تنهنڪري، اي انسان، تون پنهنجو پاڻ سنڀال: پنهنجي
دل کي درست رک، ۽ ان کي دنيا جي هر نيچ خواهش کان
پاڪ رک، ته ديدار حق حاصل ڪرين. حياتي ڏينهنڙا ٻه
چار آهي. هر گهڙيءَ جي قيمت آهي. هي موقعو غنيمت
ڄاڻ ۽ ان کي هٿان نه وڃاءِ. هن حياتيءَ جي عرصي
کان سجايو ڪر. پرهيزگاريءَ ۽ پاڪيزگيءَ کي زندگيءَ
جو اصول بناءِ. تون انسان آهين: توکي اشرف
المخلوقات جو لقب آهي. تون پنهنجي لقب کي نه
لڄاءِ. خيال ۽ عمل ۾ پاڪ رهه. تون بندو خدا جو
آهين، نفس جو غلام نه ٿيءُ. وحشاني خواهشن ۾ مبتلا
نه ٿيءُ. انسانيت ۽ ان جي نالي کي خاڪ ۾ نه ملاءِ.
پنهنجي انسانيت کي برقرار رک. پرهيزگاري تنهنجي
زندگيءَ جو شان آهي، ان ۾ تنهنجي لاءِ خوشي ۽
خيريت جو سامان آهي، ان ۾ تنهنجي لاءِ هر مصيبت
کان نجات آهي، ان ۾ رضاءِ الاهيءَ جو راز آهي، ان
۾ تنهنجي ڪاميابي ۽ ڪامراني آهي. اهو هڪ واحد حل
آهي، جو انسان کي الله تائين پهچائي ٿو. دنيا جي
دريا ۽ ان جي پرشور لهرين يا ان جي طرحين طرحين
بلائن کان بچڻ لاءِ، اهو هڪڙو ئي دروازو آهي.
اهائي ڪشتي آهي، جنهن جي وسيلي تون سلامتيءَ سان
ساحل تي پهچي سگهين ٿو.
جيڪڏهين تون صحيح معنيٰ ۾ پرهيزگار آهين، ته اهو
آزمودو آهي ته هڪ ڏينهن تنهنجي دل ۾ عشق ۽ محبت جو
اهو ماٺيڻو ۽ نامعلوم جوهر پيدا ٿيندو، جنهن جي
اثر هيٺ، سواءِ حق ۽ نور جي، ان مان ٻيو سڀ اير
غير نڪري ويندو، ۽ منجهس سواءِ هڪ الله جي، نه ٻئي
ڪنهن جو تصور باقي رهندو، نه خيال ۽ نه ڪري خواهش_
يقين ڄاڻ!
تنهنڪري، اي ڀاءُ، خدا کان پناهه گهـُر، ۽ درگاهه
عاليءَ ۾ دست بدعا ٿيءُ ته ”اي خداوند اڪبر! تون
پنهنجي هن ڪمزور بندي جي هر وقت دستگيري ۽ رهبري
ڪر، نفس ۽ دنيا جي دوکي ۽ فريب کان بچاءِ، راهه
راست تي هلڻ جي توفيق ڏي، ۽ پرهيزگاري عطا ڪر_
بس!“
نيڪ سيرت عورت ۽ نااهل مرد
هوءَ هڪ باحيا، باوفا، باادب، ۽ باايمان عورت هئي.
هن جو نالو ”حسينه“ هو، نه فقط نالو حسينه هئس،
ليڪن واقعي هن جو، حسن ۾، نظير ملڻ مشڪل هو. تعليم
به مناسب ورتل هيس: عقل تي ڪا ڊگرين جي مهر لڳل نه
آهي. چوندا آهن ته ”ملڪ دل جو موڪرو، جنهن عرض
زمين آسڻ.“ هوءَ حسن ۽ خلق، تدبر ۽ تميز جي پتلي
هئي. ڀرئي مٽ وانگر بردبار، گفتار ۽ رفتار جي
سنجيدي، ۽ ڪفايت ۽ قناعت جي ڪوڏي هئي. هوءَ غريب
نه، بلڪ آسوده حال گهر جي لاڏ ڪوڏ سان نپايل نماڻي
نينگر هئي. ماءُ جي اکين جو نور، مامي جي دل جو
حضور هئي. والد گذاري ويو هوس. مامي جي اجهي هيٺ
پلبي هئي. چوڏهينءَ جي چنڊ جو سڄو جمال، ۽ هن جون
فقط آهوءَ مثال تابدار اکيون. حسن جو اڪثر مدار
اکين تي آهي، ۽ ٻيو نڪ تي. جتي ويهندي هئي، اتي
سڄي مجلس جو نڪ بنجي ويهندي هئي.
اولاد پيارو ٿيندو آهي، پر حسن کي پنهنجي ذاتي ڪشش
آهي. هن به، پنهنجي طوطيلين ٻولين ۽ من موهيندڙ
نماڻي مـُهانڊي جي ڪري، ماءُ ۽ مامي جي هانو ۾
جايون جوڙيون هيون: هيءَ حسن کي، قدرت کان، ڪرامت
حاصل آهي. ويتر هن کي، پنهنجيءَ مهربان مٺڙيءَ
ماءُ کان، گهرو خواهه علمي خواهه راڳ جهڙي فن لطيف
۾ مهارت حاصل ٿي چڪي هئي.
چوندا آهن ته ”اڻ سينگاريل حسن ۾، پنهنجو ئي
انتهائي سينگار موجود هوندو آهي.“ سو، سادي لباس ۾
به حسينه جو حسن ٻهڪندو هو. هڪ انگريزيءَ جي شاعر
جو قول آهي ته ”حسن صداقت آهي؛ ۽ صداقت حسن: ان
کان سواءِ دنيا ۾ ٻيءَ ڪنهن چيز جي ڄاڻڻ جي ضرورت
ئي ڪانهي“. پر، اڄ حسن سان گڏ، حسينه جي اسرندڙ
عمر تي، شباب پڻ ڪَرَ موڙي رهيو هو. سو لعل لب،
وات گلابجي ٻن نرم ۽ نازڪ پتين جهڙو، اکيون آبدار،
ڏند ڏاڙهونءَ جا داڻا: اهڙي مثل حسن جي هاڪ ٻڌي،
ڪيئي ڪـَهي آيا، ۽ آخر حسينه جي شاديءَ جي رسم،
ڌام ڌوم سان، هڪ جاگيردار سان نهايت خير خوبيءَ ۾
ادا ڪرائي ويئي.
افسوس! دنيا کي اها خبر اڃا نه پيئي آهي ته جيئن
حيوان ”انس“ نه هئڻ ڪري، انسان ڪين ٿي سگهندو آهي،
تيئن زردار به ”دل“ نه هئڻ سبب، دلدار ڪڏهن ڪين ٿي
سگهندو آهي. انسان جي قول ۽ فعل جو اثر حيوان جي
دل تي ’پاڻيءَ تي چٽ‘ کان زياده اهميت نٿو رکي.
زردارَ، زر جي زور تي چوڌاري پاڻ وڻائيندائي رهن
ٿا: پوءِ پنهنجي دل جي مالڪ کي دنيا اڳيان پيش ئي
ڇو ڪن؟
اهڙيءَ طرح، پنهنجي هر قسم جي ذاتي جوهر کي خير
باد چئي، هو بنهه بي معنيٰ انسان بنيا وتندا آهن.
چوڌاري انسانيت تي چٿرون ڪندا، گهمندا ڦرندا، ۽
الغرضايون ڪندا. اهڙن ننگ انسانيت لاءِ ئي، سالڪن
چيو آهي ته ”ٽوڪريءَ ڪچري مٿان، ٿو ڪين سونهي
ڪيمخاب“. پر هيءَ دنيا آهي، جنهن ۾ ”جنهن جي
پـَلوَ ۾ داڻا، تنهن جا چريا به سياڻا“. هتي ڪيئي
ڪند فهم ۽ ڪم شناس انسان، زر جي پوش سان ڍڪيا پيا
آهن، حالانڪ هو نئن ٽڪو ئي نه لهن: وڏا غدار،
مڪار، احمق، زاني، ۽ نااهليت جا جيئرا مجسما، سماج
جا رکوال ۽ ٺيڪيدار بنيا، وتن ٿا ماڻهن کان عزتون
۽ تعظيمون حاصل ڪندا.
ٻئي پاسي، علم ۽ ادب جا صاحب، اخلاق جي زيور سان
آراسته ٿيل، مفلس ۽ مسڪين هوندي به باشناس ۽ حق
ادائي ڪندڙ، گهر ٻار، الله خواهه قوم جي حقن جي
ڄاڻ ۽ فهم رکڻ وارا ڪيترائي ويچارا، اڪثر
ڪسمپرسيءَ واري زندگيءَ ۾ ٺوڪرون ئي کائيندا رهن
ٿا:
”اگهيو ڪائو ڪچ، ماڻڪن موٽ تي،
پلئي پايو سچ، آڇيندي لڄ مران!“ _شاهه
حسينه جي، جنهن گهر ۾ شادي ٿي هئي، سو به پنهنجي
ظاهري رونق ۽ زيب زينت ۾ رشڪ جنت هو_ منجهس باغ
هئا، بستان هئا، تن ۾ پکي ۽ مور وغيره هئا، حوض ۽
ڦوهارا هئا، بجلين جون روشنايون هيون؛ مطلب ته ان
۾ اهو سڀڪجهه موجود هو، جيڪو پئسي سان دنيا ۾، عام
طرح، مهيا ٿي سگهندو آهي_ هن ظاهري سونهن ۽
صفائيءَ واري محل ۾، هيءَ انساني حسن جي راڻي،
واقعي مـُنڊيءَ تي ٽِڪ وانگر سونهي ها؛ پر افسوس،
واءِ افسوس، هن ٻاهرئين رنگ روپ، ڏيک ويک، ۽ عش
آرام واري سونهري پڃري ۾، انساني دل جي تسڪين ۽
روح جي راحت جو اهتمام ڪجهه مختصر ئي هو! حسينه جو
مرد، جنهن سان هن جي حياتيءَ جو سودو ڪيو ويو هو،
جنهن جي قبضي ۾ هن جا حق سونپيا ويا هئا، اهو به
فقط صورت ۾ انسان هو، ۽ بس! زال مڙس جي هن بي جوڙ
جوڙي کي ڏسڻ سان، ائين محسوس ٿيندو هو، گويا حسن
بدصورتيءَ جي، سچ ڪوڙ جي، ۽ نيڪي بديءَ جي قبضئه
قدرت ۾ سونپي ويئي آهي. همراهه، شڪار جو شوقين،
شراب جو شائق، فحاشيءَ جو جيئرو مظهر؛ بدچال ۽
بيوقوف_ راڳن روپ جي محفل ۾، اڪثر ٻاهر يا اوطاق ۾
پيو گذاري؛ قسمتي گهر ۾ پير پائي؛ شڪاري ڪتن جا
وٽس ڌڻ، ڪتن ۽ رڇن جي ويڙهه ڏسڻ هن جو بهترين شغل؛
گاني جي محفل ۾ روزاني شرڪت هن جو اولين ڌنڌو؛
بيهودين مجلسن ۾ پنهنجو قيمتي وقت خرچ ڪرڻ هن جو
پيشو: ۽ پوءِ به ”ڀوتار“ وٽ، خلق خدا جي ائين پئي
نمي، جو ڀو پيو لڳي، ڪٿي هيءُ ننڍڙو نمرود، دل ۾
خدائيت جي دعويٰ نه ڪندو هجي! کٽ تي ويهي، ته
ماڻهو تڏن تي؛ گلم تي خول وهاڻي جي ٽيڪ تي آرس
پٽي، ته ماڻهو مورڳو پٽ تي جـُتين سان گڏ؛ اُٿي ته
ماڻهو اڳيِي پيرن ڀر؛ ڪيڏانهن قدم رنج فرمائي، ته
وک وک تي ماڻهو پيرين پونس: مطلب ته جيڪڏهن ڪو
انسان معبود ۽ مسجود جي حيثيت ۾ ڏسڻو هجي، ته هن
لاکيڻي لـُرَ کي ئي ڏسڻ ڪافي ٿئي. پوءِ ڀلا هن
دولت جي دادلي ديوتا کي، هي پر متڙيا، بي پهچ
”پوڄاري“ ڇو نه اٿي ۽ اڇلون کائي چون ”سائين، اسان
جو توکي ووٽ آهي!“ وڏيرو صاحب، سائين، پوءِ ڪيئن
نه ميمبر ۽ وزير ٿئي! ماڻهن جو ڌُڻيل جو ٿيو! جڏهن
ڪائو ڪچ ائين پيو عام جام اگهامندو، تڏهن ماڻڪ
مسڪين بي مانائتا ٿيا پيا موٽندا نه، ته ٻيو
ويچارا آخر ڇا ڪندا.
سنڌ جا اڪثر زميندار اهڙائي ”ڪائا ڪچ“ آهن؛ هو
پنهنجي ان حال تي نهايت خوش آهن، ته اڃا، عام جام
هڪ هٽيءَ واريءَ چيز وانگر، پيا ٿا اگهامن. گهڻو
کائڻ، ڪم نه ڪرڻ، بيسود گفتگو ۾ وقت وڃائڻ، ڪڪڙن،
ڪتن ۽ رڇن جون ويڙهيون ڏسڻ، لياقت نه هئڻ جي
باوجود اڃا خرچ ڪري اسيمبلين ۾ وڃڻ، ’پئسي سان هر
چيز حاصل ڪري سگهجي ٿي‘ محض انهيءَ ويساهه تي
زندگي گهارڻ: اهي هنن جا مول متا آهن. مطلب ته عمر
برباد ڪرڻ ڪو هنن کان سکي. بس، ڄمي ڦاٿا آهن؛ ۽
دنيا کي به اجايو کڻي ڏولائن ۾ وڌو اٿن. زندگيءَ
جي پيچري تان، هو علم جي مشعل بنا پنڌ ڪن ٿا. سندن
هر قدم غلط کڄي ٿو ۽ کين توڙي دنيا کي اوڙاهه ۾ ٿو
اڇلي. هنن جي دل ۽ دماغ ۾ اونڌهه آهي. هو نيڪيءَ
جا باغي ۽ بديءَ جا حامي آهن. سنڌ جي ٻهراڙي ۾، جي
هڪڙا آهن ”غريب ڄٽ“، قه هي حضرت آهن ”امير _ ڄٽ“!
پر، ڪير چوين ته ”شينهن، اوهان جي وات ۾ بوءِ
آهي“!
حسينه کي، عام زالاڻن مڪرن، سازشن، جهيڙن ۽ طعنن
تنڪن جو بهاڪثر نشانو بنجڻو پوندو هو. تنهنڪري،
هوءَ ڪوشش ڪري، اوڙي پاڙي جي اهڙين ترنياڪ عورتن
سان لهه وچڙ ۾ اچڻ کان پرهيز ڪندي هئي. پر جيڪڏهن
ڪرڙ ۽ ڪيوڙو هڪ هنڌ گڏ هوندا آهن، ته ڪيوڙي جي
سهڻن ۽ سر سبز پنن کي ڪڏهن ڪڏهن ڪرڙ جا ڪنڊا ضرور
ضربي وجهندا آهن؛ تيئن حسينه کي، پنهنجي ڪمال
سنجيدگيءَ ۽ بردباريءَ هوندي به، وقت بوقت، زالن
جي گلا غيبت، چور ۽ سـُس پـُس کي سـَهڻو ئي پوندو
هو: ياد رهي ته نيچ فطرت انسان به وڇونءَ جيان
دائمي ڪنهن جي دل کي ڏنگڻ جي ڪوشش ۾ هوندو آهي،
اهڙو موقعو تلاش ڪندو رهندو آهي: پارسيءَ واري جي
مقولي جيان ”مقتضاي طبيعتش اين است.“
هڪ طرف حسن و جمال خاص خوبين سان، خالق خلقيو، ته
پوءِ ڪوجها ڪمينا ڪيئن ٿا سک سمهن! ”حسود هرگز نيا
سود“. اصل به بديءَ کي نيڪيءَ سان هڪ قسم جو مخفي
وير ٿيندو آهي. نيچ فطرت انسان ۾، قدرتي طور، ”حسد
۽ ايرکا“ جو مادو موجود هوندو آهي؛ ايتريقدر، جو
هو ڪوشش ڪري به، دنيا آڏو، ٻئي کي پاڻ جهڙو ڪري
پيش ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندا آهن؛ ۽ ”الغلط
المشهور افصح من الصحيح غير المشهور“ جي مقولي
جيان، جيسين وڃي سچ ”سچ“ ٿئي، تيسين ڪنهن حد تائين
اهڙا ماڻهو ڪامياب به وڃي ٿيندا آهن: جا ڳالهه ئي
ڪريل فطرت آدمين جي خوشيءَ جو مرڪز آهي.
حسينه، پاڙي جي اهڙن ماڻهن کان اڪثر دور گذاريندي
هئي. هوءَ پنهنجو اڪثر وقت، عبادت ۽ اولاد جي
پرورش ۾ خرچ ڪندي هئي. فرصت ۾، ڪتاب ۽ اخبارون
مطالع ڪندي هئي. گاهي گاهي رات جي پڙهڻ جو پروگرام
بند ڪري، ٻارن سان خوش خوش گفتگو ڪندي هئي. عمر
آهر، کين بزرگن جون ڳالهيون، ننڍيون نصيحت آموز
آکاڻيون، ڪجهه تاريخي ڳالهيون وغيره ٻڌائيندي هئي.
وقتي انهن سان راند به ڪندي هئي. هن جو کلڻ کيڏڻ
ٻارن تائين محدود هوندو هو_ گويا ٻار ئي هن جا
دوست هئا؛ هن جي اولين ۽ آخرين ”وندر“ هئا. هوءَ
گهر ٻار خواهه جسماني صفائيءَ ۾ پاڻ بيحد پاڪيزه
رکندي هئي. اڄڪلهه جي ڇوڪرين جيان، نـُنهن وڏا ۽
لعل رنگ ۾ رتل_ سو نه ڪندي هئي؛ باقي سراپا صفائي
اهڙي رکندي هئي، جو هن جي جـُتي به جهرڪندي هئي:
انهن سڀني گـُڻن هوندي به، ويچاري حسينه جي
برخلاف، گهـَرَ ۾ سس ۽ نڻانن طرفان لائي _ چائي
لڳي ئي رهندي هئي.
ٿڌيءَ دل سان سڀڪجهه برداشت ڪرڻ جي باوجود، هن جي
دل ٻرندڙ جبل جيان شعله زن هئي؛ ڇو ته احساس رکندڙ
عورت لاءِ، هيءَ اها حياتي هئي، جنهن کان پناهه
گهري، هوند پاڻ کي هميشه لاءِ مٺي موت جي آغوش ۾
وڃي آرامي ڪجي! درياءَ جي قهري ڪـُنن ۾ پاڻ کي غرق
ڪجي، مگر هن قسم جي حياتي نه گذارجي!
حسينه جو مرد، پنهنجي ڀينرن ۽ مائرن جي ڦندن ۾
ڦاٿل هو، سو هنن نيٺ سندس ٻيءَ شاديءَ جو سلسلو
شروع ڪيو. نيٺ هڪ ڇوڪري تاڙيائون، جيڪا پنهنجي
ملڪيت جي اڪيلي وارث هئي: ڪجهه اها لالچ دامنگير
هـُين، ڪجهه حسينه جي ضمير کي چيچلائڻ پئي
چاهيائون_ هڪ ڌڪ سان ٻه شڪار_ حالانڪ هوءَ ٻي
ڇوڪري نه خوبصورت هئي، نه خوب سيرت!
اڪثر مسلمان مردن جو خيال آهي ته چار شاديون، هنن
لاءِ، قرآن، نه فقط جائز ڪيون آهن، پر اهو هنن جو
هڪ غير مشروط حق آهي: جنهن جو فائدو وٺي منجهانئن
ڪي واقعي چار شاديون ڪن ٿا _ ڪي ٻه، ڪي ٽي؛ مگر
حقيقت هيءَ آهي ته هنن قرآن جو مفهوم غلط سمجهيو
آهي:
”و ان خفتم الا تقسطو في اليتمى فانکحو ما طاب لکم من
النساءِ مثنى و ثلث و ربع فان خفتم الا تعدلو
فواحده.“
(سورة النساء).
]
۽ جيڪڏهن اوهان کي خوف هجي ته اوهين يتيمن جي
درميان برابري نه رکي سگهندؤ، ته پوءِ اوهين نڪاح
ڪري سگهو ٿا_ زالن مان جيڪي اوهان کي پسند اچن_ ٻه
ٻه، ٽي ٽي ۽ چار چار. پر جيڪڏهين اوهان کي اهو خوف
ٿئي ته انهن (زالن) ۾ عدل نه ڪري سگهندوء، ته پوءِ
فقط هڪڙي.“
[
هن اجازت جي مراد نفس پرستي نه آهي، بلڪ ”قوميت جو
سڌارو“. يتيمن مان مراد آهي، اهي ڇوڪرا خواهه
ڇوڪريون، جيڪي والد جي گذاري وڃڻ سبب بيواهه ٿي
پون ٿا. اوهين انهن جي، بحيثيت هڪ همسايه يا عزيز
جي، سنڀال ڪريو؛ پر جي نه ڪري سگهو، ته اوهين ان
عورت سان شادي ڪريو، ۽ هر نقطي نظر کان، انهن جي
سنڀال ڪريو. سو به ان حالت ۾ جڏهن اوهين ايتري بوج
جي پاڻ ۾ طاقت سمجهو، ته ٻي شادي ڪريو؛ ورنه ته
فقط هڪڙي. يا، شادي، ٻي يا ٽين، انهن اهم حالتن
هيٺ به ضروري ڄاڻائي ويئي آهي، جڏهن اولاد بنهه نه
هجي؛ يا ”پٽ“ جو اولاد اصل نه هجي؛ يا پنهنجي عورت
ڪنهن مرض ۾ مبتلا ٿي وڃي. مگر مسلمانن جو قصو ئي
الٽو آهي: ڪنهن بيروزگار کي روزگار لائڻ، غريب
شاگردن کي اسڪالر شپ ڏيڻ، مظلومن جي مدد ڪرڻ جي
بجاءِ، ويندا شاديءَ تي شادي ڪندا!
حسينه جي مرد به هڪ اهڙيءَ ئي شاديءَ جي تياري
ڪئي. ياد رهي ته اڪثر مسلمان پنهنجي زالن کي شرعي
قانون موجب پنهنجو رفيق ڪري نه، بلڪ پاڻ لاءِ شرم
جهڙي هڪ هيچ ۽ نيچ شيءِ سمجهندا آهن! حسينه، عاقل
کان وڌيڪ صابر هئيي، ۽ ”صبر مفتاح ڪار است“ جِي
قائل هئي. هوءَ هڪ عابد ۽ اهل الله عورت هئي. هوءَ
زهد ۽ تقويٰ جو جيئرو مجسمو هئي. عالمانه مزاج
خاتون هئي. نهايت نيڪ بخت ۽ درويش دل ۽ صابر هئي.
هن پاڻ کي مخاطب ٿي چيو: ’اي بيقرار دل! هيءُ جذبن
جو محشر ڇا لاءِ؟ انسان جو هن دنيا ۾ اچڻ جو واحد
مقصد، حقيقي يار جي جستجو آهي. ان کان منهن موڙي،
مجاز لاءِ مرڻ ڪم ڪـَچن جو. هڪ انسان کي دل جي
ڇانوَ ۾ ويهارڻ نهايت ناداني آهي. ”دل“ خدا جو گهر
آهي؛ ان کي ته حضور انور آڏو نذراني طور پيش ڪجي.
ههڙيون هزار دليون، لکين جانيون حقيقي محبوب تان
فدا ڪجن‘. دنيا سبق جو مڪان آهي_ سو، حسينه جي دل
جي روحاني تقاضا، سندس وحشاني مجاز کي ٺوڪر هڻي،
کيس ماڻهوءَ مان ملائڪ ڪيو، ۽ هن جي دل ۾ عشق
الاهيءَ جو طوفان موجزن ٿيو. هن جي حواني جذبا سرد
ٿي ويا. حسرت، مسرت کان بالاتر ٿي، مٿي گهڻو مٿي،
پرواز ڪرڻ لڳي.
”رڃن ۾ رڙ ٿي، ڪـَرُ سارنگيءَ ساز،
هيءُ عشق جو آواز، ماڻهو رکيو مـُنڌ تي!“
_شاهه
هيءَ دنيا روپي باغ، گلن ۽ ڪنڊن يعني نيڪ ۽ نااهل
انسانن سان ڀرپور آهي. رب تعاليٰ جو فرمودو آهي ته
منافق کي منافق ڏيو، صاحبدل جي شادي صاحبدل سان
ڪريو، ڪافر دل ۽ بدڪردار جو هٿ ڪافر دل سان ملايو،
ته ته جوڙ جوڙ سان ملي. مگر انسان، الله سائينءَ
جي حڪمن جي انحرافي ڪري، فقط زر جي نقطي نظر سان،
نياڻين جي شادي ڪرائين ٿا. هو نٿا سمجهن ته هڪ
غريب ماڻهوءَ وٽ، جي عورت عزت جي زندگي بسر ڪري، ۽
محبت جا خزانا ماڻي، ته اها انهيءَ حالت کان صدها
دفعا بهتر آهي، جو هوءَ هڪ زردار وٽ روحاني عذاب
کائيندي، چيچلائيندي رهي: باغ ۽ بنگلا انسان جي
خوشيءَ جو باعث تڏهين آهن، جڏهين دل کي چين آهي،
ورنه بيڪار آهن. شاعر حق بجانب آهي ته:
”بهارِ گل دلِ آسوده را به ڪار آيد،
چون دل ملول بود، گل بديده خار آيد“.
اڪثر ڏٺو ويو آهي ته ڪيترا اهڙا ماڻهو آهن، جن جِي
دل جذبي ۽ احساس کان خالي آهي. جنهن انسان جي دل ۾
نه جذبو آهي ۽ نه احساس، اهو انسان درجي کان ڪِريل
۽ هڪ بي حس جانور آهي. انسانيت جي اها تقاضا آهي،
ته هڪ انسان، ٻئي انسان کي جڏهن رنج و محن ۾ مبتلا
ڏسي، ته ان سان شريڪ حال ٿئي؛ ان جي دلجوئي ڪري،
ان جي غم کي غلط ڪري، ان کي مصيبت ۾ سهارو ڏئي، هن
جي مغموم دل ۾ تسڪين پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري. مگر
اهڙا خيال فقط چند پاڪيزه مزاج ۽ نيڪدل انسانن
تائين محدود هوندا آهن.
حسينه، گهر جي ٻين ڀاتين سان هونئن به خاموشيءَ
سان گذاريندي هئي، پر پوءِ هوءَ پنهنجي مرد کان به
گوشو ڪرڻ لڳي. هن جي هن خوديءَ کي مغروري تصور ڪرڻ
شروع ڪيو ويو_ زال ذات بظاهر هيڻي آهي، مگر خدا
کيس وڏي طاقت ڏني آهي_ حسينه هڪ خوددار خاتون هئي.
اڄ هن پنهنجي حياتيءَ کي ”دور باش، خوش باش“ جي حد
تي پهچايو هو. ۽ بحيثيت هڪ عورت جي ناز و انداز ۽
راز و نياز جون حدون ڇڏي، نهايت نماڻي ۽ ناتوان
نظر اچڻ لڳي، ۽ پوءِ هن جي دل جي ڪـَلي وري نه
کـُلي: ”وڻ مان پن ڇڄي پوي، ڳنڍڻ ڳوري ڳالهه“.
حسينه جي هٿ ۾ دولت برابر نه هئي، مگر پنهنجي ذاتي
جوهرن جي ڪري، هوءَ بذات خود اڻ کٽ خزانو هئي،
جنهن کي قدرت قسمين قسمين خوبين سان سينگاريو هو.
جيڪي انسان پنهنجي ”وجود“ کي سمجهي نٿا سگهن، سي
ٻين جي دلين تي ڪهڙو مطالعو ڪندا. حسينه جا ساهرا،
هن جي پيڪين وڃڻ تي هِن کي پنهنجي اولاد کان پڻ
الڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. سندس اولاد کي زوريءَ
پوئتي رهائي ڇڏيندا هئا، ۽ پوءِ نوڪرن ۽
سنڀاليندڙن ۽ ملڪيت جي باوجود، پوئتان انهن جو
جيڪو حشر ٿيندو هو، ۽ جي عقوبتون انهن سان ٿينديون
هيون، سي بيان کان ٻاهر آهن. غرض ته ڪنڊن جي
ٻاريءَ ۾ حسينه هڪ مجذوبي گل مثل هئي، جنهن کي
اکين کان انڌي سماج پنهنجي پيرن هيٺان لتاڙي ۽
چيڀاٽي ڇڏيو هو. حسينه جي ڀڳل ٽٽل دل، هن دنيا جي
زيب ۽ زينت کان بنهه کڄي ويئي هئي. ۽ هن دل جا اهي
پرزا پرزا چونڊي چپوٽي، کڻي خدا جي حضور ۾ رکيا،
ڇو ته هن ڄاتو ٿي ته:
”سب هيچ هيڻ، خدا ڪِي محبت ڪي سامني“.
مفلسي ۽ مرتبو
تعليم عام ڪرائڻ لاءِ اپيل
مفلسي ۽ ناداري ته اڄوڪي زماني ۾ وڏي مصيبت آهي.
هزارين ملڪ، لکين انسان، هن سرزمين تي غربت جي
ڪري، ترقيءَ جي راهه ۾ قدم رکڻ کان محروم آهن،
ورنه اهي نادار، زردارن کان شخصي لياقتن ۾ ڪنهن به
صورت ۾ ڪم نه آهن.
شاهوڪار، جيڪڏهين زر جي گنج سان سرفراز آهي، ته
غريب وري پاڻ کي ٻيءَ هڪ لافاني دولت سان مالامال
ڪري سگهن ٿا. حسن، حلم، علم، عقل، نيڪي، صدق،
سچائي، وفائيءَ جي خاصيتن سان جيڪڏهن هڪ مفلس
سينگاريل آهي، ته اهي بذات خود هن لاءِ اکٽ خزانا
آهن.
ائين نه آهي ته اهي خصوصيتون مفسليءَ جو ور آهي:
غني به انهن خوبين سان آراسته آهن، پر ڇڊا. الله
پاڪ جو هر بني بشر تي هڪجهڙو هٿ آهي. هن وسيع دنيا
۾ ”غربت“ جا به وسيع قسم آهن. لکين نعمتون آهن پاڪ
پروردگار جون: ڪا ڪنهن تي عطا ٿيل آهي، ڪا ڪنهن
تي: ڪو ڪنهن سان نوازيل آهي، ته ڪو ڪنهن سان.
”ڪنهن عقل گهڻو، ڪنهن حسن گهڻو؛ ڪنهن خوب ڏنو تو
ڌن کڻي.“ ڪو ڪهڙي لحاظ کان غريب آهي، ته ڪو ڪهڙي
نقطي نظر کان غريب آهي. هڪ غريب جي راڳ ۾، هڪ مفلس
جي قلم ۾، هڪ نادار جي زبان ۾ جي جادوءَ جو اثر
آهي، ته اهو خود هڪ ”خزانو“ آهي. |