سيڪشن؛ فلسفو |
ڪتاب: موڪلاڻي |
باب:
-- |
صفحو :2 |
6
سقراط، تڏهن ڀلا ڪهڙو سبب آهي انهيءَ چوڻيءَ جو ته ”پاڻ“ کي
پاڻهي مارڻ گناهه آهي؟ ائين برابر آهي ته جڏهن
فلولاس ٿيبس ۾ رهندو هو، تڏهن مون هن کان ٻڌو
هو ته ائين ڪرڻ روا نه آهي. مون اها ساڳي
ڳالهه ٻين جي واتان به ٻڌي آهي، پر مون هن
مسئلي نسبت ڪا پوري خاطريءَ جهڙي خبر هنن وٽان
ڪانه ٻڌي آهي.
هن چيو ته، تون دلجاءِ ڪر، شايد ڪنهن ڏينهن تون اهي ڳالهيون
ٻڌندين، پر توکي البت انهيءَ تي عجب لڳندو ته
هي قاعدو ٻين انهن قاعدن وانگر نه آهي، جيڪي
انسانن سان لاڳاپو رکن ٿا، ڇو ته هي بنا شرط
قطعي سچو آهي، ۽ ائين نه آهي ته ڪو موت فقط ڪن
ماڻهن لاءِ ۽ ڪن وقتن تي حياتي کان چڱو آهي.
شايد توکي حيرت لڳندي جيڪڏهن آءُ توکي چوندس
ته اهي ماڻهو به جن لاءِ مرڻ سڀ کان چڱو ٿيندو
تن کي پڻ پنهنجي پاڻ ائين ڪرڻ نه کپي، پر کين
ترسڻ کپي جيسين ڪو ٻاهران اهڙو نيڪوڪار اچي
سندن لاءِ اهم ڪم سرانجام ڏئي.
ڪيبيز کلي آهستگي سان پنهنجي ملڪي زبان ۾ چيو ته، واهه.
سقراط چيو ته، هائو، هيءَ ڳالهه اهڙي طرح پيش ڪرڻ سان عجيب
لڳندي، پر هن لاءِ سبب ڏئي سگهبو. جيڪو سبب
مخفي علم هن ڳالهه لاءِ ڏئي ٿو، ته انسان هڪڙي
قسم جي قيد ۾ آهي، پر کيس پاڻ کي پاڻ آزاد ڪرڻ
يا ڀڄي وڃڻ نه کپي، سو منهنجي نظر ۾ ذرا عميق
آهي ۽ انهيءَ جو تهه ڳولڻ سڀ ڪنهن لاءِ سولو
نه آهي. ڪيبيز، پر مون کي پڪ آهي ته اها ڳالهه
سچي آهي ته خدا اسان جا نگهبان آهن ۽ اسين
انسان هنن جي ملڪيت آهيون. تون نه ٿو ڀائين ته
اها ڳالهه سچي آهي؟
ڪيبيز چيو ته، هائو، منهنجو انهيءَ ڳالهه تي پختو اعتبار آهي.
هن چيو ته، چڱو، جيڪڏهن تنهنجي مال (جانورن) مان ڪو تنهنجي
رضامندي کانسواءِ گهڻو چارو چري يا ڪنهن ٻئي
سبب سان پاڻ کي ماري وجهي، ته جيڪر تون خفا
ٿين؟ جيڪڏهن ائين ڪرڻ ممڪن هجي ته تون جيڪر
انهيءَ کي سزا ڏين.
هن جواب ڏنو ته، ضرور.
تڏهين هن ريت ائين سمجهڻ شايد غير واجبي نه ٿيندو ته ڪنهن به
ماڻهوءِ کي پنهنجي پاڻ حياتي وٺڻ جو حق ڪونهي،
پر سڀ ڪنهن کي ترسڻ گهرجي جيسين خدا هن تي اها
ضرورت موڪلي، جيئن اها هنيئر مون ڏي موڪلي وئي
آهي.
7
ڪيبيز چيو ته، هائو، اها ڳالهه فطرت موجب صحيح آهي. پر تو هينئر
چيو ته فيلسوف مرڻ جي خواهش رکندو. سقراط، اها
هڪ مونجهاري جهڙي ڳالهه ڪين آهي ته خدا اسان
جو نگهبان آهي ۽ اسين هن جي ملڪيت آهيون. ائين
چوڻ واجب ڪين ٿيندو ته ڪو سياڻو ماڻهو انهيءَ
نوڪري ڇڏڻ جي خواهش رکندو جا خدائن، جي سڀني
کان وڌيڪ چڱا حاڪم آهن، هن تي مقرر ڪئي آهي.
هو اهو ڪڏهن به ڪين ڀائيندو ته جڏهن آءُ آزاد
ٿيندس تڏهن آءُ پنهنجي سنڀال خدائن کان وڌيڪ
بهتر ڪري سگهندس. ڪو بيوقوف شايدائين ڀائين ته
پنهنجي مالڪ وٽان ڀڄي وڃڻ چڱو ٿيندو. هو شايد
اهو خيال ڪين ڪندو ته ڪنهن چڱي مالڪ وٽان ڀڄي
وڃڻ درست نه آهي، پر جيسين ٿي سگهي تيسين هن
سان گڏ رهڻ جڳائي، ۽ اهڙيءَ طرح پنهنجي
بيوقوفي جي ڪري شايد ڀڄي وڃي؛ پر سياڻو ماڻهو
ضرور خواهش رکندو ته سدائين انهيءَ سان گڏ
هجان جو پاڻ کان بهتر نگهبان آهي. پر سقراط،
جيڪڏهن هيءَ ڳالهه سچي آهي ته ائين جيڪي تو
چيو آهي، تنهن جي ابتڙ ٿيڻ گهرجي. سياڻي
ماڻهوءَ کي مرڻ تي افسوس ٿيڻ کپي ۽ بيوقوف کي
انهيءَ تي خوش ٿيڻ کپي.
مون ڏٺو ته ڪيبيز جي حجت تي سقراط خوش ٿيو. هن اسان ڏانهن
نهاريو ۽ چيائين ته ڪيبيز هميشه مباحثي ۾ هر
پهلوءَ تي چڱي نموني بحث ڪري ٿو ۽ ڪنهن جي به
ڳالهه تي يڪدم اعتبار نٿو ڪري.
سمئس چيو ته، هائو، سقراط، پر آءُ ڀانيان ٿو ته جيڪي ڪيبيز چوي
ٿو تنهن ۾ ڪجهه معنيَ آهي. عاقل انسان پنهنجن
مالڪن وٽان ڇو ڀڄي وڃن، جي کانئن بهتر آهن، ۽
ڇو هو پنهنجي نوڪري تڪڙ سان ڇڏي وڃن؟ آءُ
ڀانيان ٿو ته ڪيبيز جي حجت توڏانهن لاڳاپو رکي
ٿو، جو تون اسان کي ۽ خدائن کي ڇڏي وڃڻ لاءِ
ايترو تڪڙو تيار آهين، جيتوڻيڪ تون پاڻ قبول
ڪرين ٿو ته خدا چڱا حاڪم آهن.
هن چيو ته واجبي ٿو چوين. آءُ ڀانيان ٿو ته تنهنجو مطلب آهي ته،
آءُ هن تهمت لاءِ بچاءُ پيش ڪريان، ڄڻ ته
قاعدي جي ڪورٽ ۾ آهيان.
سمئس چيو ته، اسان جي معنيَ اهائي آهي.
8
هن ورندي ڏني ته، چڱو آءُ ڪوشش ڪندس ته منهنجو بچاءُ اوهان وٽ
وڌيڪ سوڀارو ٿئي، انهيءَ بچاءَ کان جيڪو مون
ڪيس وقت منصفن جي روبرو پيش ڪيو هو.
هن چيو ته، ڪيبيز ۽ سمئس، جيڪڏهن مون کي خيال نه هجي ته آءُ ٻين
انهن خدائن وٽ رهندس، جي وڌيڪ چڱا ۽ سياڻا
آهن، ۽ ٻين اهڙن فوت ٿيل ماڻهن وٽ وڃي پهچندس،
جي هن دنيا جي ماڻهن کان گهڻو بهتر آهن ته،
پوءِ موت تي افسوس نه ڪرڻ منهنجي وڏي غلطي
ليکجي؛ پر اوهان کي سمجهڻ گهرجي ته مون کي
اميد آهي ته آءُ چڱن ماڻهن سان وڃي رهندس،
جيتوڻيڪ مون کي انهيءَ لاءِ پڪي خاطري نه آهي؛
ليڪن مون کي انهيءَ لاءِ بلڪل خاطري آهي ته
آءُء اهڙن خدائن وٽ وڃي رهندس، جي بلڪل چڱا ۽
سياڻا آهن. تنهن ڪري مون کي موت تي ايترو
افسوس نٿو ٿئي. مونکي يقين آهي ته فوت ٿيلن کي
به هڪ قسم جي هستي ٿئي ٿي، ۽ جيئن قديم چوڻي
آهي ته، ”اها هستي نيڪو ڪارن لاءِ بدڪارن کان
گهڻو بهتر آهي.“
سمئس چيو ته، چڱو، سقراط اهو اعتقاد تون رڳو پاڻ وٽ ئي رکندين ۽
هليو ويندين، يا اسان کي به انهيءَ مان ڪو حصو
ڏيندين؟ ڇو ته اسان جو هن فائدي ۾ واسطو آهي.
جيڪڏهن هن ڳالهه جو تون اسان کي اعتبار ڏياري
وٺين ته، ڄڻ تون پنهنجو بچاءُ پيش ڪري چڪين.
هن جواب ڏنو ته، آءُ ڪوشش ڪندس. پر آءُ ڀانيان ٿو ته ڪريٽو کي
مون سان ڳالهائڻو آهي. اچو ته پهريائين ٻڌون
ته هن کي ڇا چوڻو آهي.
ڪرٽيو چيو ته، سقراط، فقط ايترو ته، جيڪو ماڻهو توکي زهر ڏيندو،
سو چوي ٿو ته، توکي گهڻو ڳالهائڻ نه کپي. هو
چوي ٿو ته ڳالهائڻ ماڻهوءَ کي گرم رکي ٿو ۽
گرمي زهر جي اثر کي آڏو اچي ٿي. جيڪي پاڻ کي
جوش ۾ آڻيندا آهن، تن کي ٻه يا ٽي دفعا به زهر
پيڻو پوندو آهي.
سقراط چيو ته، ڀلي ائين ٿئي، هن کي پنهنجي ڪم تي ڌيان ڌرڻ کپي،
۽ جي ضرورت ٿئي ته هو ڀلي مون کي ٻه يا ٽي
ڀيرا زهر جو پيالو پيش ڪري، آءُ هن سان سراسر
سهڪاري رهندس.
ڪرٽيو چيو ته، مون کي معلوم هو ته تون اهوئي جواب ڏيندين، پر هن
ماڻهوءَ مون کي گهڻو تاڪيد ڪندي چيو آهي.
سقراط جواب ڏنو ته، هن جو خيال نه ڪر، پر هاڻي منهنجا منصفو مون
کي اوهان کي سمجهائڻو آهي ته، آءُ ائين ڇو ٿو
سمجهان ته جنهن ماڻهوءَ ساري عمر فيلسوفي ۾
گذاري آيه، تنهن کي مرڻ وقت خوش ٿيڻ جو سبب
آهي، ۽ هو مرڻ بعد ٻيءَ دنيا ۾ سڀ کان اعليَ
فائدي جي اميد رکي سگهي ٿو. سمئس ۽ ڪيبيز، آءُ
اوهان کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندس ته هيءَ ڳالهه
ڪيئن آهي.
9
دنيا شايد ڏسي نٿي سگهي ته جيڪي سچيءَ طرح فيلسوفيءَ ۾ مشغول
ٿين ٿا، سي سڀ وقت موت جو اڀياس پيا ٿا ڪن. ۽
جيڪڏهن پڪ سان ائين آهي ته عجب جي ڳالهه ٿيندي
ته ڪو ماڻهو ساري عمر فقط موت لاءِ خواهش رکي،
۽ جڏهن موت وٽس اچي، تڏهن انهيءَ تي خفا ٿئي،
جيتوڻيڪ هيترو وقت انهيءَ کي پرکيو/ پروڙيو
اٿس ۽ هن لاءِ آرزو به رکي اٿس.
سمئس کلي ڏنو ۽ چيائين ته، پڪ سان، سقراط، تون ته مون کي کلائين
ٿو، جيتوڻيڪ هن وقت آءُ کلڻ جي خو ۾ ناهيان.
جيڪڏهن عام خلق هيءَ ڳالهه ٻڌي ته، آءُ ڀانيان
ٿو ته، هو قبول ڪندا ته جيڪي تون فيلسوفن نسبت
چوين ٿو، سو بلڪل سچ آهي، ۽ منهنجا ڳوٺائي به
توسان بلڪل شامل راءِ ٿيندا ته بيشڪ فقط
فيلسوف مرڻ لاءِ مشتاق رهن ٿا، ۽ هو چوندا ته،
کين پوري خبر آهي ته فيلسوف قتل ڪرڻ لائق آهن.
سمئس، هنن جي ڳالهه صحيح آهي، پر هو غلط چون ٿا، جڏهن چون ٿا ته
هنن کي انهيءَ جي سڌ آهي. هنن کي پروڙ ڪانهي
ته ڪهڙي طرح هڪ ڏاهو يا فيلسوف مرڻ لاءِ مشتاق
آهي، يا ڪهڙي قسم جي موت جو هو لائق آهي. هاڻي
انهن کي دل تان لاهي وٺ ته پاڻ ۾ گفتگو ڪريون.
آهي اسان کي اعتبار ته موت به ڪا شيءِ آهي؟
سمئس ورندي ڏني ته، هائو، اسان کي اهڙو ويساهه آهي.
اسين ائين ڪين ٿا ڀانيون ته موت، روح ۽ جسم جو وڇوڙو آهي؟ موت
جي معنيَ آهي ته جسم، روح کان جدا ٿي وڃي ۽
روح، جسم کان الڳ ٿي پاڻ مرادو گذاري؟ موت
انهيءَ کي نه چئجي تڏهن ڇا کي چئجي؟
هن چيو ته، هائو، انهيءَ کي چئجي.
پيارا دوست، هاڻي ويچار ڪر ۽ ڏس ته اسين هڪڙيءَ ٻيءَ ڳالهه تي
شامل راءِ ٿيون ٿا يا نه، اها اسان کي هن سوال
کي سمجهڻ ۾ مدد ڪندي.
تون ڀائين ٿو ته، ڪو فيلسوف انهن ڳالهين جي پرواهه رکندو، جن کي
لذتون سڏبو آهي، جيئن ته پيئڻ ۽ کائڻ؟
سمئس چيو ته، سقراط، بلڪل نه.
يا هو نفس جي لذتن جو خيال رکندو؟
هرگز نه.
۽ تون ڀائين ٿو ته بدن جي ٻين گهرجن لاءِ هن کي ڪا عزت هوندي؟
هن کي ڪو سٺن ڪپڙن يا جتين يا جسم جي آرائش جي
يا ڪنهن ٻيءَ شيءِ جي ڪا غرض هوندي، يا هو
انهن سڀني شين کي ڌڪاريندو ۽ فقط لاچار انهن
مان ڪن ضروري شين سان واسطو رکندو؟
هن جواب ڏنو ته، فيلسوف انهن سڀني شين کي حقارت جي نظر سان
ڏسندو. هن چيو ته، نيٺ تون ڀانئين ٿو ته هن جو
سمورو اڀياس بدن سان لاڳاپو نه رکندو؟ هن کان
جيترو ٿي سگهي ٿو، هو جسم کان پري رهي ٿو، ۽
روح ڏي ميل رکي ٿو؟
هائو، آءُ ائين ڀانيان ٿو.
چڱو تڏهن، هنن ڳالهين ۾ پهريائين صاف آهي ته فيلسوف کان جيترو
ٿي سگهي ٿو، هو تيترو ٻين ماڻهن کان وڌيڪ،
پنهنجي روح کي جسم جي رفاقت کان رها ڪري ٿو؟
هائو، ائين آهي.
۽ سمئس، دنيا ائين ڪين ٿي سمجهي ته، جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي
اهڙي ڳالهين ۾ لذت ٿي اچي ۽ هو انهن مان
پنهنجو حصو نٿو وٺي ته ڀلا هن جي جيئڻ جو ڪهڙو
ضرور؟ هو ائين نٿا ليکين ته، جنهن ماڻهوءَ کي
جسماني فرحتن جو خيال ڪونهي سو ڄڻڪ مئن مثل
آهي؟
تحقيق، تون سچ ٿو چوين.
10
پر حڪمت حاصل ڪيئن ٿي ٿئي؟ حڪمت حاصل ڪرڻ لاءِ بدن جي رفاقت
نقصانڪار آهي يا نه؟ مثلا اکين ۽ ڪنن جي وسيلي
ماڻهن کي ڪا پوري پروڙ پوي ٿي؟ خود شاعر هميشه
ڪين چوندا رهيا آهن ته اسين جيڪي ٻڌون ۽ ڏسون
ٿا سو برابر يا ٺيڪ نه آهي؟ پر جيڪڏهين بدن جا
اهي حواس صاف ۽ مڪمل نه آهن ته پوءِ ٻيا ته
هرگز درست نه هوندا، ڇو ته ٻيا انهن کان گهٽ
سالم آهن، ائين آهي يا نه؟
هن چيو ته، هائو، آءُ ڀانيان ٿو ته ائين برابر آهي.
هن پڇيو ته، تڏهن روح حق کي ڪڏهن حاصل ڪري ٿو؟ اسين ڏسون ٿا ته
جڏهين به هو بدن جي رفاقت ۾ ڪا ڳولا ڪري ٿو ته
بدن کيس گمراهه ڪري ٿو.
تحقيق.
ائين ڪين آهي ته جيڪڏهن ڪا پوري حقيقي ڳالهه روح اڳيان اَشڪار
ٿئي ٿي ته اها ضمير جي وسيلي ائين ٿئي ٿي؟
برابر.
۽ آءُ ڀانيان ٿو ته، روح تڏهن حق جو هو ڪو ڏئي سگهي ٿو جڏهن
ڪوبه حواس، ٻڌڻ جو يا ڏسڻ جو، يا درد توڙي
خوشي، هن کي نٿي آزاري، جڏهن هو بدن کي دفع
ڪري ٿو، ۽ هن رفاقت يا ڳانڍاپي کان رهائي حاصل
ڪري ٿو، ۽ فقط پنهنجي پاڻ سان صحبت رکي ٿو،
تڏهين هو پوري حق لاءِ جاکوڙي ٿو.
برابر ائين آهي.
اهڙيءَ طرح فيلسوف جو روح بدن کي بلڪل ڌڪاري ٿو، ۽ هن کان پري
ڀڄي ٿو، ۽ پاڻ سان تنها رهڻ چاهي ٿو، ائين آهي
يا نه؟
برابر.
سمئس، هاڻي ٻئي نقطي بابت تون ڇا ٿو چوين؟ اسين چوندا آهيون ته
ڪا شيءِ آهي، جنهن کي ڪامل انصاف چئجي، برابر؟
تحقيق، ائين چوندا آهيون.
۽ ڪامل حسن ۽ ڪامل زهد به آهن؟
هائو.
تو انهن مان ڪنهن کي پنهنجن اکين سان ڏٺو آهي؟
هن جواب ڏنو ته، نه، مون انهن کي ڪڏهن اکين ڪونه ڏٺو آهي.
تو انهن مان ڪنهن کي ڪڏهن ڪنهن جسماني حواس سان معلوم ڪيو آهي؟
آءُ سڀني ڪامل شين بابت ڳالهه ڪريان ٿو، کڻي
اها مقدار هجي، يا صحبت هجي، يا سگهه هجي،
مطلب ته سڀ ڪنهن شيءِ جي سچي هستي يا جوهر
بابت ڳالهه ڪريان ٿو. شين جي سچي روح جي ڪا
جسم کي پروڙ پوندي؟ ائين ڪين آهي ته جو ماڻهو
شين جي سچي جوهر کي پنهنجي ضمير سان معلوم ڪرڻ
لاءِ پاڻ کي؛ تيار رکي ٿو، سوئي انهن جي پوري
پروڙ کي اوڏو اچي ٿو؟
ائين نه آهي ته اهو ماڻهو انهيءَ صاف تصور کي پوري طرح حاصل
ڪندو، جو سڀ ڪنهن شيءِ وٽ جيترو ٿي سگهندو
تيترو فقط تميز سان اوڏو ايندو، ۽ تصور جي
گذارش ۾ پاڻ سان ڪوبه حواس، ڏسڻ جو يا ڪو ٻيو،
نه کڻندو؟ هر هڪ حالت ۾ خالص ۽ ڪامل هستيءَ کي
معلوم ڪرڻ لاءِ هو فقط خالص تميز ئي ڪم
آڻيندو. جيتري قدر ممڪن آهي تيتري قدر هو اک،
ڪن ۽ ساري بدن کان رهائي حاصل ڪندو، ڇو ته بدن
جو لاڳاپو روح کي روڳ رسائي ٿو، هن کي حقيقت
توڙي حڪمت هٿ ڪرڻ کان روڪي ٿو. جيڪڏهن ڪو
ماڻهو آهي ته اهو اهوئي آهي جو سچي هستي جو
علم حاصل ڪندو. برابر؟
سمئس چيو ته، سقراط، تنهنجا لفظ بلڪل سهڻا ۽ صحيح آهن.
11
هن چيو ته، انهيءَ ڪري سڀ سچا ڏاها اهڙو خيال ڪين ڪندا ۽ پاڻ ۾
اهو ڪين چوندا ته جتي اسان جي مسافريءَ کٽي ٿي
اتان هڪڙو سوڙهو پيچرو شروع ٿئي ٿو، جتان تميز
ئي اسان جو رهنما ٿي سگهي ٿي؟ جيسين اسان سان
هي جسم ساڻ آهي، ۽ هن قسم جي بڇڙائي اسان جي
روح سان رليل آهي، تيسين اسين جيڪي چاهيون ٿا،
يعني حقيقت، سا اسان کي هرگز حاصل نه ٿيندي.
بدن اسان جو ڪيترو نه قيمتي وقت ڳڙڪائي ٿو
وڃي، ڇو ته هن جي گهرجن ڏي ڌيان ڏيڻو ٿو پوي،
۽ تنهن کان سواءِ جڏهين بيماري هن کي پڪڙي ٿي،
تڏهن سچي هستي جي ڳولا ۾ اسان کي رنڊڪ اڳيان
اچي ٿي. بدن اسان کي نفساني خواهشن، خوفن ۽ هر
قسم جي اجاين خيالن ۽ گهڻيءَ بيوقوفيءَ سان
ڀري ڇڏي ٿو؛ ۽ انهيءَ ڪري چوندا آهن ته بدن
هوندي تصور ڪرڻ محال آهي. انيهءَ ڪري ۽ انهيءَ
جي ئي غرضن ڪري لڙايون لڳن ٿيون ۽ نقاق پون
ٿا، ڇو ته سڀني جهڳڙن جي جڙ آهي دولت پٺيان
ڊوڙڻ، ۽ اسين دولت پٺيان انهيءَ ڪري ڊوڙون ٿا
جو اسين سدائين جسم جي گهرجن ۾ گرفتار آهيون.
۽ انهن سڀني سببن ڪري اسان کي فيلسوفيءَ لاءِ
فرصت ڪانه ٿي ملي. آخر جڏهن ڪنهن وقت اسين بدن
کان پاڻ بچايون ٿا ۽ ڪنهن ڳالهه جي ڳولا ڪريون
ٿا، ته هو ڳولا جي هر ڏاڪي تي اسان جي آڏو اچي
ٿو ۽ پريشاني ۽ آزار ۽ هراس پيدا ڪري ٿو، جنهن
جي ڪري اسين حقيقت ڏسي نٿا سگهون. سچ اسان کي
سيکاريو اهي ته جيڪڏهن اسان کي ڪو خالص علم
حاصل ڪرڻو آهي ته اسان کي جسم کان اجو ٿيڻ
کپي؛ روح سان ئي شيون ڏسڻ کپن، جيئن هو آهن.
اسان جو مباحثو ڏيکاري ٿو ته جڏهن اسين مري
وينداسون، تڏهن اسين حڪمت حاصل ڪنداسون، جنهن
جي خواهش رکون ٿا، ۽ نه جيسين جيئرا آهيون. ڇو
ته جيسين بدن اسان سان ساڻ آهي تيسين خالص علم
حاصل ڪرڻ ناممڪن آهي، ته هنن ٻن ڳالهين مان هڪ
ضرور سچي هوندي، يا ته خالص علم حاصل ڪرڻ اسان
لاءِ بلڪل ناممڪن آهي، يا ته اهو اسين مرڻ
پڄاڻان ئي هٿ ڪري سگهنداسون. ڇو ته فقط تڏهن ۽
نه اڳ ۾ روح جسم کان پاڻمرادو ڌار رهي سگهي
ٿو. ۽ جيئري اسين تڏهن خالص علم جي اوڏو اچي
سگهنداسون، جڏهن اسين سواءِ بلڪل ضروري حالتن
جي بدن سان ڪوبه واسطو ۽ وهنوار نه رکنداسون،
ث۽ نڪي پاڻ کي هن جي محبت ۾ ميرو ڪرڻ
ڏينداسون. اسان کي بدن کان بلڪل پاڪ رهڻ کپي،
جيستائين خدا پاڻ اسان کي هن کان آجو ڪري ۽
جڏهن اسين بدن جي بيوقوفين کان آجا ٿي پاڪ
ٿينداسون، تڏهن، آءُ ڀانيان ٿو ته، اسين ٻين
پاڻ جهڙن نيڪ ماڻهن سان گڏ گذارينداسون، ۽
جيڪي پاڪ آهي تنهن کي پاڻهي پروڙينداسون، ۽
حقيقت به اهائي هوندي. ڇو ته آءُ سمجهان ٿو ته
ناپاڪ شيءِ، پاڪ شيءِ جي اوڏو اچي ڪين سگهندي.
سمئس، آءُ ڀانيان ٿو ته، خالص علم جي سچن
شائقن کي اهڙي ئي ٻولي ۽ اهڙائي خيال
جڳائيندا. آهين تون مون سان شامل راءِ يا نه؟
سقراط، آءُ توسان بلڪل متفق آهيان.
12
سقراط چيو ته، منهنجا دوست، جيڪڏهن هيءَ ڳالهه سچي آهي ته مون
کي اميد آهي ته جڏهن آءُ انهيءَ مڪان تي
پهچندس، جيڏانهن وڃان پيو، تڏهن آءُ اتي، ۽ نه
ڪنهن ٻئي هنڌ، اهو علم حاصل ڪندس، جنهن لاءِ
گذريل وقت ۾ مشتاق رهيو آهيان. آءُ انهيءَ
مسافريءَ تي خوشيءَ سان ويندس، جيڪا مون لاءِ
اڄ مقرر ٿيل آهي، ۽ ٻيو به سڀڪو ماڻهو انهيءَ
لاءِ خوش ٿيندو، جنهن جي دل صاف ۽ شفاف آهي.
سمئس چيو: اها ڳالهه برابر آهي.
۽ پاڪيزگي جي معنيَ هيءَ نه آهي، جيئن اسان اڳ ۾ چيو آهي، ته
جيئن ۽ جيترو ممڪن آهي ائين ۽ ايترو روح کي
بدن کان الڳ ٿيڻ کپي، ۽ هر طرح جسم کان پاسي/
الڳ ٿيڻ گهرجيس، ۽ جسم جي غلامي کان آجو ٿي،
الڳ ٿلڳ پنهنجو پاڻ ۾ گذارڻ جڳائيس؟
هن چيو ته، برابر ائين آهي.
موت جي معنيَ روح جو بدن کان ڌار ٿيڻ ۽ رهائي حاصل ڪرڻ نه آهي؟
هن جواب ڏنو ته، بيشڪ ائين آهي.
۽ اسين قبول ٿا ڪريون ته سچو فيلسوف اهو آهي جيڪو هميشه پنهنجي
روح کي آزاد ڪرڻ جي خواهش رکي؟ ڇا ائين نه آهي
ته هو هر وقت پنهنجي روح کي بدن کان ڌار ڪرڻ ۽
هن کي جسم کان آجو ڪرڻ جي خيال ۾ محو رهي ٿو.
برابر.
تڏهن اها ڪهڙي نه اجائي ڳالهه ٿيندي، جيئن مون شروع ۾ چيو، ته
ڪو ماڻهو موت کي ايندو ڏسي دانهن ڪري، جڏهن ته
هو ساري حياتي موت جي حالت ۾ گذارڻ جي ڪوشش
ڪندو رهيو آهي؟ اها اجائي ڳالهه ڪين ٿيندي؟
هائو، برابر.
هن چيو ته، سمئس، تڏهن سچ ڪري ته سچو فيلسوف سدائين موت جو
اڀياس ٿو ڪري، ۽ هن کي موت جو ذرو به خوف نه
ٿو رهي ۽ هاڻي ڳالهه کي هن طرح جاچ ته، سچو
فيلسوف هر طرح بدن جي مخالفت ڪري ٿو، ۽ فقط
روح سان رهڻ چاهي ٿو، تڏهن اها بلڪل اجائي
ڳالهه ڪين ٿيندي ته جڏهن هن جي اها خواهش پاڻو
پوري ٿئي، تڏهن پنهنجي مخالف (جسم) جي قيد مان
رهائي حاصل ڪرڻ تي خوش ٿيڻ بدران هو ڊجھي يا
هٻڪي ۽ هاءِ گهوڙا ڪري؟ گهڻا ئي ماڻهو خوشيءَ
سان ٻيءَ دنيا ڏانهن ويا آهن جڏهن ڪو پنهنجو
پيارو، زال يا پٽ، مري ويو اٿن، انهيءَ اميد ۾
ته جن سان محبت اٿن، تن سان تڪڙو وڃي ملن.
ڪوبه ماڻهو جنهن کي حڪمت لاءِ سچي محبت آهي، ۽
جنهن کي پڪو ڀروسو آهي ته هو اها فقط ٻيءَ
دنيا ۾ ۽ نه ڪنهن ٻئي هنڌ حاصل ٿي سگهندي، سو
مرڻ تي خوش يٿندو يا رنج؟ دوست، سچي فيلسوف
لاءِ اهڙو انديشو رکڻ نه کپي. هن کي پڪو خيال
رهندو ته اتي ۽ نه ڪنهن ٻئي هنڌ هو خالص حڪمت
سان ملندو. ۽ جيڪڏهن ائين آهي ته، آءُ وري به
چوان ٿو ته، اهڙي ماڻهوءَ لاءِ موت کان خوف
کائڻ يا موت کان منهن موڙڻ، بلڪل اجائي ڳالهه
ڪين ٿيندي؟
هن جواب ڏنو ته، برابر ائين آهي.
13
هن چيو ته، هن مان ثابت ڪين آهي ته جو ماڻهو موت اچڻ تي ڏک ٿو
ڪري سو حڪمت جو شائق نه آهي، پر بدن جو عاشق
آهي؟ هو گهڻو ڪري دولت، يا عزت، يا ٻنهي جو
چاهڪ آهي.
هن چيو ته، هائو، ائين ئي آهي.
سقراط چيو ته، چڱو، سمئس، ائين نه آهي ته جنهن شيءِ کي دليري
چئجي سا خاص ڪري فيلسوفن وٽ هجي ٿي؟
هن جواب ڏنو ته، آءُ ڀانيان ٿو ته ائين برابر آهي.
۽ اها خصلت جنهن کي پرهيزگاري سڏين ٿا، ۽ جنهن جي معنيَ آهي
نفساني خواهشن کي ڌڪارڻ ۽ هنن کي ضابطي ۽ حڪم
هيٺ رکڻ، سا انهن وٽ ڪين ٿي رهي، جيڪي جسم کي
ڌڪاري پنهنجي حياتي فيلسوفيءَ ۾ گذارين ٿا؟
هن جواب ڏنو ته، ضرور ائين آهي.
ڇو ته جيڪڏهن تون ٻين ماڻهن جي دليري ۽ پرهيزگاري تي ڌيان
ڏيندين ته توکي خبر پوندي ته اُهي بلڪل
نراليون وٿون آهن.
ائين ڪيئن، سقراط؟
سقراط جواب ڏنو ته، توکي معلوم آهي ته ٻيا سڀ ماڻهو، موت کي
انسانن لاءِ هڪ وڏي مصيبت ڪري ليکيندا آهن؟
هن چيو ته، هو برابر ائين ليکيندا آهن.
۽ جڏهن انهن مان ڪي بهادر ماڻهو موت قبوليند آهن، تڏهن هو ائين
ڪن وڌيڪ مصيبتن جي خوف کان ڪيِنَ ڪندا آهن.
هائو.
تڏهن چئبو ته فيلسوفو کان سواءِ سڀ ماڻهو بهادري فقط خوف ۽ ڊڄ
وچان ڏيکاريندا آهن. پر اها عجب جهڙي ڳالهه
آهي ته ڪو ماڻهو خوف ۽ بزدليءَ سببان بهادر
ٿئي.
تحقيق ائين آهي.
۽ انهن مان پرهيز وارا ماڻهو ساڳي حالت ۾ ڪين آهن؟ هنن جي پرهيز
هڪڙي قسم جي بي پرهيزي تي بيٺل ڪين آهي؟ اسين
چونداسون ته ائين ٿي ڪين سگهندوم، پر انهن
ماڻهن جي بيوقوفيءَ جهڙي پرهيز اهڙي ئي آهي.
هو ڪي لذتون چاهيندا آهن ۽ انهن جي وڃائڻ جو
خوف هوندو اٿن، تنهن ڪري هو ٻين لذتن کان
پرهيز ڪندا آهن، ۽ انهن ۾ ڦاٿا پيا هوندا آهن.
ٻي پرهيزي جي معنيَ آهي لذت جي دام ۾ ڦاسڻ. هو
ڪن لذتن کان پاسو ڪندا آهن، ڇو ته ٻين ۾ ڦاٿل
هوندا آهن. هيءَ ڳالهه ائين آهي جيئن مون چيو
ته، هنن جي پرهيز، بي پرهيزي تي بيٺل آهي.
ائين ٿو ڏسجي.
پيارا سمئس، آءُ نٿو ڀانيان ته زهد هن طرح هٿ ڪري سگهبو، هڪ لذت
لاءِ ٻي لذت ڦٽي ڪرڻ سان، ۽ هڪ اهنج کي دور
ڪرڻ لاءِ ٻئي اهنج کي سر تي کڻڻ سان، ۽ هڪ خوف
کان بچڻ لاءِ ٻئي خوف ۾ پوڻ سان، ۽ سڪن وانگر
گهٽ وڌ جي پوڪ رکڻ سان. فقط هڪڙو ئي سچو سڪو
آهي، جنهن جي عيوض اِهي سڀ شيون ڏئي ڇڏڻ
گهرجن، يعني حڪمت. جيڪي به هن لاءِ ۽ هن سان
خريد ڪري ويا وڪڻي سگهجي ٿو، پوءِ اها دليري
يا پرهيزگاري هجي، يا کڻي انصاف هجي، اهوئي
آهي سچو سودو. هڪ جملي ۾ چئي سگهجي ٿو ته، سچو
زهد حڪمت کان خالي ٿي نه سگهندو، ۽ ڪابه حرڪت
نه آهي ته انهيءَ ۾ لذت، خوف، ڪي ٻيون اهڙيون
شيون موجود آهن به يا نه. پر آءُ ڀانيان ٿو ته
جيڪو زهد لذتن ۽ خوفن جي ڏي وٺ سان جڙيل آهي ۽
حڪمت کان جدا ٿيل آهي، سو سچي زهد جو فقط پاڇو
آهي. سچو زهد انهن شين کان صاف ٿيڻ جو هڪڙو
قسم آهي، ۽ پرهيزگاري، انصاف، دليري ۽ خود
حڪمت اهي ئي آهن بلڪل برابري. آءُ ڀانيان ٿو
جن ماڻهن اسان جا مذهبي راز ٺاهيا هئا، تن هنن
۾ وڏي معنيَ رکي هئي. هو هر وقت اسان کي
ڳجهارتن ۾ چوندا رهيا آهن ته، جيڪو به ماڻهو
بي دين ۽ ناپاڪ ٿي ٻيءَ دنيا ڏي اچي ٿو سو گپ
۽ چڪڻ ۾ ڦاسي پوي ٿو، ۽ جيڪو صاف ٿي ۽ دين ۾
داخل ٿي اچي ٿو سو خدائن سان گڏ رهي ٿو. رازن
۾ چيل آهي: ”لذتن جا ڪوڏيا گهڻا آهن، پر صاف
دل ۽ پرهيزگار ٿورا آهن.“ آءُ ڀانيان ٿو ته
اهي پويان فقط سچا فيلسوف آهن. آءُ پنهنجي
حياتيءَ ۾ سموريءَ طاقت سان ڪوشش ڪندو رهيو
آهيان ۽ پنهنجي وسان ڪين گهٽايو ام ته اهڙو
ٿيان. تنهن لاءِ آءُ برابر ڪوشش ڪندو رهيو
آهيان، ۽ فتح حاصل ڪئي اٿم. آءُ ڀانيان ٿو ته،
جي خدا جي مرضي هوندي ته، گهڙيءَ کن ۾ خبر
پئجي ويندي، جڏهين آءُ ٻيءَ دنيا ۾ پهچندس.
سمئس ۽ ڪيبيز، اهو آهي منهنجو بچاءُ، جنهن مان ثابت آهي ته،
توهان کان ا۽ هنن پنهنجن آقائن کان جدا ٿيڻ تي
افسوس نه ڪرڻ ۽ خفا نه ٿيڻ لاءِ مون وٽ سبب
آهي. مون کي ڀروسو آهي ته جهڙو هن دنيا ۾ تهڙو
ٻيءَ دنيا ۾ پڻ آءُ چڱن ماڻهن ۽ دوستن سان وڃي
ملندس. جيڪڏهن آءُ ڪين جهڙن منصفن وٽ فتحياب
نه ٿيس ته حرڪت ڪانهي، ۽ جي اوهان اڳيان
پنهنجي بچاءَ پيش ڪرڻ ۾ آءُ سوڀارو ٿيو آهيان
ته مون لاءِ اهو ڪافي آهي.
14
جڏهن سقراط هي چئي بس ڪيو تڏهن ڪيبيز هن کي جواب ۾ چيو ته،
سقراط، تو جيڪي چيو آهي تنهنجو گهڻو حصو صحيح
آهي، پر تو جيڪي روح نسبت چيو آهي تنهن ۾ گهڻو
ڪري ماڻهن کي اعتبار ڪونهي. هنن کي خوف ٿو رهي
ته، جڏهن روح جسم کان جدا ٿئي ٿو ته، تڏهنهو
ڪٿي به وڌيڪ وقت حيات رهي نٿو سگهي پر جسم جي
موت واري ڏينهن ئي نابود ۽ ناس ٿي ٿو وڃي. هو
ڀائين ٿا ته جنهن گهڙيءَ بدن کان روح رهائي
حاصل ڪري ٿو، تنهن ويل ئي هو هوا يا دونهي
وانگر گم ٿي وڃي ٿو، ۽ انهيءَ وقت کان ئي زنده
رهڻ کان بلڪل بس ٿي وڃي ٿو. جيڪي تڪليفون تو
ٻڌايون آهن تن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري، روح ڪٿي
وڃي سڄوئي حيات رهي، ته جيڪر، سقراط، تو جيڪي
ڪجهه چيو آهي تنهن ۾ اميد رکڻ جو اسان لاءِ
چڱو سبب ٿي پوي- پر اهو ثابت ڪري ڏيکارڻ ته
موت بعد روح حيات ٿو رهي ۽ حڪمت ۽ ٻيون طاقتون
وٽس موجود ٿيون رهن، تنهن لاءِ پڪا پختا دليل
کپن.
سقراط چيو ته، تحقيق، ڪيبيز، پر هاڻي ڇا ڪريون؟ ڀلا تنهنجي مرضي
آهي ته انهن مسئلن بابت ڳالهيون ڪريون ۽ ڏسون
ته جيڪي آءُ چوان ٿو سو ممڪن آهي يا نه؟
ڪيبيز چيو ته. آءُ ته گهڻو خوش ٿيندس، جيڪڏهن تون انهن مسئلن
نسبت پنهنجا رايا ٻڌائيندين.
سقراط چيو ته، مون جيڪي هينئر چيو آهي تنهن لاءِ ڪوبه، اهو ڀل
ڪو مزاحيه شاعر ئي ڇو نه هجي، ڪونه چوندو ته
آءٌ اجايون ۽ خيالي ڳالهيون ڪري رهيو آهيان.
تنهنڪري جي تنهنجي مرضي آهي ته، پوءِ اچو ته
هن مسئلي نسبت ڳالهين جي ڏي وٺ ڪريون.