سيڪشن؛ فلسفو |
ڪتاب: موڪلاڻي |
باب:
-- |
صفحو :11 |
56
سقراط چيو ته، سڀ ماڻهو قبول ڪندا ته خدا، ۽ هستيءَ جي جوهري
صورت، ۽ ٻيو سڀ جيڪي لايموت آهي، ڪڏهن به ناس
نٿو ٿئي.
هن چيو ته، تحقيق، سڀ ماڻهو، ۽ انهيءَ کان وڌيڪ، آءُ ڀانيان ٿو
ته، سڀ خدا اها ڳالهه قبول ڪندا.
تڏهن جيڪڏهن لايموت لازوال آهي، ته پوءِ روح، جيڪڏهين اهو به
لايموت آهي، ته ضرور لازوال ڪين هوندو؟
تحقيق هو ضرور هوندو.
تڏهن، ڏسجي ٿو ته، جڏهن موت ڪنهن ماڻهوءَ تي حملو ڪري ٿو، ته هن
جو فاني ڀاڱو مري ٿو، پر هن جو لايموت ڀاڱو
موت جي اوڏي اچڻ تي هٽي پاسو ڪري ٿو، ۽
سلامتيءَ سان بنان ڪنهن نقصان جي هليو وڃي ٿو.
ائين ٿو ڏسجي.
هن چيو ته، ڪيبيز، تڏهن، بنان ڪنهن شڪ جي روح لايموت ۽ لازوال
آهي؛ ۽ اسان جا روح سچ پچ ٻيءَ دنيا ۾ حيات
رهندا.
هن ورندي ڏني ته، سقراط، مون کي ڪوبه وڌيڪ اعتراض اٿارڻو نه
آهي؛ تنهنجي دليلن مون کي بلڪل خاطري ڏياري
ڇڏي آهي. جيڪڏهن سمئس، يا ڪنهن ٻئي کي ڪجهه
چوڻو آهي، ته چڱو ٿيندو ته هينئر ڪڇي؛ ڇو ته
آءُ سمجهي نٿو سگهان ته هو ڪهڙي ٻئي وقت موقعي
لاءِ اهو مباحثو ترسائي سگهندو، جيڪڏهن هن کي
هن مسئلي نسبت ڪجهه چوڻو يا ٻڌڻو آهي.
سمئس چيو ته، تحقيق، نه؛ جيڪي اوهين چئي رهيا آهيو تنهن کانپوءِ
مون کي وڌيڪ شڪ جو سبب ڪونهي. تنهن هوندي به
مون کي دل ۾ ڪي گمان اڃا رهيل آهن؛ ڇو ته اسان
جي گفتگو جو موضوع وسيع آهي، ۽ مون کي انسان
جي ضعيفي ڪري خاطري نٿي ٿئي.
سقراط چيو ته، سمئس، تون صحيح آهين؛ ۽ تنهن کانسواءِ، توکي اسان
جا شروع وارا تصور وري جاچڻ کپن، پوءِ کڻي اهي
توکي ڪهڙا به سچا نظر اچن؛ آءُ ڀانيان ٿو ته،
جڏهن تون انهن کي چڱي طرح اک کولي ڏسندين،
تڏهن تون مباحثي کي سمجهي سگهندين، جيتري قدر
اهو سمجهڻ انسان لاءِ ممڪن آهي؛ ۽ جڏهن اهو
تنهنجي نظر ۾ صاف ۽ چٽو ڏسڻ ۾ ايندو، تڏهين
تون وڌيڪ جاچ ڪانه ڪندين.
هن چيو ته اها ڳالهه برابر آهي.
57
هن چيو ته، پر تڏهن، منهنجا دوستو، اسان کي هيترو خيال رکڻ کپي؛
جيڪڏهين سچ ائين آهي ته روح لايموت ۽ لازوال
آهي، ته اسان کي هن جي خبرداري رکڻ کپي، نه
رڳو انهيءَ وقت لاءِ جنهن کي اسين حياتي ٿا
سڏيون، پر پڻ سموري وقت لاءِ. هاڻي اسين ڏسي
سگهون ٿا ته انهيءَ غفلت جو خطرو ڪيڏو نه
خوفناڪ آهي. ڇو ته جيڪڏهن موت جي معنيَ هجي ها
سڀني ڳالهين کان رهائي، نه جيڪر هو جسمن لاءِ
ته خدائي غنيمت ٿئي ها؛ ڇو ته هو جڏهن مرن ها
تڏهين پنهنجن روحن سميت جسم مان آزاد ٿين ها ۽
پنهنجي بدڪاريءَ کان به ڇٽن ها. پر هاڻي اسان
ڏٺو آهي ته روح لايموت آهي، ۽ تنهنڪري هن جو
جسم کان ڇوٽڪارو ۽ سلامتي انهيءَ ۾ آهي ته هو
جيتري قدر ٿي سگهي تيتري قدر عاقل ۽ ڪامل ٿئي.
ڇو ته هو پنهنجي تعليم ۽ ترتيب کان سواءِ ٻيو
ڪي به پاڻ سان ٻيءَ دنيا ڏي کڻي نٿو وڃي؛ ۽،
چون ٿا ته، فوت ٿيل ماڻهوءَ لاءِ سندس اوڏاهون
جي سفر جي شروعات کان وٺي، سڀ کان وڌيڪ
فائديمند يا نقصانڪار اهي شيون آهن. ڇو ته چون
ٿا ته جيڪو ملائڪ هر هڪ انسان تي سندس حياتيءَ
۾نظرداري ڪري ٿو، سو سندس مئي پڄاڻان، هن کي
هڪڙي هنڌ وٺي وڃي ٿو. جتي مرهيات گڏ ٿين ٿا ۽
فتويَ وٺن ٿا، ۽ پوءِ هيٺين دنيان ڏي پنهنجي
رهبر سان وڃن ٿا جو کين اوڏاهين وٺي وڃڻ لاءِ
مقرر ٿيل آهي ۽ جڏهن هنن کي اتي سندن حق ملي
ٿو ۽ هو اتي مقرر ٿيل وقت گذاري وٺن ٿا، تڏهن
ٻيو رهنما هنن کي صدين جي گهڻن وڏن دورن بعد
موٽائي وٺي اچي ٿو. تنهنڪري هيءَ مسافري اهڙي
نه آهي جهڙي طرح ايسڪائيلس شاعر هن کي پنهنجي
ناٽڪ ٽيليفس ۾ بيان ٿو ڪري، جتي هو چوي ٿو ته
هڪڙو سولو رستو مئلن جي مڪان ڏانهن نئين ٿو.
پر آءُ ڀانيان ٿو ته رستو نڪي سولو آهي ۽ نڪي
هڪڙو آهي؛ جي ائين هجي ها ته رهبرن جي ڪابه
ضرورت ڪانه ٿئي ها. ڌرتيءَ تي دفن ڪرڻ وقت
جيڪي روشون اختيار ڪيون وينديون آهن، تن مان
آءُ سمجهان ٿو ته، انهيءَ رستي کي گهڻيون
واٽون ۽ پيچرا آهن. سڌريل ۽ سياڻو روح پنهنجي
رهبر جي پٺيان هلي ٿو، ۽ ٻيءَ دنيا جي ڳالهين
کان غير واقف نه آهي؛ پر جيڪو روح جسمن جي
هوائن ۾ مبتلا آهي، سو گهڻي وقت تائين ظاهري
دنيا ۾ جسم جي چوگرد پريشان ٿي رلندو رهي ٿو،
جيئن مون چيو آهي، ۽ سخت تڪليفون ۽ درد
ڀوڳيندو رهي ٿو، ۽ نيٺ زبردستي سان لاچار ٿي
پنهنجي مقرر ٿيل ملائڪ هٿان گهلجي وڃي ٿو. ۽
جڏهن هو انهيءَ هنڌ اچي ٿو جتي ٻيا روح آهن،
تڏهن جيڪڏهن هو بدڪاريءَ سبب پليد ۽ گندو ٿيل
آهي، ۽ بڇڙن خونن ۾ شامل ٿيل آهي، يا جيڪڏهن
هن انهن ڏوهن سان لاڳاپيل ڪي ٻيا ڏوهه ڪيا
آهن، ۽ جيڪڏهن ٻين اهڙن روحن جهڙيون بڇڙايون
ڪيون اٿس، ته پوءِ هر ڪو هن کان پاسو ڪندو ۽
هن سان ملڻ کان موشو ڪندو، ۽ نه هن جو رفيق
ٿيندو ۽ نه هن جو رهبر ٿيندو، ۽ هو پنهنجي سر
سخت اندوهه ۾ ڀٽڪندو رهندو، جيستائين مقرر
ٿيل وقت پورو ٿيندو، ۽ پوءِ هو زبردستيءَ
اهڙيءَ حياتي گهليو ويندو، جهڙيءَ جو هو لائق
هوندو. پر جنهن روح پنهنجي حياتي پاڪائيءَ ۽
پرهيزگاريءَ سان گذاري آهي تنهن جا خدائون
رفيق ۽ رهبر ٿين ٿا، ۽ هو اهڙي مڪان ۾ رهندو
جو سندس شان وٽان هوندو. ڌرتيءَ تي ڪيترا عجيب
مڪان آهن، ۽ هڪڙي دوست مون کي يقين ڏياريو آهي
ته، ڌرتيءَ جو وجود ۽ سندس وسعت اهڙا نه آهن
جيئن جيڪي انهن جو ذڪر ڪندا آهن سمجهن ٿا.
سمئس چيو ته، سقراط، تنهنجي معنيَ ڇا آهي؟
58
مون پاڻ ڌرتيءَ بابت گهڻيون ئي ڳالهيون ٻڌيون آهن، پر جنهن راءِ
نسبت توکي يقين آيل آهي سو مون ڪڏهن به ڪونه
ٻڌو آهي. منهنجو تمام گهڻي خواهش آهي انهيءَ
جي ٻڌڻ جي.
چڱو، سمئس، آءُ نٿو ڀانيان ته انهيءَ جي بيان ڪرڻ لاءِ ڪو گلاڪس
سخن آور جي هوشياري کپي، پر آءُ ڀانيان ٿو ته
انهيءَ جو ثابت ڪرڻ گلاڪس جي قابليت کان به
ٻاهر آهي. مون کي پڪ آهي ته آءُ ائين ڪري ڪين
سگهندس، ۽ تنهن کانسواءِ، سمئس کڻي جيڪڏهن مون
کي انهيءَ جي خبر هجي، ته به آءُ ڀانيان ٿو ته
مباحثي جي ختم ٿيڻ کان اڳ منهنجي حياتي پوري
ٿي ويندي. پر انهيءَ ۾ ڪابه روڪ ڪانهي ته آءُ
توکي ٻڌايان ته منهنجي يقين موجب ڌرتيءَ جي
صورت ڪهڙي آهي، ۽ هن جا ڀاڱا ڪهڙا آهن.
سمئس چيو ته، چڱو ائين ئي ٺهيو.
هن چيو ته، چڱو، پهريائين ته منهنجو اعتقاد آهي ته ڌرتي هڪ گول
شيءِ آهي جا عرش جي وچ تي بيٺل آهي، ۽ تنهن
ڪري هن کي هوا يا ڪنهن ٻئي زور جي آڌار جي
ضرورت ڪانهي. عرش جي سڀني ڀاڱن جي هڪجهڙائي ۽
ڌرتيءَ جي پنهنجي پوري بيهڪ، هن کي مٿي جهلي
بيهڻ لاءِ ڪافي آهن. ڪابه پوري بيهڪ واري
شيءِ، جا بيٺل آهي ڪنهن اهڙي شيءِ جي وچ تي،
جا چوگرد هڪ جهڙي آهي، سا ڪنهن به طرف، ٿورو
يا گهڻو نمي نٿي سگهي. هوءَ بنان لوڏي جي پوري
ميزان ۾ رهندي. هن چيو ته اها آهي پهرين ڳالهه
جنهن تي مون کي ويساهه آهي.
سمئس چيو ته، تنهنجو اعتقاد واجبي آهي.
هن چيو ته، پڻ آءُ ڀانيان ٿو ته ڌرتي وسيع پکيڙ واري آهي، ۽
اسين جي فئسس (ٻيٽ) ۽ هرئڪليز پهلوان جي ٿنڀن
(يعني جبرالٽر جي پهاڙن) جي وچ تي رهون ٿا، سي
هن جو فقط ٿورو حصو والاريون ٿا، ۽ سمنڊ جي
چوگرد ائين رهون ٿا، جيئن ماڪوڙيون يا ڏيڏر
ڪنهن ڌٻڻ جي چوگرد رهندا آهن، ۽ آءُ ڀانيان ٿو
ته ٻيا ڪيترائي ماڻهو ٻين هنڌ ساڳئي قسم جي
جاين تي رهندا هوندا. ڇو ته ڌرتيءَ تي جتي ڪٿي
گهڻا ئي هيٺاهان هنڌ هر قسم جي صورت ۽ مقدار
وارا آهن، جن ۾ پاڻي، اُٻ ۽ هوا گڏ ٿين ٿا؛ پر
ڌرتي پاڻ عرش جي پاڪائي اندر پاڪ رهيٿي، جتي
تارا آهن، ۽ جنهن کي اهي ماڻهو جيڪي انهن
ڳالهين جو ذڪر ڪندا آهن، عام طرح سڏيندا آهن
اَثير (آسماني جسم:
Ither
ايٿر). پاڻي، اُٻ ۽ هوا جي ڌرتيءَ جي هيٺاهن
مقامن ۾ گڏ ٿينٿا، سي آهن سندس مير. جيتوڻيڪ
اسين انهن هيٺاهان مقامن ۾ رهون ٿا، تنهن
هوندي به ڀانيون ٿا ته اسين ڌرتيءَ جي مٿاڇري
تي رهون ٿا. اسين ڪنهن اهڙي ماڻهو وانگر آهيون
جو سمنڊ جي تري ۾ رهي ٿو، ۽ سمجهي ٿو ته آءُ
انهيءَ جي مٿاڇري تي رهان ٿو، ۽ ڀانئي ٿو ته
سمنڊ عرش آهي، ڇو ته هن پاڻي منجهان سج ۽ تارا
ڏٺا آهن؛ پر جو سستي ۽ ڍرائي سببان پاڻيءَ جي
مٿاڇري تائين اچي نٿو سگهي، ۽ سمنڊ منجهان
پنهنجو سر مٿي کڻي نٿو سگهي، ۽ پنهنجن غارن
مان نڪري اسان جي دنيا ۾ اچي نٿو سگهي، نڪي
انهيءَ کي ڏسي سگهي ٿو، ۽ نڪي ڪنهن اهڙي کان
جنهن هنن کي ڏٺو آهي، انهيءَ جو احوال ٻڌي
سگهي ٿو، ته هوءَ سندس رهڻ واري جاءِ کان
ڪيترو وڌيڪ صاف ۽ سهڻي آهي. اسين اهڙيءَ ساڳي
حالت ۾ آهيون؛ اسين ڌرتيءَ جي هڪڙي هيٺاهين
مقام ۾ رهون ٿا، ۽ ڀانيون ٿا ته اسين انهيءَ
جي مٿاڇري تي رهون ٿا؛ ۽ اسين هوا کي عرش
سڏيون ٿا، ۽ ڀانيون ٿا ته اهو آڪاس آهي، جنهن
۾ تارا پنهنجو سفر ڪن ٿا. پر حقيقت هيئن آهي
ته اسين پنهنجي ضعيفي ۽ ڍرائي سبب هوا جي
مٿاڇري تائين پهچي نٿا سگهون. ڇو ته جيڪڏهن ڪو
ماڻهو مٿاڇري تائين پهچي سگهي، يا کنڀ ڪري مٿي
اڏامي سگهي، ته هو مٿي نهارڻ سان هڪ ٻي دنيا
پريان ڏسي سگهندو، جيئن مڇيون سمنڊ مان مٿي
نهارينديون آهن، ۽ اسان واري دنيا ڏسنديون
آهن. ۽ پوِءِ هن کي پروڙ پوندي ته اهو آهي سچو
بهشت، ۽ سچي روشنائي، ۽ سچي ڌرتي، پر سو تڏهن
جيڪڏهن هن جو وجود انهي نظاري جو ديدار سهي
سگهندو. ڇو ته هيِءَ ڌرتي، ۽ انهيءَ جا پٿر، ۽
انهيءَ جا سڀ ڀاڱا خراب ۽ زبون ٿي پيا آهن،
جيئن سمنڊ واريون شيون کاري پاڻيءَ سبب خراب
ٿي پونديون آهن. ڪابه قدر واري شيءِ سمنڊ ۾
نٿي اڀري، نڪي اتي ڪا بي عيبي شيءِ آهي. پر
جيڪڏهن انهيءِ ۾ ڪٿي زمين آهي، ته اتي رڳو
غار، واري ۽ ويڪرا پٽ گپ ۽ ڪلر وارا آهن، جي
اسان واري دنيا جي سهڻين شين سان ڀيٽي ڪين
سگهبا. پر تون سمجهي سگهين ٿو ته ٻيءَ دنيا
جون شيون اسان واريءَ دنيا جي شين کان اڃا به
گهڻو اعليَ آهن. سمئس، آءُ توکي هڪڙي آکاڻي
ٻڌائي سگهندس ته ڇا آهي انهيءَ ڌرتي تي، جا
عرش هيٺان آهي، ۽ اها تنهنجي ٻڌڻ جهڙي آهي.
سمئس چيو ته، تحقيق، سقراط، اسين تنهنجي آکاڻي گهڻي شوق سان
ٻڌنداسون.