سيڪشن؛ فلسفو |
ڪتاب: موڪلاڻي |
باب:
-- |
صفحو :8 |
45
سقراط ڪجهه وقت ترسيو ۽ خيال ڪيائين. پوءِ هن چيو ته، ڪيبيز تو
ڪو سولو سوال نه اٿاريو آهي. اسان کي پيدا ٿيڻ
۽ ناس ٿيڻ جي سببن جي سڄي مسئلي تي پوري طرح
جاچ جوچ ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن تنهنجي مرضي هجي
ته، آءُ خود پنهنجا تجربا تو اڳيان پيش ڪريان،
۽ جيڪڏهن تون ڀائين ته جيڪي آءُ چوان تنهن مان
ڪنهن ڳالهه کي تون ڪم آڻي سگهين ٿو ته، تون
ڀلي انهيءَ کي پنهنجن خطرن دور ڪرڻ لاءِ ڪتب
آڻ.
ڪيبيز چيو ته، تحقيق، منهنجي مرضي آهي ته آءُ تنهنجا تجربا
ٻڌان.
هن ورندي ڏني ته، ڪيبيز، تڏهن به ته ٻڌايانءِ، جڏهن آءُ جوان
مڙس هوس تڏهن مون کي انهيءَ حڪمت لاءِ بيحد
شوق هو، جنهن کي علم طبعي سڏين ٿا، آءُ
ڀائيندو هوس ته سڀ ڪنهن شيءِ جي سبب مان واقف
ٿيڻ ڏاڍي چڱي ڳالهه آهي؛ ته ڇو ڪا شيءِ هستيءَ
۾ اچي ٿي، ۽ ڇو اها ناس ٿئي ٿي، ۽ ڇو اها حيات
رهي ٿي. آءُ سدائين پيو پاڻ کي اهڙن مسئلن سان
هلاک ڪندو هوس ته ائين آهي ڇا ته، زنده شيون
ڪا خاص صورت اختيار ڪن ٿيون، گرميءَ ۽ سرديءَ
جي جوش ڪري، جيئن ڪن ماڻهن جو چوڻ آهي؟ جنهن
شيءِ وسيلي اسين تصور ڪريون ٿا سا رت آهي، هوا
آهي، يا باهه آهي؟ يا انهن مان ڪابه نه آهي،
پر مغز آهي جو ٻڌڻ ۽ ڏسڻ ۽ سنگهڻ جا حواس ڏئي
ٿو، ۽ حافظو ۽ خيال ان مان اُڀرن ٿا، ۽ جڏهين
حافظو ۽ خيال آرام جي حالت ۾ آهن تڏهن علم
الهام جي صورت ۾ اچي ٿو؟ وري، آءُ انهن شين جي
ڊهڻ، ۽ زمين ۽ آسمان جي انقلابن تي غور ڪندو
هوس. تان جو مون محسوس ڪيو ته، آءُ اڀياسن جو
بلڪل ۽ بنهه لائق ڪين هوس. اها ڳالهه آءُ توکي
چڱي طرح ثابت ڪري ڏيکاريندس. انهن اڀياس جي
ڪري آءُ اهڙو ته انڌو ٿي پيس جو جيڪي اڳي پاڻ
توڙي ٻين بابت چڱي طرح ڄاڻندو هوس، سو به
وساري ويٺس. جيڪي آءُ ڀائيندو هوس ته ڄاڻان ٿو
سو سڀ دل تان لاهي ڇڏيم؛ خود انسان جي واڌ جو
سبب به، اڳي آءُ صاف سمجهندو هوس ته واڌ جو
سبب آهي کائڻ ۽ پيئڻ؛ ۽ ته، جڏهن کاڌي مان
گوشت تي گوشت چڙهي ٿو، هڏ وڌي ٿو، ۽ ساڳئي
نموني ۾ جسم جي ٻين ڀاڱن ۾ سندن ضروري جزا
ملايا وڃن ٿا، تڏهن درجي بدرجي ننڍو قدم وڌي
وڏو ٿئي ٿو، ۽ ائين ڇوڪرو مرد ٿئي ٿو. تون نٿو
ڀائين ته منهنجو خيال واجبي هو؟
ڪيبيز چيو ته، آءُ ڀانيان ٿو ته اهو واجبي هو.
اڃا ٻيو به تجربو تنهنجي اڳيان پيش ڪندس. منهنجي دل ۾ ڪوبه شڪ
پيدا نه ٿيندو هو، جڏهن آءُ ڪنهن ڊگهي ماڻهوءَ
کي ڪنهن ڪوتاهه قد ماڻهوءَ جي ڀر ۾ بيٺل ڏسندو
هوس، ته هڪڙو ٻئي کان سر جيترو سوايو آهي، يا،
ساڳئي دستور موجب، هڪڙو گهوڙو ٻئي کان وڏو نظر
ايندو آهي. هيءَ ڳالهه ته پاڻ منهنجي لاءِ
وڌيڪ صاف هوندي هئي ته ڏهه، اٺن کان ٻن جي جوڙ
سان وڌيڪ آهن، ۽ ڪا شيءِ ٻه هٿ ڊگهي، پنهنجي
ڊيگهه جي اڌ جيتري وڌيڪ لنبي آهي ان شيءِ کان
جا هڪ هٿ ڊگهي آهي.
ڪيبيز پڇيو ته، ۽ هاڻي تون ڇا ٿو سمجهين؟
آءُ ڀانيان ٿو ته مون کي ڪوبه يقين نه آهي ته ڪو مون کي انهن
ڳالهين مان ڪهڙي جي به سبب جي خبر آهي. ڇو ته،
جڏهن هڪ هڪ سان جوڙ ڪيو وڃي ٿو، تڏهن مون کي
پڪ نه آهي ته اهو هڪ جنهن سان هڪ جوڙ ڪيو ويو
آهي سو ٻه ٿي پيو آهي، يا اهو هڪ جو جوڙ ڪيو
ويو آهي ۽ اهو هڪ جنهن سان هو جوڙ ڪيو ويو
آهي، سي جوڙ سبب، ٻه ٿي پيا آهن. آءُ سمجهي
نٿو سگهان ته ڪيئن، جڏهن اهي گڏ ڪيا ٿا وڃن،
اهو ميلاپ، يا هڪڙي جو ٻئي جي ڀرسان رکڻ، سبب
ٿئي ٿو هنن جي ٻن ٿيڻ جو، ڇو ته، جڏهن اهي جدا
هئا، تڏهن انهن مان هر ڪو هڪ هو، ۽ اهي ٻه نه
هئا. نڪي، وري، جڏهن هڪ کي ٻن ۾ ورهائجي ٿو،
مون کي يقين ٿئي ٿو ته هي ورهاڱو ئي سبب ٿئي
ٿو هڪ جي ٻن ٿيڻ جو؛ ڇو ته تڏهن ڪا شيءِ ٻه ٿي
ٿئي بلڪ مخالف سببن منجهان. پهرينءَ حالت ۾
ائين ٿيو ڇو جو ٻه ايڪا گڏ آندا ويا، ۽ هڪڙو
ٻئي سان جوڙ ڪيو ويو، ۽ هاڻي وري ائين ٿئي ٿو
جو هو ڌار ڪيا وڃن ٿا، ۽ هڪڙو ٻئي کان ورهايو
وڃي ٿو. نڪي، وري آءُ پاڻ کي قبول ڪرائي
سگهندس ته آءُ ڄاڻان ٿو ته ڪيئن هڪڙو پيدا ٿئي
ٿو، مطلب ته، هي دستور ڪنهن به شيءِ جي پيدا
ٿيڻ، ڊهڻ يا زنده رهڻ جو سبب مون کي ڏيکاري
نٿو سگهي. مون کي پنهنجي دل ۾ هڪڙي ٻئي طريقي
جو منجهيل خيال بيٺل آهي، پر آءُ هن دستور کي
لحظي لاءِ به قبول ڪين ڪندس.
