سيڪشن: سياسيات

ڪتاب: سيڪيولرزم ۽ عقليت پسندي

 

صفحو: 6

”اڄ جي دؤر جو مزور لڏو.... زندگيءَ جي تلخ تجربن مان لنگهڻ کانپوءِ هاڻ اِن نتيجي تي پهتو آهي ته اها جڳ مشهور چوڻي ته، ”پنهنجي پاڙي وارن سان پيار ڪريو“، هاڻي هڪ ڪٺور ڀوڳ بڻجي چُڪي آهي، ڄڻ ته هڪ مدي خارج شيءِ يا کوٽو سڪو هجي، ڇاڪاڻ ته عملي زندگيءَ ۾ انهيءَ تي عمل نه هجڻ برابر آهي. اها چوڻي هاڻي انهيءَ کان مٿي ڪابه اهميت نٿي رکي ته ڄڻ ناسور جي ڦَٽَ  مٿان ڪو گرم ڪپڙو اُڇلائي ڇڏجي! ان کان به بدتر صورتحال تڏهن پيدا ٿئي ٿي، جڏهن چرچ اُن منافقاڻي سوچ کي واجب قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ته غربت انسان جي پنهنجي نصيب ۾ لکيل هوندي آهي. غريب ماڻهو، ان منطق تي گهڻو چڙن ٿا ۽ چون ٿا ته چرچ ايئن چئي غربت لاءِ هڪ جواز پيدا ڪري، ان کي درست قرار ڏيئي، اُنهيءَ ناانصافيءَ تي بحث مباحثي کان جهلي ٿي.“

۽ مذهب پاران سخاوت، اَهنسا ۽ ثواب وغيره جي پرچار بابت مزور ڇا ٿا سوچين؟ چرچ سخاوت کي رحمدلي ڪوٺيو آهي، نياءَ لاءِ معاف ڪري ڇڏڻ، درگذر ڪرڻ، جو درس ڏئي ٿي، ۽ سڀني لاءِ پيار؛ پهريون اُصول اهو هو ته ڪنهن کي نه رنجائجي ۽ هنسا (خون خرابي) کان پاسو ڪجي. ٻيو اُصول هو ته هرهڪ ماڻهوءَ کي لازمي طرح زڪوات ڏيڻ گهرجي، غريبن جي سار سنڀال ۽ سندن مدد ڪرڻ گهرجي، ۽ پاڙيسرين جي مدد ڪرڻ گهرجي. اهي برابر سٺا خيال آهن، پر انهن تي عمل؟ سوال آهي ته انهن سُٺن ويچارن تي عمل ڇو نٿو ڪيو وڃي؟ ضرور ڪٿي ته خرابي آهي، جو ماڻهو انهن خيالن، آدرشن تي عمل نٿا ڪن. ٿورڙن لفظن ۾ هيئن چئي سگهجي ٿو ته انساني سماجي وهنوار جي سلسلي ۾ بنان ڪنهن معاشي ۽ سياسي اجاره داريءَ بابت سوال ڪرڻ جي يا اعتراض اُٿارڻ جي، ماڻهن کي خدائي ڪائنات بابت سيکاريو وڃي ٿو. ماڻهن کي هڪ اهڙي خيالي سماجي ڍانچي بابت تعليم ڏني وڃي ٿي، جتي هميشه کير جون نديون وهندڙ هونديون آهن! اهڙي سماجي ڍانچي جي اُبتڙ هتي ظلم ۽ ڏاڍ جي عمل کي خدا جي رضا، تقدير جو لکيو ۽ ”تلاءَ ۾ وڏي مڇي، ننڍي مڇيءَ کي کائي ٿي“، جهڙا من گهڙيا اَٺ سٺا ٺاهي، اُنهن کي جائز قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي! اهڙي بي انصافيءَ واري سماج ۾ اُهي ماڻهو، جن کي مزور طبقو پيڙيندڙ سمجهن ٿا، سي چرچ ۾ وڃي سگهن ٿا، پادرين ۽ بشاپن سان سُٺا تعلق قائم ڪري سگهن ٿا. اُهي مذهبي مهندار سڳورا به چانديءَ جي چمڪ ڏسي هرکجي پون ٿا ۽ چرچ طرفان سماج جي اهڙن ناسورن کي نندڻ، لعنت ملامت ڪرڻ بدران کين پيرويءَ لائق هجڻ جا سرٽيفڪيٽ ڏنا وڃن ٿا.

