هاڻي اچو ته منصف جي فتوائن جو تسلسل ڳوليون ته سندس پيرا ڪٿي
بيهن ٿا. اسين تاريخ جي دنيا ۾ اندر جهاتي پائي،
اُن کان ڪجهه مدد وٺڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا.
ڪيتريون ئي صديون اڳ، هڪ مجرم کي اٿينس جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو
هو، سندس نالو ”سقراط“ هو. مٿس الزام لڳايا ويا
هئا ته، ”هُو نوجوانن کي بگاڙي ٿو. هُو اُنهن
ديوتائن تي ايمان نٿو آڻي، جن کي شهر وارا مڃين
ٿا. هُن پنهنجا نوان نظريا ٺاهيا آهن ۽ اُنهن جو
پرچار ڪري ٿو، تنهنڪري سماج ۾ ڦيٽاڙو پيدا ٿِي
پيو.“..... وغيره وغيره.
عدالت سڳوريءَ کيس زهر جو پيالو پيارڻ جي
سزا ڏني، جيڪا اُن وقت جي سڀ کان وڏي سزا هئي. هُو
کلندي کلندي زهر جو جام پي ويو ۽ موت کي مات ڏيئي
هميشه هميشه لاءِ امر ٿي ويو. اڄ سقراط سچائيءَ جي
علمبردار طور ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو.
هڪ ٻيءَ ديني عدالت ۾ ”گليلو“ نالي هڪ مجرم کي پيش ڪيو ويو. مٿس
الزام هو ته، ”هو جديد نظرين جو پرچارڪ آهي.“
دراصل گليلو اعلان ڪيو هو ته، ”ڌرتي سج جي چوڌاري
ڦري ٿي.“ اها نئين ڄاڻ هئي ۽ بائيبل ۽ ارسطوءَ جي
تعليم جي برخلاف هئي. مذهبي عالمن ان ڳالهه تي
ويچار ڪيو ته جيڪڏهن ڌرتي ڦري ٿي ته ان جو مطلب
اهو ٿيو ته اُها ڪائنات جو مرڪز نه هئي، پر گليلو
موجب ڪائنات ۾ فقط هڪ نقطو هُئي! گليلو جي انهيءَ
کوجنا جي جواب ۾ هڪ مذهبي عدالت ويهاري وئي، عدالت
گليلو کي سزا طور چيچلائي مجبور ڪيو ته هُن جيڪي
ڪجهه چيو ٿي، تنهن تان هٿ کڻي وڃي. ان تي گليلو
چيو: ”هاڻ منهنجي ايئن چوڻ يا نه چوڻ سان ڪوبه فرق
نه پوندو. آئون هاڻ جيڪڏهن ايئن چوان به کڻي ته
ڌرتي سج جي چوڌاري ڪانه ٿي ڦري، تڏهن به اُها اُن
جي چوڌاري ڦرندي ئي رهندي.“ گليلو جي انهيءَ عقلي
دليل جي باوجود به مذهبي آقائيت ”مان نه مڃان“
واريءَ روش تان نه مُڙي.
ڪجهه صديون بعد جو قصو آهي، منصور حلاج اناالحق جو نعرو هنيو.
مذهبي پيشوائيت، دين کي خطري ۾ محسوس ڪندي، اُن کي
بچائڻ لاءِ حرڪت ۾ اچي ويئي. منصور کي مُلن جي هڪ
جماعت آڏو پيش ڪيو ويو. تنهن جماعت منصور کي ڪُفر
جي اُنهن گفتن چوڻ تي سُوليءَ تي لٽڪائڻ جي سزا جو
حڪم ڏنو. جڏهن کيس سوليءَ ڏانهن نيو پئي ويو تڏهن
سُوليءَ وٽ موجود سندس مُريدن مان ڪن عرض ڪيو:
”اسان جن ۽ پنهنجن دشمنن جي حق ۾ ڇا چوڻو اٿئي؟“
فرمايائين: ”منهنجي دشمنن کي ٻيڻا ثواب ملندا ۽ اوهان کي
هيڪوڻا. ڇو ته توهان کي فقط مون لاءِ حُسن ظني
آهي، پر هنن کي نه فقط خدا جي وحدانيت جو خيال
آهي، پر شريعت لاءِ پڻ عزت آهي.“ ماڻهن کي مٿس
پٿرن جي وسڪاري ڪرڻ لاءِ چيو ويو ۽ اُنهن شرعي
احڪامن جي بجا آوري ڪئي. پوءِ سندس هٿ ڪپيا ويا،
پير ڪپيا ويا، اکيون ڪڍيون ويون. جڏهن سندس زبان
ڪپڻ تي هئا، تڏهن پُڪار ڪري چيائين ته، ”ڪجهه صبر
ڪريو، مون کي ڪجهه چوڻو آهي.“ پوءِ آسمان ڏانهن
منهن ڪري چيائين ته، ”يا خدا، هنن ايذائن ۽ عقوبتن
جي صدقي هنن ماڻهن تي رحم ڪر. ڏس ته ڪيئن نه آئون
هن سُوريءَ تي تنهنجو مشاهدو پيو ماڻيان.“ ان
کانپوءِ سندس زبان وڍي ڦٽي ڪيائون ۽ آخر ۾ کيس
سُوريءَ جو سينگار ڪيائون.
اورنگزيب جي دؤر ۾ سرمد کي هڪ ديني عدالت فتويٰ ڏيندي واجب
القتل قرار ڏنو. مٿس الزام هو ته هُن جي هڪ
رُباعيءَ مان معراج جي واقعي جو انڪار ثابت ٿئي
ٿو. مُلي طرفان کيس سزا ٻُڌائڻ جي ٻئي ڏينهن تي
هُن کي دهليءَ جي جامع مسجد جي سامهون قتل ڪرڻ
لاءِ وٺي ويا. سرمد اُن وقت گد گد ٿي نظر آيو. شيخ
اياز انهيءَ قصي کي ڏاڍي خوبصورت انداز ۾ بيان ڪيو
آهي:
مُلان پنهنجي عمامي ۾
بيٺو ڏاڙهي نوچي،
سرمد ڇا ٿو سوچي.
جلاد جڏهن سرمد جو سِرُ قلم ڪرڻ لاءِ هن جي سامهون آيو ته هن
مُرڪي (فارسيءَ ۾) چيو ته، ”توتي گهور وڃان! اَچُ،
اَچُ! تون جنهن به صورت ۾ اچين ٿو، مان توکي چڱيءَ
طرح سڃاڻان ٿو.“ ۽ پوءِ هيٺيون شعر پڙهي، تلوار جي
هيٺان پنهنجو ڪنڌ رکي ڇڏيائين:
”شور ٿيو ۽ مون عدم جي خواب مان اک کولي،
ڏٺم ته اڃا فتني جي رات باقي هئي، وري سُمهي پيس!“ (ترجمو)
شاهه عنايت شهيد کي اِن ڏوهه سبب ماريو ويو هو جو چون ٿا ته هُن
هڪ جديد خيال پيش ڪيو هو: ”جو کيڙي، سو کائي!“
اسان جي پنهنجيءَ سانڀر ۾، ذوالفقار علي ڀُٽي نالي هڪ ”مجرم“ کي
عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. مٿس ڪجهه الزام لڳايا ويا
هئا. کيس پڻ سُوريءَ جو سينگار بڻايو ويو هو. جڏهن
هن کي ڦاسيءَ گهاٽ ڏانهن نيو پئي ويو، تڏهن سندس
لبن تي هيءُ گيت هو: ”سهڻي ڌرتي الله رکي، قدم قدم
آباد....“ هُن ڦاسيءَ جي ڦندي کي چُمي ڏيئي پنهنجي
ڪنڌ ۾ وڌو ۽ مُرڪندي مُرڪندي تختي دار تي چڙهي
ويو.
ڦاسيءَ واريءَ رات هُن خوُب گهري ننڊ ڪئي هئي. جڏهن کيس ڦاهي
ڏيڻ لاءِ اگهور ننڊ مان جاڳايو ويو هو ته، هُن
هڪدم چيو ته: ”منهنجي ڏاڙهي ٺاهڻ جو بندوبست ڪريو.
مان پنهنجي محبوب سان ملڻ پيو وڃان. اُن کي
خوبصورت شيون وڻنديون آهن. منهنجي چهري تي ڏاڙهي
ڏسي متان فرشتا ڪٿي ڀلجي مون کي مُلو سمجهي ويهن ۽
مون سان مُلن وارو ورتاءُ ڪن!“
سچ وڏو ڏوهاري آ،
روز ازل کان پڪڙيو ويو آ،
زنجيرن ۾ جڪڙيو ويو آ،
ڳولي ڳولي ماريو ويو آ،
ڪڏهين زهر پياريو ويو آ،
ڪڏهين ڦاهيءَ چاڙهيو ويو آ،
تيل ڪڙهائيءَ ڪاڙهيو ويو آ،
گهاڻي ۾ پيڙايو ويو آ،
چوٽيءَ تان اُڇلايو ويو آ،
ها پر پوءِ به انهيءَ جي ساڳي
رهندي آئي ريت اَڀاڳي!
جنهن جي مَنَ ۾ کاٽ هڻي ٿو،
تنهن جو سارو چينُ کڻي ٿو!
(اياز)
الزام لڳائيندڙن کي ٻئي ماڻهوءَ تي گند اُڇلائڻ کان اڳ پنهنجي
جيءَ ۾ جهاتي پائڻ گهرجي. هيءُ ته هڪ اهڙو مثال
ٿيو، جنهن ۾ هڪ مينهن ڪنهن ڳئونءَ کي چيو: ”هل ڙي
ڳئون هل، تنهنجو پُڇ ڪارو!“ ٻئي جي پڳ ۾ هٿ وجهڻ
کان اڳ اهڙن ماڻهن کي اِها ڳالهه چڱيءَ طرح ذهن
نشين ڪرڻ گهرجي ته سندن پنهنجي پڳڙي پڻ ڌوڙ ٿي
سگهي ٿي.
ڪالهه منهنجو انڌو پاڙيسري،
سج کي بُجو ڏيئي، چوڻ لڳو،
جيڪڏهن مان ڏسي نٿو سگهان،
ته پوءِ تون چمڪين ڇو ٿو!
(اياز)
بهرحال، اسين علم دوست ماڻهو آهيون، تنهنڪري اسين اهو معاملو
سنڌي عوام جي عدالت ۾ پيش ٿا ڪريون ۽ عوام تي
ڇڏيون ٿا ته اُهي نياءُ ڪن. ڇاڪاڻ ته اسان جو
انهيءَ اُصول ۾ پختو ويساهه آهي ته عوام ئي ڪُل
مُختيار آهي. سنڌي عوام جو فرض بيهي ٿو ته اُهي
سنڌ ۽ سنڌي سماج جي هُوڙهين، مت ماريلن کي عوامي
ڪٽهڙي ۾ بيهاري، بنا رياءَ جي مٿن جرح ڪن. فيصلو
عوام کي ڪرڻو آهي ته سنڌي سماج لاءِ هاڃيڪار ڪير
آهي. سنڌ ڌرتيءَ ۽ سنڌي عوام جي سيوا، هڪ بي لوث
خادم وانگر ڪنهن ڪئي آهي؟ اسان پنهنجو امين سڄاڻ ۽
ساڃاهه وند سنڌي عوام کي چونڊيو آهي.
رڪارڊ جي ُدرستگيءَ لاءِ پاڻ لڳل الزامن
جي طويل فهرست مان چند اهم نوعيت جا الزام چونڊ
ڪري، اُنهن جو جواب علمي انداز ۾ الڳ الڳ مضمونن
جي صورت ۾ ڏيڻ جي هڪ نماڻي ڪوشش ڪريون ٿا. مضمونن
جي سٽا هن ريت آهي:
1-
ارتقا جو نئون جنم.
2-
جڙ-واد: هڪ انسان دوست سماجي نظريو.
3-
ماڻهو جديد نظريا ڇو قبولين ٿا؟
4-
تهذيبي، تمدني قدر ۽ مذهب.
5-
سيڪيولرزم ۽ عقليت پسندي
1
-
ارتقا جو نئون جنم
اها 1987ع جي گرمين جي ڳالهه آهي. آمريڪي سپريم ڪورٽ اندر ٻه
طبقا هڪٻئي جي آمهون سامهون هئا، هڪ طبقو پادرين
جو هو ۽ ٻيو سائنسي سوچ رکندڙ. ٻنهي ڌرين جي وچ ۾
جهڳڙو به عجيب نوعيت جو هو. يعني، ارتقا درست آهي
يا تخليق! پادرين جو ٽولو جيڪو پاڻ کي تخليقي يا
”فطري سائنس“ جو حامي چورائي رهيو هو، سو انهيءَ
ڳالهه جي حق ۾ هو ته، ”اڄ کان چند هزار ورهيه اڳ
خدا تعاليٰ هيءَ ڌرتي تخليق ڪئي هئي ۽ انهيءَ تي
حياتي پڻ.“ جڏهن ته ٻيو گروهه سائنسي سوچ رکندڙ هو
۽ ارتقا تي بحث ڪرڻ ٿي چاهيائين. اُن جي دعويٰ هئي
ته، ”زمين ڪائنات جي درجي بدرجي وجودجڻ جي سلسلي ۾
ٺهي هئي، ۽ اُن تي حياتي وڌيڪ ارتقائي منزلون طئي
ڪري، هاڻوڪيءَ شڪل ۾ ظاهر ٿي آهي.“
مقدمي جي ڪارروائيءَ دوران ٻنهي طبقن پنهنجا پنهنجا مؤقف پيش
ڪيا، ٻنهي ڌرين پنهنجيءَ پنهنجيءَ ڳالهه کي صحيح ۽
سچ ثابت ڪرڻ لاءِ دليل ڏنا. ٻنهي ڌُرين کي ٻُڌڻ
کانپوءِ عدالت عاليه ٻن جي ڀيٽ ۾ ستن ووٽن جي
اڪثريت سان ارتقا جي حق ۾ فيصلو ڏنو ۽ گڏوگڏ اهو
حڪم پڻ صادر فرمايو ته، ”جن پبلڪ اسڪولن ۾ ارتقائي
سائنس پڙهائي وڃي ٿي، اُتي تخليقي نظريو نه پڙهايو
وڃي ۽ جتي ارتقائي سائنس نٿي پڙهائي وڃي، اُتي
انهيءَ جي پڙهائيءَ جو بندوبست ڪيو وڃي.“ يعني
ڪائنات جي وجودجڻ جي سلسلي ۾ مذهب ۽ سائنس کي قطعي
طور تي جدا جدا ڪيو ويو. انهيءَ فيصلي تي ارتقا جي
حامين جي سرهائي هڪ فطري ڳالهه هئي. پٿرايل بوتن (Fossils)
بابت ڄاڻ رکندڙ جڳ مشهور ماهر اسٽيفن جي- گولڊ چيو
ته ”کيل ختم ٿي چڪو، ميدان هاڻي اسان جي هٿ ۾
آهي.“ هڪ ٻئي ماهر چيو ته، ”تخليقات جا حامي هاڻي
اسڪولن ۾ ارتقا سان گڏ تخليق جي موضوع تي بحث ڪرڻ
لاءِ اُستادن کي مجبور ڪري نه سگهندا.“
تخليقات جي حامين تي انهيءَ فيصلي جو ڪهڙو اثر ٿيو؟ اچو ته
جائزو وٺون. اُنهن جي فاضل وڪيل پنهنجن خيالن جو
اظهار ڪندي چيو ته، ”تخليقات اڃا مُئي نه آهي.
اُها زندهه آهي ۽ اُنهيءَ جي تدريس جا موقعا اڃا
به ايترائي روشن آهن، جيترا اڳي هئا.“ هڪ ٻئي
حاميءَ چيو ته، ”اهو ته فقط ڪورٽ جو فيصلو آهي،
اسين سُتت ئي ٻيهر عدالت جو در کڙڪائينداسين، ۽
اسان کي پڪ آهي ته اُنهيءَ ڀيري اسين سُٺيءَ
اڪثريت سان ڪيس کٽنداسون، ڇو ته ڪورٽ سڳوريءَ
تخليقي نظريي تي پابندي فقط اسڪول لاءِ وڌي آهي ۽
سابه اُتي، جتي ارتقا جي تعليم ڏني وڃي ٿي، پر
پبلشرن کي انهيءَ بابت ڪتاب ڇاپڻ کان جهليو نه ويو
آهي. تخليقات جي پرچار تي بندش نه وڌي ويئي آهي.
ارتقا جي هيءَ جيت محض وقتي آهي.“ جيڪي ماڻهو
وچٿرا هئا، يعني نه ته ڪٽر مذهبي ۽ نه ئي ارتقا کي
حرف آخر سمجهندڙ، تن جو رايو هو ته، ”انهيءَ فيصلي
کان پوءِ اُستادن کي انهيءَ ڳالهه جو موقعو ملندو
ته اُهي وڌ ۾ وڌ جديد نظرين ۽ علمي موضوعن کان
پنهنجن شاگردن کي آگاهه ڪري سگهندا ۽ اهڙيءَ ريت
آزادانه بحث مباحثي لاءِ هڪ نئون ميدان جُڙي
پوندو.“ ڪيس ته خير پنهنجيءَ پڄاڻيءَ تي پهتو، پر
جهڳڙو نه نبريو. اچو ته ڏسون ته ان جي شروعات ڪيئن
ٿي هئي؟
1925ع ۾ ارتقائي نظريي کي آمريڪا جي نصابي ڪتابن ۾ شامل ڪيو ويو
۽ اُتان ئي هن نظرياتي جهيڙي جي شروعات ٿي. هاڻي
اچو ته هڪ نظر انهيءَ نظريي تي وجهون ۽ ڏسون ته
انهيءَ ۾ آخر اُها ڪهڙي ڳالهه هئي، جيڪا جهڳڙي جو
ڪارڻ بڻي؟
ارتقا جي لفظي معنيٰ آهي ”ڏاڪي به ڏاڪي
قدرتي ترقي، واڌ يا اوسر“، انگريزيءَ ۾ ان کي
Evolution چئبو آهي. هن نظريي موجب، ”هن ڌرتيءَ تي موجود سمورا ٻوٽا
۽ جانور هڪ ڊگهي ارتقائي عمل مان گذري موجوده حالت
۾ پهتا آهن. زندگيءَ جو اوائلي روپ فقط هڪ سادو
گهرڙو (Cell)
آهي.“ اهڙو نظريو سڀ کان پهرين هڪ فرانسيسي
سائنسدان لامارڪ (1825-1745ع-
Lamarck) ”فلاسافيه زولاجيڪا“ (Philosophia
Zoolagica) نالي ڪتاب ۾ پيش ڪيو هو.
لامارڪ جو اهو نظريو اڃا به ڪجهه ڪوتاهين
۽ خامين وارو هو، پر پوءِ به اُنهيءَ تي گهڻي ڏي
وٺ ٿي. آخرڪار انگريز سائنسدان چارلس ڊارون
(1888-1809( پنهنجي وسيع مشاهدي ۽ عظيم الشان تحقيق کان پوءِ 1859ع ۾
پنهنجي جڳ مشهور تصنيف”نسلن جو بُڻ-بُڻياد“ (The
Origin of Species) نالي ڪتاب ۾ باقائدي طور اِهو
خيال ڏنو ته، ”ڪائنات ۾ موجود هر شيءِ ۾ ارتقا ٿي
آهي.“ ڊارون (Darwin)
پهريون ڀيرو چٽن لفظن ۾ انهيءَ خيال کي رد ڪري
ڇڏيو ته هيءَ دنيا ڪنهن مخصوص تخليق جو نتيجو آهي،
يا هن ڪائنات ۽ اُن ۾ موجود سڀني شين کي خلقيندڙ
ڪائي مافوق الفطرت هستي (Metaphysical
Entity) آهي. ڊارون تمام سادن لفظن ۾ چيو آهي
ته، ”انسان سميت هن سنسار ۾ موجود هرهڪ شيءِ اُن
ڊگهي ارتقائي عمل جو نتيجو آهي، جيڪو سنسار ۾ اول
کان وٺي روان دوان آهي.“ هن چيو ته، ”انسان به اُن
ارتقائي عمل ذريعي سادن جانورن منجهان ڦُٽي نڪتو
آهي.“ اهو نظريو پادرين جي ڪئمپ تي ڄڻ ته
سائنسدانن پاران اُڇلايل بم ٿِي ڪريو. ڊارون جو
اِهو انڪشاف مقدس انجيل جي ”خصوصي تخليق واري
نظريي“ (The Theory of Special Creation)
جي بلڪل اُبتڙ هو، جنهن مذهبي حلقن ۾ ڄڻ ته مَمَڻ
مچائي ڏنو. اها ڳالهه اشرف المخلوقات حضرت انسان
جي شان ۾ گُستاخيءَ برابر هئي. ظاهر آهي ته اهڙيءَ
مهانُ، اوچي ۽ عاليشان هستيءَ جي شان ۾ ايڏي وڏي
گُستاخي ڪيئن ٿي برداشت ٿي سگهي؟
سگمنڊ فرائڊ هڪ هنڌ لکي ٿو ته، ”تاريخَ ۾ سائنس هٿان، ٻه دفعا
مذهب جي رُسوائي ٿي آهي، پهريون ڀيرو اُن وقت جڏهن
اِهو معلوم ٿيو ته زمين ڪائنات جو مرڪز نه پر
ڪائناتي نظام ۾ رڳو هڪ ٽُٻڪي مثل آهي، ۽ ٻيو ڀيرو
اُن وقت جڏهن علم حياتيات (Biology)
انسان کي سندس خصوصي تخليق جي وقار يا عظمت کان
محروم ڪري، عالَمَ حيوانات (Animal
Kingdom) منجهان سندس ابتدا ڏانهن ڌِڪي ڇڏيو.“ |