46
پر هڪڙي ڏينهن مون هڪڙي ماڻهوءَ ڏي ڪن ڏنو، جنهن چيو ٿي ته، هن
انئڪسئگورس جو ڪو ڪتاب پڙهيو هو. جنهن ۾
ڏيکاريل هو ته ضمير ئي آهي جو حڪم ڏئي ٿو ۽
سڀني شين جو سبب آهي. هي قياس مون کي پسند
آهي؛ مون کي اها ڳالهه برابر نظر آئي ته، ضمير
سڀني شين جو سبب ٿيڻ گهرجي، ۽ مون کي پنهنجي
اندر ۾ ويچار ڪيو ته، جيڪڏهن ائين آهي ته ائين
ضمير هر ڪنهن شيءِ کي سڀ کان سهڻي نموني ۾
انتظام ۽ حڪم هيٺ ٿيڻ يا ڊهڻ يا حيات رهڻ جو
سبب هٿ ڪريون، ته اسان کي معلوم ڪرڻ گهرجي ته
ڪيئن اها شيءِ سڀ کان سهڻي دستور موجب حيات
رهي سگهندي، يا ڪم ڪري سگهندي يا مٿس ڪم ٿي
سگهندو، تنهنڪري ماڻهوءَ کي فقط ايترو تصور
ڪرڻ گهرجي ته سڀ کان سهڻي ۽ واجبي ڳالهه سندس
لاءِ، يا ٻين شين لاءِ، ڪهڙي آهي، ۽ پوءِ ضرور
اهو نتيجو نڪرندو ته هو ڄاڻندو ته خراب ڳالهه
ڪهڙي آهي؛ ڇو ته اهي ٻئي ڳالهيون هڪڙي ئي علم
۾ چي وڃن ٿيون. انهن خيالن مون کي گهڻي خوشي
ڏني. مون سمجهيو ته مون پنهنجي دل موافق هستي
جي سبب جو ڄاڻندڙ انئڪسئگورس ۾ هٿ ڪيو آهي، ۽
مون اميد ڪئي ته هو پهريائين مون کي ٻڌائيندو
ته ڌرتي سئين آهي يا گول، ۽ پوءِ مون کي
انهيءَ جو سبب به ضرور سمجهائيندو، ۽ چوندو ته
سڀ کان بهتر ڳالهه ڪهڙي آهي، ۽ ڪيئن ڌرتيءَ
لاءِ اهڙي صورت هئڻ سڀ کان بهتر آهي. جيڪڏهن
هو چوندو ته ڌرتي ساري ڪائنات جي وچ تي آهي ته
مون ڄاتو، هو سمجهائيندو ته هن جو انهيءَ هنڌ
رهڻ هن جي لاءِ سڀ کان سهڻي ڳالهه آهي؛ ۽ آءُ
تيار هوس ته هو جيڪڏهن مون کي هيءَ ڳالهه صاف
ڪري ڏيندو ته آءُ ٻئي ڪنهن قسم جو سبب نه
پڇندس. هن ساڳي ئي دستور موجب آءُ تيار هوس.
سج، چنڊ ۽ تارن بابت سوالن پڇڻ لاءِ ۽ انهن جي
متعلق رفتارن ۽ گردشن ۽ ڦيرن نسبت؛ ۽ آءُ تيار
هوس ته ٻڌان ته ڇو انهن مان هر هڪ لاءِ سڀ کان
سهڻي ڳالهه آهي ائين ڪرڻ ۽ ٿيڻ جيئن ٿي رهيو
آهي. مون بلڪل نٿي ڀانيو ته، جڏهن هن چيو ته
سڀ شيون ضمير جي حڪم هيٺ آهن، تڏهين هو انهن
جي ائين هئڻ لاءِ هن کان سواءِ ڪو ٻيو سبب
ڏيندو ته، هنن لاءِ ائين رهڻ سڀ کان سهڻي
ڳالهه آهي. مون ڄاتو ته هو هرهڪ شيءِ لاءِ سبب
ڄاڻائيندو، ۽ هن عالم جو به سبب ڏيندو، ۽ پوءِ
مون کي سمجهائيندو ته، هر هڪ شيءِ لاءِ سڀ کان
سهڻي ڳالهه ڪهڙي آهي، ۽ سڀني جي چڱائي ڇا ۾
آهي. ڪيترو به کڻي حاصل ٿيم ها ته به جيڪر آءُ
پنهنجون اميدون ڪين وڪڻان ها مون وڏي شوق مان
اهي ڪتاب هٿ ڪيا، ۽ جيترو جلد ٿي سگهيو ايترو
انهن کي پرهيم، انهيءَ لاءِ ته خبر پويم ته سڀ
کان سٺي ڳالهه ڪهڙي آهي ۽ خراب ڪهڙي آهي.
47
منهنجا دوست، منهنجون سڀئي عاليشان اميدون چٽ ٿي ويون، ڇو ته
جيئن آءُ پڙهندو ويس، تيئن مون ڏٺو ته مصنف
ضمير مان ڪوبه ڪم نه ورتو، ۽ هن شين جي انتظام
لاءِ ڪي به سبب نه ڏنا،هن جيڪي سبب ڏنا
سي هئا، هوا، لاوا، ۽ پاڻي، ۽ ٻيون ڪيتريون
عجيب شيون. مون سمجهيو ته هو بلڪل اهڙي
ماڻهوءَ وانگر آهي جو شروع ۾ چوي ته، جڏهن هو
منهنجي هر هڪ فعل جي سبب ڏيڻ جي ڪوشش ڪري،
تڏهين چوي ته، پهريون ته، آءُ هٿ هينئر ويٺو
آهيان، ڇو جو منهنجو جسم هڏن ۽ رڳن جو جڙيل
آهي، ۽ هڏا سخت آهن ۽ هڪٻئي کان سنڌن جي ڪري
جدا ٿيل آهن، ۽ رڳون ڇڪي ۽ ڍريون ڪري سگهجن
ٿيون، ۽ اهي گوشت سميت، ۽ کل سميت جا هنن کي
گڏ رکي ٿي، هڏهن کي ڍڪين ٿيون؛ ۽ تنهنڪري،
جڏهن هڏا پنهنجن جاين تان کڙا ڪيا وڃن ٿا،
تڏهن رڳن جي ڍرائي ۽ ڇڪ مون لاءِ ممڪن ڪري ٿي
ته، آءُ پنهنجا عضوا نوڙائي سگهان ۽ چوري
سگهان، ۽ اهوئي سبب آهي منهنجي هن وقت هت
ڄنگهن لڙڪائي ۽ وهڻ جو. ۽ انهيءَ ساڳيئي دستور
موجب هو سمجهائيندو ته ڇو آءُ اوهان سان
ڳالهايان ٿو: هو آواز، هوا ۽ ٻڌڻ، ۽ ٻيا
هزارين سبب ڏيندو؛ پر سچو سبب ڏيڻ هن کان بلڪل
ڀلجي ويندو، جو آهي ته جنهن صورت ۾ اٿينس
واسين مون کي ڏوهاري ٺهرائڻ واجبي سمجهيو آهي
ته جنهن صورت ۾ هتي وهڻ ۽ جيڪا به سزا هو مون
تي مقرر ڪرڻ برابر سمجهن سا قبول ڪرڻ، مون
واجب سمجهيو آهي؛ ڇو ته، مون کي مصر جي ڪتي جو
سنهن آهي ته آءُ ڀانيان ٿو ته هي رڳون ۽ هڏا
گهڻو اڳي جيڪر ميگارا يا بويوشيا ۾ وڃي نڪرن
ها، ۽ اها ڳالهه جيڪر هنن جي نظر ۾ سڀ کان
سهڻي لڳي ها، پر مون سمجهو ته چڱائي ۽ عزت
انهيءَ ڳالهه ۾ آهي ته جيڪا به سزا سرڪار مقرر
ڪري سا سهجي، ۽ ڀاڄ وسيلي جند نه ڇٽائجي. پر
اهڙين شين کي سبب سمجهڻ اجائي ڳالهه آهي.
جيڪڏهن ائين چيو وڃي ته هڏن ۽ رڳن توڙي پنهنجي
جسم جي ٻين ڀاڱن کان سواءِ، آءُ جيڪر پنهنجن
ارادن کي عمل هيٺ آڻي ڪين سگهان ها، ته اها
ڳالهه برابر ٿئي ها. پر ائين چوڻ ته جيڪي آءُ
ڪريان ٿو، تن جا اهي سبب آهن، ۽ ته اهو ئي
دستور آهي، جنهن موجب آءُ ضمير جي وسيلي ڪم
ڪريان ٿو، ۽ نه جيڪا سڀ کان سهڻي ڳالهه آهي
تنهنجي اختيار ڪرڻ سان، سو آهي ڳالهائڻ جو نا
محڪم ۽ بي احتياط نمونو. انهيءَ جي معنيَ فقط
هيءَ آهي ته ڪو ماڻهو سچي سبب کي انهي کان
سواءِ سڃاڻي نه سگهي، جنهن کان سواءِ سبب سبب
ٿي نٿو سگهي، ۽ آءُ ڀانيان ٿو ته؛ اهوئي آهي
جنهن کي، عام ماڻهو، اونداهي ۾ هٿوراڙيون
ڏيندي، سبب ڪري سڏين ٿا، ۽ هن کي اهڙو نالو
ڏين ٿا جو هن جو نه آهي. ۽ اهڙي طرح ڪو ماڻهو
چوي ٿو ته ڌرتيءَ جي چوگرد اونهون ڪن آهي، ۽
عرش هن کي کنيو بيٺو آهي. وري ڪو ٻيو چوي ٿو
ته ڌرتي هڪ سنئين تئي جي مثل آهي، ۽ هوا تي
بيٺل آهي. پر هو انهيءَ طاقت کي معلوم ڪرڻ جو
ڪوبه خيال نٿا ڪن جا انهن شين کان وڌيڪ چڱائي
آهي؛ نڪي هو ڀائين ٿا ته اهڙي طاقت کي قدرتي
زور اصل آهي. هو اميد رکن ٿا ته کين خبر پوندي
ته ڪو وڌيڪ سگهار ۽ جٽائدار ۽ هوشيار پهلوان
ائٽلس وانگر هوندو جو دنيا کي جهليو بيٺو آهي.
۽ ذري برابر به اهو نٿا ڀائين ته ڪو چڱائي جو
مصبوط زور ئي آهي جو دنيا جي شين کي جهليو ۽
کنيو بيٺو آهي. آءُ جيڪر گهڻي خوشيءَ سان
انهيءَ سبب جي فطرت جو احوال ڪنهن ماڻهوءَ کان
سکان؛ پر انهيءَ کي پاڻهي ڳولي هٿ ڪرن ۾ يا
ڪنهن ٻئي وٽان سکڻ ۾ آءُ بلڪل ناڪامياب ٿيو
آهيان. پر، منهنجي ڪمان کي ٻي تند به هئي، ۽
شايد، ڪيبيز، تون چاهيندين ته آءُ توکي بيان
ڪري ٻڌايان ته ڪيئن مون انهيءَ سبب جي ڳولا ۾
قدم کنيون.
هن ورندي ڏني ته، سچ پچ آءُ گهڻو چاهيان ٿو ته تنهنجو بيان
ٻڌان.