ٻئي طرف
انگريزن وٽ تربيت يافته فوج سان گڏ نوان گولا
بارود هئا. سنڌي لشڪر تمام بهادري سان جنگ ڪئي.
”ٽالپر قبيلي جي آخري بهادر شخص مير شير محمد خان
هو، هن جي بهادريءَ جو شاهدي، هن جي دشمنن ڪتابن
۾لکي آهي. ٻيو بهادر ماڻهو جنرل هوش محمد خان هو،
جنهن پنهنجي لشڪر کي رڙ ڪري چيو ته ”مر ويسون پر
سنڌ نه ڏيسون.“
سنڌ جي ميرن مياڻي جي جنگ ۾ وڏو نقصان سهي شڪست
کاڌي، سنڌ کي ڪالوني جو درجو ڏنو ويو. ميرن کي
بغير ڪنهن شرطن جي جنگي قيدي بڻايو ويو. نيپئر
فاتحانه انداز سان حيدآباد ۾ داخل ٿيو ۽ قلعي جي
ديوار تي (يونين جيڪ) برطانيه جو جهنڊو کوڙيو. ”سر
چارلس نيپئر ٻن ريجمينٽن سان قلعي ۾ وارد ٿيو. هن
پهريائين برٽش جهنڊي کوڙڻ جي رسم ادا ڪئي ۽ پوءِ
شاهي خزانو لٽڻ شروع ڪيو جنهن لاءِ انگريز وڏي
عرصي کان منتظر هئا.“
[1]
”نيپئر جي حڪم موجب سڄو ڏينهن مال غنيمت وانگر
سرڪاري خزاني کي لٽيو ويو.“
[1]
جيڪي به سون ۽ چاندي جا برتن، زر زيور کين هٿ لڳا،
سي لٽيا ويا. بيگمن جا زبردستي بدن تان زيور لاٿا
ويا. اٽڪل 15 لکن جو مال مير ڪرم علي جي حويلي مان
لٽيو ويو.
[2]
”زيور ۽ جواهرات کان سواءِ اٽڪل ڏهه لکن پائونڊن
جيترو خزانو فرنگين کي قلعي جي لٽ مار مان هٿ لڳو.
هر هڪ انگريز سولجر ۽ ديسي سپاهي کي ڪافي حصو
مليو. سر چارلس نيپئر کي ستر هزار پائونڊ حصي ۾
مليا.“[3]
حالانڪه انگريزن جو ڪو خاص نقصان ڪو نه ٿيو، تڏهن
به بيشرم فاتح، انساني امن جي مفاد جي پردي ۾ ظلم
ڪيو. جڏهن لٽ مان مليل ستر هزار پائونڊ سندس کيسي
۾ آيا ته هن تي ضمير به ملامت نه ڪئي. آئوٽرام کي
ٽيهه هزار آڇيا ويا، پر هن اها رقم خيراتي ادارن ۾
ورهائي ڇڏي.“[4]
”سر چارلس نيپئر جڏهن 70 هزار پائونڊ حصو ورتو
تڏهن ڪورٽ آف ڊاريڪٽرس سندس هن پاليسي جي مذمت
ڪئي.“
[5]
تايخ 27 مارچ 1843ع ۾ نيپئر ميرپورخاص تي قبضو ڪيو
۽ 14 اپريل تي عمرڪوٽ ورتو ۽ 17 اپريل 1843ع
حيدرآباد موٽي، گورنر جنرل ايلنبرو کي پنهنجي فتح
جي خبر موڪلي ته ”مون گناهه ڪيو آهي.“ سيٺ نائون
مل ۽ سر آغا خان اول، انگريزن جي مالي ۽ فوجي مدد
ڪئي. هزهائينس آغا خان پنهنجي آتم ڪهاڻي ۾ لکي ٿو
”خانه بدوشي جي اوائل ۾ منهنجي ڏاڏي سان گڏ فوجي
سپهه سالار هئا، جن هن جي اڳواڻي هيٺ ايران،
افغانستان ۽ پوءِ سر چارلس نيپئر جي سنڌ فتح ڪرڻ ۾
مدد ڪئي.
[1]
سنڌ تي انگريزن مڪمل قبضو ڪيو، سر چارلس نيپئر کي
سنڌ جو پهريون گورنر بڻايو ويو. ”سنڌ کي ملائڻ ۽
سلطنت ۾ ضم ڪرڻ واري پاليسي جي ڪيترن برطانوي
مدبرن مذمت ڪئي، پر ايلنبرو چيو ته هن انهيءَ ڪري
سنڌ کي شامل ڪيو آهي، جو هي صوبو مصر وانگر سرسبز
۽ آباد آهي.“
[2]
نيپئر سنڌ جي اميرن ۽ شهزادن کي سياسي قيدي بنائي
بمبئي موڪليو، مير مرادعلي کي خيرپور ۽ ڪوٽ ڏيجي
وارو علائقو ڏيئي رياست جو حڪمران تسليم ڪيو ويو.
سال 1855ع ۾ مير شير محمد خان کي آزاد ڪري کيس،
ميرپورخاص ۾ ننڍڙي رياست ۽ مقرر پينشن سان نوازيو
ويو. باقي قيدين کي بعد ۾ واپس موٽڻ جي اجازت ڏني
وئي، مگر انهن مان مير رستم خان، خيرپور جو مير
نصير خان ۽ مير صوبدار خان، حيدرآباد جا مير نصير
خان ۽ مير شهداد خان قيد ۾ پنهنجا پساهه پورا ڪري
چڪا هئا. انگريزن سنڌ تي قبضي ڪرڻ کانپوءِ ڪراچي
کي سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ بڻايو. سر چارلس نيپئر
گورنر جي حيثيت سان سنڌ تي فوجي حڪومت هلائڻ لڳو.
هو سڌو سنئون گورنر جنرل جي ماتحت هو، انهيءَ سال
هڪڙو سرڪاري اعلان پڌرو ٿيو ته سنڌ ۾ برطانوي راڄ
قائم ٿي چڪو آهي، ڪو به ماڻهو سرڪار جي خلاف قدم
کڻندو ته سندس جان ۽ مال جو خير نه هوندو.
فيبروري 1843ع ۾ هڪ پڌرائي موجب، جن به زميندارن
يا جاگيردارن گورنر جي خدمت ۾ حاضر ٿي وفاداري جي
خاطري ڏني، تن کي سندن املاڪن تي متصرف ڪيو ويو.
انهيءَ سال سموري سنڌ کي ٽن ضلعن ۾ ورهايو ويو؛ 1
– ڪراچي 2- حيدرآباد 3 – شڪارپور. ميجر هينري
پريڊي ڪپتان راٿپورن ۽ ڪپتان گولڊني جيڪي فوجي
عملدار هئا تن کي ڪليڪٽر مقرر ڪيو ويو. سندن ماتحت
نائب ڪليڪٽر، ڪاردار ۽ سزاولڪار مقرر ٿيا.“[1]
سال 1847ع ۾ سنڌ کي بمبئي صوبي سان ملايو ويو ۽
سنڌ جي صوبائي حيثيت ختم ڪري هڪ بمبئي صوبو بڻايو
ويو. سنڌ ۾ ڪمشنر مقرر ڪيو ويو. جنهن کي گورنر
جهڙا اختيار هئا. جڏهن سنڌ کي بمبئي سان ملايو ويو
ته ڪمشنر سر بارٽر فيريئر جي دور ۾ ڪاردارن جو
نالو مٽائي مختيارڪار رکيو ويو. فارسي بدران سنڌي
زبان دفتري زبان مقرر ڪئي وئي. هن جي دور ۾ تپيدار
۽ دفتردار کاتا، جيڪي ڪمشنر وٽ هئا، سي جڊيشل
ڪمشنر جي ماتحت آندا ويا. 1867ع ۾ پوليس عملي جا
فارسي نالا بدلائي سپرنٽينڊنٽ پوليس ۽ انسپيڪٽر جا
نالا پيا. انگريز سرڪار روينيو سيٽلمينٽ جا کاتا
ڪڍيا. سڀني ٻنين جا چڪ ۽ نقشا ٺهي ويا، هر هڪ زمين
جي ماپ ڪئي وئي، تجربو ڪري، سٺي ۽ خراب زمين تي ڍل
مقرر ڪئي ويئي، جيڪا اڪثر پيدائش جي ڇهن حصن کان
گهٽ هئي.[2]
ميرن جي زماني ۾ هندن تي جيڪي زمين خريد ڪرڻ، وياج
وڏن نرخن تي وٺڻ ۽ مسلمانن جي زمين گروي رکڻ تي
پابندي پيل هئي، سي انگريزن لاهي ڇڏيون. جنهن ڪري
ڪيترائي آبادگار پنهنجي جهالت ۽ فضول خرچي سبب
شاهوڪارن جي وياج جي ڪري پنهنجون زمينون وڃائي
ڪنگال ٿي ويا.“
[3]
1857ع جي جنگ آزادي
سال 1857ع ۾ هندستان جي تاريخ ۾ هڪ اهم واقعو
رونما ٿيو. جنهن کي انگريز تاريخدان بغاوت جو سال
سڏين ٿا. هي نه صرف بغاوت هئي پر آزادي جي پهرين
جنگ هئي، جنهن ۾ مقامي فوج سان گڏ عوام به حصو
ورتو. هن آزادي جي جنگ ۾ سنڌ به مکيه ڪردار ادا
ڪيو. ”ڪي مذهبي جوش رکندڙ سنڌي، مسلمان سائو جهنڊو
جهولائيندي مسلمانن کي ڀڙڪايو ته اسلام خاطر لڙائي
ڪريو.“[1]
آزادي لاءِ لڙندڙ اڳواڻ جو پاڻ ۾ مخفي طرح منصوبن
۽ پروگرامن جو رابطو قائم هو. ”بهادر شاهه ظفر،
”شير سنڌ“ مير شير محمد کي خط لکيو ته هو انقلابين
جي مدد ڪري، مير شير محمد بلوچ، پيسا، سپاهي ۽
بارود مدد لاءِ موڪليو. اهو سڀ منصوبه خاڪ ۾ ملي
ويو. جڏهن ٽالپر قبيلي جي هڪ فرد، اهو راز سنڌ ۾
برطانوي آفيسرن اڳيان ظاهر ڪيو.“
[2]
”سنه 1857ع جو فساد ساري هندستان ۾ ٿيو، ۽ سنڌ جي
وڏن شهرن ۾ جهڙوڪ، ڪراچي، حيدرآباد، شڪارپور ۽
جيڪب آباد ۾ به ٿيو. انهيءَ سال سيپٽمبر مهيني ۾
ڪراچي ۾ رکيل ڏيهي پلٽڻ ڪمشنر، ڪماني ۽ ٻين
عملدارن کي مارڻ لاءِ تياري پئي ڪئي، پر انهن
عملدارن کي خبر پئجي ويئي ۽ فسادين کي گرفتار ڪري،
ڪن کي توب جي منهن ۾ ڏنو ويو، ڪن کي سوري تي
چاڙهيو ويو ۽ ڪن کي ڪاري پاڻي موڪليو ويو.“[3]
ڪراچي ۾ 14 سيپٽمبر تي 21 بمبئي ڏيهي پلٽڻ مان 24
سپاهين جو پتو لڳايو ويو، جن ٻڌايو ته هنن جنرل
ڪمانڊنگ ڪمشنر ۽ ڪن اعليٰ عملدارن کي قتل ڪرڻ جو
منصوبو رٿيو هو.“
[1]
ان بعد ٻيا 43 سپاهي پڪڙيا ويا، جن مان 14 کي ڦاسي
ڏني ويئي، ٽن کي قتل ڪيو ويو، چئن کي توب سان
اڏايو ويو ۽ ٻاويهين کي ڪاري پاڻي موڪليو ويو.“[1]
حيدرآباد ۾ ”باغين منصوبه رٿيو ته پهريائين
حيدآباد جو قلعو قبضي ۾ آڻي ان کي دهلي جي لال
قلعي وانگر مکيه محاذ بڻائجي. ان بعدجيڪب آباد،
سکر ۽ شڪارپور ۾ بغاوت ڪجي.“[2]
مگر اها خبر فوج جي برگيڊيئر کي پئجي ويئي ”جنهن
ڪري ڏيهي سپاهين کي جلدي ۾ غيرمسلح ڪيو ويو. ڪيترن
کي بئرڪن ۾ گڏ ڪيو ويو، جن ۾ شڪ هو ته هي بغاوت جا
اڳواڻ آهن، تن تي ڪورٽ مارشل ڪري، فوجي عدالت
طرفان ڇهن پائونڊن واري گن مشين سان اڏايو ويو.
اڏي تي روشني جو شعاع ٿيو، توبچي کي حڪم مليو جنهن
انهن کي هميشه لاءِ سمهاري ڇڏيو.“[3]
”شڪارپور ۾ 14 غيرپلٽن جي سپاهين هٿيارن تي قبضو
ڪيو ۽ هڪ چورس مورچو ٺاهي، يورپي فوجن ڏانهن وڌيا.
ٻنهي طرفن کان رات جو 12 بجي دوبدو گولاباري ٿي،
جنهن ۾ 3 يورپي عملدار موت جو شڪار ٿيا ۽ باغين
مان هڪ جمعدار ۽ ٻه سپاهي مارجي ويا.“ باغين جي
گرفتاري جو امڪان گهٽ هو، مگر خيرپور جي مير علي
مراد جي ماڻهن کين چالاڪي سان گرفتار ڪيو. گرفتار
ٿيل باغين کي صبح جو توب جي منهن ۾ ڏنو ويو.“
[4]
”ڏيهي سپاهي جيڪي پندرهن کان وڌيڪ نه هئا، تن کي
ٽي سئو يورپي سپاهي ختم ڪرڻ لاءِ ڪافي هئا. تاهم
تن مان ڏهه يا ٻارنهن ڄڻا پلٽن مان بچي ويا. هڪ
ڏيهي پلٽن جو صوبيدار، بقول ليوڪس پيلي جي چوڻ
مطابق ته هن کي شڪارپور جي ڇانوڻي مان گرفتار ڪيو
ويو. ان بعد ان کي پوءِ منصوبي جو مکيه اڳواڻ
سمجهي کيس سزا ڏني وئي.“[1]
سکر ۾ ساڳي رات، آڌي جو شڪارپور جي باغين جو قاصد
پهتو. ڏيهي فوج ۾ ٿرٿلو پئجي ويو. مگر فوج جي ڪجهه
ڪرڻ کان اڳ، يورپي سپاهين قاصد کي نديءَ جي ٻئي
ڪناري تان گرفتار ڪري ورتو ۽ کيس اتي جو اتي ڦاسي
ڏني.“
[2]
دريا خان جيڪو جکراڻي قبيلي مان هو، تنهن انقلابين
سان گهرو رابطو قائم رکيو، جيئن جلدي قدم کڻي
سگهجي.“
[3]
جنگ آزادي ۾ سنڌ به هندستان جي ٻين صوبن وانگر
جدوجهد ۾ شريڪ هئي. هتان جي زمين به شهيدن جي خون
سان لال زار آهي. ان جي ناڪامي جو سبب اهو هو ته
سنڌ جا وڏا وڏا رئيس مير شير محمد خان ۽ مير
شاهنواز جهڙا انگريزن سان وفادار هئا، جنهن جو
نتيجو لازمي طور انگريزن جي ڪاميابي هئي.“
[4]
پريس تي پابندي هئڻ سبب عوام ۽ باغين جي وچ ۾
رابطو نه رهيو. 1857ع جي جنگ آزادي وقت، سنڌ ۾
سڀني سپاهين تي سخت چوڪسي رکي ويئي، سنڌو ندي کي
ننڍن جهازن جي آمدرفت لاءِ باقاعدي جاري رکيو ويو،
توبخاني جي گهٽتائي هوندي به ان مختصر رسالي کي
منظم ڪيو ويو، انگريزي ۽ سنڌي پريس تي چوڪسي رکي
ويئي، جوڌپور جي رستي ڪراچي کي ڪلڪلتي سان ملايو
ويو، انهيءَ ڪم کي پوري ڪرڻ لاءِ ليفٽيننٽ ٽورٽ کي
اتان جو ڊپٽي ڪليڪٽر مقرر ڪيو ويو.“
[5]
انقلاب لاءِ جدوجهد
”ملڪ جي آزادي لاءِ افغانستان ۾ هڪ جلاوطن حڪومت
قائم ڪئي وئي جنهن جي وزارت ۽ قومي تنظيم مولانا
محمود حسن ۽ مهاتما گانڌي جي سربراهي هيٺ بڻائي
ويئي. مولانا عبيدالله سنڌي کي وزارت ۾ وزير
مملڪتي بڻايو ويو.“
[1]
انقلابي جدوجهد لاءِ پئسا جمع ڪيا ويا. ”سيٺ
ڇوٽاڻي بمبئي وارو، سيٺ عبدالله هارون ڪراچي جو ۽
سيٺ جمال احمد مدراس واي هن فنڊ ۾ دل کولي حصو
ورتو.“[2]
هن انقلاب لاءِ منصوبو بڻايو ويو ته ترڪي کي
افغانستان جي رستي کان هندستان تي حملو ڪرايو وڃي.
انهيءَ لاءِ، ڪوئيٽا قلات، خيبر ۽ اوگي کي حملي جا
مرڪز بڻايا ويا. مولانا محمود حسن، سنڌ مان،
مولانا عبدالله سنڌي، مولوي محمد صادق سنڌي ۽
مولانا عبدالله لغاري کي هدايت ڪئي.جن مخفي طرح
سان پورو هڪ سال جدوجهد ڪئي“ مولانا عبيدالله سنڌي
سنڌ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ پهتو جتي هن حڪومت برطانيه جي
سي. آءِ. ڊي جي نظرن کان پاڻ کي لڪائي ٽن کان چئن
مهينن تائين انقلابي تحريڪ جي تبليغ ڪئي.[3]
جتي هن سان گڏ شيخ عبدالرحيم، شاهه بخش لاشاري به
گڏ هئا.“[4]
مولانا سنڌي جڏهن سنڌ ۾ تحريڪ
هلائي، تڏهن خرچ جي پورائي لاءِ پير جهنڊي جي گهر
واريءَ پنهنجا سونا زيور کيس ڏنا. جڏهن مولانا
ڪابل ڏانهن روانو ٿيو، تڏهن خرچ لاءِ شيخ
عبدالرحيم سنڌي، زيور ڏنا.“[5]
جلاوطن حڪومت پنهنجا تعلقات ترڪي ۽ روس سان قائم
ڪيا. انهيءَ مقصد لاءِ مولانا عبيدالله سنڌي تايخ
9 سيپٽمبر 1914ع ۾ مولانا محمود حسن کي هندستان ۾
خط لکيو هو. جيڪو محمد ميان انصاري جي هٿ اکرن سان
لکيو هو. جيڪو سنڌ ۾ شيخ عبدالرحيم لاءِ حيدرآباد
ڏانهن روانو ڪيو ويو. شيخ عبدالرحيم کي چيو ويو ته
هو خط سلامتيءَ سان مولانا محمود حسن کي مڪه مڪرم
ڏانهن روانو ڪري، هي خط ڳاڙهي ريشمي رومال تي لکيو
ويو هو. ”ريشمي خط عبدالحق کي ڏنو ويو، جنهن حق
نواز کي ڏنو ته هو ساڳيو خط غلام محمد کي پهچائي،
جيڪو بعد ۾ شيخ عبدالرحيم سنڌي جي حوالي ڪري. جڏهن
شيخ عبدالرحيم اهو خط حاصل ڪري، ان کي اڳتي روانو
ڪرڻ جي تياري ڪري رهيو هو ته عين انهيءَ وقت کيس
انگريز حڪومت جي سپاهين قيد ڪيو.“
[1]
هن منصوبي جي ظاهر ٿي پوڻ کان پوءِ هندستان جي
حڪومت، افغانستان جي حڪومت کان احتجاج ڪيو ۽
افغانستان جي حڪومت کي چيو ويو ته هو انقلابي
رهنمائن جهڙوڪ: مولانا محمد ميان انصاري ۽ مولانا
سيف الرحمان کي ڪابل مان ڪڍي ڇڏي ۽ باقي مولانا
سنڌي ۽ هن جي پوئلڳن کي جيل ۾ موڪليو ويو.“ هن
منصوبي ۾ شامل سنڌي ماڻهن مولانا تاج محمود
امروٽي، پير تراب علي شاهه، جان محمد جوڻيجو ۽ سيٺ
عبدالله هارون.“
[2]
سنڌ ۾ لاڙڪاڻي ۾ جان محمد جوڻيجي جي بنگلي ۾ هڪ
عام جلسو ٿيو، جتي خلافت جي بچاءُ لاءِ قرارداد
منظور ڪئي وئي. اهڙي طرح سکر، حيدرآباد، ڪراچي ۾
خلافت ڪانفرنسون منعقد ڪيون ويون. تاريخ 12 مئي
1920ع، بمبئي ۾ هڪ خاص اجلاس سڏايو ويو، جنهن ۾
”تحريڪ عدم تعاون“ جي پروگرام کي آخري شڪل ڏني
وئي. هن اجلاس ۾ سنڌ جي طرفان، حاجي عبدالله
هارون، مولانا محمد صادق، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽
ڊاڪٽر شيخ نور محمد شريڪ ٿيا.“[1]
خلافت ڪاميٽي جي فنڊ گڏ ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ هڪ بيت
المال بنايو ويو، جنهن ۾ هر قسم جي امداد گڏ ڪئي
وئي. ان مان مختلف ضرورت وارين جڳهين تي مدد موڪلي
ويئي. بيت المال ۾ ڪل رقم 905174 رپيا گڏ ڪيا ويا
جنهن مان 52369 هزار مهاجر ۽ قيدين جي مدد لاءِ
خرچ ڪيا ويا ۽ 35607 هزار رپيا مرڪزي خلافت ڪميٽي
کي ڏنا ويا.“[2]
حڪومت خلاف تحريڪ کي ختم ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ مولوي فيض
الڪريم کان هڪ فتويٰ نالي ”تحقيق الخلافت“ ڇپرائي،
جنهن تي سنڌ جي 95 مذهبي اڳواڻن، پيرن ۽ علمائن
کان تصديق ڪري صحيحون ڪرائي سنڌ ۾ ورهائي ويئي.“
هن فتويٰ جي جاري ٿيڻ کان پوءِ ان جي مخالفت ۾ سنڌ
جي عالمن ٻي فتويٰ نالي ”اظهار الڪرامت“ جاري ڪئي،
جيڪا خلافت جي حمايت ۾ هئي.“[3]
ان فتوائن کان پوءِ هجرت تحريڪ شروع ٿي، جنهن ۾
سنڌ جا 750 مسلمان مهاجرن تي مشتمل قافلو، جان
محمد جوڻيجي جي اڳواڻي هيٺ 7 جولاءِ 1920ع ۾ هڪ
اسپيشل گاڏي رستي لاڙڪاڻي کان افغانستان ڏانهن
روانو ٿيو، جيڪو 19 جولاءِ 1920ع ۾ جلال آباد
افغانستان پهتو.[4]
1923ع تائين، پوري هندستان ۾ خلافت تحريڪ زور سان
هلي، جنهن ۾ خاص طور تي سنڌ، وڏي ۾ وڏو حصو ورتو.
آخر 1923ع ترڪي ۾ انقلاب آيو. سلطان اتاترڪ حڪومت
جون واڳون سنڀاليون ۽ ترڪي ۾ خلافت جو خاتمو ٿيو.
اهڙي طرح خلافت جي پڄاڻي ٿي.
سنڌ جي بمبئي صوبي کان عليحدگي
سنڌکي بمبئي سان گڏ رکڻ هڪ غير فطري طرز عمل هو.
سنڌ تاريخي، جاگرافي، تهذيبي، ٻولي ۽ انتظامي
حيثيت سان بلڪل الڳ هئي. گذريل پنج هزار سال کان
تاريخي طور ظاهر آهي ته، هن واديءَجي رهواسين جي
ٻولي الڳ هئي. جيڪا دنيا جي جهونين ٻولين مان هڪ
آهي.
”سنڌ جي تاريخ ۾ اهڙي ڪا به ثابتي نه ٿي ملي، ته
سنڌ ڏکڻ طرف سمنڊ سان ڳنڍيل هئي، هن جو اڳيون تعلق
جيڪڏهن رهيو آهي ته سدائين اتر يا اولهه سان. ۽
ٻين علائقن سان محض قدرتي اقتصادي طور رهيو آهي.“
[1]
سنڌ جي رهواسين جي تهذيب تمدن بمبئي کان الڳ هئي،
هر طرح سان سنڌ جو بمبئي سان الحاق تاريخي طور غلط
هو.
جاگرافي جي لحاظ کان سنڌ بمبئي کان 8 سئو ميل پري
هئي ۽ وچ ۾ وڏو رڻ پٽ ۽ سمنڊ هو، جدا آبهوا ۽ الڳ
سماجي سرشتو هو، ٻولي، رهڻي ڪهڻي، پوشاڪ، ريتون ۽
رسمون هتان جي ماڻهن جون بمبئي جي ماڻهن کان مختلف
هيون.“[2]
”زندگيءَ جو طور طريقو، لباس ۽ ماڻهن جون عادتون،
بمبئي صوبي جي رهاڪن کان بلڪل مختلف هيون، سنڌ
وارن جو لباس ۽ طريقو گهڻو ڪري بلوچستان ۽ پنجاب
سان ملي ٿو.
[3]
سال 1868ع ڌاري ”سنڌ ايڪٽ“ پاس ڪري اهي اختيارات
جيڪي سنڌ منجهه بمبئي جي گورنر کي استعمال ڪرڻا
هئا، سي سنڌ جي ڪمشنر جي حوالي ڪيا ويا. هن قدم
ڪري سنڌ قانوني ۽ مالي طرح سان نيم آزاد هئي، هن
نيم آزادي جي ڀوائتي صورت هي هئي ته، سنڌ جي ڪمشنر
جا اختيارات بمبئي جي ڪمشنر کان وڌيڪ هڪ ”مطلق
العنان“ حاڪم جهڙا هئا. نتيجي طور هي ملڪ وڏن
آفيسرن لاءِ شڪارگاهه ۽ ننڍن لاءِ چراگاهه ٿي ڪم
اچڻ لڳو.“[1]
”بمبئي جو گورنر ٽي هفته، مالياتي ميمبر 2 ڏينهن،
روينيو ميمبر 3 ڏينهن، لوڪل گورنمينٽ جو وزير 4
ڏينهن، تعليمي وزير هڪ هفتو، سال ۾ سنڌ جو دورو
ڪندا هئا.[2]
بمبئي حڪومت جي طرفان سنڌ ۾ تعليمي ترقيءَ لاءِ ڪو
به قدم نه کنيو ويو ۽ نه انهيءَ لاءِ ڪي خاص
گرانٽون منظور ڪيون ويون.[3]
سنڌ کي مواصلات، غرض ته هر شعبي ۾ نظرانداز ڪيو
ويو.
سنڌ جي مسلمانن جي سياسي ۽ اقتصادي حالت تمام
خراب ٿي ويئي هئي، جنهن جو واحد سبب سنڌ جي بمبئي
سان الحاق هو، سنڌ جي عوام محسوس ڪيو ته جيستائين
سنڌ کي بمبئي کان الڳ ڪري صوبو نه بنايو ويندو،
تيستائين سنڌي عوام جا مسئلا حل ٿي نه سگهندا،
انهيءَ لاءِ هندو ۽ مسلمانن گڏجي سنڌ جي بمبئي کان
عليحدگي جي تحريڪ جو آغاز ڪيو. ”صوبائي خودمختياري
جو احساس سال 1908ع کان شروع ٿيو. جڏهن سکر ۾ سنڌ
صوبائي ڪانگريس جو اجلاس منعقد ٿيو. هن ڪانفرنس ۾
سنڌ صوبائي ڪانگريس جي مسئلن ۽ تڪليفن تي خاص طرح
سان ويچارو ڪيو ويو.“[4]
ان بعد ڪيتريون ئي ڪانفرنسون، ميٽنگون، اجلاس ۽
عام جلسا ڪوٺايا ويا، جنهن ۾ سنڌ جي بمبئي کان
عليحدگي لاءِ ٺهراءُ پاس ڪيا ويا، سال 1917ع ۾ سنڌ
جي عليحدگي جو سوال سنڌ نيشنل محمدن ايسوسيئيشن جي
شاخ طرفان مسٽر ايڊون مانٽيگو جي ڪراچي دوري دوران
پيش ڪيو ويو.“[1]
شيخ عبدالمجيد سنڌي روزنامه الوحيد اخبار وسيلي
عليحدگي جي تحريڪ لاءِ پرچار شروع ڪئي. ”سال 1924ع
۾ مسلمان ميمبرن جي ڪاميٽي محمد علي جناح جي
سربراهي هيٺ مسلمانن جي مطالبن تي مشتمل ياداشت
حڪومت کي پيش ڪئي، جنهن ۾ سنڌ جي بمبئي کان
عليحدگي وارو مطالبو به شامل هو.“
[2]
سال 1925ع ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جو اجلاس علي ڳڙهه
۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ ٺهراءُ نمبر 3 مولوي احمد جي
طرفان پيش ڪيو ويو، جنهن جي حمايت گل محمد خان
ڪئي، جيڪو عليحدگي جي حمايت ۾ پاس ڪيو ويو.“
[3]
ڪي هندو اڳواڻ سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي جا مخالف
هئا، 17 جولاءِ 1927ع سنڌ جي هندو – مسلمان ۽
پارسي نمائندن هڪ معاهدو ڪيو، جنهن کي عام طرح سان
سنڌ – هندو مسلم عهدنامه سڏيو ويو، جنهن موجب سنڌ
جي عليحدگي بابت هيٺين شرطن تحت معاهدو ٿيو.
اسين ظاهر ڪريون ٿا ته گڏيل چونڊ جو طريقو ۽ سنڌ
جي بمبئي کان عليحدگي هڪ ئي وقت عمل ۾ ايندي.
سنڌ کي مڪمل صوبائي خودمختياري هوندي، جهڙي
هندستان جي ٻين صوبن کي مليل هوندي ۽ آئنده لاءِ
سنڌ کي ٻئي ڪنهن به صوبي سان شامل نه ڪيو ويندو.“
جيستائين سنڌ جي عليحدگي تي عملدرآمد جو تعلق،
ماليات متعلق آهي ته انهيءَ لاءِ اسان اهو ظاهر ٿا
ڪريون ته اسان ڪوٽ کي ڪپڙي مطابق ڪٽينداسين.“[1]
هن معاهدي تي هندو، مسلمان ۽ پارسي نمائندن صحيحون
ڪيون. نهرو رپورٽ ۾ به سنڌ جي عليحدگي جو مطالبو
تسليم ڪيو ويو هو. تايخ 12 نومبر 1928ع تي حڪومت
برطانيه سائمن ڪميشن مقرر ڪيو، ته هو عليحدگي جي
مسئلي تي جاچ ڪري ۽ پنهنجي رپورٽ ڏئي. سائمن ڪميشن
پنهنجي رپورٽ حڪومت برطانيه کي پيش ڪئي، جنهن ۾
اهو فيصلو ڪيو ويو ته هندستان جي سڀني سياسي
پارٽين جي اڳواڻن ۽ هندستاني رياستن جي نمائندن جي
وچ ۾ گول ميز ڪانفرنس منعقد ڪئي وڃي، جنهن ۾ اهڙو
دستور مرتب ڪيو وڃي، جيڪو سڀني لاءِ قابل قبول
هجي. ساڳئي سال 1928ع بمبئي حڪومت هڪ ڪاميٽي سر
شاهنواز ڀٽي جي اڳواڻي هيٺ مقرر ڪئي، انهي ڪاميٽي
سنڌ جي عليحدگي جي حمايت ۾ بمبئي حڪومت کي پنهنجي
رپورٽ ڏني. تاريخ 12 نومبر کان 19 جنوري 1931ع گول
ميز ڪانفرنسون لنڊن ۾ منعقد ٿيون، جنهن ۾ پهرئين
گول ميز ڪانفرنس جي رپورٽ تي سوچ ويچار ڪيو ويو ته
سنڌ کي بمبئي کان الڳ ڪيو وڃي يا نه؟
قائداعظم عليحدگيءَ جي حمايت ۾ پنهنجا دليل ڏنا.
سال 1932ع ۾ سنڌ جي عليحدگي جي لاءِ هڪ عوامي
تحريڪ شروع ٿي، سال 1934ع ۾ سنڌ ۾ آزاد ڪانفرنس جو
اجلاس يوسف علي جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۾ منعقد
ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي عليحدگي لاءِ ٺهراءُ پاس ڪيو
ويو، انهي لاءِ سنڌ آزاد ڪانفرنس پارٽي جو مستقل
بنياد پڻ وڌو ويو. تاريخ 20 آگسٽ 1934ع ۾ سر
شاهنواز ڀٽي جي چيئرميني هيٺ هڪ ميٽنگ سڏائي ويئي،
جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ جي هر هڪ ڳوٺ ۽ شهر ۾
عام اجلاس ۽ جلسا منعقد ڪيا وڃن،جيڪي سنڌ جي
عليحدگي واري مطالبي جي حمايت ۾ ٺهراءُ پاس ڪن. 16
ڊسمبر 1932 جو ڏينهن (سنڌ آزاد ڏينهن) پوري سنڌ ۾
ملهائڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو.“
[1]
سنڌ آزاد ڪانفرنس پارٽي جي تنظيم سڄي سنڌ ۾ ڪئي
وئي، عليحدگي جي مطالبي لاءِ ٺهراءُ پاس ڪيا ويا.
سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ مان هندستان جي سيڪريٽري آف اسٽيٽ ۽
برطانيه جي وزيراعظم کي سنڌ کي الڳ صوبو بنائڻ
لاءِ تارون ڪيون ويون.
سال 1932ع ۾ هندستان جي حڪومت آنربل مسٽر برين جي
چيئرمينيءَ هيٺ هڪ ڪاميٽي مقرر ڪئي ته هو سنڌ جي
ماليات جي متعلق رپورٽ ڏئي. برين ڪاميٽي پنهنجي
رپورٽ ۾ واضح ڪيو ته سنڌ جي مالي حالت بلڪل ٺيڪ
آهي، تاهم سالياني 80 لک رپيا وڌيڪ خرچ ٿيندو جنهن
لاءِ صلاح ڏني وئي ته اهو نقصان هندستان جي حڪومت
15 سالن تائين پورو ڪري، ان بعد سنڌ خود ڪفيل ٿي
ويندي. مارچ 1933ع ۾ برطانيه پارليامينٽ طرفان هڪ
گڏيل پارلياماني ڪاميٽي مقرر ڪئي ويئي ته، هو
هندستان جي سڌارن واري بل تي غور ڪري. سنڌ آزاد
ڪانفرنس جي ورڪنگ ڪاميٽي، محمد ايوب کهڙي کي
پنهنجي طرفان نامزد ڪيو ته هو پنهنجو ڪيس برطانيه
جي گڏيل پارلياماني ڪاميٽي آڏو پيش ڪري. تاريخ 20
جولاءِ محمد ايوب کهڙو هن ڪيمٽي اڳيان پيش ٿيو،
جتي هن ڪاميٽيءَ جي ميمبرن ۾ ياداشت نامون ڇپرائي
ورهايو. ان ياداشت ۾ دليل ڏيئي ثابت ڪيو ويو ته هو
ته سنڌ کي ڪنهن به حالت ۾ بمبئي سان گڏ نٿو رکي
سگهجي ۽ اهو ته بمبئي سان گڏ رهڻ سان سنڌ کي ڪيترو
نقصان پوي ٿو!
آڪٽوبر 1934ع ۾ گڏيل پارليامينٽري پنهنجي الڳ
رپورٽ پيش ڪئي، جنهن ۾ چيو ويو ته سنڌ کي الڳ
صوبائي حيثيت ڏني وڃي. سال 1935ع ۾ برطانيه جي
پارليامينٽ 1935ع جو ايڪٽ پاس ڪيو. هن ايڪٽ مطابق
پهرئين اپريل 1936ع کان سنڌ کي هڪ نئون صوبو بنايو
ويو. سنڌ جو پهريون گورنر سر لينسيلاٽ گرهام کي
مقرر ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح وڏي جدوجهد ۽ عوامي
تحريڪ وسيلي سنڌ کي بمبئي کان الڳ صوبائي حيثيت
ملي، جن سنڌ جي مکيه اڳواڻن هن تحريڪ ۾ حصو ورتو،
تن ۾ هيٺيان ماڻهو قابل ذڪر آهن.
شيخ عبدالمجيد سنڌي
سر شاهنواز ڀٽو
قائداعظم محمد علي جناح
سر آغا خان
محمد ايوب خان
محمد ايوب کهڙو
سيد ميران محمد شاهه
حاجي عبدالله هارون
|