اهو ته ڊاڪٽر نارمن اي بورلاگ نالي هڪ آمريڪي سائنسدان هو، جنهن
تمام وڏي جدوجهد ۽ جفاڪشيءَ کانپوءِ سن 1963ع ۾
مڪئي ڪڻڪ جي هڪ هٿرادو جنس تيار ڪري ورتي، جيڪا
پوءِ سڄيءَ دنيا ۾ سائي انقلاب جو ڪارڻ بڻي. ڊاڪٽر
بورلاگ کي سندس اُنهيءَ شاندار ڪارنامي جي مڃتا
طور سن 1970ع ۾ امن جو ”نوبل انعام“ پڻ ڏنو ويو
هو. بهرحال، سماجياتي ۽ سياسي علمن جي ماهرن جي
راءِ آهي ته پهرين مهاڀاري لڙائيءَ جي لڳڻ ۾ کوڙ
سارن سياسي ۽ اقتصادي سببن سان گڏ هڪ ڪارڻ اُن
پادريءَ جي اُها صلاح به هئي، جيڪا هن برطانوي
تاجدارن کي ڏني هئي.
اهي ته بهرحال تمام وڏا ۽ ڳنڀير مسئلا آهن، ظاهر آهي ته ديندار
حضرات اُنهن کي حل ڪرڻ ۾ پنهنجي شاندار ۽ بي مثال
ذهني صلاحيتن جو مظاهرو ڪندا رهندا، جيئن اُهي
ماضيءَ ۾ به ڪندا رهيا آهن. اسين هتي روز مرهه جي
زندگيءَ مان هڪ سادو مثال پيش ڪريون ٿا. اخبارن ۾
هڪ خبر ڇپي آهي ته ”خانواهڻ“ ۾ هڪ مدرسي جي مُلي
شبير احمد، نَوَ سالن جي هڪ معصوم کُٿابي شهمير
چَنَ کي ديني سبق پڪو ڪري نه ٻڌائڻ جي سزا ڏيڻ
واسطي سندس نازڪ عضوي کي پڪڙ سان ڦاسائي ايذاءَ
ڏنا. اُهو معصوم ٻار بيهوش ٿي ڪري پيو، کيس اسپتال
۾ داخل ڪرايو ويو . اعليٰ حضرت مولانا صاحب!
جيڪڏهن اهڙا عالم دين حضرات اعليٰ منصبن تي
براجمان ٿيا ته پوءِ فيصلا به اهڙا ئي ڪندا!
محترم جي ايم سيد پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ لکيو هو: ”..... اهو نه
وساريو ته اسلامي سماج ۾ مذهبي اڳواڻ هڪ ڄٽ مُلان
هوندو آهي ۽ روحاني اڳواڻي به پيرن وٽ هوندي آهي.
ساڳيءَ طرح سياسي رهنما اقتدار جي نشي ۾ چُور هڪ
جاگيردار هوندو آهي.... اسلام خطري ۾ آهي، جو نعرو
رڳو سندن ڪُڌن ڪرتوتن ۽ رجعت پسند ڪمن، بدڪرداريءَ
۽ ظلم تي پردي وجهڻ لاءِ آهي.“
جيستائين جديد نظرين ۽ جديد فڪر جو تعلق آهي ۽ جيڪڏهن اُهي غلط
آهن يا موسيٰ ڀُٽي صاحب کي اها ڳالهه نٿي وڻي ته
ماڻهو اُنهن کي مڃين، اسين اهو مؤقف رکون ٿا ته
جيڪڏهن عالم سڳورا انهن کي غلط سمجهن ٿا ته پوءِ
دليلن ۽ عقلي بنيادن تي اُنهن کي رد ڪري ڏيکارين.
”مان نه مڃان“ واري ڪار هتي نه هلندي، دليل ۽ منطق
سان ميدان ۾ اچو، اسين اوهان کي ڀليڪار چونداسين.
”ارتقا“ جي نظريي، جدلياتي ماديت جي نظريي کي رد
ڪري ڏيکاريو، اوهين گليلو ۽ ڪوپرنيڪس جي انهيءَ
نظريي کي رد ڪري ڏيکاريو ته ڌرتي سج جي چوڌاري ڦري
ٿي، ٻيا به کوڙ سارا قانون ۽ نظريا آهن، ڪيترن جو
ذڪر ڪريون، پر جيڪڏهن ايئن نٿا ڪري سگهو ته پوءِ
خدا جي واسطي دنيوي معاملن ۾ اجائي ٽنگ نه اڙايو.
اِهي ڪم انهن تي ڇڏي ڏيو، جن کي سونهن ٿا، اوهين
پنهنجي ديني فريضي ۽ عبادت سان سچا رهو. ڇا، اوهين
ان ڳالهه کي رد ڪري سگهندؤ ته هزارين سالن جي
حڪمرانيءَ ۽ پنهنجي سڀني پِٽ پاراتن ۽ دمن دلاسن،
دڙڪن، داٻن ۽ تبليغن جي باوجود به مذهبَ رستي تان
برائيءَ کي ختم ڪرائي نه سگهيا آهن، بلڪه اُن مقصد
۾ اُهي بنهه ناڪام رهيا آهن.
گبرئيل پيري جيڪو مارڪسزم ليننزم نظريي جو حامي هو، تنهن پنهنجي
حياتيءَ جي پوين گهڙين ۾ هڪ خط لکيو هو، جنهن جو
متن هيٺينءَ ريت هو: ”بنديخاني جي پادريءَ مون کي
ٻڌايو آهي ته ڪجهه گهڙين کان پوءِ مون کي منهنجي
ساٿين جي عيوضي ۾ گولي هڻي ماريو ويندو.....
”منهنجي دوستن کي خبر هجي ته آئون سڄي پنهنجيءَ زندگيءَ جي آدرش
سان وفادار رهيو آهيان، منهنجي ديس واسين کي خبر
هجي ته آئون مران ٿو ته انهيءَ لاءِ ته فرانس
جيئي.
”مون آخري ڀيرو پنهنجي ضمير جي چڪاس ورتي
آهي، مون کي ڪوبه افسوس ڪونهي، آئون چاهيان ٿو ته
اُها منهنجي ڳالهه هر ڪنهن کي ٻُڌائي وڃي، جيڪڏهن
منهنجي زندگي مون کي ٻيهر ملي، ته آئون هوند هيءَ
ساڳي راهه وٺي جيئان..... اڄ آئون پنهنجي موت کي
هن دليريءَ سان ملڻ لاءِ اڳتي وڌان ٿو.“
ارڏي ۽ اڏول انسان جو ڪردار تلوار جي تيز چهنب تي نچندي نظر
ايندو آهي، هرڪو پنهنجي صليب ڪُلهي تي کنيو پيو
هلي، جيڪو قول ۽ عمل هنن کي پنهنجي تقدير جي واٽ
تان هٽائڻ چاهي ٿو، اُن کي هو ڪبيري گُناهه برابر
سمجهن ٿا.....
جنهن وقت اسان جي تَندُ تپي، ۽ ساز ٽَپي آواز جهَپي،
تنهن وقت ڀلي ڪو ڪنڌُ ڪپي، جو آيو ڳايو آ پيارا !
(اياز)
عظيم شخصَ پنهنجي سماج ۾ نئين انسان طور
اُڀرندا آهن ۽ اُن ۾ نئين انسان جي پيدا ڪرڻ جا
داعي هوندا آهن ۽ ائين ان ۾ نئون ساهه ۽ تازگي آڻڻ
چاهيندا آهن، هو ذاتي مفاد کي ڇڏي عام مفاد لاءِ
لُڇندا آهن، پاڻ کان هٽي، ٻين لاءِ جيئندا آهن،
سڄي سماج لاءِ وسيع ۽ عام خلق جي نئين زندگيءَ
لاءِ. هو سڄي پنهنجي عمر، سڄو پنهنجو وقت ۽ سڄو
پنهنجو فڪر پوريءَ طرح انهيءَ پنهنجي هڪ، سڀ لاءِ
سُک ۽ ساءَ ڀريءَ، نئينءَ دنيا جي تعمير لاءِ
ڳهندا ۽ ڳرندا آهن. اها ئي پاڻ کان لاپرواهي ۽ ٻين
جي اونَ ۽ اها ئي سندن هڪ مقصد جي لگن ۽ اُن لاءِ
سندن تانگهه ۽ ڪوشش ۽ اُن کي پهچڻ لاءِ سندن غير
رواجي حوصلو ۽ همت- اهي ئي اُنهن جي عظمت جون
نشانيون هونديون آهن.
زندگيءَ سان سر سيتائي- سنڌ جي حوالي سان
اجتماعيت ۾ جيڪا زندگي آهي، اُن سان ڪمٽمينٽ ته
اُن ۾ پورهيت جو لوڪ راڄ هجي، جنهن ۾ اُن جا لازمي
توسيعي قدر، آزادي، اُخوت ۽ مساوات عمل ۾ هجن، سنڌ
ڌرتيءَ تي اهڙي بهشت جي قائم ڪرڻ لاءِ روشن
خياليءَ، احتجاج ۽ جدوجهد وسيلي، پورهيتن جو
جمهوري انقلاب آڻجي، سنڌ ۽ سنڌي سماج کي اها فوري
ضرورت آهي. اُن جي گهُر آهي، تقاضا آهي.
نئون نياپو آئيو، راڻي ملا رات،
لڌي سون لطيف چئي، ڪَنا ڏاتر ڏات،
ڪونه پڇي ٿو ذات، جي آيا سي اَگهيا.
(شاهه)
جنهن گهڙيءَ نئين انسان ۾ هڪ نئين سماج اَڏڻ، ماڻهپي ۽ مريادا،
شرڌا ۽ پريم واري سماج اَڏڻ جو اُمنگ پيدا ٿيندو
آهي، تنهن گهڙيءَ انسان پنهنجو پاڻ کي هڪ نئين
روپ، هڪ نئين رنگ ڍنگ ۾ ڏسڻ لڳندو آهي. سموري
ڪائنات هُن جي آڏو نئين سر جُڙندي ۽ راس ٿيندي
آهي، جنهن ۾ ڪيترائي ڪردار ۽ ڪيترائي ڪارناما
هوندا آهن، جيڪي اُن هيڻي ۽ ذهني غلام انسان جي
هٿان سرانجام ٿيڻ جا منتظر هوندا آهن. پوءِ هُو
پنهنجي ذهن تان آهستي آهستي، گهڙيءَ گهڙيءَ ذهني
غلاظتن جا غلاف لاهڻ شروع ڪندو آهي، پنهنجيءَ ذلت
نفس، احساس ڪمتريءَ، بيوسيءَ، ڪم طاقتيءَ ۽ ڏاڍي
جي بالادستيءَ ۽ خود فريبيءَ واريون جيڪي پوشاڪون
سندس هيڻي ذهن ۽ جسم تي پيل هونديون آهن، تن کي هو
لاهڻ ۽ اُڇلائڻ شروع ڪندو آهي.
اسان سنڌ ۾ نئين انسان جو جيڪو تصور قائم ڪيو آهي، تنهن جا ماخذ
شاهه، سچل ۽ سامي آهن، هُنن سنڌي سماج جي آڏو نئين
انسانَ جو تصور پيش ڪيو. هنن سنڌي سماج کي نئين
اجتماعي وحدت جي شعور کان واقف ڪيو ۽ ان لاءِ کين
عملي راهه ڏيکاري، قومي تهذيب ۽ قومي سياست جي
راهه، مشترڪه مفاد ۽ باهمي قربانيءَ جي راهه، هُنن
سنڌ ۽ سنڌي سماج جي آزاد، باوقار، بامقصد ۽ خوشحال
وجود جو تصور ڏنو ۽ اُن تصور جي تڪميل جو رستو به
ڏَسيو، ٻيائيءَ، ويڇي کي مِٽائڻ جو، پنهنجن کي
پنهنجو ڪرڻ جو، ٻڌيءَ ۽ ايڪتا جو، سچ جو، سچي
ماڻهپي جو، ماڻهوءَ جي مريادا ۽ مانُ جو، ماڻهوءَ
جي شيوا ۽ پريم جو، انساني تهذيب ۾ پنهنجي حصي جي
فرض ادا ڪرڻ جو، عالمي امن، اتحاد ۽ ترقيءَ جي
جدوجهد ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ جو رستو.
اسان کي محمد موسيٰ ڀُٽي کان ڪابه شڪايت ڪانهي. سنڌيءَ ۾ هڪ
چوڻي آهي: ”رڍن اڳيان رَباب وڄائيندي ورهيه ٿيا،
نڪي ريڌيون راڳ تي، نَڪو ڏنئون جواب.“ شيخ اياز جو
شعر آ:
هيرا ته ڏسو، ڪنڪر نه هڻو، ايندو نه وري
هي وڻجارو،
ڪجهه ڏات ڏسو، پوءِ بات ڪيو، هي شورُ اجايو آ
پيارا!
اسين وري به سُچيتائيءَ واري ورتاءُ واري سوچ جو مظاهرو ڪريون
ٿا، ڇو ته مذهبي ڪٺورتا، تعصب ۽ فرقيواريت جي
مقابلي ڪرڻ لاءِ اهو ئي هڪ رستو باقي بچيو آهي.
اسان جي ديس جهڙن اُسرندڙ ملڪن جي بدنصيبي اها آهي
ته مُٺ جيترا جُنوني ماڻهو مذهب جي لبادي ۾ کُلئي
عام نفرت ۽ تشدد ڀڙڪائيندا رهن ٿا. اسان جي ديس جي
سُڄاڻ ۽ ساڃاهه وند ماڻهن، مائٽن، استادن ۽ بزرگن
۽ پڻ نئين نسل کي پنهنجي چؤطرف وڪوڙيل اهڙن فتني
باز ماڻهن تي ڪڙي نظر رکڻ کپي ۽ اها سوچ هجڻ گهرجي
ته اسين ڪهڙي قسم جي ماڻهن جي چُنگل ۾ ڦاٿل آهيون،
ڪهڙا ماڻهو پالي رهيا آهيون.
اسان کي اهڙن ماڻهن کي همٿائڻو ۽ اُڀارڻو آهي، جيڪي سڀني سان
پيار ڪري سگهن، جيڪي سڀني جي سُک واسطي پاڻ دُک
جهيلي سگهن، جيڪي سرجڻهار ٿي سگهن ۽ جيڪي ڏُک سُور
ونڊي سگهن ۽ اُهي جيڪي زندگيءَ جي هڪ رچنا تمڪ ۽
نياءَ ڀرئي جوڙجڪ لاءِ وڙهي سگهن. اسان کي اُنهن
ماڻهن مان پنهنجي جند آجي ڪرائڻي آهي، جيڪي
روحانيت جا دعويدار ته آهن، پر سندن دل خالي ۽ ذهن
سُڃا آهن ۽ آپي ۽ اڀمان ڀريل آهن ۽ متل مانگر مَڇن
وانگر ٿونهيندا ۽ هر شيءِ کي ڳڙڪائيندا وتن ٿا، ۽
پاڻ کي ماڻهن کان برتر سمجهن ٿا ۽ سڏائين ٿا. اسان
کي اُهي ماڻهو پالڻا ۽ تاتي وڏا ڪرڻا آهن، جيڪي
ماڻهن جي ڀلائيءَ خاطر اُنهن منڪرن کي انهن
ابليسن، قارونن ۽ فرعونن کي اُٿي مُنهن ڏين ۽
اُنهن جي سڄي مانڊاڻ کي ڊاهي پٽ ڪري سگهن. اسين
محترم محمد موسيٰ ڀُٽي صاحب جي خدمت ۾ شيخ اياز جو
هيءُ شعر عرض ڪنداسون:
جنهن جو سڀ پرڪارُ ٻنڌن ڇوڙي مڪت ٿئي
اهڙي پُوجيه پُرش جو ڳهلا، ڳول دُوارُ!
آهي پار، اپارُ، سارو اُن جي سُوجهه ۾.
اسين آخر ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌي عوام، ساڃاهه وند، علم دوست ۽ سنڌ
دوست ڌُرين جي خدمت ۾ پنهنجي هيءَ وينتي
ورجائينداسين ته هيءُ فيصلو کين ئي ڪرڻو آهي ته
سنڌي سماج جو مجرم ڪير آهي؟ سنڌ لاءِ هاڃيڪار ڪير
آهي؟ اسان جي دانهن سنڌي عوام جي عدالت ۾ آهي.
|