مزور پادرين جو اهو تبليغي ٽولو جڙ- واد جو جيتوڻيڪ ازلي مخالف آهي، پر تنهن هوندي به سندن اخذ ڪيل نتيجا ڏاڍا ذڪر جوڳا آهن:

”.... ماڻهو هاڻي سمجهدار ٿي ويا آهن، اُهي هاڻ چون ٿا ته چرچ هميشه کان اطاعت ۽ فرمانبرداريءَ جو پرچار ڪيو آهي ۽ بغاوت کي ننديو آهي، تنهنڪري اُها هڪ طبقي هٿان ٻئي طبقي جي استحصال کي روا رکڻ ۾ برابر جي شريڪ رهي آهي. اها هڪ حقيقت آهي ته اڄڪلهه جو محنت ڪش طبقو چرچ کي سندس قول يا سهڻين چوڻين ۽ سهڻن سخنن جي بدران عمل جي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ لڳو آهي. هاڻي چرچ سندن بنيادي گهرجن کان بي نياز رهي ڪري کين گهڻي عرصي تائين ٻيءَ دنيا ۾ اجر ملڻ جا دلاسا نٿي ڏئي سگهي.“

پورهيت طبقي جي سماجي مسئلن جي حل جي سلسلي ۾ اسين مذهب جي حڪمت عمليءَ کان ڀليءَ ڀت واقف آهيون. اسان مزور پادرين جا ويچار ۽ سندن تجويزون پڻ معلوم ڪيون. هاڻي اسين جڙ- وادي فلسفي طرف اچون ٿا. جڙ- وادي فلسفو انهن مسئلن جو حل طبقاتي جدوجهد وسيلي پيش ڪري ٿو.

طبقاتي جدوجهد محض ڪو هوائي خيال ڪونهي، پر اهو هڪ (ظالم) طبقي کان ٻئي (مظلوم) طبقي جي نجات حاصل ڪرڻ جي عملي جدوجهد جو رستو آهي. حياتي بذات خود جدوجهد کي تخليق ڪري ٿي: اسان جي اڄ جي دؤر ۾ حقن ماڻڻ ۽ اختيار حاصل ڪرڻ جو مکيه وسيلو پئسو آهي. جڏهن هڪ ماڻهوءَ کي انهيءَ لاءِ مجبور ڪيو وڃي ٿو ته هو پنهنجي روزگار جي ڳولا جي سلسلي ۾ وڃي، در در جون ٺوڪرون کائي ته جيئن هو زندهه رهي سگهي ۽ ان ريت هو جڏهن ڪن پيداواري  وسيلن جي مالڪن اڳيان روزگار واسطي ليلڙاٽ ڪندو، تڏهن لازمي طرح اسان مان ڪو ته کيس يا ته ڪم ڏيندو، يا کيس جواب. روزگار کان جواب ملڻ جي صورت ۾ اُهو رزق جو ڳولائو ماڻهو سندس- حياتي، سندس ضمير، سندس شخصيت- مطلب ته سڀ ڪجهه سندس بي انصاف معاشي نظام جي ظلم جو شڪار بڻجي ويندو. بلڪل ايئن جيئن موجوده سرڪار ماڻهن کان روزگار کسي کين حالتن جي رحم ڪرم تي ڇڏي رهي آهي. اهڙي صورتحال ۾ هڪ پورهيت جي زندگي، سندس ٻچن جي حياتي، سندس ترقي ڪرڻ جو حق، سندس ماڻهپو، انسان پڻو، ايتري قدر جو سندس جيئڻ جو حق ۽ کائڻ پيئڻ يا رزق جو حق- ٻين جي نفعي تي دارومدار رکي ٿو. هو ايئن محسوس ڪري ٿو ته ڄڻ هو ڪا استعمال ٿيڻ جي هڪ اهڙي شيءِ آهي، جنهن کي اُهي ماڻهو استعمال ڪن ٿا، جن وٽ دولت هجي ٿي. اهو سچ پچ ته هڪ ماڻهوءَ هٿان ٻئي ماڻهوءَ جو استحصال آهي، هڪ طبقي هٿان ٻئي طبقي جو استحصال آهي. هن زماني جو باشعور پورهيت ڄاڻي ٿو ته غربت هڪ انتهائي ڳنڀير ناانصافيءَ جو نتيجو آهي، کيس اها به خبر آهي ته اها غربت هن لاءِ ڪهڙا جسماني، ذهني ۽ اخلاقي عذاب پاڻ سان گڏ کڻي ايندي آهي- اها ڪڏهن ڪڏهن ماڻهوءَ کي ذلت جي ڌُٻڻ ڏانهن پڻ نيئي ٿي. هُن لاءِ اڄ اهو بلڪل واضح ٿي چڪو آهي ته غريبي نجس آهي، لعنت آهي، اُنهيءَ جي واکاڻ ڪرڻ ۽ اُن کي خدائي رضا يا رحمت ۽ تقدير جو لکيو ڪري پيش ڪرڻ دراصل انهن ماڻهن جي توهين آهي، جيڪي سچ پچ به غريب آهن.

ڏسي ڏکيا ڏيل، ڳوڙها ڳل ڳڙي پيا،
بُکن بيمارين ۾، آزاريل عليل،
زر ۽ زور ذليل، ماڻهوئڙا ڪيا ملڪ جا.

              (اياز)

جيستائين انسان جا اقتصادي مسئلا حل نه ٿيندا تيستائين روحاني مسئلا بڪواس کان وڌيڪ ڪجهه به نه آهن. هڪ پورهيت ۽ بکئي پيٽ ماڻهوءَ لاءِ ڍوڍي ۽ ٿوم جي بوءِ روح جي هر خوشبوءِ کان وڌيڪ پياري آهي، چُلهه ۽ تئو، محراب ۽ منبر کان وڌيڪ مقدس آهن. مضمون نويس ”جين يان ون“ هڪ هنڌ لکيو آهي ته، ”ڪروڙين بکين واتن مان ماٺ ميٺ ۾ رڙيون، دانهون پيون نڪرن، پر اُهي ڪو ڪونه ٿو ٻُڌي.“

”مان وهم، وسوسي کان مٿي چڙهي چُڪي آهيان،

”مان ڀانيان ٿي ته هيءَ ڌرتي هڪ گهر آهي،

”- ۽ خدا دستر خوان تي ويٺو آهي،

”هر ڪو، جو اُن مان  پنهنجو حصو کڻڻ آيو آهي،

”پر هيءَ ماني، جا منهنجي هٿ ۾ آهي،

”فقط منهنجي پٽ لاءِ آهي.“ (مئگري گلمور)

مذهب هيڻي جي ڀيٽ ۾ هميشه ڏاڍي جي مفاد جي رکوالي ڪئي آهي. اُن  پنهنجا اُصول ۽ مول متا ان ريت جوڙيا آهن، جن پٽاندر ظالم طبقو هميشه ظلم ڪندو رهي ٿو ۽ مظلوم ازل کان وٺي ظلم ۽ ناانصافيءَ جي ٻه- پُڙي جنڊ ۾ پيسجندو رهي ٿو. ظلم خلاف نه دانهيو، تقدير جي لکئي آڏو زور نٿو هلي، خدا جي رضا ائين آهي، وغيره وغيره، اِهي سڀ ڳالهيون ظالم جي مفاد وٽان آهن. زڪوات ڏيو، هيڻن جي مدد ڪريو، غريبن تي ڪهل ڪريو، وغيره  جهڙيون ڳالهيون حقيقت ۾ ظالم جي ڏاڍ خلاف مظلومن جي ڪاوڙ، غصي ۽ احتجاج کي ”ماٺي ڪرڻ“ جي ڪوشش ثابت ٿيون آهن ۽ گهڻي قدر سدائين، رڳو ڪوڙيءَ سخا يا ڪوڙيءَ فيض بخشيءَ جي صورت ۾ ظاهر ٿيون آهن. سچ پچ ته اهڙي ڪابه ڪوشش انهيءَ پري کان ڏسجندڙ فيض ۽ سخا جي سطح کان مٿي چڙهندي ئي نه آهي. ظالم استحصالي ماڻهو، جيڪي پنهنجن وسيلن ۽ طاقت جي ٻل تي ظلم ڪن ٿا، ڦرمار ڪن ٿا، ٻين جي حقن تي ڌاڙو هڻن ٿا، اُنهن جون عزتون لُٽين ٿا، تن کي ”فيض ۽ سخا“ جي اظهار لاءِ سدائين موقعو مهيا هجي، ان لاءِ ضروري آهي ته اُهي پنهنجي ظلم ۽ بي انصافيءَ کي به سدائين قائم رکن. هڪ بي انصاف سماجي نظام ئي هتي جي فيض ۽ سخا جو دائمي سرچشمو آهي، جيڪو سدائين موت، نراسائي ۽ غريبيءَ جي طُفيل ئي قائم رهي سگهي ٿو. اهو ئي سبب آهي، جو اُن جا هلائيندڙ ۽ حمايتي ڪوڙي فيض ۽ سخا جي ان سرچشمي يا مُهڳ لاءِ ٿورڙو به ڪٿان ڪو خطرو ڏسن ٿا ته مڇرجي بيهن ٿا ۽ پنهنجي آپي ۾ نٿا رهن.

سچي سخاوت ۽ فياضي انهيءَ ۾ آهي ته اُنهن مول سببن کي ختم ڪيو وڃي ۽ اُنهن جي خاتمي لاءِ جدوجهد ڪئي وڃي، جيڪي ڪوڙي دانَ يا خيرات جي ڏيک کي قائم رکن ٿا. ڪوڙو دانُ يا خيرات، ڊنل، هيسيل ۽ ”زندگيءَ جي ڌڪاڻيل“ انسانن کي مجبور ٿو ڪري ته اُهي ”ان داتائن“ جي اڳيان پنهنجا ڏڪندڙ هٿ ٽنگين. سچي سخاوت اِنهيءَ ۾ آهي ته هڪ اهڙي صورتحال پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، جنهن ۾ اهڙا هٿ شخصن جا، يا قومن جا ڪنهن ”خيرات“ يا ”زڪوات“ لاءِ اُڀا نه ٿين، بلڪه اُهي جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ اهڙا انساني هٿ بڻجن، جيڪي ڪم ڪن ۽ ڪم ڪندي ڪندي دنيا کي تبديل ڪن.

سڄو ڏيهه ڏاٽا ڪري جي اُڀا،
لکين عيد جا چنڊ اُڀري پون.

                (اياز)

حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته هتي ٻه دنيائون قائم آهن- هڪ روحانيت پسندن جي ۽ ٻي جڙ-وادين جي. ٻه چٽا پٽا سماجي سرشتا، ٻه نظام، هڪ تقليد پسند ته ٻيو عقليت پسند. پهرينءَ دنيا يعني عقيدائي دنيا کي مڃڻ وارن کي لازمي طرح ٻيءَ دنيا يعني عقليت پسندن جي دنيا تان هٿ ڌوئڻو پوندو. عقليت پسند دنيا ۾ قدم رکڻ لاء پهرينءَ دنيا کي ڦٽو ڪرڻو پوندو، پورهيت طبقي لاءِ انهيءَ جو مطلب هي ٿيندو ته جيڪڏهن هو عقليت پسنديءَ تان هٿ کڻن ٿا ته ڄڻ هو اُن نئين دنيا تان هٿ ٿا کڻن، جيڪا سندن پنهنجي ئي ڪاوشن، ڪوششن، محنت ۽ هٿن جي ٺاهيل آهي، جيڪا سدائين تحرڪ ۾ آهي، ترقي پذير آهي، روشن آهي- اُن تان هٿ کڻڻ معنيٰ هڪ اهڙيءَ دنيا ۾ پير پائڻ، جيڪا پراڻي آهي، جتي سڀ ڪجهه اڳ ۾ ئي فيصل ٿيل آهي. طئي ٿيل آهي، جتي سڀئي انساني مسئلا اڳ ۾ ئي نبريل آهن.

اسان جو ويساهه آهي، ڪامل يقين آهي، اهو اسان جي زندگيءَ جو مقصد آهي، ته ماڻهن جي زندگي لڳاتار مادي حالتن پٽاندر ترقي ڪندڙ، سڌرندڙ رهي، ۽ پڻ اهو ته انساني عظمت  جي تڪميل لاءِ اُدم ڪرڻُ هڪ اهڙي حياتيءَ جي تعمير لاءِ ، جيڪا ڏکويل، پيڙيل، ڌڪاڻل، هيسيل ماڻهن سان بي لوث پيار واري جذبي سان ٽمٽار هجي، ۽ اهو ئي احساس هر هڪ فرد ۾ مضبوط ڪرڻُ، جو اسان جي حياتيءَ کي هڪ خاص معنيٰ ڏئي ٿو، ۽ انسان ذات سان پيار ڪرڻُ، هر ماڻهوءَ سان پيار ڪرڻُ ۽ انسان ذات جي قسمت ۾ هر فرد جي بهتر قسمت جي آرزو ڏسڻُ- انساني گروهه جي رهنمائيءَ لاءِ اِهي بنيادي اُصول آهن. اسان جو هي پڪو ويساهه آهي ته، ”انسان ئي هر شيءِ جو قدر آهي، ماڻ آهي.“

اَمُرَ کي آڏو ڦري سگهي ٿو انسان،
آهي ماڻهوءَ وسَ ۾، ازل کان امڪان،
ليلا! سو نادانُ، جيڪو لکيو لوڙئي.“

             (اياز)

انساني حياتي بامقصد ۽ سڦل تڏهن آهي، جڏهن اها اُتم آدرشن ۽ اعليٰ منزل لاءِ پاڻُ ارپڻ ٿيل هجي، جڏهن اها هڪ ڏنل وقت جي حدن اندر سڀئي ممڪن ۽ وڌ ۾ وڌ چڱايون ۽ انصاف حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي. اهو مقصد بهرحال، اهڙن خيالن توڙي جذبن کان نجات حاصل ڪرڻ جي تقاضا ڪري ٿو، جيڪي انساني زندگيءَ ۽ هن دنيا جي سرحدن کان ٻاهر يا پرانهان هجن.

اڄ هڪ پاسي، مذهب جو بچاءُ ڪندڙ نُنهن چوٽيءَ جا زور لائي اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رُڌل آهن ته ”جڙ- واد هڪ تنگ نظر خيال آهي، جيڪو سڀني قدرن کي تباهه ڪري ٿو، اهو اهم- واد (انا پرست) آهي ۽ ڪهڙيءَ به برائيءَ کان نه ڊڄندڙ ۽ خدا جي وجود کان انڪار ڪرڻ وارو نظريو آهي. جڙ-واد جو پرچار دين ۽ ايمان وارن خلاف هڪ منظم سازش آهي.“ ٻئي پاسي، اُهي پنهنجيءَ پر ۾ خاموشيءَ سان اهو به ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته، ”جڙ- واد فلسفو، دليلن ۽ سائنسي ڏيوالپڻي جو شڪار ۽ انسان دشمن سڀاءُ رکندڙ آهي.“

سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ڇا جڙ- وادين کي ايئن نندڻ وارن ۾ ڪا ساڃاهه به آهي؟ جڙ- وادي ته فقط اهو چاهين ٿا ته ماڻهن کي سندن پنهنجي دنيوي مسئلن جي حل ڳولڻ جي سلسلي ۾ حالتن پٽاندر، سماجي ادم جي بنيادن تي مدد ڪئي وڃي. هاڻي اهو فيصلو عوام تي ڇڏيل آهي ته اُهي انسان دشمن سڀاءُ رکندڙ ڪنهن کي ٿا سمجهن.

جڙ- وادين کي نندڻ جو عمل هڪ وسيع محاذ تان ڪيو پيو وڃي. پر جڙ- وادي انهيءَ لٻاڙ کي خاطر ۾ نه آڻيندي، سماج ۽ فرد جي وچ ۾ لاڳاپن جي سهج ۽ سڌار بابت جديد ترين ڄاڻ جي رهنمائيءَ ۾ ۽ ساڳيءَ طرح سماجياتي انگن اکرن جي مدد سان، سائنسي اُصولن ۽ ترڪيبن جي استعمال سان، انهيءَ ڪوشش ۾ رُڌل آهن ته هتي، هن ڌرتيءَ تي اهو سڀ ڪجهه حاصل ڪجي، جنهن جون سڌون ديندار ماڻهو هڪ مبهم دنيا ۾ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪن ٿا. اهو ئي اعليٰ ترين آدرش آهي، هڪ جڙ- واديءَ جو.

ماديت پسندي پنهنجي مختصر معنيٰ ۾ اَهم- واد (آءٌ- پڻي) جي هرگز داعي نه آهي ۽ نه ئي اُن ڪڏهن اهڙي هام هنئي آهي. اهو فلسفاڻي مول متي جو ڏنل هڪ روپ آهي، هن دنيا ۾ زندگيءَ ڏانهن مثبت لاڙن جو هڪ نظام آهي، هڪ نچوڙ آهي، جيڪو پنهنجي جوهر ۾ هن نظام جي گهٽ يا وڌ ضرورت ۽ منطق منجهان ڦُٽي نڪتو آهي. جڙ- واد فلسفو دنيا جي سماجي ۽ ثقافتي ترقيءَ جو هڪ منطقي نتيجو آهي.

هڪ مذهبي ماڻهوءَ لاءِ خدا هڪ بِلا اعتراض حقيقت آهي ۽ هو اُن جي پوڄا ڪري ٿو ۽ پڻ اُن جي طاقت ۾ ايمان رکي ٿو. هڪ مذهبي ماڻهو پنهنجي حياتيءَ ۾ جيڪا به شيءِ ماڻي ٿو، يا سندس زندگيءَ جا جيڪي به قدر آهن، سي خدا سان جڙيل آهن. هر ڪا شيءِ اُن طرفان اچي ٿي ۽ اُن ڏانهن واپس وڃي ٿي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو هڪ مؤمن لاءِ هر ڪم خدا جي رضا لاءِ اُن جي منشا مطابق هجي ٿو. سوال هيءُ آهي ته هڪ ناستڪ، هڪ جڙ- وادي، ڪنهن جي رضا لاءِ نيڪيءَ جا ڪم ڪري ٿو؟ ڇا، هڪ جڙ- واديءَ هٿان سرانجام ڏنل عوامي فلاح جا ڪم ”نيڪ عمل“ نه هوندا؟

جڙ- وادي فلسفو ماڻهوءَ کان اها تقاضا ڪري ٿو ته منجهس ايتري سگهه هئڻ گهرجي جو هُو حياتيءَ ۾ پنهنجي حقيقي حيثيت کي محسوس ڪري سگهي، سچائيءَ سان هُو اُن جنگ ۾ داخل ٿي سگهي ۽ اُن کي فتح ڪري سگهي.... جڙ- واد فلسفو جن بنيادن تي جوڙيل آهي، تن پٽاندر.... ماڻهو پنهنجي سڄي ساري ڄاڻ، سڄو سارو شعور وغيره حواسن، پنهنجي ذهن ۽ دنيا ۾ حاصل ٿيندڙ تجربن مان حاصل ڪري ٿو.

مارڪسي فلسفو هڪ سچي انسان لاءِ سماجي ۽ اخلاقي نظرين جي دنيائي فطرت کي قائم ڪري ٿو. اينگلس هڪ هنڌ لکيو هو: ”ماڻهوءَ لاءِ لازم آهي ته هو پنهنجو پاڻ کي سڃاڻي. حياتيءَ ۾ سڀني قسمن جي تعلقاتن جي پنهنجي سر ڪَٿ ڪري. کيس لازمي طرح اُنهن جي اهميت موجب اُنهن جي قيمت لڳائڻ گهرجي. پنهنجي فطرتي گهُرجن جي پورائي حاصل ڪرڻ لاءِ اسان کي سچ جي ڳولا هن ڪائنات جي حدن کان ڏورانهن، اڻ چٽن علائقن ۾ نه پر، پنهنجي آسپاس، پنهنجي ويجهو، حقيقتن جي تهه ۾ وڃي ڪرڻ گهرجي.

مارڪسي فلسفو تقدير پرستي، تصوراتي ڳالهين، مايوس ڪندڙ ويچارن، انسان کي غلام بڻائيندڙ اٽڪلن ۽ اٺ سٺن کي بلڪل رد ڪري ٿو. مارڪسي فلسفو ماڻهوءَ جي خوشي، سندس انساني وجود ۽ آزاديءَ کي پنهنجي توجهه جو مرڪز بڻائي ٿو. ماضيءَ جا سڀئي ماديت پسند- ايپيڪيورس کان وٺي ويندي فرانسيسي ماديت پسندن تائين ۽ لڊوگ فيوئر باخ تائين، سڀني اُهو پرچار ڪيو آهي، اهو ئي درس ڏنو آهي.

هڪ جڙ- واديءَ جو ڪم هُن کان انسان لاءِ اٿاهه پيار، بي لوث خدمت، بي غرضيءَ، حڪمت، بي انت فهم ۽ فراست جي تقاضا ڪري ٿو. ماديت جي سکيا، ڦرمارَ ۽ دغابازيءَ وغيره کان مڪمل طرح آجي آهي، جيڪڏهن هيئن چئجي ته ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو ته ان ۾ حيوانيت وارو ڪوبه عنصر ڪونهي ۽ اها جيئن جيئن ماڻهوءَ جي ڀلائيءَ جو فريضو سرانجام ڏيندي ويندي، ان ڳالهه کي تيئن تيئن ٻنهي عملن سان سچو ثابت ڪري سگهندي. ماديت پسندن جي نظرين جي سچائي، سندن سوچڻ جي آدرشي نموني ۽ سندن زندگي گهارڻ واري انسان پسند طريقي مان ثابت ڪري سگهجي ٿي.

جڙ-واد فلسفو هڪ فرد کي شخصي آزادي ڏياري ٿو، کيس هڪ ٻيءَ دنيا وڌيڪ حقيقي دنيا ۽ سچيءَ پچيءَ دنيا کان واقفيت حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿو، جنهن جا مول متا بنا ڪنهن شڪ شبهي جي لاکيڻا ۽ فخر ڪرڻ جوڳا آهن. تنهن هوندي به جڙ- واد جي اؤسر وارين ڪوششن کي اسين فقط تڏهن ئي واجب ۽ مناسب قرار ڏئي سگهون ٿا، جڏهن اُهي هڪ ماڻهوءَ جي حياتيءَ کي وڌيڪ سؤلو ۽ سهنجو بڻائن ۽ جيڪڏهن اُهي گگدام، اٻوجهه ۽ ساده لوح عوام جي زندگين کي هڪ بامقصد معنيٰ ڏيڻ ۾ ڪامياب وڃن، سندن موجوده بي وسي، رحم جوڳي حالت جي ڪايا پلٽ ڪري وجهن، تڏهن ئي اسين اهڙين ڪوششن کي واجب قرار ڏئي سگهنداسين.

جي جهنگ ڪندو تنگ ته ساڙي اچبو،
ايندو بيابان ته لتاڙي اچبو،
او منزل مقصود توسان واعدو آ،
آيو جي اڳيان اُڀ ته به ڦاڙي اچبو.

                    (استاد بخاري)

3- ماڻهو جديد نظريا ڇو قبولين ٿا؟:

هيءَ ڪائنات لڪل اسرارن جو هڪ اکُٽ خزانو آهي، گياني ماڻهن، فلسفين ۽ سائنسدانن هزارين سالن جي لڳاتار ۽ اڻٿڪ مٿاڪُٽ، عقلي دليلن، سوچ ويچارن، مشاهدن ۽ تجربن کانپوءِ نيٺ اها راءِ قائم ڪئي آهي ته هيءَ دنيا هڪ مادي دنيا آهي، يعني اها مادي منجهان وجود ۾ آئي آهي. ڪائنات جو هر جنسار، هر لقاءُ مادي منجهان وجود ۾ آيو آهي. اسين انسان، جيڪي اشرف المخلوقات هستي آهيون، سي پڻ مادي جي پيداوار يا مادي مان ٺهيل آهيون. ڪائنات جي هڪ بنهه خسيس جُز، پر گڏوگڏ شعوري خصلت رکڻ جي ڪري اسين روزانو هن جنسار ۾ سوين لقاءُ ڏسون ٿا. قدرتي جنسارن ۽ لقائن تي سوچيندي، اسين اُنهن جي ڳُجهن رازن ۽ رمزن کي ڳولڻ ۾ مُنجهي پوندا آهيون. گرهه، اُپگرهه، تارا، چنڊ، سج ۽ ڌرتي، اهو سڀ ڪجهه ڇا آهي؟ ڪٿان آيا، موت پڄاڻان ڇا ٿو ٿئي؟ خوشي ۽ خوشحالي ڇا آهي؟ اهڙو سماج ڪيئن جُڙي جنهن ۾ سڀ انسان برابر ۽ سُکي ۽ سَرها هجن؟ زندگيءَ جو مقصد ڇا آهي يا ڇا هجڻ گهرجي؟ اهي ۽ ان جهڙا ٻيا بيشمار سوال هميشه ۽ هر جاءِ تي اسان جي ذهن ۾ اُڀري اچن ٿا، اهي سوال اڻٽر ۽ اَشد ضروري آهن. اُتي هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڇا اهڙن سوالن جو جواب ڏئي سگهجي ٿو؟ فلسفي جي سڄي تاريخ اهڙي قسم جي بحث مباحثن سان ڀري پئي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: