سيڪشن: سياسيات

ڪتاب: سيڪيولرزم ۽ عقليت پسندي

 

صفحو: 8

مذهب، جنهن اڳ ۾ به دعويٰ ڪئي ۽ اڃان به ڪري ٿو ته اُهو فلسفي جي دليل بازين ۽ بحث مباحثن ۽ سائنسي کوجنائن کان بالاتر آهي، بلڪه تنقيد کان بالاتر آهي، تنهن جڏهن محسوس ڪيو ته سائنسي، مادي ۽ فطرتي سمجهاڻين کي وڌيڪ بهتر نموني ۽ پوريءَ طرح ڪاميابيءَ سان منهن ڏيئي نٿو سگهجي، تڏهن اُن ماڳهين مادي جي وجود جو ئي انڪار ڪري ڇڏيو ۽ انساني دنيا ۾ مادي نظرين، مادي فلسفين خلاف اعلان جنگ ڪيو، جيڪو اڄ به اسان جي پنهنجي دؤر ۾ به ماديت جي جديد شڪل، جدلياتي ماديت سان ائين جاري آهي- اُن کي اڄ به مذهبي حلقن طرفان پکيڙي ۽ بدزيبو بڻائي پيش ڪيو پيو وڃي ته جيئن ماڻهو اُن جي ويجهو به نه وڃن. گدڙ ڊاک نه پُڄي، آکي ٿُو کٽا!

مذهبي پيشوائيت، جڙ-واد خلاف منفي پرپئگنڊا، تعصب ۽ حسد هڪ طويل عرصي کان منظم نموني اُڀاريندي ۽ وڌائيندي رهي آهي. ماديت لفظ مان تنگ نظر، جاهل، فقط بُک ۽ نشي خوري، اک جو موهه ۽ جسم جو موهه، اهنڪار، لالچ ڪنجوسپائي، نفعي خوري ۽ سٽي بازاريءَ جو،  مطلب ته کين اُن ۾ سڀ اُهي گنديون برايون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون جن ۾ اُهي پاڻ کي خانگي/ ذاتي طور تي خوب وڪوڙيل ڏسن ٿا، جڏهن ته اُهي پاڻ کي سراپا سچ، نسورو نور، نيڪيءَ، ايمان ۽ پارسائيءَ جو مجسمو، خيرات، زڪوات، عمل جهڙن آدرشن ۽ اخلاقي قدرن جي چيمپيئن ۽ صاف سٿريءَ دنيا ۾ رهندڙ سمجهن ٿا.

اسان کي انهيءَ تي ڪوبه اعتراض ڪونهي ته مذهبي مهندار سڳورا پنهنجو پاڻ کي ڇا ٿا سمجهن يا پنهنجي ثنا ۾ ڇا ٿا ٻڌڻ گهرن، پر انساني فڪر ۽ عمل جي هن دنيا ۾ رڳو ڪي سٺا آدرش ۽ سهڻا سخن لفاظيءَ طور استعمال ڪرڻ، عمل جي ميدان ۾ انهن تي ذري برابر به عمل نه ڪرڻ ۽ فقط پنهنجي مفادن لاءِ استعمال ڪرڻ ۽ اُنهن جي بنياد تي نيڪيءَ ۽ پارسائيءَ جي دعويٰ ڪرڻ، انساني ڪهل، محبت ۽ همدرديءَ جهڙن اعليٰ انساني صفتن تي فقط پنهنجو ئي حق جتائڻ ۽ اُنهن جو پرچار وغيره ڪرڻ وڏي معنيٰ ڪونه ٿو رکي. اصل ڳالهه عمل جي هوندي آهي.

جيڪڏهن مٿي دعويٰ ڪيل گُڻ ۽ سهڻا سخن عمل جي ڪسوٽيءَ تي پورا نٿا لهن، ته پوءِ اُهي خيال، قدر، گُڻ يا آدرش  ٺلهو هڪ ٻوليءَ جا لفظ يا اصطلاح ئي وڃي ٿا باقي بچن.... ڪابه معنيٰ ۽ مراد اُنهن ۾ باقي ڪانه ٿي بچي ۽ اُنهن جو جَپُ يا ورد ۽ اُنهن جي ٻي ڪا حمد ۽ ثنا، تعريف ۽ تشريح رڳو بُت پرستانه لفاظي ۽ وِنڌ بڻجي وڃي ٿي، يا خود فريبيءَ، طِفل تسليءَ، ڪنهن منافقيءَ ۽ مڪر جو ته ڪم ڏيئي سگهي ٿي، پر ٻيو اُن جو ڪو ڪارج ڪونه ٿو رهي. مقدس کان مقدس لفظ، اصطلاح يا ڪلمات به ائين انساني تجربي يا عمل جي ساهه سُڌير يا تخليقي دائري مان نڪري فقط ٻوليءَ جي زينت يا ڀرتيءَ جا آواز بڻجي وڃن ٿا ۽ پوءِ اڪثر اُنهن جي مالڪي يا وارثي جتائڻ وارا منافق ۽ مڪار اُنهن جي نالي ۽ آڙ  ۾ ظالم ۽ ڏاڍ جي بازار لڳايو، رڳو پنهنجو مفت خورو ۽ کائو وجود قائم ڪيو ويٺا رهندا آهن.

مذهبي مهندارن اهڙن سڀاويڪ لفظن ۽ اصطلاحن کي خوب ڪئش ڪرايو آهي ۽ اُنهن کي ڍال طور استعمال ڪندي، پارسائيءَ جي لبادي ۾ ويڙهجي مظلوم ۽ محروم خلق مٿان پنهنجو پرماري وجود  مڙهيو ۽ اُن کي قائم رکيو آهي. مذهبن جي تاريخ پڙهي ڏسو، سڀئي مذهب هر دؤر ۾ آباديءَ جي رعايت يافته طبقي جي مفادن جا، اُنهن جي حقن جا، اُنهن جي طرز زندگيءَ جا، اُنهن جي آزادين جا اٽل محافظ بڻبا رهيا آهن.

اسان وٽ، سنڌ ۾ پڻ جتي وڏيرا شاهي سڄي انساني خلق، بلڪه چوپائي خلق سميت سڄي ڏيهه کي ڳچيءَ کان جهليو ۽ گهُٽيو بيٺي آهي، ان کي ساهه نٿي کڻڻ ڏئي،  تڏهن اُتي مذهب، اُن جي حمايت ۾ بلڪه اُن سان گڏ بيٺل ۽ استعمال ٿيندي ڏٺو ويو آهي، مذهب جي شريعت جو پک ۽ طريقت جو پک، اُن وڏيرا شاهيءَ جي پٺڀرائيءَ ۾ بيٺل آهي، بلڪه طريقت يعني پيري، سجاده نشينين جو ڄار ۽ سنڌ جو خاص سيدپڻو شريعت کان به وڌيڪ- ڇو ته پير ۽ مُرشد پاڻ ئي اسان وٽ وڏين وڏين زميندارين جا مالڪ آهن- اهي ڳٺ جوڙ ڇاڪاڻ ته انفرادي ۽ گروهي مفادن جي پاسبانيءَ جي چڪر ۾ ورتل آهن، انهيءَ ڪري انهن جا قدر به انفرادي ۽ گروهي آهن. قدامت پسند، رجعت پسند، اقتدار دوست ۽ انقلاب دشمن- ۽ اُنهن جو اجتماعي قدرن، جدت پسند، ترقي مائل ۽ اقتدار دشمن ۽ انقلاب دوست قدرن سان ٽڪر لازمي ۽ اٽل آهي. ۽ ان معرڪي ۾ اجتماعي قدرن جي سوڀ سان ئي مظلوم سنڌ جي مجبور ۽ محروم عام خلق پنهنجي ڇوٽڪاري ۽ بهتر زندگيءَ جا امڪان وابسته ڏسي سگهي ٿي.

اهو ئي ڪارڻ آهي ته سنڌ ۾ اڄ جو سڄاڻ ۽ ساڃاهه وند ماڻهو شعور جي پختگيءَ جو مظاهرو ڪندي، دقيانوسي نظرين کان پنهنجو پلئه آجو ڪرائي، سڄيءَ دنيا ۾ رائج جديد ترين انسان دوست نظرين کي قبول ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته هو اُنهن ۾ پنهنجي ئي مذهبي ٺيڪيدارن کي پريشان ڪري ٿو ۽ سندن ننڊون ڦٽائي ٿو.

آئون اڄ به ايئن سمجهان ٿو ته اسان جِي، مطلب ته خاص طرح سنڌ جي صورتحال اها ئي آهي، جيڪا انقلاب فرانس کان اڳ فرانس ۾ سماج جي هئي، يورپ جي ٻين قومي سماجن جي هئي، جهڙوڪ پولنڊ، اٽليءَ ۽ آئرلنڊ جي. اسان وٽ اڄ به وڏيرا شاهي قابض آهي ۽ ڪنهن نه ڪنهن اهڙيءَ ڏاڍائيءَ جي شهه تي پنهنجن ماڻهن تي سدائين الريو بيٺي آهي ۽ اُنهن کي قبيلن ۾، ذاتين ۾ ۽ دين ڌرم جي فرقن ۽ ويڇن ۾ ورهايو ۽ ويڙهايو، پست خيال، بي حس ۽ پنهنجي وجود جي قدر ۽ وزن کان بي خبر رکيو ويٺي آهي. تاريڪ خيالي آهي، جا سڄي عوام جي مغز کي دونهاٽيو ۽ ٻوساٽيو بيٺي آهي، بلڪه اسان جا علماءِ ڪرام، ۽ مشائخ يورپ ۾ اُن اونداهي دؤر جي مسيحي ڪليسا وانگر، پاڻ ئي وڏا وڏيرا بڻيا، اُن پنهنجي ديني ۽ دنيوي ”عام مختياري“ جي بچاءُ ۾ پنهنجي تقدس ۽ تسبيح سان بلڪه پنهنجي خدا ۽ رسول جي حرمت کي به داوَ  تي لڳايو، ميدان ۾ بيٺا آهن.

جڏهن ڪو مذهب يا نظريو مظلوم ۽ محروم خلق جي ترجمانيءَ ۽ طرفداريءَ کي ڇڏي،  جنهن سان اُن جي ڪڏهن ابتدا ٿي هئي، سڄي سماج ۽ پيار ۽ پوڄا پاٺ جو بُت بڻجي وڃي ٿو (مطلب ته اُن کي ائين بڻايو وڃي ٿو) يعني ظالم خلق جو به اُهو ئي مذهب ته مظلوم خلق جو به اُهو ساڳيو مذهب- تڏهن اُهو مذهب يا نظريو، طاقتور ۽ ظالم خلق جي ئي تصور ۽ تحفظ ۾ هئڻ سبب، صرف اُن ئي ظالم خلق جي هٿ جي هٿيار جو ڪم ڏئي ٿو ۽ اُن جي سڄي تعليم ۽ تدريس پوءِ ”فرماني“ تعليم جي صورت ۾ رُخ وٺي بيهندي آهي ۽ اُهو نظريو يا مذهب پوءِ ظالمن کان مظلوم خلق جي آزاديءَ يا ڇوٽڪاري جو وسيلو هرگز بڻجي نٿو سگهي. پوءِ ڪيتريون به کڻي اُهو پنهنجي ازلي ۽ ابدي، اصلي يا آخري هجڻ جون دعوائون ڪري.

اهو ئي سبب آهي ته دنيا جا عقليت پسند، ترقيءَ جا خواهان، باشعور، سڄاڻ ۽ ترقي پسند ماڻهو جديد نظرين ڏانهن لاڙو رکن ٿا. کين جڙ- وادي فلسفي ۾ اڄ به ڪُل انسان ذات جي نجات جو اولڙو نظر اچي ٿو. اُهي اڄ به جڙ- وادي فلسفي کي انسان دوست فسلفو سمجهن ٿا.

جڙ- وادي فلسفي جيئن ته سڄيءَ دنيا ۾ مذهبي ٺيڪيدارن جا بنياد لوڏي ڇڏيا آهن. کين پنهنجا مفاد ۽ پنهنجو وجود خطري ۾ محسوس ٿيندي نظر اچي رهيا آهن. اصل حقيقت هيءَ آهي ته بنياد پرست هر شيءِ کان وڌيڪ خيالن ۽ نون نظرين کان ڊڄن ٿا، انهن جي پنهنجي دنيا تي وچئين دؤر جو نظريو ايترو ته حاوي آهي جو اُهي اطلاعن (ڪميونيڪيشن) تي پنهنجي هڪ هٽي قائم ڪرڻ چاهين ٿا ته جيئن تخليقي ۽ اهڙيءَ طرح سندن خيال موجب ”تخريبي“ خيال وڌڻ ويجهڻ نه شروع ٿي پون.

سچُ آ، ڪنهن به بغاوت کان، باغي گيت بُرو آهي،
اونداهيءَ جي راکي جي ڇاتيءَ منجهه ڇُرو آهي.
                                                (اياز)

شيخ اياز اهڙي قسم جي سازشن کي خبردار ڪرڻ واسطي سنڌ جي سپوتن، ڏانهن هڪ امر پيغام موڪليو آهي، هو چوي ٿو:

”سنڌ جا سپوتو! مدي خارج سنڌي دماغ هڪ منظم سازش ڪري، اڄ سنڌي شعور جي ارتقا کي روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. مون پهرين ته اُنهن جي حرڪتن کي ڏسي لنوايو هو ته سنڌوءَ جي ڌارا کي ٻه ڪُميون ڇا روڪينديون! پر اڄ هو هزارين حربا استعمال ڪري رهيا آهن. مڪر، فريب، دروغ گوئي، صحافتي بدديانتي، سياسي ۽ مذهبي اشتعال انگيزي، اقتدار ۽ اختياريءَ اڳيان روئڻ رڙڻ، ليلڙاٽيون ڪرڻ، ليٿڙيون پائڻ ته جيئن حق جو آواز دٻجي وڃي ۽ جيئن سنڌي زبان، ادب ۽ ثقافت جا حمايتي هيسجي وڃن.

