سيڪشن: سياسيات

ڪتاب: سيڪيولرزم ۽ عقليت پسندي

 

صفحو: 10

محترم موسيٰ ڀُٽي صاحب جي بقول مٿي ذڪر ڪيل سڀئي سماجي ڪيفيتون سنڌ ۾ ان ڪري پيدا ٿيون آهن جو اسان اهڙن لاڙن جو ٻج ڇٽيو ۽ اُنهن جي آبياري ڪئي آهي. مٿي ذڪر ڪيل صورتحال واقعي به ڳنڀير آهي، محترم محمد موسيٰ صاحب! جيڪڏهن هڪ فرد جي ڪري سماج ۾ ايڏو ڦيٽاڙو ۽ انتشار پيدا ٿي پيو آهي ته پوءِ توهان پارا هزارين علماءَ دين سڳورن سوين سالن تائين هتي سنڌ ۾ ڇا پئي ڪيو؟ ڇا اسان جو فڪر ايترو اثرائتو، وزندار، ڪارائتو ۽ عوام لاءِ قابل قبول ۽ نجات ڏياريندڙ آهي، جو سوين سالن کان رائج اوهان جي دعويٰ موجب ازلي ۽ آفاقي فڪر کي به ماڻهو ترڪ ڪري يا اُن کان بغاوت ڪري، اُن نئين فڪر کي قبولڻ لڳا آهن، ۽ ان ريت اوهان کي اِنهيءَ ڊپ اچي ورايو آهي ته متان ڪٿي اوهان جي فڪر تي پڻ رومن ڪليسا وانگر زوال نه اچي وڃي! جيڪڏهن اوهين ان ڳالهه جو اقرار ڪريو ٿا ته اسان جي 60-50 سالن جي ڪوششن اوهان جي سوين سالن جي محنت تي پاڻي ڦيري ڇڏيو آهي ته پوءِ ته اوهان کي کپي ته ان فڪر کي قبول ڪريو، ۽ اُن جي مڃتا ٻڌائي سگهندوَ ته هي جيڪي ايم ڪيو ايم وارا سنڌ جي شهرن اندر آدم بُو آدم بوُ ڪندا ٿا وتن، تن جي سرپرستي ۽ نظرياتي آبياري ڪنهن ڪئي آهي؟ ڇا کين اسان چيو آهي ته اوهين وڃي ائين ڪريو؟ سنڌ اندر جيڪي نسلي ۽ قبائلي جهيڙا ٿي رهيا آهن، تن جا مُحرڪ ڪير آهن؟ سنڌ جي ڳوٺاڻي زندگيءَ جو ساهه مُٺ ۾ گهُٽي رکڻ وارن ڌاڙيلن جي سپرستي ڪير ٿو ڪري، اسين يا وڏا وڏا گادي نشين، مير، پير؟ ڊي ايم سي (ڊائو ميڊيڪل ڪاليج) ۾ غنڊه گردي ڪري سنڌي شاگردن تي حملي ڪندڙ ۽ ابو زاهد ناريجي کي شهيد ڪندڙ ”جمعيت“ جي سرپرستي ۽ نظرياتي آبياري ڪير ٿو ڪري؟

راولپنڊيءَ ۾ 5 ايراني ٽيڪنيشنن کي قتل ڪندڙ لشڪر جهنگويءَ (جنهن جي سربراهه 102 ڄڻا قتل ڪرڻ جو اعتراف پڻ ڪيو) جي سرپرستي ۽ آبياري مذهبي عالم سڳورا ڪن ٿا يا اسين؟ ملتان ۾ تحريڪ جعفريه وارن جو قتلام ۽ ايرانين جو جماعت خانو (خانه فرهنگ) باهه جي نذر ڪرڻ به گويا اوهان جي خيال موجب اسان جي چُرچ تي ٿيو هوندو! مسلمانن ۾ اڄ جيڪا فرقي بندي آهي ۽ اُنهن فرقن جا هٿياربند ۽ تربيت يافته جٿا جيڪا رت جي هولي کيڏندا وتن ٿا تن جو ذميوار  ڪير آهي؟ توهان جي ته خيال موجب مسجدن ۾ نمازين مٿان ۽ امام بارگاهن ۾ مومنن مٿان گوليون هلائڻ ۽ بم اُڇلائڻ وارا عمل ڪنهن جي چُرچ تي ٿيندا هوندا.

گذريل ڪجهه سالن ۾ الجزائر ۾ جنوني درندن 60 هزار کان مٿي ماڻهن کي ڪُٺو آهي. هر روز جون اخبارون سندن ”شاندار ڪارنامن“ سان ڪاريون ٿيون پيون آهن. اڃان چند ڏينهن اڳ انهن دين جي علمبردارن يارنهن ماسترياڻين کي سندن اسڪولن ۾ اسڪولي ٻارن اڳيان ڪُٺو آهي. اهي حضرات اُهي اسلامي نظام نافذ ڪرڻ لاءِ ”جهاد“ ڪري رهيا آهن ۽ ”ڪافرن“ کي جهنم رسيد ڪري رهيا آهن!

هُو جيڪو سن 1971ع ۾ ويهه لکن کان مٿي بنگالي مسلمانن جو ڪُوس ڪيو ويو هو، (ڇاڪاڻ جو ديني حلقن جي نظر ۾ اُهي ”مُرتد“ ٿي ويا هئا) ۽ لکين بنگالي عورتن ۽ ڪنوارين ڇوڪرين سان زنا جا ڪلور ڪيا ويا هئا، جن ۾ ايمان ۽ جهاد جي جذبي سان سرشار ”البدر“ ۽ ”الشمس“ جا تربيت يافته ”جوڌا“ سڌا سنوان ملوث هئا، تن جي تربيت ۽ نظرياتي آبياري توهان جي خيال ۾ ڪنهن ڪئي؟ هُو جيڪا افغانستان ۾ گهرو ويڙهه هلي رهي آهي،  تنهن ۾ به اوهان جي سوچ پٽاندر ڪنهن جو هٿ  ۽ فڪر شامل هوندو؟ ٻليءَ کي  خواب ۾ ڇيڇڙا!! محترم موسيٰ صاحب! توهين ته عالم دين آهيو، ڀلا ٻُڌايو ته هاڻي افغاني پاڻ ۾ ڇو وڙهي رهيا آهن؟ اڳ ۾ ته کڻي مڃيوسين ته اُهي مجاهدين اسلام ڪُفر ۽ دهريت خلاف ”جهاد“ ڪري رهيا هئا، پر هاڻي؟

اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف هڪ تقريب کي خطاب ڪندي فرمايو هو ته، ”ديني مدرسا نفرت جو ٻج پوکي رهيا آهن. اُتي سُني مُرتد ۽ شيعا ڪافر جو درس ڏنو وڃي پيو.“

حجاج بن يوسف هڪ ڀيري سمورن عالمن کي مسجد ۾ گهرائي قتل ڪرائي ڇڏيو هو. سندس چوڻ هو ته، ”اڄ آئون فصل پڪو ٿو ڏسان، انهيءَ ڪري اُن کي لُڻڻ جي ضرورت آهي.“ سوال آهي ته هُن ائين ڇو ڪيو؟ يا وزيراعظم مٿي ذڪر ڪيل بيان ڇو ڏنو؟ ڳالهه پڌري پٽ پئي آهي، تڏهن ته سڄاڻ ۽ ساڃاهه وند ماڻهن جا لڱ ڪانڊارجي ويندا آهن ۽ اُهي امالڪ چئي ڏيندا آهن: ”اي مذهب، اي خدا....... ڇا ڇا نه ظلم ۽ ڪلورتا جا ڪم تنهنجي نالي ۾ واقع ٿين ٿا!“

ٻيو الزام آهي ته، ”محمد ابرهايم جويي سنڌ ۾ جديد قومپرست، ترقي پسند تحريڪن جي سرپرستي ڪئي آهي ۽ کين زور وٺرايو آهي.“

محترم ڀُٽا صاحب! ڇا پنهنجي ديس ۽ ديس واسين سان پيار ڪرڻ ڪو ڪبيرو گناهه آهي؟ ممڪن آهي ته اوهان جي شريعت ۾ ائين ئي هجي، پر دنيا جي سڀني سُڌريل  جديد معاشرن وٽ اهو سڀ کان وڌيڪ قابل قبول ۽ قابل عمل نظريو آهي.

اسان قوم پرست ۽ سنڌ دوست ڌُرين جي نظر ۾ سڀئي سنڌي هندو، سنڌي مسلمان، ڪولهي، ڀيل، جوڳي، باگڙي ۽ ڀنگي وغيره سنڌي قوم جا فرد آهن. موسيٰ ڀُٽو به اُنهن جيان هڪ سنڌي آهي ۽ سنڌي هئڻ ۽ سنڌ ڌرتيءَ جي هڪ فرد هئڻ جي ناتي محمد موسيٰ ڀُٽو صاحب اسان جو پيارو ۽ محب آهي. هاڻي جيڪڏهن موسيٰ صاحب ايئن چئي ته نه، نه، ايئن وري ڪيئن ٿيندو، يا ٿي سگهي ٿو ته آئون به انهيءَ قطار ۾ بيهان، جنهن ۾ سندس سوچ ۽ فڪر موجب ”ڪافر“ به شامل هجن، يعني ته هُو صاحب قطار مان ڇڄي قوميت ۽ ديس تان هٿ کڻي ٿو ته اُهو سندس اختيار آهي ۽ هُو صاحب ائين ڪرڻ ۾ خود مختيار آهي، پر اسين موسيٰ ڀُٽي صاحب خاطر سنڌ جي حقيقي ۽ ازلي باشندن تان هرگز هٿ نه کڻنداسون. اسين ته سنڌ جي هرهڪ حقيقي فرزند، پوءِ ڀل ته اُهو شڪاري قبيلي سان تعلق رکندڙ ڇو نه هجي، تنهن سان به پيار ڪريون ٿا. محترم موسيٰ صاحب کي اِها ڳالهه وڻي، يا نه وڻي، سندس مرضي.

ڌرتيءَ سان عشق جي حد تائين محبت ڪرڻ انسانَ جو هڪ فطري جذبو آهي. اُهي سچ پچ ته اياڻا ماڻهو ئي چئبا، جيڪي اهڙي جذبي کان وانجهيل هوندا آهن، جيئن شاهه صاحب سنڌ جي ماڻهن جي محب وطن جذبن جي ترجماني ڪندي فرمايو آهي:

سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن اڻاسي وسري،
حيف تنين کي هوءِ، وطن جن وساريو.

ديس سان محبت ڪرڻ هڪ اهڙو جذبو آهي، جنهنڪري ماڻهو ڌرتيءَ تان پنهنجو تن، من ۽ ڌن قربان ڪري ڇڏيندا آهن. اسان وٽ سنڌ ۾ مائرون ته پنهنجن ٻچڙن کي لولي ئي اها ڏينديون آهن:

سنڌ به تنهنجي اهڙي جيجل، جهڙي جيجل آنءُ،
جي تون پنهنجي ڀونءِ چميندين، هُرندءِ مون لاءِ هانءُ.

                                          (اياز)

محترم موسيٰ صاحب، جيڪڏهن جيجل اها لولي توهان کي نه ڏني آهي ته اسين توهان جي انهيءَ محروميءَ تي افسوس ئي ڪري سگهون ٿا. سنڌي سماج جي عظمت اِها آهي ته اسان جون غيُور عورتون به قومي غيرت ۽ حُب الوطنيءَ جي جذبي سان سرشار هونديون آهن. رگ ويد پڙهي ڏسو ته سنڌي نارين ڪهڙيءَ ريت حملي آور آرين جي حملن جي مزاحمت ڪئي! ٻيو ٺهيو، رڳو ”سانگهڙ“ ناول پڙهي ڏسو ته ڪيئن سنڌي عورتن انگريز سامراجين سان ويڙهاند ڪئي!! مارُئيءَ جي ديس ڀڳتيءَ جو مثال سڄيءَ دنيا ۾ يڪتا آهي. شاهه صاحب سنڌي عورت جي وطن پرست اُڌمن جو اظهار هن ريت ڪيو آهي:

”ڀڳو“ آءٌ نه وِسهان، ”ماريو“ تان مڃان،
ڪانڌ مُنهن ۾ ڏڪڙا، سيڪيندي سونهان،
ته پڻ لڄ مران، جي هُو نس پُٺَ ۾!

هاڻي، جيڪڏهن محترم موسيٰ صاحب جي ديني فڪر موجب قوم پرستي ۽ وطن دوستي هڪ جرم آهي ۽ سنڌ جا نوجوان اُن جرم جا مرتڪب ٿيا آهن ته پوءِ کين انهيءَ جرم تي ڪوبه پڇتاءُ ڪونهي.

ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌ، پوءِ به نعرا نينهن جا!

سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو اڄ تاريخ جي انتهائي نازڪ دؤر مان گذري رهيا آهن. اسان کي پنهنجي وجود جي بقا جهڙا مسئلا درپيش آهن، پر هي اسان جا عالم سڳورا اسلامي ڀائيچاري جي رٽ لڳائي ويٺا آهن. محمد موسيٰ صاحب! ڪالاباغ ڊيم، پاڻيءَ ۽ ناڻي وارا ٺاهه، آدمشماري ۽ سنڌجي ورهاست، وغيره، ڪي اهڙا معمولي نوعيت جا مسئلا ناهن جن تي اک پور يا ڪَن لاٽار ڪئي وڃي. اِهي مسئلا اسان جي قومي ۽ سماجي وجود جي بقاءَ سان جَڙيل آهن. مُٺ جيترا ماڻهو سنڌ ۽ سنڌين جي حقن کي تين وال پيا ڪن، مختلف حربن سان سٽون پيا سٽين. سڄيءَ دنيا جي نڌڻڪن ۽ تڙيلن جي لوڌ کي مذهب جي نالي ۾ هڪ مڪروه سازش تحت سنڌ ۾ آباد ڪري، اسان جي ڌرتيءَ کي هڪ بين الاقوامي يتيم خانو بڻايو ويو آهي، ڇو؟ اسلام جي اُنهن سچن عاشقن کي آباد ڪرڻ لاءِ ڇا سعودي عرب جي سرزمين وڌيڪ موزون ڪانهي؟ اُها ته پاڪ ۽ مقدس ڌرتي آهي. اوهين ماٺ ڇو آهيو؟ اڃا ڪالهه جي ڳالهه آهي، ضياءَ دجالَ جڏهن شاهنواز ڀٽو کي ڏورانهين ڏيهه ۾ شهيد ڪرايو ۽ سندس ڀيڻ پنهنجي ڪُونڌر ڀاءُ جو لاش کڻائي جڏهن ڏاڏاڻي ڏيهه آئي ته جيئن شهيد جي مڙهه کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪجي، تڏهن اُن وقت منصوره برانڊ اسلام جي مهندار مُلي عبدالوحيد قريشيءَ فتويٰ جاري ڪئي هئي ته، ”شاهنواز ڀٽو جي لاش کي سنڌ ۾ دفن ڪرڻ نه ڏينداسين!“ اعليٰ حضرت محمد موسيٰ صاحب! اِهو مُلو ڪير ٿيندو آهي ايئن چوڻ وارو! کيس اهڙيءَ ڳالهه ڪرڻ جي جُرئت ڪيئن ٿي، جو هڪ سنڌي سپوت کان پنهنجي جيجل ڌرتيءَ ماءُ جي گود ۾ سمهڻ جو حق کسي!! پر، ڇاڪاڻ ته اوهان پارا عالم دين سڳورا اهڙن يارن سان ٻِٽ ٿيو ويٺا آهن، تڏهن ئي ته هو اهڙي بَڪ بَڪي سگهيو !!! دين جي نالي ۾ سنڌ ۽ صوفي منش سنڌين سان جيڪي ڪِيس ڪيا ويا آهن، يا اڃا تائين ڪيا پيا وڃن، تن تي توهان جهڙا اعليٰ حضرت ۽ ڪشاده دل عالم دين حضرات ئي اکيون ٻُوٽي، يا ماٺ ڪري ويهي سگهن ٿا، ٻئي ڪنهن جي دل گُردي جي جاءِ ناهي. سنڌ جو ڪو باضمير اسڪالر يا اديب ته پري جي ڳالهه آهي پر سنڌ جو هڪ عام شهري، عام ساڃاهه وند ماڻهو به اهڙيءَ صورتحال تي چُپ ڪري نٿو ويهي سگهي، هُو هميشه وانگر اڄ به رت جا لُڙڪ ڳاڙي رهيو آهي، احتجاج ڪري رهيو آهي، دانهين رهيو آهي.

تون چئه نه ڪُڇان، تون چئه نه لُڇان،
پر توکان هڪڙي ڳالهه پڇان؟
تون ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندين،
اعلان هزارين، مان نه رڳو.

  (اياز)

دراصل محترم موسيٰ صاحب! انهيءَ ۾ توهان جو ڪو ڏووهه به ڪونهي، ڇو ته توهان جنهن فڪر سان لاڳاپيل آهيو، سو توهان کي تعليم ئي اها ڏئي ٿو ته، ”هيءَ دنيا هڪ ڪوڙي دنيا آهي، اک جو موهه آهي، انسان کي هِن نه، پر هُن دنيا جو فڪر ڪرڻ گهرجي.“ سو قبلا، توهين وتو ٿا ماڻهن کي انهيءَ دنيا جا ڏَسُ ڏيندا. سنڌ سان يا سنڌين سان اوهان جو ڇا؟ سنڌ ۽ سنڌي جيڪڏهن ڏچي ۾ آهن ته اوهان جي سوچ موجب پيا ڌوڙ پائين! توهين ته بهشت جا طلبگار آهيو، اُتي جي محل محلاتن، باغ باغيچن، عيش عشرتن جا سَڌڙيا آهيو، بلڪه پنهنجيءَ پَر ۾ پڪ اٿوَ ته اِهي سڀ نعمتون ماڻيندؤ. سو هاڻي ويٺا ڏينهن ڳڻيو ته ڪڏهن ٿو خدا تعاليٰ توهان صاحبن کي پاڻ وٽ گهرائي؟ ۽ پوءِ بهشت ۾ وڃي مزا ماڻيندؤ، پر هن ڌرتيءَ جا مظلوم، محڪوم ۽ مسڪين ماڻهو ڪيڏانهن ته ويندا!

ميان محمد موسيٰ صاحب! مسئلن کان فراريت، ڪنهن به صورت ۾ مسئلن جو حل ناهي. اِهو مڙس ماڻهوءَ جو شان هوندو آهي ته مانجهي مُڙس ٿي ميدان تي بيهي ۽ حالتن ۽ مسئلن جو فيصلي ڪُن مقابلو ڪري، پر توهان پارن عالم دين سڳورن ۾ اهڙي اخلاقي جُرئت ڪٿان آئي، جو ويهي عوام دوستيءَ جو ڏکيو ۽ اڙانگو فرض نڀايو؟ توهان جِي ترقي پسند ۽ روشن خيال ماڻهن تي ڪاوڙ بلڪل بجا آهي، ڇو ته اُهي توهان جي واٽ نٿا وٺن، پر هِن سنڌي سماج ۾ اُن جا دنيوي ۽ مادي مسئلا عقل جي بنيادن تي، مادي وسيلن، معروضي حالتن، سائنسي بنيادن تي ۽ سماجي لاڳاپن جي بنياد تي حل ڪرڻ چاهين ٿا، ۽ اُنهن مقصدن کي ماڻڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ، تحريڪن هلائڻ ۽ اُنهن جي سرواڻي ڪرڻ جهڙا توهان جي سوچ موجب ناقابل معافي گناهه ڪن ٿا، اُهي توهان جي شريعت موجب گنهگار مُرتڪب ٿيا آهن، تنهنڪري سندن خلاف فتوائون جاري ڪرڻ ۾ توهين اعليٰ حضرت بجا طور تي حق بجانب آهيو، ڇو ته توهان ماڻهن جو ازل کان وٺي ڪردار ئي اهو رهيو آهي.

سڄاڻ سائين! اڄ جي دؤر جو انسان هاڻي اها ڳالهه ڀليءَ ڀت ڄاڻي چُڪو آهي ته مذهبن هميشه کان غريبن، مظلومن ۽ محڪومن جي دردن جو دارون ڪرڻ بدران حاڪم طبقي جي رُتبن، گادين ۽ خصوصي رعايتن کي ٽيڪو ڏنو آهي ۽ اُنهن جي مفادن جي حفاظت ڪئي آهي. توهين جيڪڏهن ان ڳالهه جي ترديد ڪريو ٿا ته پوءِ اهو توهان تي فرض عائد ٿئي ٿو ته ڄام صادق، جنرل ضياءَ ۽ ايوب خان جي ڪيل ڏاڍ ۽ ڏمر وارن عملن خلاف فتويٰ ڏيو. اوهين جيڪڏهن سچ پچ به حق ۽ سچ جا پاسبان آهيو ته پوءِ مذمت ڪريو اُنهن  ڦورو، حملي آورن عربن، ارغونن، ترخانن، پٺاڻن ۽ مغلن جي، جن سنڌ ڌرتيءَ تي معصوم سنڌي ماڻهن خلاف قتل ۽ غارت گريءَ ۽ لُٽ مار جون بازارون گرم رکيون هيون، جن هتي بي شمار سنڌي نارين جي لڄالٽ ڪئي، اُنهن جنسي بگهڙن سنڌي نارين کي غلام بڻائي پنهنجن آقائن جي حوالي ڪيو، جن پڻ اسان جي ننگن کي تاراج ڪيو. ڀلا، ٻيو نه ته به، انسانيت جي ناتي پڻ توهان تي اهو اخلاقي فرض عائد ٿئي ٿو ته اوهين اهڙن ڪُڌن ڪرتوتن جي مذمت ڪريو ۽ سنڌي قوم کان معافي گهُرو. جيئن ٻين مُهذب معاشرن ۾ ٿيندو آهي. دنيا جي ڪيترين ئي قومن ٻيءَ مهاڀاري لڙائيءَ ۾ پنهنجي ڪيل ظلمن تي پشيمانيءَ جو اظهار ڪيو آهي ۽ متاثر ٿيندڙ قومن کان معافيون ورتيون آهن، پر، اوهين ائين هرگز ڪونه ڪندؤ. اها اسان کي به خبر آهي ته ٻين سڀني عام ماڻهن کي به، ڇو ته اوهان ۾ اها اخلاقي جُرئت ئي ڪانهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: