سيڪشن؛ فلسفو |
ڪتاب: موڪلاڻي |
باب:
-- |
صفحو :3 |
15
هاڻي اچو ته هن ڳالهه کي جاچيون ته موت بعد ٻيءَ دنيا ۾ ماڻهن
جا روح حيات رهن ٿا يا نه. اسان کي ياد آهي ته
هڪڙو پختو اعتقاد آهي ته هن دنيا ڇڏڻ بعد روح
وڃي ٻيءَ دنيا ۾ رهن ٿا، ۽ وري هو هيڏانهن اچن
ٿا ۽ وري مئلن مان پيدا ٿين ٿا؛ پر جيڪڏهن
ائين برابر آهي ته زنده شيون مئلن مان پيدا
ٿين ٿيون، تڏهين ته ضرور اسان جا روح ٻيءَ
دنيا ۾ حيات رهندا هوندا، جي ائين نه هجي ته
جيڪر هو وري ڪين ڄمن. هن ڳالهه لاءِ جيڪر هيءَ
ثابتي ئي ڪافي ٿئي، جيڪڏهين اسين سچ پچ اهو
ثابت ڪري ڏيکاريون ته زنده شيون فقط مئلن مان
جنم وٺن ٿيون. پر جي ائين نه آهي، ته ضرور
اسان کي ڪو ٻيو دليل هٿ ڪرڻ کپي.
ڪيبيز چيو ته، برابر.
هن چيو ته، هن سوال جو جواب سولائي سان تڏهن ڏئي سگهبو، جڏهن هن
کي نه رڳو ماڻهن نسبت جاچبو، پر جانورن ۽ ٻوٽن
توڙي ٻين سڀني ڄمندڙ شين نسبت پڻ جاچبو ته
ائين آهي ڇا ته سڀڪا شيءِ جنهن جي خلاف ڪا
شيءِ آهي سا پنهنجي مخالف مان جنم وٺي ٿي.
مخالف شيون انهن کي چئجي ٿو، جيئن معتبر ۽
ڪميڻو، عادل ۽ ظالم، ۽ ٻيا اهڙا هزارين مثال.
هاڻي خيال ڪرڻ کپي ته سڀڪا شيءِ جنهن کي ڪا
مخالف شيءِ آهي، سا ضرور فقط پنهنجي مخالف
شيءِ مان پيدا ٿي ٿئي؟ مثلا جڏهن ڪا شيءِ وڏي
ٿي ٿئي تڏهن، آءُ ڄاڻان ٿو ته، اها پهريائين
ننڍي هوندي ۽ پوءِ وڏي ٿي ٿئي. برابر؟
برابر.
۽ جڏهن ڪا شيءِ ننڍي ٿي ٿئي تڏهن اها پهريائين وڏي هوندي ۽ پوءِ
ننڍي ٿي ٿئي. برابر؟
هن چيو ته، ائين ئي آهي.
۽ ضعيف شيءِ مضبوط مان پيدا ٿي ٿئي، ۽ ڍري شيءِ تکيءَ مان ئي
پيدا ٿي ٿئي.
صحيح.
تڏهن صاف ثابت آهي ته سڀ شيون انهيءَ ئي دستور موجب پيدا ٿيون
ٿين، يعني مخالف شيون، مخالف شين مان؟
تحقيق.
۽ ائين نه آهي ته سڀني مخالف شين جي ٻڌيءَ وچ ۾ ٻه طبقا آهن،
هڪڙي کان ٻئي ڏانهن، ۽ وري انهيءَ کان ساڳئي
ڏانهن؟ ائين نه آهي ته ننڍي ۽ وڏي جي وچ ۾ وڌڻ
۽ گهٽجڻ آهن، ۽ اسين ڪين چوندا آهيون ته جيئن
هڪ پاسو وڌي ٿو، تيئن ٻيو پاسو گهٽجي ٿو؟
هن چيو ته، هائو.
۽ وري تقسيم ۽ ترڪيب، ۽ ٿڌو ۽ ڪوسو، ۽ ٻيا اهڙا مثال به آهن.
تحقيق اهو مروج قاعدو ڪين آهي، جيتوڻيڪ اسين
انهيءَ کي ايترن لفظن ۾ کولي ظاهر ڪين ڪندا
آهيون، ته مخالف شيون هميشه هڪ ٻئي مان پيدا
ٿينديون آهن، ۽ هڪ ٻئي مان پيدا ٿيڻ جي روش
هميشه کان هلندڙ آهي؟
هن جواب ڏنو ته، ائين آهي.
16
هن چيو ته، تڏهين جيئن جاڳڻ جي ابتڙ ننڊ آهي تيئن ساڳئي دستور
حياتيءَ جي ابتڙ به ڪجهه هوندو؟
هن ورندي ڏني ته، ضرور.
تڏهن جيڪڏهن حياتي ۽ موت هڪ ٻئي جي ابتڙ آهن ته هو ضرور هڪ ٻئي
مان پيدا ٿيا هوندا، ۽ جنهن صورت ۾ هو ٻه آهن
تنهن صورت ۾ هنن جي وچ ۾ ٻه طبقا هوندا. ائين
ڪين آهي؟
برابر.
سقراط چيو ته، هاڻي جن مخالف شين جو ذڪر ڪيو اٿئون تن مان هڪ جي
معنيَ ۽ انهيءَ جا طبقا آءُ توکي سمجهائيندس،
۽ ٻئي جي معنيَ تون مون کي سمجهائج. ننڊ آهي
ابتڙ جاڳ جي. ننڊ مان پيدا ٿئي ٿي جاڳڻ جي
حالت، ۽ جاڳڻ جي حالت مان پيدا ٿئي ٿي ننڊ هنن
جا مرحلا آهن پهريائين ننڊ ۾ پوڻ، پوءِ جاڳڻ.
هن پڇيو ته، ڪيئن، هيءَ ڳالهه صاف آهي؟
هائو، بلڪل.
هن چيو ته، چڱو تڏهن، حياتي ۽ موت بابت تون مون کي سمجهاءِ.
موت، حياتي جي ابتڙ آهي، برابر؟
هائو.
۽ هو هڪ ٻئي مان پيدا ٿين ٿا؟
هائو.
تڏهن جيئرن شين مان ڇا ٿو پيدا ٿئي؟
هن جواب ڏنو ته، مئل شيون.
۽ مئل شين مان ڇا ٿو پيدا ٿئي؟
مون کي قبول ڪرڻو پوي ته جيئريون شيون.
ڪيبيز، تڏهن چئبو ته، جيئريون شيون ۽ جيئندڙ انسان مئلن مان
پيدا ٿين ٿا؟
هن چيو ته، ائين ظاهر آهي.
هن چيو ته، تڏهن اسان جا روح ٻيءَ دنيا ۾ حيات رهن ٿا؟
ائين ٿو ڀائنجي.
هاڻي انهن ٻن مرحلن مان هڪ جي ثابتي آهي؟ آءُ ڀانيان ٿو ته موت
جي پڪي ثابتي آهي، ائين آهي يا نه؟
هن جواب ڏنو ته، هائو، برابر.
هن چيو ته، هاڻي ڇا ڪرڻ کپي؟ اسان کي هنن مان هر هڪ کي مخالف
طبقو ڏيڻ گهرجي يا نه؟ يا هتي طبعي قاعدو غلط
آهي؟ مرڻ کي به مخالف طبقو ڏيڻ گهرجي يا نه؟
هن چيو ته، آءُ ڀانيان ته ضرور ڏيڻ کپي.
۽ اهو ڇا هوندو؟
وري حيات ٿيڻ.
هن چيو ته، جيڪڏهن وري حيات ٿيڻ جهڙي ڳالهه آهي ته، اها هوندي
مري وڃڻ مان حيات ٿيڻ جو مرحلو، برابر؟
بلڪل برابر.
تڏهن اسين هن نقطي تي متفق راءِ آهيون ته، جيئرا هميشه مئلن مان
پيدا ٿين ٿا ۽ مئل جيئرن مان. پر اسين قبول
ڪري چڪا آهيون ته جيڪڏهن ائين آهي ته اها پوري
ثابتي آهي، انهيءَ لاءِ ته، مئن جا روح ضرور
ڪنهن هنڌ وڃي رهن ٿا، جتان هو وري هستيءَ ۾
اچن ٿا.
سقراط، آءُ ڀانيان ٿو ته اهو لازمي نتيجو آهي اسان جي ڪيس/ بحث
جو.
17
۽، ڪيبيز، آءُ ڀانيان ٿو ته هي نتيجو غيرواجبي نه آهي، ڇو ته
جيڪڏهن ابتڙ شيون پيدا ٿيندي، هڪ ٻئي سان
مطابقت نه رکن، ۽ ڪنهن دائري ۾ ڦرندڙ نه هجن،
۽ هڪڙي مخالف هنڌ کان ٻئي مخالف هنڌ اچڻ بدران
هڪ سڌي ليڪ ۾ هلندڙ هجن، توکي معلوم آهي ته
جيڪر نيٺ سڀ شيون هڪ ئي صورت ۽ هڪ ئي حالت ۾
اچي وڃن ۽ پيدا ٿيڻ جي روش بلڪل بند ٿي وڃي.
هن پڇيو ته، تنهنجو مطلب ڇا آهي؟
هن جواب ڏنو ته، منهنجي معنيَ سمجهڻ ڏکي ڳالهه ڪانهي. جيڪڏهن
مثلا، هڪ مخالف شيءِ، ننڊ ۾ پوڻ هجي، پر
انهيءَ جي ابتڙ شيءِ، جاڳڻ، جا پهرينءَ مان
پيدا ٿي ٿئي، نه هجي، ته پوءِ جيڪر ساري دنيا
۾ اينڊيمئن جي آکاڻي اجائي ٿي پوي، ۽ هن جو
نالو ئي نابود ٿي وڃي، ۽ سڀڪا شيءِ هن وانگر
ساڳي ننڊ ۾ اچي وڃي، ۽ جيڪڏهن سڀ شيون هڪ ٻئي
سان مرڪب ٿيل هجن ۽ ڪڏهن به ڌار نه ٿين، ته
جيڪر انئڪسئگورس وارو هرج مرج ظاهر ٿي پوي.
ساڳئي دستور موجب، پيارا ڪيبيز، جيڪي به شيون،
جن ۾ ساهه آهي، مري وڃن، ۽ مرڻ بعد انهيءِ ئي
حالت ۾ رهن ۽ وري جيئريون نه ٿين، ته جيڪر
ائين ضرور ڪين ٿئي ته سڀڪا شيءِ نيٺ مري وڃي،
۽ ڪجهه به جيئرو نه رهي؟ ڇو ته جيڪڏهن جيئندڙ
شيون مئلن مان پيدا نه ٿين ۽ ڪنهن ٻئي هنڌان
پيدا ٿين، ۽ پوءِ مرن، ته جيڪر ضرور ائين ٿئي
جو نيٺ سڀ شيون موت ختم ڪري ڇڏي. ائين ٿئي يا
نه؟
ڪيبيز چيو ته، سقراط، آءُ ڀانيان ٿو ته برابر ائين ٿئي. تون
جيڪي چوين ٿو سو بلڪل صحيح آهي.
هن چيو ته، ڪيبيز، آءُ سمجهان ٿو ته تحقيق ائين آهي. هن نتيجي
ڪڍڻ ۾ اسان غلطي ڪانه ڪئي آهي. مئا وري هستيءَ
۾ اچن ٿا، ۽ جيئرا هنن مان پيدا ٿيا آهن، ۽
مئن جا روح سلامت رهن ٿا، ۽ چڱن جي روحن جو
چڱو حال ٿو ٿئي ۽ بدڪارن جي روحن جو برو حال.
18
ڪيبيز چيو ته، سقراط، هن کانسواءِ جيڪا تون وري وري ڳالهه ڪندو
آهين ته، سکڻ فقط هڪڙي ياد ڪرڻ جي روش آهي، سا
جيڪڏهن سچي آهي ته پوءِ، آءُ ڀانيان ٿو ته،
جيڪي اسين هينئر ياد ڪريون ٿا، سو ضرور ڪنهن
اڳئين وقت سکيا هونداسون ۽ ائين ٿيڻ تڏهن ممڪن
ٿيندو جيڪڏهن اسان جا روح انساني جسم ۾ اچڻ
کان اڳ ڪنهن هنڌ حيات رهيا هوندا. تنهنڪري هي
ٻيو سبب آهي روح جي بقا ۾ اعتبار رکڻ لاءِ.
ڪيبيز جواب ڏنو ته، هڪ دليل ۾ سڀ کان زبردست دليل هيءُ آهي ته،
جيڪڏهن ماڻهن کان ڪو سوال درست نموني پڇيو
ويندو آهي ته هو انهيءَ جو جواب پاڻهي درست
ڏيندا آهن. پر جيڪڏهن هنن وٽ علم ۽ پوري تميز
موجود نه هجي ها ته هو ائين ڪري ڪين سگهن ها.
وري، هنن کي ڪي شيون علمِ پئمائش (ماپ جي علم)
سان لاڳاپي رکندڙ ڏيکاربيون ته هن مسئلي جي
ثابتي پوري طرح ملي ويندي.
سقراط چيو ته، سمئس، جيڪڏهين توکي هن مان يقين نٿو اچي ته، هن
ڳالهه کي هن طرح سان جاچ ۽ پوءِ ڏس ته تون
اسان سان متفق راءِ ٿين ٿو يا نه. آءُ سمجهان
ٿو ته توکي شڪ آهي ته ڪيئن جنهن شيءِ کي علم
ٿو چئجي سان يادگيري هوندي.
سمئس جواب ڏنو ته، نه، مونکي ڪو شڪ ڪونهي. پر يادگيريءَ وارو
دليل آءُ وري دل تي آڻڻ ٿو گهران. جيڪي ڪيبيز
سمجهائڻ منظور ڪيو آهي، تنهن ڳالهه تنهنجي
مسئلي کي ذري گهٽ منهنجي دل سان لاتو آهي ۽
مون کي خاطري ڏياري آهي؛ پر جنهن دستور موجب
تون اها ڳالهه سمجهائڻ ٿو گهرين، تنهن ٻڌڻ
لاءِ به آءُ گهڻو شائق آهيان.
هن ورندي ڏني ته، هن قانون موجب آءُ ڀانيان ٿو ته اسين متفق
راءِ آهيون ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪا ڳالهه ياد
ڪري ٿو ته، اها ضرور هن ڪنهن اڳئين وقت/ جنم
معلوم ڪئي هوندي.
هن چيو ته، تحقيق.
۽ اسين قبول ڪريون ٿا ته جڏهن علم هيٺين طرح حاصل ٿئي ٿو، تڏهن
انهيءَ کي يادگيري چئجي؟ جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ ڪا
شيءِ ڏٺي يا ٻڌي آهي، يا انهيءَ کي ڪنهن واس
سان معلوم ڪيو اٿس، ۽ پوءِ نه رڳو انهيءَ شيءِ
جي خبر اٿس، پر دل ۾ ڪنهن ٻيءَ شيءِ نسبت به
اثر ٿئيس، جنهن جو علم بلڪل نرالو آهي، ته
پوءِ اسين ائين چوڻ ۾ صحيح ڪين ٿينداسون ته،
جنهن شيءِ نسبت هن کي دل ۾ اثر ٿو ٿئي تنهن کي
هو ياد ٿو ڪري؟
تنهنجو ملطب ڇا آهي؟
منهنجو مطلب هيءُ آهي: ماڻهوءَ جو علم چنگ جي علم کان ٻيءَ طرح
جو ڪين آهي؟
تحقيق.
توکي خبر آهي ته جڏهين عاشق ڪو چنگ يا ڪا پوشاڪ يا ڪا ٻي چيز،
جا سندن معشوق اڪثر ڪري ڪم آڻيندا آهن، ڏسندا
آهن تڏهن هنن جي دل ۾ هي حس پيدا يٿندي آهي:
هو چنگ کي سڃاڻندا آهن، ۽ هنن جي دل ۾ انهيءَ
نينگر جو نقشو نڪري ايندو آهي جنهن جو اهڙو
چنگ هوندو آهي. انهيءَ کي چئبو آهي يادگيري.
مثلا جڏهن ڪنهن کي سمئس ڏسندي گهڻو ڪري ڪيبيز
جي يادگيري پوي. ۽ اهڙا ڪيئن مثال آهن.
سمئس چيو ته، تحقيق آهن.
هن چيو ته هيءَ هڪ قسم جي يادگيري ڪين آهي، ۽ خاص ڪري جڏهن اهڙي
حس ڪنهن ماڻهوءَ جي دل ۾ پيدا ٿي ٿئي، تڏهن هو
ڪي شيون ڪجهه عرصي گذرڻ بعد ٿو ڏسي ۽ جي ڌيان
نه ڏيڻ سبب هن کان وسري ويون آهن؟
هن جواب ڏنو ته، هائو برابر.
هن چيو ته، چڱو ڀلا، اهو ممڪن آهي ته ڪنهن گهوڙي يا چنگ جي مورت
ڏسڻ سان ڪنهن ماڻهوءَ جي يادگيري پوي، يا
ڪيبيز جي تصوير ڏسندي سمئس جي ياد پوي؟
بيشڪ.
۽ سمئس جي تصوير ڏسندي خود سمئس جي يادگيري پوڻ جو امڪان آهي؟
هن چيو ته، بيشڪ.
19
تڏهن هنن سڀني حالتن ۾ هڪ جهڙين ۽ پڻ مختلف شين ڏسڻ سان يادگيري
پئجي سگهي ٿي؟
هائو.
پر جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي هڪ جهڙين شين ڏسندي ڪا يادگيري پوي ٿي،
تڏهن هن کي هڪڙي وڌيڪ حس دل ۾ ڪونه ايندي ۽ هو
خيال ڪونه ڪندو ته جيڪا شبيهه هن کي جنهن شيءِ
جي يادگيري ڏياري ٿي سان هن کان ڪنهن طرح گهٽ
آهي يا نه؟
هن چيو ته، هائو.
هن چيو ته، هاڻي ڏس ته هي ڳالهه برابر آهي؟ اسان کي برابري جي
هستيءَ ۾ اعتبار آهي، نه ڪاٺين يا پٿرن جي
ٽڪرن جي برابريءَ ۾، پر انهيءَ کان به ڪنهن
وڌيڪ شيءِ ۾، يعني ڪامل برابري ۾؟ اسين چئي
سگهنداسون ته اهڙي شيءِ آهي؟
هن جواب ڏنو ته، بيشڪ.
اسان کي انهيءَ جي ڪل ڪيئن ۽ ڪڏهن پئي؟ جيئن اسان هينئر هڪ جيڏن
ڪاٺي ۽ پٿر جي ٽڪر جي ڳالهه ٿي ڪئي، انهن کي
ڏسندي اها خبر پئي ڇا؟ اسان جي دل ۾ انهن کي
ڏسندي ڪيئن ڪامل برابريءَ جو تصور پيدا ٿيو،
جو انهن سڀني کان نرالو آهي؟ يا تون ڀائين ٿو
ته اهو نرالو نه آهي؟ سوال کي هن ريت جاچ.
اسان کي ڪيئن ڪاٺيءَ ۽ پٿر جا هڪ جيڏا ٽڪر
ڪڏهن هڪ جيڏا ڏسڻ ۾ ايندا آهن ۽ ڪڏهن وڏا ننڊا
ڏسڻ ۾ ايندا آهن، جيتوڻيڪ هو هر وقت هڪجهڙا ئي
رهندا آهن؟
هائو، برابر.
پر توکي ڪڏهن به ڪامل برابري واريون شيون ننڍيون وڏيون ڏسڻ ۾
آيون آهن، يا ڪامل برابريءَ ۾ ڪو فرق ڏسڻ ۾
آيو آهي؟
سقراط، بلڪل نه.
هن ورندي ڏني ته، اها ڳالهه بلڪل درست آهي.
۽ اها به خبر توکي انهن مان ئي پئي ته هوءَ انهن جهڙي آهي يا
نه؟
هائو.
هن چيو ته، پر انهيءَ جي ڪري ڪا حرڪت آهي، جيڪڏهين هڪ شيءِ جو
ديدار ڪنهن ٻيءَ شيءِ کي دل تي ٿو آڻي ته،
انهيءَ کي چئجي يادگيري، پوءِ ڀل اهي ٻه شيون
هڪ جهڙيون هجن يا نه.
ائين ته آهي.
هن چيو ته، چڱو تڏهن ڪاٺيءَ جا هڪ جيڏا ٽڪر ۽ ٻيون اهڙيون هڪ
جيڏيون شيون، جن بابت اسان ذڪر پئي ڪيو آهي،
سي اسان تي هن طرح اثر ڪن ٿا؟ اهي اسان کي
اهڙي طرح هڪ جيڏا نظر اچن جهڙيءَ طرح ڪام
برابري آهي يا اهي ڪامل برابري کان گهڻو گهٽ
نظر اچن ٿا يا نه؟
هن جواب ڏنو ته، تحقيق، اهي هن کان گهڻو گهٽ نظر اچن ٿا.
اسين هن ڳالهه بابت متفق راءِ آهيون؟ ڪو ماڻهو ڪا شيءِ ڏسي ٿو ۽
دل ۾ چوي ٿو ته، ”هيءَ شيءِ جيڪا آءُ ڏسان ٿو
سا فلاڻي شيءِ جهڙي ٿيڻ لاءِ ڪوشش ڪري ٿي، پر
هوءَ انهيءَ کان گهٽ آهي ۽ انهيءَ جهڙي ٿي نٿي
سگهي، هوءَ نيچ قسم جي آهي. “ جيڪو ماڻهو
اهڙيءَ طرح ويچار ٿو ڪري تنهن ضرور اها ٻي
شيءِ اهڙي ڪنهن اڳئين وقت تي ڏٺي هوندي، جنهن
جهڙي هو پهرينءَ شيءِ کي ڀائين ٿو ۽ چوي ٿو ته
اها نيچ قسم جي آهي. برابر؟
چڱو تڏهن اسان کي هڪ جيڏين شين ۽ ڪامل برابريءَ نسبت دل ۾ اهڙو
خيال اچي ٿو يا نه؟
هائو، ضرور اهڙو خيال اچي ٿو.
تڏهن هڪ جيڏين شين ڏسڻ کان اڳ ۾ اسان کي ضرور برابريءَ جي ڄاڻ
هوندي، ۽ اسين تڏهين چئون ٿا ته اهي شيون
برابريءَ موافق ٿيڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون، پر اهي
سڀئي برابريءَ کان گهڻو پوئتي پون ٿيون.
هائو، ائين آهي.
۽ اسين هن بابت به متفق راءِ آهيون ته برابري جو خيال اسان جي
اندر ۾ نڪي آيو آهي ۽ نڪي اچي سگهي ها، پر فقط
ڏسڻ يا ڇهڻ جي قوتن جي ڪري ئي يا ڪنهن ٻئي
حواس جي وسيلي ئي ائين ٿيو آهي. هي ڳالهه سڀني
حواسن سان لاڳو آهي.
هائو، سقراط، مباحثي لاءِ ائين قبول ڪبو.
لٿي پٿي ائين ته قبول ڪبو ته حواسن جي وسيلي ئي اسان کي معلوم
ٿو ٿئي ته، سڀئي مظهر شيون ڪامل برابرين وانگر
ٿيڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون، پر هن کان پست پون ٿيون.
ائين آهي يا نه؟
هائو.
تڏهن ڏسڻ يا ٻڌڻ جي قوتن يا ٻين حواسن جي پيدا ٿيڻ کان اڳ ۾
اسان کي ڪامل ۽ خالص برابريءَ جي سيرت جي ڄاڻ
پئي هوندي، نه ته جيڪر اسين هڪ جيڏين مظهر شين
کي ڪامل برابريءَ سان ڀيٽي ڪين سگهون ها ۽ چئي
ڪين سگهون ها ته هو هن جهڙي ٿيڻ جي ڪوشش ڪن
ٿيون، پر سدائين هن کان پست پون ٿيون. برابر؟
سقراط، اسين جيڪي چئي رهيا آهيون، تنهن مان ضرور هي نتيجو نڪري
ٿو.
ڏسڻ يا ٻڌڻ جون قوتون ۽ ٻيا حواس اسان وٽ ڄمڻ کان وٺي موجود ڪين
رهيا آهن؟
هائو، تحقيق.
تڏهن، ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته، اسان کي اها ڄاڻ ڄمڻ کان اڳ حاصل ٿي
هوندي؟
ائين ٿو ڏسجي.
20
پر جيڪڏهن هيءَ ڄاڻ ڄمڻ کان اڳ ۾ اسان کي حاصل ٿيل هئي، ۽ اسين
انهيءَ سوڌا پيدا ٿيا هئاسون ته، چئي سگهبو ته
ڄمڻ جي وقت ۽ انهيءَ کان اڳ نه رڳو اسان کي هڪ
جيڏائي ۽ گهٽ وڌ جي خبر هئي، پر سڀ ڪنهن اهڙي
قسم جي شيءِ جي خبر هئي. اسان جو هي مباحثو
فقط برابري سان لاڳاپو نٿو رکي. انهيءَ جو
ايترو ئي لاڳاپو ڪامل خوبي، ڪامل حسن، ڪامل
انصاف، ۽ ڪامل پاڪيزگي سان آهي. جنهن کي اسين
پنهنجي مباحثي ۾ نج جو نالو ڏيون ٿا. تنهنڪري
چئبو ته سڀني سچين شين جي ڄاڻ اسان کي ڄمڻ کان
اڳ ۾ پوي ٿي.
ائين ئي آهي.
۽ اسين سدائين هن علم سوڌا پيدا ٿيندا هونداسون ۽ اسين سدائين
انهيءَ علم کي حياتيءَ جي عرصي ۾ پاڻ وٽ قابو
رکندا هونداسون، نه ته چئبو ته انهيءَ علم کي
حاصل ڪرڻ بعد هر ڀيري انهيءَ کي وساريون ٿا.
ڇو ته معلوم ڪرڻ جي معنيَ آهي علم حاصل ڪرڻ ۽
انهيءَ کي قابو رکڻ ۽ انهيءَ کي نه وڃائڻ،
سمئس، وسارڻ جي معنيَ علم وڃائڻ نه آهي.
هن چيو ته، سقراط، هائو ائين برابر آهي.
پر، آءُ ڀانيان ٿو ته، جيڪڏهين ائين آهي ته اسين ڄمڻ وقت اهو
علم وڃايون ٿا، جيڪو اسان ڄمڻ کان اڳ حاصل ڪيو
هو، ۽ پوءِ وري مظهر شين تي پنهنجن حواسن کي
ڪم لائڻ سان اڳوڻو علم وري هٿ ڪريون ٿا، ته
چئبو ته جنهن ڳالهه اسين سکڻ سڏيون ٿا، سو آهي
اڳوڻو علم وري حاصل ڪرڻ. اسين انهيءَ کي
يادگيري سڏيون ته صحيح ڪين آهي؟
تحقيق.ڇو ته اسان ڏٺو آهي ته ڏسڻ يا ٻڌڻ يا ڪنهن ٻئي حواس جي
وسيلي ڪا ڳالهه معلوم ڪري سگهجي ٿي ۽ پوءِ
انهيءَ تان ڪنهن ٻيءَ شيءِ جو خيال دل ۾ اچي
سگهي ٿو، جا انهيءَ جهڙي هجي يا ڪنهن ٻئي قسم
جي هجي، جا وسري وئي هجي؛ پر هن شيءِ سان
لاڳاپو هجيس. تنهنڪري آءُ چوان ٿو ته هنن ٻن
ڳالهين مان هڪ ضرور صحيح هوندي: يا ته اسين هن
علم سوڌا پيدا ٿيون ٿا ۽ انهيءَ کي ساري عمر
قابو رکون ٿا، يا ته ڄمڻ بعد جن بابت اسين
چئون ٿا ته، سکن ٿا، سي رڳو ياد ڪن ٿا، ۽ اسان
جو علم فقط يادگيري آهي.
سقراط، هائو، ائين بلڪل صحيح آهي.
21
تڏهن، سمئس، تون ڪهڙيءَ ڳالهه کي پسند ٿو ڪرين؟ اسين علم سوڌا
پيدا ٿا ٿيون، يا انهن شين کي ياد ٿا ڪريون جن
بابت ڄم کان اڳ اسان کي علم حاصل ٿيل هو؟
سقراط، هن وقت آءُ چئي نٿو سگهان.
چڱو هن سوال بابت تنهنجو ڪهڙو رايو آهي ته جو ماڻهو ڪجهه ڄاڻي
ٿو سو جيڪي ڄاڻي ٿو، تنهنجو احوال ڏئي سگهي ٿو
يا نه؟ هائو، سقراط، هو ضرور ڏئي سگهي ٿو.
۽ تون چئي سگهندين ته جن تصورن نسبت اسين ذڪر ڪندا رهيا آهيون،
تن بابت هو هر احوال ڏئي سگهي ٿو؟
سمئس چيو ته، آءُ گهڻو چاهيان ٿو ته، جيڪر اءُ ائين چئي سگهان،
پر مون کي وڏو انديشو آهي ته سڀاڻي هن وقت
تائين ڪوبه اهڙو انسان حيات نه هوندو، جو اهو
احوال جيئن ڏيڻ گهرجي تيئن ڏئي سگهي.
هن چيو ته، تڏهين، سمئس، تون نٿو ڀائين ته ڪو سڀني ماڻهن کي
انهن ڳالهين جي خبر آهي.
بلڪل نه.
تڏهن هو ياد ڪن ٿا، جيڪي هو ڪنهن وقت سکيا هئا؟
ضرور ائين آهي.
۽ اسان جي روحن کي ڪڏهين اهو علم حاصل ٿيو؟ انسان ٿي پيدا ٿيڻ
کان پوءِ ته ائين نه ٿيو هوندو.
نه، بلڪل نه.
تڏهين ائين اڳ ۾ ٿيو هوندو؟
هائو.
تڏهين، سمئس اسان جا روح اڳئي، جسمن کان جدا، حيات هئا ۽ انسانن
جي صورت ۾ اچڻ کان اڳ هنن وٽ هوش موجود هو.
يا ته، سقراط، هي علم اسان کي ڄمڻ وقت ملي ٿو. اهو وقت اڃا
ليکڻو آهي.
تڏهن، منهنجا دوست، ڪهڙي ٻئي وقت اسين اهوعلم وڃايون ٿا؟ اسان
اڃا هينئر قبول ڪيو آهي ته اسين انهيءَ سميت
نٿا ڄمون. ڇا اسين انهيءَ علم کي ان ساڳيءَ
وقت وڃايون ٿا، جنهن وقت انهيءَ کي حاصل ٿا
ڪريون؟ يا تون ڪو ٻيو وقت ڏئي سگهندين؟
سقراط، آءُ ائين ڪري ڪين سگهندس. مون خيال ڪونه ڪيو ته ڪو آءُ
غلط پيو ڳالهايان.