”مون کي منصور جي اُنهن چپن جو قسم آهي، جي ڪپجي ويا هئا ته به اناالحق چوندا رهيا هئا ته اوهان جا جوان اديب، هر ڌمڪيءَ ۽ دڙڪي جي باوجود، اوهان جي ادب ۽ زبان جي مشعل بلند رکندا، منهنجي ۽ اوهان جي حقيقت ڪجهه به نه آهي، جيستائين سنڌ نه آهي، سنڌي زبان نه آهي ۽ سنڌيت نه آهي.“

4- تهذيبي، تمدني قدر ۽ مذهب:

محترم محمد موسيٰ  ڀُٽي صاحب جو الزام آهي ته:

”اسان جي نظر ۾ سندس ڪردار جو سڀ کان اهم پهلو جيڪو سنڌ ۽ اهل سنڌ لاءِ نهايت هاڃيڪار آهي، جنهن ڪري سنڌ جا هزارين پڙهيل لکيل نوجوان پنهنجي تهذيب، روايتن ۽ قدرن کان محروم ٿي ويا آهن.... سنڌ ۾ ماده پرستيءَ جي جنهن فڪر جو ٻج هن 60-50 سالن کان وٺي پوکيو آهي ۽ اُن جي آبياري ڪئي آهي، اُن فڪر جي نتيجي ۾ سنڌي سماج کي ڇا مليو؟ ماضيءَ کان بغاوت، مثالي قدرن کان بغاوت، پاڪيزه تهذيب کان بغاوت، سماج ۾ مسلسل انتشار، ڦيٽاڙو، جذبات جو  مظاهرو، مارا ماريءَ جي فضا، سڪون ۽ اطمينان جو خاتمو، وغيره وغيره.“

الزامن جي انهيءَ فهرست کي اسين ٻن حصن ۾ ورهايون ٿا. (1) مثالي قدرن، پاڪيزه تهذيب، آفاقي قدرن وغيره کان بغاوت ۽ (2) سماج ۾ مسلسل انتشار، ڦيٽاڙو، مارا ماريءَ جي فضا، وغيره وغيره. هتي اسين پهرئين حصي جو جائزو وٺون ٿا ۽ ٻئي حصي جو جواب هڪ ٻئي عليحده مضمون ۾ ڏيڻ جي ڪوشش ڪنداسون.

محترم موسيٰ صاحب! اسان کي اول اِهو ٻُڌائڻ جي زحمت ڪرڻ فرمايو ته سنڌ جو ماضي، اُن جا مثالي قدر، پاڪيزه تهذيب ۽ آفاقي قدر توهان جي نظر ۾ ڪهڙا آهن، جن کان سنڌي سماج، سنڌ جي نوجوانن بقول توهان صاحبن جي، اسان جي برغلائڻ تي بغاوت ڪئي آهي.

اسان جي نظر ۾ سنڌ جا تهذيبي، تمدني ۽ آفاقي قدر هي آهن:

سڀني انسانن سان پيار ڪرڻ، سڀني لاءِ خيرُ گهرڻ، سڀني لاءِ هڪجهڙائي، آزادي، هڪ جهڙو انصاف، اُخوت ۽ برابري، روشن خيالي، سَهَپ، مَنش مريادا ۽ شانُ، مهمان نوازي، ڪَهَلَ ڪرڻ، نيڪي، معاف ڪرڻ، راڳ رنگ، موسيقي، ميلا ملاکڙا، سماجي ريتون رسمون، سنؤڻ ساٺ، زندگيءَ جي تانَ تي رقص ڪرڻ، زندگيءَ جي ڊوڙ ۾ شريڪ ٿيڻ، ننگن جي حفاظت ڪرڻ ۽ ڌرتيءَ ماءُ تان گهور وڃڻ، وغيره وغيره.

هڪ جُوءِ، ٻي جوءِ، ڇڏين ڪين جوان،
اهڙا ڀي انسان، جيڪي ننگن تان نثار ٿيا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: