فلسفي جي اڀياس مان اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته انساني شعور جي باک
ڦُٽڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين دنيا ۾ ٻن مختلف پر
مکيه مڪتبه فڪرن وارا ماڻهو موجود رهيا آهن. هڪڙا
عقليت پسند، سائنسي ترقي پسند سوچ رکندڙ ۽ ٻيا غير
عقليت پسند، غير سائنسي، انڌ وشواسي ۽ رجعت پرست
سوچ رکندڙ. تاريخ جي هر دؤر ۾ اهي ٻئي گروهه
فيلسوفاڻن نُقطن تي هڪٻئي سان ڇڪتاڻ واري ڪيفيت ۾
رهندا آيا آهن. فلسفي ۾ انهن مان هڪ ڌُر کي
جڙ-وادي ۽ ٻيءَ کي مايا- وادي (تصوريت پسند) جي
نالن سان سڏيو وڃي ٿو.
تصوريت جي ابتدا ۽ پوري اوسر يا واڌ مذهبن جي هنج ۾ ٿي آهي،
جيڪي چون ٿا ته ”خالص“ روح، ”نج“ آتما، ”پرم“ آتما
يعني خيال، مادي جو ٺاهيندڙ آهي، جڏهن ته اُن جي
اُبتڙ ماديت جو بنياد هيءُ ويساهه آهي ته، ”وجود
(يعني مادو) خيال کي پيدا ڪندڙ آهي.“
اينگلس لکي ٿو: ”مذهب ماڻهوءَ جي تنگ (محدود) خيالن مان ڄائو
آهي.“ اينگلس جي ڳالهه بجا طور تي درست آهي. ماڻهن
جا تنگ خيال ان ڪري هئا جو اُهي جهالت ۽ اڻ
ڄاڻائيءَ جو شڪار هئا. قديم ماڻهن لاءِ اڻ ڄاڻائي
ٻِٽي قسم جي هئي- فطرت کان اڻ ڄاڻائي، پاڻ کان
اڻڄاڻائي.
اول اول ماڻهن کان وڌيڪ سگهارن وجودن کي مڃيندي جيڪي وري به
ڪنهن مادي صورت ۾ تصور ڪيا ٿي ويا، قديم ماڻهو
آهستڙي آهستڙي، پاڻ جهڙن عام ماڻهن جي روحن کان
برتر روحن جي صورت وارن ”خدائن“ جي وجود کي مڃڻ
لڳا ۽ اهڙيءَ ريت خدائن جي هڪ وڏي انبوهه پيدا ڪري
گذرڻ کانپوءِ جن مان هرهڪ جو پنهنجو پنهجو ۽ خاص
ڪارج هو- جيئن پراچين يونان ۾ مڃيو ٿي ويو- ماڻهو
هڪ خدا جي تصور تائين پهتا ۽ پوءِ اڄوڪو يڪ خدائي
مذهب پيدا ٿيو، ايئن اسين ڏسون ٿا ته مذهب جو
مُنڍ، اُن جي اڄوڪي شڪل ۾ به، ماڻهوءَ جي اڻ
ڄاڻائي ئي آهي- اڻڄاڻائي فطرت کان ۽ اڻڄاڻائي
پنهنجي پاڻ کان.
ماديت اُن جي اُبتڙ، اڻ ڄاڻائيءَ جي اُنهن حدن کي هٽائي، پري
ڪرڻ جي ڪوششن جو نتيجو آهي. اُهي طاقتون جن تصوري
خيال پئي رکيا آهن، اُنهن سماج جي تاريخ ۾ سدائين
اڻ-ڄاڻائي ۽ جهالت کي پئي پاليو ۽ تاتيو آهي.
اوائلي يونانين جو سڄو شعور ديو- وارتائي هو. مثال
ڪهڪشان (جنهن کي اسين اڄ به ”آڪاس ندي“ يا اُن مان
تري ويندڙ ”نوح نبيءَ جي ٻيڙيءَ جو ليڪو“ چئون ٿا،
اُن لاءِ هنن جي ڄاڻ هئي ته اُهو سندن سورج ديوتا،
اپالو جي پٽ زيئس جي ساهيڙي، هيرا ديويءَ جي ٿڻن
مان اُڌمجي وهيل ٿڃ جو پٽو هو (جنهن تان ئي شايد
انگريزيءَ ۾ اُن جو عام نالو اڃان تائين به (دي
ملڪي وي) ”کير جو پٽو“ هليو اچي ٿو). نيٺ جڏهن
ڊيموڪريٽس (ق م 370-460) کين ٻڌايو ته اهو ته رڳو
تارن جو هڪ اننت ميڙ هو ته ماڻهن وٺي گوڙ ڪيو ته،
”اهو ائين چوڻ ته ڪفر آهي!“۽ اُنهن جي هڪ ئي
فيلسوف، انڪسا گورس (ق م 428-500)، جڏهن سج لاءِ
کين چيو ته اُهو سندن ”خالق ۽ مالڪ“ ”اُپالو“
ديوتا نه پر باهه ۾ ويڙهيل پٿر جي اننت ڇپ هو ته
ماڻهو هن تي مڇرجي پيا ۽ کيس طرحين طرحين عذاب
ڏنائون، چي، ”ماڻهوءَ جي ڳالهه ”خدا“ جي ڳالهه کان
مٿي ڪيئن ٿي!“
”ماضيءَ جي مُرسل“ جنهن کي اسين تاريخ چئون ٿا، سا شاهدي ڏئي
ٿي، ته اڄ کان اڍائي هزار ورهيه کن اڳ يونان جي
شهر اٿينس ۾ تنهن زماني جو هڪ ڏاهو ۽ گامون سچار
رهندو هو. سندس نالو سُقراط چون ٿا. هي حق گو
انسان پنهنجي هڪ ننڍڙي ۽ محدود ماحول ۾ لامحدود
ڪائنات متعلق سچ جا ٻول ۽ احترام آدميت جي صداقت
جي آذان، عوام ۽ خاص ڪري نئين ٽهيءَ جي ڳڀرو
نوجوانن ۾ بلند ڪندو رهندو هو. جيڪا ڳالهه تنهن
دؤر جي رائج انا پرست شريعتن جي تعليم جي بنهه
اُبتڙ هئي، بس پوءِ ڏاڍ، ڏمر ۽ قهر جا نيش ۽ ننهن،
سچ جي چم ۽ ماس کي چيرڻ ۽ ڦاڙڻ لاءِ تکا ۽ تيز ڪيا
ويا. سقراط ته زهر جو پيالو پي، جند ۽ جان فدا ڪري
ويو، پر هو آزاديءَ جي اظهار ۽ سچ جي اُڏام کي
تاريخ ۾ هڪ امر مقام عطا ڪري ويو.
هيءَ ڪشمڪش، جيڪا انسان ذات جي تاريخ ۾ سدا جاري رهي، هڪ اهڙي
ڪشمڪش جيڪا اڄ اسان جي پنهنجي دؤر ۾ به اهڙي ئي
زوردار نموني هلندي ٿي رهي، جهڙي روزِ اول کان
هئي، سا حقيقت ۾ اڻ ڄاڻائيءَ ۽ ڄاڻ، عقليت ۽ غير
عقليت، علم ۽ جهالت، انڌ-وشواسي عقيدن ۽ سائنس جي
وچ ۾ ڪشمڪش آهي. هيءَ ڇڪتاڻ هيءَ جنگ آهي ٻن لاڙن
جي وچ ۾، جن مان هڪ انسان ذات کي اوندهه ڏانهن نئي
ٿو ۽ اوندهه ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، ۽ ٻيو، اُن جي
اُبتڙ، اوندهه جي جاءِ تي روشنيءَ جي فتح گهُري
ٿو، ۽ اُن وسيلي اُهو ماڻهوءَ جي آزاديءَ جو
خواهان آهي، ۽ اُن لاءِ ڪوشش ڪري ٿو.
مذهب ازل کان وٺي ماڻهن کي عملي زندگيءَ جي ڪشالن کان فراريت،
انسان کي درپيش حقيقي سماجي مسئلن جي حل ڳولڻ کان
بيزاري، دنيا کان لاتعلقيءَ جو درس ڏيندو آهي-
”انسان جون سڀئي خواهشون فضول آهن، بيڪار آهن.
انسان ڪڏهن به خوش نٿو ٿي سگهي، اقتدار، خوشي،
دولت، دنيوي سک، وغيره، هن دنيا ۾ ڪڏهن به حاصل
نٿا ڪري سگهجن، ڇاڪاڻ ته اُنهن جو ڪو وجود ئي
ڪونهي.... ڪاميابيءَ پٺيان ڊوڙڻ، دولت جي آرزو ڪرڻ
جي ڪابه ضرورت ڪانهي. اهم شيءِ اها آهي ته زندگيءَ
۾ جيڪي ڪجهه حاصل آهي، تنهن تي شُڪر ڪرڻ
گهرجي“.... وغيره وغيره.
تصوريت (مايا-واد) جيڪا پنهنجي جوهر ۾ ”مذهب“، ”دين“،
”الاهيات“، آهي، تنهن جي بنيادي تعليم جا مکيه ۽
خاص نُقطا هي آهن:
·
مادي دنيا روحاني دنيا تي آڌاري آهي.
·
روح يا ذهن. تصور (خيال) مادي کان الڳ وجود رکي
سگهي ٿو ۽ رکي ٿو، (جيئن اها دعويٰ ته مادو بلڪل
موجود ڪونهي. اُهو نيارُ ”مايا“- نظر جو دوکو آهي)
·
غيب ۽ اَڪلُ (ڄاڻ ۾ نه ايندڙ) جي دنيا موجود آهي-
جيڪا اُن سڀ ڪجهه کان به ”مٿي“ ”پرانهين“ يا اُن
جي پٺيان آهي، جيڪو سوجهيءَ، تجربي ۽ علم (سائنس)
وسيلي ڄاڻي سگهجي ٿو.
ماديت (جڙ- واد) جي بنيادي تعليم تصوريت (مذهب) جي
انهن ٽنهي دعوائن جي عين مقابل هن ريت بيٺل آهي.
·
دنيا پنهنجي سڄيءَ فطرت ۾ مادو آهي ۽ هر شيءِ جيڪا
موجود آهي، مادي سببن جي ڪري ئي وجود ۾ اچي ٿي ۽
مادي جي تحرڪ جي قانونن مطابق اُسري ٿي ۽ وڌي ٿي.
·
مادو ذهن کان ٻاهرتو ، آزاد ۽ معروضي حقيقت آهي، ۽
بجاءِ اُن جي ته ڪا شيءِ مادي وجود کان جدا هجي،
هر ذهني يا روحاني شيءِ مادي سلسلي عمل جي ئي اُپت
يا پيداوار آهي.
·
دنيا ۽ اُن جا قانون پوريءَ طرح ڄاڻي سگهڻ جهڙا
آهن ۽ توڻي جو وقت جي هڪ نه ٻئي مرحلي تي گهڻو
اَڄاتل ئي رهي، پر ڪابه اهڙي شيءِ ڪانهي، جيڪا
پنهنجي فطرت ۾ اَڪلُ (ڄاڻ ۾ اچڻ کان ٻاهر) هجي.
اسين ٻنهي فلسفن جو تَتُ پيش ڪرڻ کانپوءِ هاڻي اُن ڳالهه جي
جائزي وٺڻ جي ڪوشش ڪنداسون ته هڪ ماڻهوءَ جي عام
سماجي زندگيءَ تي اهي فلسفا ڪهڙيءَ ريت اثرانداز
ٿين ٿا. انهن جو سماجي ڪارج ڪهڙو آهي؟ عام ماڻهو
انهن مان ڪنهن کان وڌيڪ متاثر ٿئي ٿو؟ اچو ته انهن
ڳالهين واسطي عام رواجي روز مرهه جي سماجي زندگيءَ
تي هڪ نظر وجهي ڏسون. اسين هتي سماجي زندگيءَ سان
لاڳاپيل هڪ سوال پيش ڪريون ٿا ۽ پوءِ اُن جي حل
لاءِ ٻنهي مڪتبهءِ فڪر سان رجوع ڪريون ٿا. ڏسڻو
اهو آهي ته اُهي مسئلي کي ڪهڙيءَ ريت حل ڪرڻ جي
ڪوشش ڪن ٿا.
سوال آهي: ”ماڻهو شاهوڪار ۽ غريب ڇو آهن؟“ هي هڪ اهڙو سوال
آهي، جيڪو تمام گهڻا ماڻهو، خاص ڪري غريب ماڻهو
اڪثر پڇندا رهندا آهن، يا عام گڏجاڻين، نجي ڪچهرين
۽ محفلن ۾ ڪندا رهندا آهن.
هڪ مايا- واد مذهبي ماڻهو ان جو سڌو سنئون جواب ڏيندو ته ائين
انهيءَ ڪري آهي جو خدا انهن کي ائين بڻايو آهي.
اها خدا جي مرضي آهي ته ڪي ماڻهو شاهوڪار هجن ۽
ٻيا غريب هجن- ٻين لفظن ۾ هيئن کڻي چئجي ته خدا
جنهن کي وڻي، تنهن کي ڌَن، دولت ڏئي يا غربت ۽
بُک، يا وري هيءُ به چيو ويندو آهي ته، ”سندس نصيب
۾ ائين ئي لکيل آهي!“
هڪ جڙ- واديءَ جو مؤقف هوندو ته ان حالت- غريبي يا شاهوڪاريءَ
-جي سببن جي ڳولا ڪجي، سماجي زندگيءَ جي مادي ۽
اقتصادي حالتن ۾ اُن جا ڪارڻ ڳولجن. هو چوي ٿو:
جيڪڏهن سماج شاهوڪارن ۽ غريبن ۾ ورهايل آهي، ته
اُهو اِن ڪري، جو زندگيءَ جي مادي ذريعن جي
پيداوار يا اُپت اهڙيءَ طرح انتظاميل آهي، جو ڪن
وٽ زمين جي اُپت ۽ اُپت جي ٻين ذريعن جي ملڪيت آهي
۽ باقي ٻين کي اُنهن ملڪيتدارن لاءِ ڪم ۾ ڳهڻو پوي
ٿو (جيڪي پاڻ اُن ملڪيت سبب پنهنجي لاءِ به ڪونه
ٿا ڳهن!) ڪيترو به سخت ڪم هو ڪن ۽ ڪيترو به ڪوئن ۽
ڪسوئن ۽ بچائين، پر اُهي غير ملڪيتدار ماڻهو غريب
ئي رهندا ۽ ملڪيتدار ماڻهو اُنهن جي پورهئي جي
ميوي تي وڌ کان وڌ شاهوڪار ٿيندا ويندا.
جيڪڏهن اسين شاهوڪاريءَ ۽ غربت جي حقيقتن لاءِ تصوراتي (مذهبي)
سمجهاڻي قبوليون ٿا، ته اُن لاءِ اسين فقط اهو ئي
ڪري سگهون ٿا ته موجوده صورتحال کي تسليم ڪريون ۽
خاص طرح پنهنجي بهتر حالت يا درجي تي خوش ٿيون، ۽
ٿورو ڪجهه صدقي، خيرات ۽ زڪوات جي صورت ۾ ڪڍي ٻين
ڪن کي ڏيون ۽ وڌيڪ خوش ٿيون ۽ جيڪڏهن غريب آهيون
ته پنهنجي ڀاڳ کان ڀانيون يا اُن کي ويهي پِٽيون ۽
گهٽ وڌ ڳالهايون، پر سماج جي جڙ- واد سمجهاڻيءَ جي
روشنيءَ ۾ اسين سماج کي تبديل ڪرڻ واري رستي جي
ڳولا ڪري سگهون ٿا ۽ اُهو اسين دريافت به ڪري
سگهون ٿا.
معلوم ٿيو ته ماديت پسند (جڙ- واد) فلسفو عقليت تي ٻڌل، مظلومن
کي نجات ڏياريندڙ ۽ انسان دوست فلسفو آهي، ان جي
اُبتڙ تصوريت پسند (مايا واد) فلسفو يعني مذهبي
فلسفو عوام ورڌُ، سرمايه دوست نظام جو حامي ۽
رجعتي پروپئگنڊا جو مددگار آهي. اهو فلسفو سڀ قسم
جي دقيانوسي سوچ، ڀرم ۽ انڌ- وشواسيءَ کي فائدو
ڏئي ٿو، اسان کي پنهنجيءَ پر ۾ سوچڻ کان ۽ اخلاقي
۽ سماجي مسئلن ڏانهن عقليت پسند ۽ سائنسي رُخ
اختيار ڪرڻ کان روڪي ٿو. اُهي (مايا- وادي) اسان
کي ٻڌائين ٿا ته، ”اسان کان پنهنجا انساني مسئلا
سواءِ اندر جي اُٻڙڪي/ ڪنهن اُڀار جي، سواءِ ڪنهن
”روحاني آبياري“ جي، ڪڏهن به حل ٿي نه سگهندا. پيٽ
ڀريل ماڻهن جي ڳالهين ۽ تقريرن جو هي ڪُل وقتي دل
پسند موضوع هوندو آهي، پر ڪيترائي هٿ پورهيت -کيتن
۾، ڪارخانن ۾، آفيسن ۽ رستن تي ڪم ڪندڙ- به اهڙن
ٿڌن، مٺن ۽ ننڊاکيندڙ لفظن ۾ ڦاسي پون ٿا. خدائي
ڏاهپ جا ترجمان اسان کي پنهنجين حالتن کي بهتر
بڻائڻ واسطي جدوجهد ڪرڻ لاءِ نه پر پنهنجي اندر
کي، روح کي، آتما کي سڌارڻ ۽ اُجارڻ لاءِ چوندا
آهن. اُهي ڪڏهن به اسان کي ائين نه چوندا آهن ته
مادي ۽ اخلاقي طور پاڻ کي بهتر بنائڻ لاءِ اسان
کي پنهنجي دنيا ۾ هلندڙ امن لاءِ سوشلزم لاءِ
جدوجهد ۾ شامل ٿي وڃڻ گهرجي.
فلسفي جي سڄيءَ تاريخ ۾ اسين تصوريت ۽ ماديت جي وچ ۾ لڳاتار،
اهڙين نظرياتي ڇڪتاڻ، نظرين جو ٽڪراءُ، ڪشمڪش ۽
مقابلو، هلندي ڏسون ٿا،. ماديت جو سڄو ڪارج ۽
پورو اُمنگ سدائين انساني مسئلن جي عقلي ۽ سائنسي
حل ۽ اُن لاءِ جاکوڙ ۾ سمايل آهي.
ماديت پسندي جيئن ته عقل، سائنس ۽ عقل سليم تي ڀروسو ڪري ٿي،
تنهنڪري اُنهيءَ ۾ هميشه تشڪيڪ پسندي (معروضي
حقيقت جي استدراڪ جي امڪان تي شڪ ڪندڙ نظريو)، شڪ
جو هڪ صحتمند حصو شامل هو. ڪنهن به شيءِ کي عقيدي
طور قبول نه ڪرڻ، هر شيءِ تائين پاڻ پهچڻ، هر شيءِ
جي جاچ ڪرڻ، هر شيءِ کي آزمائڻ- اُهي ماديت پسند
زمانه شناسيءَ جون خاصيتون آهن.
ماديت پسند فلسفين شروع کان وٺي، هن ڪائنات ۽ اُن جي اسرارن کي
سمجهڻَ، انساني مادي مسئلن جي قبول جوڳي حل ڳولڻ
واسطي انهن خاصيتن ۽ سائنسي اُصولن کان ڪم ورتو،
جنهنڪري اُهي ڏاڪي به ڏاڪي ترقيءَ جون منزلون طئي
ڪندا ويا ۽ ڪائناتي اسرارن تان پردو کڻندا ويا. ان
ريت قدرتي سائنس جي مطالعي ( ۽ ان ۾ ترقيءَ) ۽
ڪاميابين ٽن عظيم ايجادن يا کوجنائن کي جنم ڏنو.
·
جيو گهرڙي جي دريافت ۽ کوجنا: اهو تسليم ڪيو ويو
ته سڀ جانور ۽ ٻوٽا مختلف قسمن جي جيو گهرڙن مان
ٺهيل آهن.
·
توانائيءَ جو پاڻ محفوظ رکڻ ۽ منتقل ٿيڻ واري
خوبيءَ جي دريافت.
·
چارلس ڊارون پاران ٻوٽن ۽ ساهوارن جي جنسن جي
اصليت بابت ارتقائي نظريو.
انهن ٽن عظيم کوجنائن، هڪ نئين رستي سان قدرت جي
تجزئي ۽ اڀياس جي راهه ڏيکاري، انهن کوجنائن ثابت
ڪري ڏيکاريو ته قدرت جامد يا هڪ هنڌ بيٺل نه آهي.
ننڍي کان ننڍي ذرڙي کان وٺي گرهن ۽ ستارن تائين،
واريءَ جي ڪڻي کان سج تائين، هڪ ننڍڙي جيو گهرڙي
کان ماڻهوءَ تائين هر شيءِ لڳاتار چرپر ۽ تبديليءَ
جي عمل ۾ آهي. انهن ٽنهي کوجنائن مابعد الطبعياتي
سوچ رکندڙن جي تنگ نظريءَ وارن طريقن کي ڀڃي ڀورا
ڀورا ڪري وڌو. |