سيڪشن: سياسيات

ڪتاب: سيڪيولرزم ۽ عقليت پسندي

 

صفحو: 4

انگلستان جي آرچ بشپ سينٽ آگسٽين (St: Augustine) ڇهين صديءَ عيسوي ۾ پنهنجي ڪتاب ”خدا جو گهر“ ۾ ڪائنات جي پيدائش جو عرصو پنج هزار ورهيه قبل مسيح طئي ڪيو هو. جڏهن کانئس ڪنهن پڇيو ته، ”جيڪڏهن ڪائنات جي تخليق فقط پنج هزار سال پراڻي آهي ته پوءِ خدا تعاليٰ جيڪو هميشه کان موجود آهي، ڪائنات ٺاهڻ کان اڳ ۾ ڇا ڪري رهيو هو؟“ انهيءَ جي جواب ۾ هن وراڻيو ته، ”وقت ڪائنات جي صفت آهي، تنهن ڪري اُن جي تخليق کان اڳ وقت جو وجود ئي نه هو. خدا تعاليٰ انهيءَ عرصي ۾ تو جهڙن منافق ماڻهن لاءِ، جيڪي اهڙي قسم جا گستاخانه سوال ڪن ٿا، جهنم ٺاهي رهيو هو.“

سي اي ايم جوڊس تخليقي نظريي بابت لکي ٿو ته، ”اڄ انهيءَ نظريي کي پنهنجي موجوده شڪل ۾ قبول ڪرڻ کان جيڪا شيءِ جهلي ٿي، سا آهي هميشه کان وٺي موجود رهندڙ اها شهادت ته في الحقيقت ڪيتريون ئي جنسون پنهنجي جسماني بناوت جي حد تائين، پنهنجي ئي طرح جي ڪيترين ئي جنسن کان درجي- وار ارتقا ڪري وجود ۾ آيون.“

ارتقا جا حامي انهيءَ سلسلي ۾  چون ٿا ته مختلف قسم جي مخلوقات جا هٿ آيل انيڪ پٿرايل ڍانچا (Fossils) لڳاتار بدلجندڙ دنيا، زمين، بدلجندڙ موسم، زمين اندر لڪل ڪوئلي، تيل ۽ گئس جا ذخيرا، ٻي معدنيات، ڌاتو وغيره، اهي سڀئي محض چند هزار سالن جا نٿا ٿي سگهن. انهن لاءِ اربين سالن جو عرصو گهربل آهي. بائبل جي ڳالهه ڪڏهن به سائنس نٿي ٿي سگهي، ڇو ته سائنس رڳو عقيدي بجاءِ ٺوس حقيقتن ۽ تجربن تي ٻڌل علم آهي. اهو انساني شعور جي باک ڦُٽڻ کان وٺي هيل تائين جي انيڪ ڏاهن ۽ کاهوڙين جي ڪيل مشاهدن ۽ تجربن جو نچوڙ آهي، اُها ڪنهن واحد فرد جي ڪاوش جو نتيجو ڪونهي پر انهيءَ ۾ هر ڳالهه کي عقل، شعور ۽ تجربي جي ڪسوٽيءَ تي پرکيو وڃي ٿو. جيڪڏهن بائبل جي ڳالهه کي مڃجي به کڻي، ته به انهيءَ سان مسئلو حل نه ٿو ٿئي، اٽلو نوان مسئلا اُٿي ٿا پون. سائنس جي ڪيل تحقيقن ۽ تجربن کي رڳو عقيدي جي بنياد تي رد نٿو ڪري سگهجي، بلڪه تحقيقن ۽ تجربن ته مُرڳو عقيدي جي بنياد تي ٻڌل ڪيترين ئي ڳالهين کي نسورو ڪوڙ ثابت ڪيو آهي. هونئن به سائنس ڪنهن به ڳالهه کي حرف آخر نٿي سمجهي، اُن ۾ ترميم جي گنجائش بهرحال موجود آهي. تجربن جي آڌار تي سائنس اڄ جي اڻپوريءَ ڳالهه کي سڀاڻ پورو بيان ڪري سگهي ٿي، ۽ اڄ جو سچ سڀاڻ ڪوڙ به ثابت ٿي سگهي ٿو. سائنس ڪنهن ڳالهه کي انا جو مسئلو بنائڻ يا ڪفر جون فتوائون جاري ڪرڻ بدران صحيح مشاهدي ۽ تجربي جي مدد سان ترقيءَ جي راهن تي ثابت قدميءَ سان گامزن آهي، علم جي دائري کي وسعت ڏيئي رهي آهي، حياتيءَ ۽ ڪائنات کي نوان رنگ ۽ ڍنگ ڏيڻ سان گڏوگڏ انساني زندگيءَ کي پڻ بدلائي ۽ رچائي رهي آهي.

تخليقات جا حامي جيڪڏهن ٿورو به حقيقت پسنديءَ کان ڪم وٺن ها ۽ عقلي بنيادن تي معاملي جي تهه تائين پهچڻ جي جستجو ڪن ها، ته هوند اهڙي ڳنڀير صورتحال پيدا ٿئي ئي نه ها! پر اُنهن هر ڀيري اُها ئي ٻاراڻي روش اختيار ڪئي ۽ ڪٽرپڻي جو سهارو ورتائون. ضد ڪري ويهي رهيا ته، ”بائبل صرف ۽ صرف سڄو سچ آهي ۽ اُنهيءَ تي تنقيد نٿي ڪري سگهجي. اُنهيءَ ۾ جيڪو ڪجهه به لکيل آهي، تنهن کي اکيون پوري، بنا چُون چرا جي مڃڻ گهرجي. بائبل خدا جو مقدس ڪلام آهي ۽ تنهنڪري هر قسم جي تنقيد کان بالاتر آهي.“ پادرين انهيءَ سوچ کي ”نئين سائنس“ جو نالو ڏنو ۽ ماڻهن لاءِ فتويٰ جاري ڪيائون ته، ”بائبل کي لفظ به لفظ سچ مڃيو وڃي، سڀني ڳالهين، لقائن، معروضي حقيقتن کي انهيءَ ئي ڪسوٽيءَ تي پرکيو وڃي.“ جيڪڏهن ڪائي ڳالهه يا مسئلو سائنسي نقطي نظر کان کڻي صحيح ڇو نه هجي پر اُن جو ذڪر بائبل ۾ نه آهي، ته سندن مؤقف هو ته، ”اُها صحيح ڳالهه وڃي جهنم ۾ پوي- اسان جو انهيءَ سان ڪهڙو واسطو!“

جواهر لال نهرو انهيءَ معاملي کي هيئن ٿو بيان ڪري ته، ”قديم زماني کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ڪجهه ماڻهو ڪائنات بابت عجيب ۽ غريب قسم جا شوشا اُٿاريندا رهندا آيا آهن ته جيئن موجوده انفرادي ۽ اجتماعي سماجي مسئلن کان عام ماڻهن جو ڌيان هٽايو وڃي ۽ جڏهن اُهي ڪائنات جي اهڙي اُلجهيل ڳُٿيءَ کي سُلجهائڻ ۾ ناڪام ٿين، تڏهن مايوس ٿي بي عملي ۽ آرام پسنديءَ ۾ مبتلا ٿي ويندا آهن يا پنهنجي تسڪين لاءِ ڪوئي الهامي عقيدو اختيار ڪري وٺن ٿا. اِن ريت انسانُ عقلي ۽ علمي سوچ ترڪ ڪري بي عقليءَ، توهم پرستيءَ، نامعقول ۽ غير منصفاڻي تعصب جي اوڙاهه ۾ وڃي پناهه وٺي ٿو.“

پنهنجي عظيم تصنيف ”ڊسڪوري آف انڊيا“ ۾ جواهر لال نهرو لکي ٿو ته، ”جڏهن آئون هن وشال ڪائنات تي نظر وجهان ٿو ته مون کي اڪثر پُراسرار راز ۽ اڻڄاتل گهراين جو احساس ٿئي ٿو. دل بي اختيار چاهي ٿي ته جيستائين ٿي سگهي، اُنهن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريان ۽ اُنهن اسرارن کان واقفيت حاصل ڪريان. اُن وقت انهيءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ منهنجي اڳيان فقط هڪ ئي رستو هوندو آهي ۽ اُهو آهي، سائنس جو طريقو.“

ڪئليفورنيا رياست جي علائقي سانٽي ۾ تخليق جي حامين ”انسٽيٽيوٽ فار ڪري ايشن ريسرچ“ (Institute For Creation Research) نالي هڪ ادارو برپا ڪيو آهي، جيڪو ڪرسچن هيريٽيج ڪاليج سان لاڳاپيل آهي. هن اداري ۾ لائبريري، عجائب گهر وغيره به آهن، جتي تخليقات جا نوان ۽ پراڻا حامي اچي گڏ ٿيندا آهن ۽ تربيت حاصل ڪندا آهن. هيءُ ادارو پڙهڻ پڙهائڻ، لکڻ، بحث مباحثا ڪرائڻ، نوان ميمبر ٺاهڻ کان علاوه بارباڊوس، ميڪسيڪو ۽ ڪوريا جهڙن ڏورانهن علائقن ڏانهن مشنري (تبليغي) پروگرام ترتيب ڏيڻ جهڙن ڪمن ۾ لڳل آهي. انهيءَ اداري (I.C.R) جا باني ۽ هلائيندڙ هينري مورس ۽ ڊيوان گُش آهن. ٻئي اعليٰ تعليم يافته هئڻ جي باوجود ارتقا جي نظريي جا سخت مخالف آهن. گش جو مؤقف آهي ته، ”جيڪڏهن ارتقا واقعي ٿي به آهي، ته پوءِ يقيناً  اُها ڪجهه عرصي لاءِ ٿي هوندي ۽ پوءِ بس! ان هوندي به جيڪڏهن جديد ارتقا جا حامي ٺوس ثبوتن سان انسان ۽ بن مانس (Ape) جي وچ واريون ڪڙيون مڪمل ڪري مون کي آڻي ڏين ته جيڪر آئون ارتقا جي حمايت ڪرڻ ۾ دير نه ڪندس.“ گُش کان جڏهن تخليقات بابت ثبوت طلب ڪيا ويا ته هُن اِهو چئي معاملي کي ٽارڻ جي ڪوشش ڪئي ته، ”اسين ته فقط انهن ڳالهين جي وضاحت ڪريون ٿا جيڪي هُو (يعني سائنس جا حامي) ڪري رهيا آهن، پر اُنهن حقيقتن کي استعمال ڪريون ٿا، جيڪي ارتقا کي اڻ ٿيڻي ڳالهه ثابت ڪرڻ ۾ مددگار هجن ٿيون.“

گُش ۽ سندس ساٿي مورس جي سڀ کان وڏي خامي اها آهي ته هُو ڪٽرپڻي جا عقلمند شڪار آهن، جنهنڪري عقيدي کي گهڻو ويجهو ۽ عقل کان گهڻو دور نڪري ويا آهن.  ارتقا جي نظريي جي حق ۾ لٿي پٿي وري اها عقل جي ڳالهه اٽل ۽ اڏول اچي ٿي بيهي ته جيڪڏهن اُن کي في الحال کڻي غلط به مڃجي پر پوءِ به سائنس ۾ گهٽ ۾ گهٽ انهيءَ ڳالهه جي گنجائش موجود آهي ته نون حقيقتن جي روشنيءَ پٽاندر پُراڻن نظرين کي سُڌاري، ترميم ڪري ۽ بدلائي به سگهجي ٿو، جيئن اُهي عقل جي وڌيڪ ويجهو اچن!

جيرالڊ آرڊسما آءِ سي آر جو نئون رُڪن آهي. هُن ٽورنٽو مان ڊاڪٽريٽ جي سَنَد حاصل ڪئي آهي. هن جي اچڻ سان آءِ سي آر جي مؤقف ۾ اِها نواڻ آئي آهي ته ڇو نه بائبل ۾ ذڪر ڪيل واقعن تي ”مُستند“ کوجنا شروع ڪجي؟ جيرالڊ آرڊسما پاڻ حضرت آدم عليه السلام ۽ بيبي حوا کي آسمانن مان هيٺ اُڇلائڻ واري واقعي جي شهادت هٿ ڪرڻ جي ڳولا ۾ آهي. هُو چوي ٿو ته، ”عين ممڪن آهي ته حضرت آدم ۽ بيبي حوا کي جنت مان ايئن اُڇلايو ويو هجي جو اُهي ڦهڪي سان هيٺ ڪريا ئي نه هجن! ايئن به ٿي سگهي ٿو ته کين تمام آهستي آهستي زمين تي لاٿو ويو هجي!“ انساني ارتقا بابت هن جو چوڻ آهي ته، ”اسين انساني موجودگيءَ لاءِ ايڏي ساري ڊگهي آکاڻي ڇو ويهي گهڙيون ته ماکيءَ جي مکين جي راڻيءَ، جنهن پنهنجي ڀيڻ کي قتل ڪيو، هڪ مڇيءَ کي جنم ڏنو ۽ پوءِ اُها مڇي خود به هڪ انساني ٻچي کي جنم ڏيئي مري ويئي!“

آءِ سي آر جي باني هينري مورس جو پٽ جون مورس حضرت نوح عليه السلام واري طوفان جا آثار ڳولي لهڻ لاءِ جاکوڙي رهيو آهي. هُو انهيءَ سلسلي ۾ ٽيڪساس ۽ ارارات جبل وغيره جهڙن مختلف علائقن ۾ ويو ۽ حضرت نوح جي ٻيڙيءَ جا نشان ڳوليائين. هن کي هڪ قديم پير جا نشان مليا، جنهن بابت سندس دعويٰ آهي ته اُهو نشان ثابت ڪندو ته ڪنهن جُڳ ۾ انسان ۽ اجگر حيوانُ جن کي ڊائناسار چئون ٿا، هڪ ئي وقت ٻئي زمين تي موجود هئا! مورس کان علاوه ٻين انيڪ کاهوڙين نُوح عه جي طوفان ۽ ٻيڙيءَ بابت کوجنا ڪئي آهي. ڪن ماڻهن وري ”عدن جي باغ“ جي ڳولا ۾ ڌرتيءَ جي ڪُنڊ ڪڙڇ لتاڙي آهي ۽ ڪيئي خيالي مفروضا پيش ڪيا اٿن. معاملو ڏينهون ڏينهن وڌيڪ ڳنڀير ٿيندو ويو، نيٺ، 1987ع ۾ انهيءَ ڊگهي نظرياتي جنگ جو نبيرو آمريڪي سپريم ڪورٽ ارتقا جي حق ۾ فيصلو ڏيئي ڪيو ! هارائيندڙ ڌُر انهيءَ فيصلي کي دل سان نه مڃيو آهي ۽ اڃا تائين پنهنجي عقيدائي رَوِش تي بيٺل آهي. ڪورٽ جي آڏو سندن شڪست جو وڏي ۾ وڏو ڪارڻ به اهو ئي هو، جو اُهي تحقيق کان وڌ عقيدي جا قائل هئا.  پنهنجن خيالن بابت ٺوس ۽ جامع حقيقتون ۽ شهادتون گڏ ڪرڻ بدران هُنن پنهنجي سڄي توانائي ارتقا کي غير سائنسي ثابت ڪرڻ تي ضايع ڪئي. ان جي مقابلي ۾ ارتقا جي حامين پنهنجي ڪيس جو دفاع مضبوط حقيقتن جي بنياد تي ڪيو، سندن پيش ڪيل شهادتون عقلي بنيادن تي ٻڌل هيون ۽ سائنسي معيارن ۽ ماپن تي پوريون بيٺيون ٿي. اڃا به تخليق جا حامي پنهنجي موجوده ٻاراڻيءَ سوچ کي ترڪ ڪري، حقيقت پسنديءَ ڏانهن ڌيانُ ڏين، ته جيڪر اُهي تُرت ئي اُنهيءَ عالم آشڪار حقيقت کي سمجهي ۽ مڃي وٺندا ته ”ارتقا جو عمل اڏول، مادي قانون پٽاندر مسلسل جاري ۽ ساري آهي.“

هاڻي اچو ته ڏسون ۽ انهيءَ ڳالهه جو ٿورو وڌيڪ جائزو وٺون ته ارتقا جي نظريي جي ڪاميابيءَ جا ڪهڙا ڪارڻ هئا:

ڊارون پنهنجو نظريو ڪنهن الهامي ڪتاب جي بنياد تي قائم ڪونه ڪيو هو ۽ نه ئي ڪنهن از غيبي قوت جي آشيرواد جو سهارو ورتو هئائين، پر هُن ته هڪ ئي ڌَڪ ۾ ٻنهي جي وجود کان انڪار ڪيو هو. هُن روايتي ۽ دقيانوسي خيالن کي ٿڏي، پنهنجي سوچ کي سائنس جي اٽل اُصولن پٽاندر ترتيب ڏنو. هن پنهنجي نظريي جوڙڻ ۾ ٽيهه سالن جو ذاتي مشاهدو ۽ تجربو شامل ڪيو هو. هُن دنيا جي مختلف کنڊن جي مختلف ملڪن جو دورو ڪيو هو، جهنگ ۽ جبل جهاڳيا هئا، سمونڊ لتاڙيا هئا، ميدانن، بيابانن ۽ ريگستانن جي خاڪ ڦلهوري هئي، ڀانت ڀانت جا ٻوٽا، وڻ، انسان، حيوان وغيره پنهنجي مشاهدي ۽ مطالعي ۾ آندا هئا. هن علم حياتيات، علم حيوانات، ارضيات، ائناٽامي، فزيالاجي، ايمبريالاجي، پٿرايل بوتن جو علم يعني پئلينٽالاجي ۽ انسانن متعلق علم يعني ائنٿراپالاجي پڙهيا هئا. اُنهن تي تمام  سُٺي دسترس رکندو هو ۽ اُنهن ئي سائنس جي آڌار تي هُن پنهنجي مطالعي ۽ مشاهدي ۾ آندل جانورن جو تقابلي اڀياسَ (Comparative Studies) ڪيا هئا ۽ اُن سڄي پنهنجي اڀياس کي بنياد بڻائي، جاندارن ۾ هڪجهڙاين ۽ اختلافن کي جاچيو ۽ پرکيو، اُنهن جي مختلف حياتياتي عملن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي ۽ اُنهن مان حاصل ڪيل مڙني نتيجن کي سهيڙي هڪ نظريي جي روپ ۾ دنيا آڏو پڌرو  ڪيائين، جنهن کي اسين سڀئي ”ارتقا“ جي نالي سان ڄاڻون ٿا.

ڊارون سڀني شهادتن، مُشاهدن ۽ گڏ ڪيل معلومات کي وڏي احتياط، دانشمنديءَ ۽ سليقي منديءَ سان ترتيب ڏنو ۽ اُنهن جي خوب ڇنڊ ڇاڻ ڪيائين. پنهنجي ڦُوهه جوانيءَ جا پنج سال لڳاتار، ڏينهن ۽ راتيون جيءُ جوکي ۾ وجهي، ”بيگل“ نالي بحري جهاز جي تختي تي هڪ ”حياتياتي ماهر“ جي حيثيت سان گذاريائين. انهيءَ طويل سامونڊي سفر ۽ کوجنا دوران کيس جيڪي به ننڍا وڏا حياتياتي اُهڃاڻ ۽ نشان مليا تن جو پنهنجين اکين سان مشاهدو ڪيائين، اُهي گڏ ڪيائين، روزنامچا ترتيب ڏنائين ۽ حاصل ٿيل نتيجن کي اُٿلائي پُٿلائي ڏٺائين، اُنهن جي مختلف پهلوئن جو جائزو ورتائين ۽ اُنهن بابت سوچ ويچار ڪيائين.

ڊارون جي پرورش سائنسي ماحول ۾ ٿي هئي، سندس پيءُ هڪ مڃيل ڊاڪٽر هو، سندس ڏاڏي ارسمس ڊارون ارتقا جي تشريح ۾ هڪ  سالُ مقالو لکيو هو، جنهن جو مٿس ڳُوڙهو اثر هو، تنهنڪري ارتقا هُن لاءِ ڪا نئين شيءِ نه هئي، البت هُو انهيءَ جي تَهه تائين پهچڻ لاءِ ماندو هو. انهيءَ کان علاوه هُو هِنَ ڪائنات ۽ اُن ۾ حياتيءَ بابت مذهبي سوچ کان پڻ ڀليءَ ڀت واقف هو. هُن حياتيءَ جي ابتدا بابت انيڪ ڏاهن جا خيال ۽ سوچون پنهنجي اڀياس جو محور بڻايون هيون. هُو سقراط (Socrates, Circa469-399 B.c) بُقراط، اِنڪسماندر (Anaximander)، ارسطو (Aristotle, 384-322 B.c)، ايپي ڪيورس (Epicurus, 341-270 B.c)، پئٿا گورس (Phytha Goras)، لوڪريشس (Lucretus, 95-51 B.c) کان وٺي وليم هاروي (William Haryey 1578-1657)، ايڊورڊ ٽائسن (Adward  Tyson) تائين ۽ ڪلڊيس گيلين (Cladius Galen Circa 200-130 B.c)، ليونارڊو –ڊا-ونچي (Leonardo-da-Vinci)، شوڪر (N.Hart Soecker)، آندري ويزيلس (Andreas Vesallus 1514-1564) ۽ لامارڪ (Lamarck) تائين وارن فلاسافرن، ڏاهن، اسڪالرن ۽ سائنسدانن جي خيالن، سوچن، نظرين، مشاهدن ۽ تجربن بابت وِشال آگاهي رکندو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: