گهڻي ادب ۽ محبت منجهان هي ڪتاب جناب سرمانٽئگيو
ويب صاحب، سي. آءِ. اي، سي. بي. اي جي خدمت ۾ عرض
ٿو رکجي. هو صاحب نه رڳو هڪ اعليٰ دماغ انگريز
آهي، پر سچو سنڌي پڻ آهي
مترجم متعلق
ڪنڊياري شهر جي مشهور بزرگ شيخ ميان احمد جي خاندان ۾ سنڌ جو
مشهور اديب، عالم ۽ قومي ڪارڪن حاجي شاهنواز ولد
جمال الدين پيرزادو 14 ڊسمبر 1889ع تي ڪنڊياري شهر
۾ ڄائو. ابتدائي سنڌي ۽ ناظره قرآن پاڪ پنهنجي
اباڻي شهر ڪنڊياري ۾ ورتائين. انگريزي تعليم لاءِ
شڪارپور جي هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو، جتان 1910ع ۾
مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. بمبئي يونيورسٽيءَ
مان انگريزي ادب ۾ ايم. اي جي سند ورتائين. پاڻ
پهريون سنڌي مسلمان هو، جو ان دور ۾ انگريزي ۾
ايم. اي هو. بي. ٽيءَ جو امتحان به پاس ڪيو
هئائين.
تعليم پرائڻ کان پوءِ تعليم کاتي ۾ انگريزي استاد جي حيثيت ۾
نوڪريءَ ۾ گهڙيو، جتان ترقي ڪندي سکر جو
ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر ٿيو. بعد ۾نوڪري ڇڏي وڪالت جو
ڌنڌو اختيار ڪيائين. پهريائين سجاول ۽ ميرپوربٺوري
۾ وڪالت ڪرڻ لڳو ۽ بعد ۾ سن 1933ع ۽ 1934ع ۾
نوابشاهه ۾ وڪالت ڪيائين. سن 1935ع ۾ حيدرآباد سنڌ
مان ”سياست“ نالي اخبار جاري ڪري صحافت جي ميدان ۾
آيو. انهيءَ اخبار جو مالڪ ۽ ايڊيٽر پاڻ ئي هو.
سن 1951ع ۾ آزاد ميمبر جي حيثيت ۾ سنڌ اسيمبليءَ
جو ميمبر چونڊيو ۽ ون يونٽ ٺهڻ تائين ميمبر رهيو.
مسٽر الهه بخش انصاري، رئيس فتح خان راڄپر پڊ عيدن
واري ۽ خانبهادر محمد ايوب کهڙي سان سندس دوستيءَ
وارا تعلقات هئا.
پاڻ نوجوانيءَ ۾ شادي ڪئي هيائين ۽ کيس هڪ فرزند پڻ هو، جو
چوڏهين ورهين جي ڄمار ۾ فوت ٿي ويو. حاجي شاهنواز
28 فيبروري 1974ع تي نوابشاهه ۾ رحلت ڪئي.
هن سنڌي زبان ۽ ادب جي وڏي خدمت ڪئي آهي. هن سنڌي زبان ۾ نهايت
ئي عمدا ۽ معياري ڪتاب تصنيف، تاليف ۽ ترجمو ڪيا
آهن، سندس ڪتابن جو تعداد چالهين جي لڳ ڀڳ آهي.
جيڪي اڪثر ڪري شايع ٿيل آهن پاڻ شاعريءَ سان به
دلچسپيءَ رکندو هو ۽ سندس تخلص ”مولائي“ هو.
ڊاڪٽر حامد علي خانائي
ديباچو
هيٺين صفحن ۾ قديم زماني (عيسوي سن کان اٽڪل چار سئو ورهيه اڳ)
جي مشهور يوناني فيلسوف، فلاطون، جي هڪ نامور
ڪتاب، نالي فيڊو (Phedo)
جو ترجمو ڏنل آهي. ساڳئي فيلسوف جا ٽي ڪتاب اڳ
سنڌي زبان ۾ شايع ٿي چڪا آهن. پهرئين ڪتاب ۾
”پاڪيزگي“ جي وڏي مسئلي تي بحث ٿيل آهي ۽ ڏيکاريل
آهي ته ڪئين افلاطون جي استاد، سقراط، سان عام
ماڻهن جي عداوت پيدا ٿي ۽ هن کي ڪورٽ جي ڪوٺ ٿي.
ٻئي ڪتاب ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته ڪهڙي دليريءَ سان
سقراط ڪورٽ ۾ پنهنجن فريادين جي باطل بيانن جي
سامهون ٿيو ۽ ڪهڙي سچائيءَ سان پنهنجي پاڪيزهه
زندگي جو احوال منصفن اڳيان عرض رکيائين ۽ ڪيئن سر
کان وڌيڪ سچ کي گهريائين. ٽئين ڪتاب ۾ ڏيکاريل آهي
ته موت جي خوفناڪ فتويَ ملڻ بعد سقراط پنهنجي
حياتي جا باقي ڏينهن زندان ۾ ڪهڙي استقامت سان بسر
ڪيا ۽ ڇا وٽس قاعدي جو قدر هو. هن ڪتاب ۾ سقراط جي
حياتيءَ جي پوئين ڏينهن جو احوال ڏنل آهي، جنهن
ڏينهن هن زهر جو پيالو پيتو ۽ رحلت ڪئي. جڏهين
سقراط ٻيءَ دنيا جي سفر جي سنبت ڪري ٿو ۽ هن دنيا
کان ڪولائي ٿو، تڏهن سندس دوستن جي اندر ۾ اندوهه
پيدا ٿئي ٿو ته هو روڄ ۽ راڙو ڪن ٿا. سقراط کي
پنهنجي دستن جي هن رواجي ليڪن ٻاراڻي هلت تي افسوس
ٿئي ٿو ۽ هنن کي چوي ٿو ته کين ڪوبه سبب غمگين ٿيڻ
ڪونهي، ڇو ته زهر پيئڻ سان سندس حياتي پوري ٿي
ڪانه ويندي. هو هنن کي دلجاءِ ڏئي ٿو ۽ سمجهائي ٿو
ته زهر جو اثر فقط سندس خاڪي پتلي تي پوندو جو ڊهي
پوندو، ليڪن سندس اندر واري اعليَ شيءِ کي ڪي نه
ڪين ٿيندو ۽ اها سلامت رهندي. انهيءَ ڳالهه ٻولهه
مان هڪ عاليشان بحث اڀري پوي ٿو ۽ سقراط پنهنجن
لاثاني دليلن سان ثابت ڪري ڏيکاري ٿو ته جيتوڻيڪ
بدن بيشڪ بي بقا آهي ۽ روح سدا حيات آهي. سقراط جي
سمجهاڻي سندس دوستن ۾ صبر پيدا ڪري ٿي ۽ هو قاعدي
جي حڪم موجب زهر پي لاڏاڻو ڪري ٿو.
ٺهڻ ۽ ڊهڻ، ڄمڻ ۽ مرڻ، اهي ڳالهيون دنيا ۾ هر روز جو معاملو
آهي، ۽ انهن جي ڪري انسانن ۾ گهڻي اجائي خوشي ۽
گهڻو اجايو افسوس پيدا ٿين ٿا. نتيجو اهو نڪري ٿو
جو انسان ڪڏهن به پنهنجي اندر جي املهه طاقتن کي
اوج تي اسرڻ نٿا ڇڏين ۽ سدائين جانورن وانگر
پنهنجي جسماني خواهشن پوري ڪرڻ ۾ غلطان رهن ٿا.
يقين آهي ته هن ڪتاب پڙهڻ سان نه رڳو اندر کي عجيب
راحت ايندي، پر ڪي قدر هن بدل سدل واري دنيا تان
دل کڄي ويندي ۽ وڃي اتي لڳندي جتي نڪا آهي ابتدا ۽
نڪا آهي انتها، نڪا دوستي نڪا دشمني، نڪا خوشي ۽
نڪو غم- يعني اعليَ قدرت، جا پنهنجي اندروني طاقت
۽ قانوني موجب چوڌاري جوڙ ۽ جنسار بڻايو بيٺي آهي.
شاهه نواز پيرزادو
21 آڪٽوبر، 1931ع
حيدرآباد، سنڌ
موڪلاڻي
گفتگو ڪندڙ ماڻهو:
فيڊو
ايڪيڪرئٽيز
سقراط
ڪيبيز
سمئس
اپالو ڊورس
ڪريٽو
يارنهن عملدارن جو سپاهي
مقام: پهريائين فليس جو شهر، پوءِ سقراط جو ترنگ (قيد خانو).
1
ايڪيڪرئٽيز: فيڊو، تون سقراط سان گڏ هئين انهيءَ ڏينهن، جنهن
ڏينهن هن ترنگ (قيد خاني) ۾ زهر پيتو، يا تو اها
ڳالهه ڪنهن ٻئي کان ٻڌي هئي؟
فيڊو: ايڪيڪٽرئٽيز، آءٌ پاڻ اتي حاضر هئس.
ايڪيڪٽرئٽيز: تڏهين اسان جي آقا مماتيءَ کان اڳ ڇا چيو ۽ هو
ڪيئن موت سان ملاقاتي ٿيو؟ تنهنجي مهرباني ٿيندي
جيڪڏهن تون مون کي هيءَ ڳالهه سربستي ڪري
ٻڌائيندين. اسان جي شهر جا باشندا هاڻي اٿينس ڏي
گهڻو ڪونه ايندا ويندا آهن، ۽ ڳچ وقت کان وٺي ڪو
اٿينس واسي به هيڏي ڪونه آيو آهي، جو اسان کي
انهيءَ ڳالهه جي پوري خبر ڏئي سگهي. اسان ته ان
کان وڌيڪ ڪجهه به ڪين ٻڌو آهي ته هن زهر پيتو ۽
مري ويو.
فيڊو: تڏهن اوهان اهو به ڪين ٻڌو آهي ته ڪيئن ڪيس ٿيو ۽ ڪيئن
هليو؟ ايڪيڪٽرئٽيز: هائو، اسان انهيءَ بابت ٻڌو
هو. اسان کي ڪجهه عجب لڳو ته سقراط ڪيس ختم ٿيڻ
کان ايترو پوءِ فوت ٿيو. فيڊو، ائين ڇو ٿيو؟
فيڊو: انهيءَ لاءِ ته ڪو اتفاقي سبب بنجي پيو. جيڪو جهاز اٿينس
واسي ڊيلاس (ٻيٽ) ڏي موڪليندا آهن، سو ڪيس کان هڪ
ڏينهن اڳ سينگاريو ويو هو.
ايڪيڪٽرئٽيز: اهو ڪهڙو جهاز آهي؟
فيڊو: اٿينس واسين موجب اهو جهاز آهي جنهن ”ٿيسيوس“ (اٿينس شهر
جو پايو وجهندڙ پهلوان) ستن جوانن کي ۽ ستن ڇوڪرين
کي جهاز ۾ چاڙهي ڪريٽ ڏي وٺي ويو ۽ هنن کي موت کان
بچايائين ۽ پاڻ به بچي ويو. ۽ پوءِ اٿينس جي ماڻهن
اپالو خدا سان انجام ڪيو ته هو پنهنجي بچاءَ لاءِ
هر سال ڊيلاس (اپالو ديوتا جي رهڻ جو مڪان) ڏينهن
هڪ پاڪ وفد موڪليندا رهندا، ۽ انهيءَ وقت کان اڄ
ڏينهن تائين هو سڀ، هر سال ائين ڪندا رهيا آهن.
هنن ۾ قاعدو آهي ته جيئن وفد جو ڪم شروع ٿئي، تيئن
هو شهر کي پاڪ رکندا، ۽ ڪنهن کي به قتل نه ڪندا،
جيسين جهاز ڊيلاس کان موٽي. ڪڏهن ڪڏهن جڏهن واءُ
سڻائو نٿو لڳي ته پوءِ جهاز کي موٽڻ ۾ وقت لڳيو
وڃي. هن پاڪ سفارت جو ڪم تڏهن شروع ٿئي ٿو جڏهين
اپالو خدا جو پادري جهاز جي مهڙ تي گلن جا هار
چاڙهيندو آهي، ۽، جيئن مون چيو ته، هي ڪم ڪيس واري
ڏينهن کان اڳئين ڏينهن تي ٿي چڪو هو. اهوئي سبب هو
جو سقراط ڪيس پوري ٿيڻ کانپوءِ ايترو عرصو زندان ۾
پيو هو ۽ پوءِ فوت ٿيو.
ايڪيڪٽرئٽيز: فيڊو، پر هن جي مماتيءَ جي خبر ته سڻاءِ. انهيءَ
وقت ڇا وهيو واپريو ۽ اسان جا ڪهڙا ڪهڙا دوست آقا
وٽ حاضر هئا؟ يا سرڪاري عملدارن ڪنهن کي به کيس وٽ
اچڻ ڪين ڇڏيو؟ هو وفات وقت اڪيلو هو ڇا؟
فيڊو: نه نه، ڪيترائي دوست هن وٽ موجود هئا.
ايڪيڪٽرئٽيز: جيڪڏهن تون واندو هجين ته مهرباني ڪري اسان کي
سربستي ڳالهه سڻاءِ.
فيڊو: مون کي ڪو ڪم ته ڪونهي ۽ آءٌ اوهان کي سڄي ڳالهه سربستي
ڪري ٻڌائيندس- ڇو ته مون کي خود ڪنهن به ڳالهه مان
ايتري فرحت نه ايندي آهي، جيتري سقراط کي ياد ڪرڻ
سان، يا هن بابت ذڪر ڪرڻ سان يا ٻين جي واتان هن
بابت ذڪر ٻڌڻ سان ايندي اٿم.
2
ايڪيڪٽرئٽيز: سچ ته، فيڊو، توکي ٻڌندڙ به اهڙائي ملندا جهڙو تون
پاڻ آهين. پر مهرباني ڪري اسان کي ڳالهه پيرائتي
ڪري ٻڌائجانءِ.
فيڊو: سچ پڇو ته انهيءَ ڏينهن منهنجي عجيب ڪيفيت ٿي پئي هئي.
مون ائين نٿي سمجهيو ته ڪو آءُ پنهنجي ڪنهن پياري
دوست جي موت تي آيل آهيان. مون کي هن جي حال تي
ذري جيترو به افسوس ڪونه ٿي ٿيو، ڇو ته،
ايڪيڪٽرئٽيز، هو پنهنجي هلت ۽ ڳالهائڻ ۾ بلڪل خوش
ٿي ڏسڻ ۾ آيو، ۽ هو بلڪل بي ڊپائي سان شاندار
انداز ۾ موت سان ملاقاتي ٿيو. مون ائين ٿي سمجهيو
ته جيئن هو ٻيءَ دنيا جو سفر شروع ڪندو، تيئن خدا
هن جا نگهبان رهندا، ۽ جڏهن هو اُتي وڃي پهچندو،
تڏهن خدا هن جي چڱي مرحبا ڪندا. تنهن ڪري اهڙي
دردناڪ لمحي تي مون کي ڪنهن به قسم جو افسوس نه
ٿيو. نڪا وري ڪا مونکي انهيءَ وقت اهڙي خوشي هئي
جا آءُ سدائين هن جي ڏاهپ ڀرين ڳالهين مان حاصل
ڪندو هوس. اسانجون ڳالهيون سدائين فيلسوفي نسبت
ٿينديون هيون. منهنجي عجيب حالت هئي، منهنجي دل ۾
خوشي ۽ ڏک ٻئي گڏجي پيا هئا ڇو ته مون ڄاتو ٿي ته
هو سگهوئي موڪلائي ويندو. اسان سڀني جو ساڳيوئي
حال هو، ڪڏهين کلياسين ٿي، ڪڏهن رناسي ٿي. خاص ڪري
اپالو ڊورس جو اهو حال هو. آءُ ڀانيان ٿو ته تون
هن کي سڃاڻين ته سندس روش ڪهڙي آهي.
ايڪيڪٽرئٽيز: هائو، آءُ هن کان ڪافي واقف آهيان.
فيڊو: هن کي پاڻ تي ذري برابر به ضابطو ڪونه هو. آءُ ۽ ٻيا به
بلڪل غم ۾ غلطان هئاسون.
ايڪيڪٽرئٽيز: فيڊو، اُتي ٻيا ڪهڙا ڪهڙا حاضر هئا؟
فيڊو: شهري اٿينين منجهان اهو اپالو ڊورس، ڪريٽو بيولس ۽ سندس
پيءُ ڪريٽو، هر موجينيز، ايپيجينيز، ايسڪائنيز ۽
ائنٽسٿنيز حاض هئا. ٽيسيپس پينيان وارو مينيگزينس،
۽ ڪي ٻيا ماڻهو به اُتي موجود هئا. مان ڀانيان ٿو
ته، افلاطون بيمار هو.
ايڪيڪٽرئٽيز: ڪي ڌاريا ماڻهو به حاضر هئا؟
فيڊو: هائو، ٿيبس وارو سمئس، ڪيبيز، فيڊنڊيز، يوڪلائوڊيز ۽
ٽرپسئن، ميگارا وارا به موجود هئا.
ايڪيڪٽرئٽيز: ائرسٽيپس ۽ ڪليومبروٽس اتي حاضر هئا؟
فيڊو: نه اهي ڪين هئا، اهي ايجنا ڏانهن ويل هئا.
ايڪيڪٽرئٽيز: ٻيو به ڪو هو؟
فيڊو: نه مان ڀانيان ٿو ته اهي ئي ماڻهو موجود هئا.
ايڪيڪٽرئٽيز: تڏهن ڀلا ٻڌاءِ پيرائتي ڳالهه.
3
فيڊو: اءُ ڪوشش ڪري منڍ کان پيرائتي ڳالهه ڪري ٻڌائيندس.
اڳئين ڏينهن تي آءُ ۽ ٻيا صبح جو ڪيس هلڻ واري ڪورٽ وٽ گڏ ٿيندا
هئاسون، جا ترنگ (قيد خاني) جي ويجهو آيه، ۽ پوءِ
اسين سقراط وٽ ويندا هئاسون. جيسين ترنگ کلندو هو
تيسين اسين بيهي ڳالهيون ڪندا هئاسون. جڏهين هو
کندو هو تڏهين اسين سقراط وٽ ويندا هئاسون ۽ سارو
ڏينهن هن وٽ گذاريندا هئاسون. پر انهيءَ ڏينهن
اسين هميشه کان سويل آيا هئاسون، جو اڳئين ڏينهن
شام جو جيل کان موٽڻ وقت اسان ٻڌو هو ته ڊيلاس ڏي
ويل جهاز موٽي آيو آهي. انهيءَ ڪري سان سويل اچڻ
جو فيصلو ڪيو هو. جڏهن اسين جيل وٽ پهتاسون تڏهن
بوانب اسان کي چيو ته ڪجهه ترسو جو يارهن سرڪاري
عملدار سقراط جا زنجير لاهي رهيا آهن ۽ اڄ هنن جي
موت لاءِ وقت مقرر پيا ڪن. سگهوئي وري دربان اسان
وٽ آيو ۽ اسان کي اندر هلڻ لاءِ چيائين. اسين ادنر
وياسون ۽ ڏٺوسون ته سقراط جا زنجير لٿل هئا ۽ سندس
زال، ”زنٿيپي“، ٻار کنيو وٽس ويٺي هئي. جڏهن
”زنٿيپي“ اسان کي ڏٺو تڏهن زناني فطرت موجب زار
زار روئڻ لڳي ۽ چوڻ لڳي ته، ”سقراط، توکي پنهنجن
دوستن سان ۽ هنن کي توسان ڳالهائڻ لاءِ اڄ آخري
ڏينهن آهي.“ انهيءَ تي سقراط ڪريٽو ڏانهن نهاريو ۽
چيائين ته، ”ڪريٽو، هن کي گهر اماڻ“ پوءِ ڪريٽو جا
ڪي نوڪر هن کي دلاسا ڏيندا اُتان وٺي ويا ۽ هوءَ
زار زار روئندي ۽ ڇاتي ڪٽيندي هلي ويئي. سقراط هنڌ
تي اُٿي ويٺو ۽ ٽنگ ڊگهي ڪري انهيءَ کي مهٽڻ لڳو ۽
چوڻ لڳو ته اها ڪهڙي نه عجيب شيءِ آيه، جنهن کي
ماڻهو خوشي ٿا سڏين! درد سان انهيءَ جو ڪهڙو نه
عجيب لاڳاپو آهي جو ڏسڻ ۾ انهيءَ جي ابتڙ آهي! هو
ٻئي ڪنهن وٽ به گڏ نٿا اچن، پر جيڪڏهن ڪو انهن مان
هڪ جي پٺيان پوي ٿو ۽ انهيءَ کي هٿ ڪري ٿو ته ٻيو
به هن وٽ پاڻ اچي ڪڙڪي ٿو، ڄڻ ته ٻه نراليون شيون
هڪ نوڪ تي پاڻ ۾ مليل آهن. ۽ هن چيو ته جيڪڏهن
ايسپ هنن ڏانهن ڌيان ڏئي ها ته جيڪر هڪڙي آکاڻي
ٺاهي وٺي ها ته: جڏهن خدا هنن جو جهيڙو ڏٺو، تڏهن
هنن جي ٺاهڻ جو خيال ڪيائين، پر جڏهن سمجهيائين ته
ٺهراءِ جو امڪان ڪونهي، تڏهن ٻنهي جون نوڪون کڻي
ڳنڍيائين، ۽ انهيءَ ڪري جڏهن انهن مان هڪ ڪنهن وٽ
اچي ٿي ته ٻي اڻ پڇيو انهيءَ جي پويان اچي ان وٽ
حاضر ٿئي ٿي- مون سان به اهوئي حال آهي. زنجيرن جي
ڪري منهنجي ڄنگهه ۾ عذاب ٿي پيو هو، هاڻي ڏسجي ٿو
ته عذاب پٺيان فرحت اچي پهتي آهي.
4
اتي ڪيبيز ڪڇيو ته چيائين ته، سقراط، چڱو جو تو مونکي يادگيري
ڏياري. ڪيترا ماڻهو تنهنجي بيتن، ۽ تنهنجي اپالو
خدا جي ثنا واري قصيدي، ۽ تو جيڪي ايسپ جون
آکاڻيون نظم ۾ آنديون آهن، تن سڀني بابت پڇا پيا
ڪن. رڳو ڏينهن ٻه مس ٿيندو ته مون کان ايوينس پڇيو
ته، سقراط کي زندان ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ ڪهڙو سبب
اڳيان آيو جو هن شعر لکڻ شروعڳ ڪيو، اڳي ته ڪڏهن
سٽ به ڪانه لکي هئائين. تنهنڪري جيڪڏهن تنهنجي
مرضي هجي ته مونکي ٻڌاءِ ته آءُ هن کي ڇا چوان.
هن چيو ته، ڪيبيز، هن کي سچ ٻڌائجانءِ، چئجانس ته مون توسان يا
تنهنجي شعر سان رقابت ڪرڻ جي خيال سان ائين ڪين
ڪيو آهي. مونکي معلوم ٿيو آهي ته هن سان چٽاڀيٽي
کائڻ سولي ڳالهه ڪانهي. فقط ڪن خوابن جي معنيَ
جاچڻ لاءِ ۽ پنهنجي قلب کي راضي رکڻ لاءِ مون ائين
ڪيو آهي.
ڳالهه هينءَ آهي: پنهنجي گذريل حياتي ۾ اءُ ڪيترائي ڀيرا ساڳيو
خواب لهندو هوس، جو جدا جدا وقتن تي مختلف نمومنن
۾ نظر ايندو هو، ۽ خواب ۾ آءُ هميشه ساڳيائي لفظ
ٻڌندو هوس ته، ”سقراط شاعريءَ جو ڪم هٿ ۾ کڻ ۽ نظم
لک.“ اڳي آءُ ائين ڀائيندو هوس ته خواب مونکي
همٿائي ٿو ۽ تسلي ٿو ڏياري ته آءُ پنهنجي حياتي جو
ڪم ڪندو رهان، جيئن راندين وقت تماشبين ڊوڙ
پڄائيندڙن کي همتائيندا آهن. مون ڀانيو ته خواب
مون کي انهيءَ شاعريءَ لاءِ تسلي ٿو ڏياري ۽
همتائي ٿو، جنهن ۾ آءُ اڳي ئي مشغول هيس. مون
سمجهو ته سڀ کان اعليَ سرود فيلسوفي آهي ۽ منهنجي
حياتي به فيلسوفي ۾ صرف ٿي آهي؛ پر ڪيس پوري ٿئي
کان پوءِ، جڏهن خدا جي جشن جي ڪري منهجي موت ۾ دير
ٿي، تڏهن مونکي خيال آيو ته متان خواب جو مطلب هجي
ته، آءُ رواجي نموني ۾ نظم جوڙيان، تنهنڪري مون
اهڙيءَ طرح به پاڻ تي حڪم مڃڻ لازم سمجهيو،
۽پنهنجي دل جي سڪون لاءِ مرڻ کان اڳ شعر ٺاهيم.
مون پهريائين جنهن خدا جو جشن هو تنهنجي تعريف ۾
قصيدو ٺاهيو، ۽ پوءِ مون ايسپ جي آکاڻين ڏانهن
ڌيان ڌريو، ۽ جيئن اهي مون کي دل تي اينديون ويون،
تيئن آءُ انهن کي نظم ۾ آڻيندو ويس، ڇو ته مون
خيال ڪيو ته، شاعر کي پنهنجي ڪم لاءِ ضرور ڪنهن
افساني جي گهر ٿي ٿئي ۽ نه حقيقت جي، ۽ افساني کي
جنم ڏيڻ جو ڪم مون کان ٿي نٿي سگهيو.
5
ڪيبيز، منهنجي طرفان ايوينس کي ائين چئجانءِ ۽ الوداع به ڪجانس،
۽ وڌيڪ چئجانس ته جيڪڏهن سياڻو هجين ته جلد منهنجي
پٺيان هليو اچجانءِ. آءُ ته اڄ روانو يٿندس جو
اٿينس وارن جي به اهائي راءِ آهي.
سمئس چيو ته، سقراط، ايوينس کي هيءَ ڪهڙي عجيب صلاح ٿو ڏين. آءُ
هن سان گهڻائي ڀيرا مليو آهيان، ۽ مون کي جيئن هو
ڏسڻ ۾ آيو آهي، تنهن جي آڌار تي آءُ چئي سگهان ٿو
ته، هن کان جيتري قدر ٿي سگهندو، هو ان صلاح کان
پري ڀڄندو.
هن چيو ته، هان! ايوينس فيلسوف نه آهي ڇا؟
سمئس جواب ڏنو ته، هائو، آءُ ڀانيان ٿو ته هو فيلسوف آهي.
هن چيو ته، تڏهن ايوينس مرڻ جي خواهش رکندو ۽ ٻيو به هر اهو
ماڻهو انهيءَ لاءِ شوق رکندو جو انهيءَ علم ۾ بهرو
وٺڻ جو لائق آهي. پر هو پاڻ کي پاڻهي ڪين ماريندو،
ڇو ته چون ٿا ته ائين ڪرڻ گناهه آهي. هن جيئن اها
ڳالهه ڪئي، تيئن پنهنجا پير هنڌ کان هيٺ ڪيائين ۽
پوءِ گفتگو وارو سمورو وقت ائين پير لڙڪايو ويٺو
رهيو.
پوءِ ڪيبيز هن کان پڇيو ته، ان مان تنهنجي معنيَ ڇا آهي، جڏهن
تون چوين ٿو ته پاڻ کي پاڻهي مارڻ گناهه آهي، ليڪن
فيلسوف مرندڙ ماڻهوءَ جي پٺيان وڃڻ جي خواهش ڪندو.
ڇا، ڪيبيز؟ تون ۽ سمئس، فلولاس جي صحبت ۾ آيا آهيو ۽ هي ڳالهيون
نه ٻڌيون اٿوَ؟
سقراط، پوريءَ طرح نه ٻڌيون اٿئون.
ٺهيو، مون به اهي ڳالهيون ٻين جي واتان ٻڌيون آهن، پر انهيءَ ۾
ڪا خرابي ڪانهي، جيڪڏهين آءُ توکي اهي سربستيون
ٻڌايان، سچ ته، جيئن آءُ ٻيءَ دنيا جي سفر تي وڃان
ٿو، تيئن مون لاءِ هن کان وڌيڪ ٻي ڪا سهڻي ڳالهه
ڪانه ٿيندي ته آءُ اوهان سان پنهنجي سفر بابت ذڪر
ڪريان ۽ هن جي چڱاين کي ڌيان ۾ رکان. هينئر کان
وٺي شام تائين پاڻ وٽ جو وقت آهي، سو ڀلا ٻيءَ
ڪهڙيءَ بهتر مشغوليءَ ۾ صرف ڪري سگهبو؟ |