حميده حسين هئي، ۽ اڃا ننڍيءَ عمر جي هئي؛ سو، هن
کي سندس عزيزن ٻي شاديءَ تي آماده ڪرڻ لاءِ خوب
ڪوششون ڪيون، مگر هن جي فولادي ارادي جي آڏو، سڀ
ڪوششون اجايون ويون. هن سوچيو ٿي ته ”شادي محض هڪ
رنگين خواب آهي ۽ بس. ٻي شادي اهي ڪن، جي انسان
ذات جا حق ۽ ذميواريون محسوس نه ڪن؛ يعني اولاد جي
عزت، عظمت، عصمت، علميت، صحت ۽ صفائيءَ جي
جوابداري خيال ۾ نه رکن. ٻيءَ حالت ۾، هڪ ايمان
واريءَ عورت کي هرگز اهو ڪم ڪرڻ نه جڳائي، جنهن ۾
هن هڪ بار شڪست کاڌي هجي. منهنجي دل جو ٿانءَ وسيع
آهي، ان ۾ دک جي مـاپـڻ لاءِ
ڪافي جڳهه آهي. مان رب جي رضا تي راضي آهيان: الله صمد بي نياز،
سا ڪري جا چاهي. پوءِ مان ڏکن جي آڏو، جهولِي حاضر
ڇو نه ڪريان؟ اوهان زندگيءَ جي آخرين گهڙيءَ
تائين، منهنجي نسبت ڪا به نازيبا شڪايت نه ٻڌندا _
مان اهو قدم هرگز نه کڻنديس، جو الله جو آڏو
شرمسار، خلق جي آڏو خوار، ۽ منهنجي اولاد کي
رسوائي عام ۽ وڏي ٿيڻ تي مهڻيهاب ڪري_ مون کي
منهنجي حال تي ڇڏي ڏيو. آءٌ ڪنهن تي بوج ڪين
بنبيس.“
حميده جي هن سالها سال جي جدوجهد ۽ اڻٿڪ ڪوشش سان،
سڀڪو ائين محسوس ڪندو هو، گويا ڪو وڏو ارادو هٿ ۾
کنيو اٿس، جنهن لاءِ تتيءَ ٿڌيءَ ڪين نهاري،
پورهئي ۾ ئي ڏينهن رات پيئي ڳهي ۽ پاڻ کي ڳاري.
هيءَ بيواهه پر بلند اخلاق عورت، فولادي قوت رکندڙ
هئي؛ ڄڻ ته ماڻهوءَ جي صورت ۾ ملائڪ هئي. فرشته
خصلت حميده، سڄي ڏينهن جي جان ٽوڙ محنت مزدوريءَ
بعد به، رات جو پورو آرام ڪونه ڪندي هئي؛ ۽ اڌ رات
کان پوءِ،
وري عبادت ۾ محو ۽ مشغول رهندي هئي. محنت ۽ عبادت، هن جا عزيز
ترين شغل هئا. غرض ته هيءَ نيڪ صفت خاتون، ڏينهن
ڪم ۾، ۽ رات بندگيءَ ۾ صرف ڪندي، ۽ اهڙيءَ طرح
هوءَ نيٺ، ڏينهن مان مهينا ۽ مهينن مان سال ڪاٽي ۽
جهاڳي مٿي چڙهي. الله تعاليٰ ڪنهن جي به محنت
اجائي نه وڃائيندو آهي: هن جي عمل ۽ عبادت به نيٺ
رنگ لاتو.
حميده محنت ۽ مزدوريءَ سان گڏ پنهنجي اولاد جي
نيپاج ۽ تربيت جو خاص خيال رکندي هئي. هن جي اولاد
جي اخلاق تي، وڏي نظر هوندي هئي. هوءَ، وقتائتي
روڪ ٽوڪ، ضابطي ۽ پيار، مهميز ۽ سمجهاڻيءَ کان ڪم
وٺندي هئي. سندس عمل جي انهيءَ طريقي جو اهو اثر
ٿيو، جو سندس ٻارن جـي
ذهنيت، اڪثر عام ٻارن کان علحدي ۽ اهميت ڀري بنجي پيئي. حميده
کي هميشه اهوئي خفت، بلڪ عشق، هوندو هو ته ”مان
پنهنجي اولاد جو عروج ڏسان.“ انهيءَ عشق ۾ هن
پنهنجي دل ۽ ان جي جذبن ۽ تقاضائن کي فراموش ڪري
ڇڏيو هو. رات ڏينهن پنهنجي ڌُن ۾ لڳي پيئي هوندي
هئي. جيتوڻيـڪ، بظاهر ان وقت ائين معلوم ٿيندو هو
ته ”منڊي ماڪوڙي کوهه ۾، پيئي ڪَڇي اُڀ“_ ڇو جو
ويچاري حميده، بيواهه ۽ بيوس ۽ بي سر و سامان هئي_
ليڪن ”سون ساريڪا هٿڙا، ڪوهه نه ڪتين رَڏِ!“ کي
ڪنائيندي ظاهري حالتن ۽ بيڪسيءَ جي باوجود، هن جي
سيني ۾ جادل هئي_ جنهن ۾ خداوند تعاليٰ هڪ غيبي
قوت رکي هئي_ سا غربت ۾ به ٻهڪي منظرعام تي آئي.
هن جا ارادا هر حالت ۾ بلند ۽ محڪم هئا: صبر، تحمل
۽ استقلال سان قدم قدم هوءَ اڳتي ٿي وڌندي رهي.
هيءَ صاف، سچي ۽ الله ۾ اعتقاد رکندڙ عورت، پاڻ کي
ڀـُلائي، حسرتن ۽ مسرتن کان بي نياز ٿي، فقط ڪوشش
۽ محنت ئي ڪندي رهي. خداوند اڪثر ڪارساز آهي: ڪنهن
جي به محنت ضايع ٿيڻ واري نه آهي:
”سهسين جئن سانڌاڻ، ڌڪن مٿي ڌڪڙا!
وَهـهِ وڃــائــي پـاڻ، ڏي ڏٻـائـون ڏڱـريـن!“ _
شاهه
نيٺ عمر جي لڳاتار ڪوشش ۽ جدوجهد سان، هن بيواهه
خاتون، پنهنجيءَ دنيا تي فتح حاصل ڪئي، ۽ پنهنجي
خيال کي عملي شڪل ۾ ڏٺو: هن پنهنجي اولاد جو رتبو
ڏٺو، ۽ ان آب حيات مان پاڻي پِي، پنهنجي ٻن گهڙين
واري بي بقا زندگيءَ کي غير فاني بنائي ڇڏيو. سندس
پورهيو ساب پيو، ۽ ڪشالا ڪامياب ٿيا؛ سندس ٻارن جي
ذهنيت بلند پايي جي ٿي؛ صحت، صورت، سيرت، ۽ علم
عقل ۾ پنهنجا ثاني پاڻ هئا. هن خوش خصلت خاتون
دنيا کي ثابت ڪري ڏيکاريو ته پرهيزگاريءَ ۽ ڪوشش
سان انسان ڇا مان ڇا نٿو حاصل ڪري سگهي!
جيڪڏهين حميده ٻي شادي ڪري ها، ته هن جي حسن ۽
جوانيءَ جي آڏو هرڪو گردن جهڪائي ها، مگر هن
پنهنجي نفس ۽ انجي خواهشن کي هيچ سمجهي، پاڻ پلي،
پاڻ کي ۽ پنهنجي اولاد کي علم۽ عمل جي زيور سان
سينگاريو؛ ڇو ته ٻي شادي اهڙي قسم جي پاڪباز عورت
جي اصول جي خلاف هئي، ۽ ائين ڪرڻ سان سندس خودداري
هرگز نه رهي ها؛ ۽ نه سندس اولاد انهيءَ بلند
مرتبي ۽ تربيت کي حاصل ڪري سگهي ها.
جو ڪجهه مٿي بيان ڪيو اٿم، اها ڪا خيالي ڪهاڻي نه
آهي: حميده جو قصو هڪ سچو واقعو آهي، جو مون
پنهنجن هنن گنهگار اکين سان ڏٺو آهي. هن نيڪ نيت
خاتون جي محڪم يقين، استقلال ۽ پرهيزگاريءَ کي مون
پاڻ ڏٺو. منهنجي سامهون، هن بهادر عورت، سڪين
پاسرين تي، دنيا کي ترڪ ڏيئي، پاڻ وڃائي، عظمت
حاصل ڪئي: اسان ڀينرن کي، حميده کان سبق سکڻ کپي،
۽ هن جي مثال کي پنهنجي پيش نظر رکي، اهڙي ئي قسم
جي ڪارآمد زندگي گذارڻ گهرجي. حميده هڪ صحيح عورت
جو نمونو هئي. عورت جو حسن، هن جي پرهيزگاريءَ،
پختي مَنَ ۽ بلند خيالن ۾ آهي. جنهن قوم ۾ انهيءَ
قسم جون مائرون هونديون، اها قوم يقيناَ َ ترقي
يافته ۽ سربلند رهندي.
منهنجي محترم ڀيڻ حميده! آفرين، صد آفرين، آهي
توکي. تون قوم لاءِ مثال آهين؛ اسان ڀينرن لاءِ هڪ
نه وسرندڙ سبق، ۽ مائرن لاءِ هڪ اوجل آئينو. سنڌ
جي اونداهيءَ افق تي، تون هڪ چمڪندڙ ستارو آهين؛
تنهنجي روشنائي هزارين گمراهه ۽ منجهيل ڀينرن کي
دڳ لائيندي، ۽ پنهنجي منزل مقصود تي پهچائيندي.
خدا ڪري، سنڌ جون مائرون تنهنجي نقش قدم تي هلي،
پنهنجي اولاد تان تـَن مـَن فدا ڪري، انهن ۾ بلند
خيالي، ۽ پرهيزگاري پيدا ڪن ۽ انهن کي ان اقبال ۽
مرتبي تي پهچائين، جو اهي نونهال ٻچا سونهاريءَ
سنڌڙيءَ جي مستقبل کي روشن ڪن، ۽ موجوده ناسازگار
حالتن کي سازگار بنائي، پنهنجو ۽ پنهنجي قوم جو
مـُنهن مٿي ڪن.
خدا ڪري، اي نيڪ سيرت خاتون! تنهنجي نيڪي رنگ
لائي! خدا ڪري، اسان جي پٺتي پيل ۽ ڪربل قوم ۾ تو
جهڙيون مائرون پيدا ٿين، ۽ اسانجي قوم جي ڪشتي، جا
حوادث جي درياءَ جي پـُر شور لهرين ۽ وهڪرن اندر،
خطري ۾ اچي ويئي آهي، سا سلامتيءَ سان ساحل تي وڃي
پهچي:
”ناکئون نگهبانُ، مــُـعـَـلم مـنجـي خبرون،
جن ساري کنيو سمونڊ تي، سفر جو سامان،
سـنـڀـاري سـُبحان، وڃي عـادنـئـون اُکـَتا!“
_شاهه
عورت
مان ڄاڻان ٿي ته عورت لاءِ ڪو جدا ”نسوان نگر“، ڪا
جدا سلطنت يا ڪو جدا ملڪ مخصوص نه ڪيو ويو آهي، ۽
نه وري هوءَ، پنهنجي هر اختيار جي مختيار آهي، جو
هن کي پنهنجي شخصيت لاءِ ذميوار ٺهرائجي. هر زماني
۾ ۽ هر هنڌ، هوءَ هميشه مرد جي زير نظر ۽ حڪم هيٺ
رهندي آئي آهي. ڪٿي کيس جهل جي زندان ۾ رکيو ويو
آهي، ڪٿي عالم بي عمل؛ ڪٿي کيس عيش و طرب جو سامان
سمجهيو ويو آهي، ته ڪٿي هڪ زرخريد غلام؛ ڪٿي ازحد
آزادي، ته ڪٿي بيحد بنديخانو! آخر ڇو؟ ڇاڪاڻ ته
هوءِ صحيح علم کان محروم، ۽ پنهنجي وجود جي اهميت
کان بي خبر آهي. هن جي عصمت ۽ عزت جو ضامن به مرد
سمجهيو وڃي ٿو؛ پوءِ جتي ضامن خود خائن بنجي بيهي
رهي، اتي ويچاري پناهه گزرين عورت، زندگيءَ جي
ڪهڙي املهه جوهر کي بچائي سگهندي! علم ۽ عقل جي
پختگي به منجهس نه آهي، جو هوءَ پنهنجي نجات جي ڪا
صحيح راهه ڳولي لهي. جنهن کي انسان سمجهيو نٿو
وڃي، تنهن کي انسان جي ”عظمت“ جي ڪهڙي ڄاڻ!
تنهنڪري، جيڪڏهين جاهل ۽ مجبور عورت، ڪڏهين ڪڏهين
زندان مان نڪرڻ خاطر، وڃي ٿي ٻيءَ مصيبت ۾ پاڻ کي
وجهي، ۽ اهڙيءَ طرح پنهنجي ”عزت ۽ عصمت“ جو خون
ڪري، پاڻ کي گنهگار ۽ شرمسار ٿي ثابت ڪري، ته ان ۾
هن جي ڪهڙي خطا! هيءُ ته ظاهر آهي ته هوءَ نفساني
خواهشن جي انڌ کان ائين هرگز ڪين ٿي ڪري: حقيقت
هيئن آهي ته زال ذات کي پنهنجي دل ۽ جسم جي
نگهبانيءَ ۽ سنڀال جو علم نه ڏنو ويو آهي، ۽ نه
منجهس اهو ڀروسو ئي پيدا ڪيو ويو آهي، ته هوءَ
پنهنجي وجود جي سنڀال ڪا پاڻ ڪري سگهي ٿي.
عصمت جي نقطي نظر کان، عورت هڪ بي بها گوهر آهي:
ان بي بها لعل بدخشان جي قيمت، لفظن ۽ انگن ۾ ادا
نه ٿي سگهندي؛ قلم ۽ زبان هن معاملي ۾ عاجز آهن.
پر عورت جي بدنصيبي هيءَ آهي، جو ڄائي ته مائٽ
بيزار، سهاڳ لڌائين ته مڙس جي زرخريد غلام، ۽ جي
خدانخواسته بيواهه ٿي، ته پنهنجن پراون، سڀني جي
اکين جو ڪنڊو ۽ پنهنجي پاڻ لاءِ هڪ لاڳيتي مصيبت!
”سر جي تان سـُور، سامائي ته سـُک ويا،
اهـي ٻـيـئي پـُـور، نـمـاڻيءَ نصيب ٿيا“. _شاهه
اهوئي سبب آهي، جو مون، هن ”نماڻيءَ نار“ جي بي
بسيءَ کان متاثر ٿي، هن جي موزون ۽ مناسب تخلص
”ناتوان“ سان، ادب جي ميدان ۾، هيءُ گستاخانه پير
پاتو آهي، پر عورت کي ايترو عاجز سمجهڻ وارن
پنهنجن ڀائرن کي فقط هيترو چوڻو اٿم ته
”فريدا، ڪـَکُ به نه نندجي، ڪک به وڏي وٿ،
اُڏي پــوي جــي اک ۾ تــه وڏو ڏئــي ڏکُ!“
ياد رکڻ جڳائي ته انساني عظم جي خيال کان، عورت
هرگز ”ناتوان“ نه آهي: هوءَ ته قدرت جي ڪلا جو هڪ
بي مثل مثال آهي. اها ڪهڙي قوت يا صلاحيت آهي، جا
عورت ۾ بنيادي طور موجود نه آهي؟ شاعر ۽ مصنف،
فصاحت ۽ بلاغت جي مالڪ، شجاعت ۾ پنهنجو ثاني پاڻ
آهي. نه ڪمي سونهن ۾ ۽ نه ڪوتاهي عقل ۾ اٿس، ۽
اڪثر مرد کان زياده، انهن خوبين ۽ خاصيتن سان
آراسته ۽ پيراسته آهي، جيڪي انسانيت جو امتيازي
نشان آهن. تنهنڪري، جيڪڏهن هوءَ پنهنجي حقيقي مقام
کان واقف ٿي وڃي، ته پوءِ پنهنجي انهيءَ اعليٰ
اشرف کي محفوظ رکڻ لاءِ هن کي پاڻ کان سواءِ ڪنهن
ٻئي جي پناهه ۽ بچاءَ جي ڪا ضرورت ئي پيش نه
ايندي. انسانيت جو اهو ”بي بها گوهر“ جو وٽس موجود
آهي، تنهن جي جيڪڏهين کيس پوري پرک ۽ پروڙ پئجي
وڃي، ته هوند، ڏک ۾ توڙي سک ۾، دَلبي سان توڙي
دڙڪي سان، ڪنهن جي مجال آهي جو کانئس اهو املهه
ماڻڪ کسي وٺي!
”جتي ماڻڪ ماڳ تِتي چوران تڪيو،
سئون تن سڀاڳ، امل جن اوباهيو!“_ شاهه
”عورت“ هڪ عربي آهي، جو ”ڍڪڻ جهڙي شيءِ“ جي معنيٰ
ٿو رکي. هن کي انگريزيءَ ۾ ”ووُمن“ (Woman)
چون ٿا، جنهن جو ڪن جي نظر ۾ مطلب آهي، ”مرد لاءِ
مصيبت“ (مرد= Man
+ مصيبت
= Woe).
ارباب نظر لاءِ، لفظ جون هي معنائون، وڏي اهميت
رکن ٿيون، مگر زال ذات جو مطالعو ڪا اهڙيءَ
مسخريءَ جي ڳالهه نه آهي. مردن ته هن ”غير جنس“ جي
اصلي جوهر کي پروڙڻ جي گهڻي ڪوشش به ڪڏهن ڪانه ڪئي
آهي. هڪ نڪته بين عورت ئي ٿي سگهي، جا پنهنجي دل
جو پاڻ ويجهو مطالعو ڪري، پنهنجي ”هم جنس“ زال ذات
کي سمجهي سگهي ٿي، حقيقت هيءَ آهي ته الله تعاليَ
عورت کي، مرد جي هم رفيق ۽ همدم بنائڻ جي لحاظ
کان، هڪ نهايت غير معمولي ”دل“ سان نوازيو آهي. هر
ڪو ڄاڻي ٿو ته صبر، تحمل، ۽ دک برداشت ڪرڻ جو انگ،
عورت ۾ مرد کان زياده آهي. هندوُ، هن کي ”ڌرتي
ماتا“ سان مشابهت ڏيندا آهن. قرآن مجيد هِن کي مرد
جو لباس ۽ مرد کي وري هن جو لباس سڏيو آهي. غرض ته
عورت، مرد لاءِ، هر نقطي نگاهه کان، ڪيميا کان ڪم
نه آهي.
عورت نه فقط خانه دار آهي، مگر هن دنيا روپي باغ
جي گلن، يعني ٻارڙن جي نگهدار هڪ طرف، ۽ مرد جي
عاقبت ۽ آخرت جو توشو ٻئي طرف آهي. هوءَ محبت جي
طالب وفا جي کاڻ، رحم جو گهر، نيڪيءَ جي تصوير،
صداقت جو مجسمو، اعتبار رکندڙ، معصوم، ڀولي ڀالي ۽
ٺڳجي ويندڙآهي. مرد اڪثر هن کي ”بيوقوف“ چون ٿا،
ڇو ته هن ۾ ”مردم شناسي“ گهٽ ۽ ٻئي جي چرٻ زباني
تي اعتبار ڪرڻ جو مادو گهڻو آهي.
اي خاتون! اي بي بسيءَ جي جيئري صورت! اي صبر ۽
تحمل جي مورت! اي حڪم جي پيروي ڪندڙ ۽ زير نظر
هلندڙ صابره! اي صبر سان پنهنجي بيڪسي برداشت ڪندڙ
بيوس! اي پنهنجي جذبن تي ٻين جي حڪمراني سهندڙ سيم
تن! تون ڪيستائين نازڪ ٿي رهندينءَ، ۽ ڪيستائين
پنهنجي سونهن جي ثنا ٻڌڻ تي خوش ٿيندينءَ؟ تون
ڪيستائين مرد جي رحم جي آڌار تي، زندگيءَ جو زيان
سهندي به، پاڻ تي سوين نالا ۽ لکين الزام
رکائيندينءَ؟ تون ڪيستائين پاڻ کي زيورن سان
جهِنجهيل ۽ ريشم سان ڍڪيل هڪ بي جان گـُڏي سمجهي،
مرد جي حرفت تي اعتبار ڪري، پنهنجي شخصيت کي
دفنائيندي رهندينءَ؟ ياد رک ته جيستائين پاڻ کي
انهن زيورن ۽ ريشم ۾ ڍڪيل گـُڏي بنائي، پنهنجيءَ
ان ذلت تي خوشي ۽ فخر ڪندي رهندينءَ، ۽ ان جي
بدران، جيستائين پنهنجي ذاتي عظمت کي پنهنجي
زندگيءَ جوسهارو نه بنائيندينءَ، تيستائين پنهنجي
شخصيت کي اهڙيءَ طرح هميشه دفنائي رکڻ لاءِ تون
پاڻ ئي ذميوار رهندينءَ!. توکي ياد رکڻ جڳائي، ته
خداوند تعاليٰ، انسان کي اشرف المخلوقات ڪري پيدا
ڪيو آهي، هن کي سڄيءَ ڪائنات جو مالڪ ڪيو آهي، ۽
ان سان گڏ، هن تي ڪي جوابداريون ۽ فرض مقرر ڪيا
آهن. جيڪڏهن هو پنهنجي پاڻ کي نه سڃاڻندو، ۽
پنهنجي خالق اڪبر جي مقرر ڪيل فرضن جي بجاوريءَ ۾
ڪوتاهي ڪندو، ته هـُو ”اشرف المخلوقات“ جي ڀلاري
لقب سان مشرف ٿيڻ جو ڪڏهن مستحق نه رهي سگهندو.
انسان ذات تي، الله پاڪ ٻن قسمن جا حق رکيا آهن:
حقوق الله ۽ حقوق العباد. جيتريقدر حقوق الله جو
سوال آهي، ان ۾ مرد ۽ عورت جو ڪو به فرق نه آهي،
ڇو ته خدا جي آڏو مرد ۽ عورت ٻئي هڪ جهڙا جوابدار
آهن. حقوق العباد جو جيتريقدر تعلق آهي، ان ۾ مرد
۽ عورت تي، اسان جي موجوده سماج، جدا جدا قسمن جون
جوابداريون ۽ ذميواريون رکي ڇڏيون آهن. هر مرد ۽
هر عورت جي پيدائش، عورت جي بطن مان ٿئي ٿي. هر هڪ
مرد ۽ عورت جي زندگيءَ جو ابتدائي دور، ماءُ جي
گود ۾ گذري ٿو. سڀ، ماءُ جي هٿان نشوونما پائين
ٿا. پيءُ کي، ٻاهرين مصروفيتن سبب، گهر جي
چوديواريءَ اندر رهڻ ۽ معصوم ٻارن سان ملڻ جو وقت
تمام ٿورو بچي ٿو.
معصوم ٻار، جڏهين کان هن ڪائنات ۾ قدم ڌري ٿو،
جڏهين کان ان ۾ ٿوري سمجهه پيدا ٿئي ٿي، تڏهين کان
هو پنهنجي ماءُ جي تربيت هيٺ رهي ٿو. ماءُ پنهنجي
ٻار کي سڀڪجهه سيکاري، سمجهائي ۽ ٻڌائي ٿي. ننڍو
ٻار، جو ڪجهه ڏسي ٿو، اهو پهريون ئي دفعو ڏسي ٿو؛
۽ جو ڪجهه ٻڌي ٿو، اهو پهريون ئي دفعو ٻڌي ٿو. اها
ماءُ ئي آهي، جا هر نئين شيءِ جي اصل کان پنهنجي
نونهال ٻچي کي باخبر ڪري ٿي. ٻار ۾، سندس ابتدائي
دور ۾، قوت جاذبه تمام مضبوط رهي ٿي. والده جي
طرفان جو ڪجهه ٻار کي ٻڌايو ويندو، اها ان لاءِ هڪ
اهم حقيقت بنجي پوندي. انهيءَ نازڪ دور ۾، ٻار جي
طبيعت تي، پنهنجي اَميءَ جا سبق ۽ اثر ائين آهن،
جيئن پٿر تي چٽ. اهي اثر، جيڪي هرهڪ ٻار جي
ٻاراڻيءَ زندگيءَ ۾، پنهنجو تاثر ڏيکاريندا رهن
ٿا. نه فقط ايترو، پر انهيءَ ”ابتدائي“ تعليم ۽
تربيت جي بنياد تي، هر هڪ ٻار جي زندگيءَ جي عمارت
ٺهي ٿي: گويا ائين چئجي ته ٻار جي آئنده زندگيءَ
جو سنگ بنياد، سندس اها ” تربيت“ آهي، جا هـُو
پنهنجي والده کان، ٻاراڻي زماني ۾، حاصل ٿو ڪري.
اهڙيءَ طرح هر ”مرد“ ۽ ”عورت“ پنهنجي والده جي زير
نظر گذاري ٿو، ۽ سڀ کان پهريائين انهيءَ ئي
درسگاهه جو شاگرد آهي. ٻار، پنهنجي معصوميت جي
زماني ۾، جيڪِي ڪجهه، هن درسگاهه ۾ حاصل ڪيو
هوندو، ۽ جهڙي نموني جي تربيت کيس اتي ملي هوندي،
۽ جهڙي قسم جا اخلا ق منجهس اتي پيدا ڪياويا
هوندا، اهي سڀئي، ان ٻار ۾، وڏي ٿيڻ تي، نمايان
صورت اختيار ڪندا. دنيا جي تاريخ شاهد آهي، ته
جيڪي مرد يا عورتون دنيا ۾ بلند مرتبي جا ٿِي
گذريا آهن، ۽ جن جي يادگيري هر انسان جي دل ۾ زنده
آهي، ۽ جن جي صفت ۾ هر زبان گويا آهي، جن جي
ساراهه ۾ هر قلم روان ۽ دوان آهي، جن جا ڪارناما
سندن ياد کي هميشه تازو رکندا اچن ٿا، اهي بي بها
هستيون، اهي صحيح معنيٰ ۾ انسان، اهي اخلاق حسنيه
جا مجسما، اهي بي بها گوهرن ۽ جوهرن جا مالڪ، اهي
باعمل ۽ باايمان شخص، اهي عالم ۽ فاضل، اهي صوفي ۽
سنت، اهي سلطنتن جا مالڪ ۽ حڪمران، اهي انصاف ۾
نوشيروان، اهي سخا ۾ حاتم_ جن دنيا جي تاريخ ۾
انقلاب آندو، انسان ذات ۾ انسانيت جو ٻج وڌو، حق ۽
انصاف کي اهميت ڏني، ڪوڙ ۽ باطل جو مقابلو ڪيو،
انسانيت کي حيوانيت ۽ بربريت تي ترجيح ڏني، حق ۽
صداقت خاطر جان ۽ مال کي قربان ڪيو، پنهنجي نفس
اَمّاري کي پنهنجي تابع ڪيو، پاڻ کي صحيح انسان
بنايو، ۽ پاڻ ۾ ملڪـُوتي قوتون پيدا ڪيون_ اهي سڀ
پنهنجي سڳوريءَ والده جا شاگرد هئا؛ انهن مان هر
هڪ ان پهرين درسگاهه ۾ سبق حاصل ڪيا هئا، جتي
ابتدائي زندگيءَ جي دور ۾ سندس اخلا ق ۽ صحيح
خيالن جو سنگ بنياد وڌو ويو هو: اهو سڀڪجهه ان
عالم عورت ۽ ڪامل والده جي ڪوشش جو نتيجو هو،
جنهنڪري هو ايتريقدر ظاهري ۽ باطني قوتن جا صاحب
ٿيا.
”آهي عورت گهر جي ملڪه، مڙس پنهنجي جي وزير،
آهي ماءُ اولاد جي استاد، هر امڪان ۾.“
جن قومن ۾ عورتون بيدار آهن، ۽ پنهنجي فرض ادائيءَ
۾ ڪوتاهي نٿيون ڪن، ۽ صحيح طريقي سان پنهنجي
نونهال ٻچن جو نيپاج ڪن ٿيون، ۽ انهن کي ايندڙ
زندگيءَ جي ڪشمڪش لاءِ تيار ڪنٿيون، سي قومون
ترقيءَ جي ميدان تي گامزن آهن ۽ گهڻو اڳتي وڌي
ويون آهن: ڇو ته هر قوم کي هلائيندڙ؛ اهي ئي
هستيون آهن_ پوءِ اهي مرد هجن يا عورتون_ جيڪي
ڪڏهن پاڻ قوم نونهال ٻچا هئا. اهي ٻار جي اڄ معصوم
آهن، سي سڀاڻي قوم جا ابا ۽ اڳواڻ ٿيندا، ۽ پنهنجي
قوم۽ ملت جي بهبوديءَ ۽ بهتريءَ لاءِ پاڻ
پتوڙيندا، ملڪ جي اندروني ۽ بيروني معاملن لاءِ
مناسب تدارڪ وٺندا، قوم ۽ ملڪ جي عزت ۽ آبروءَ
لاءِ لڙندا، پنهنجي جان ۽ مال قربان ڪندا. ساڳيءَ
طرح، صغير ڇوڪريون ايندڙ نسل جون مائرون ٿينديون ۽
انهن جي ئي ڪـُلهن تي ايندڙ نسل جي نيپاج ۽ تربيت
جو بار رهندو.
هن وقت اسان کي اهو ڏسڻو آهي ته اسين عورتون
ڪيتريقدر سالم انسان ۽ صحيح مائرون آهيون، ۽ جي نه
آهيون ته اسان کي ڇا ڪرڻ کپي؟ سماج طرفان اسان
مٿان، اهي مڙي ئي اهم ۽ نازڪ ذميواريون جيڪي رکيون
ويون آهن، تن سڀني جي ادا ڪرڻ جي، اسان ۾ هن وقت
جيتريقدر صلاحيت آهي، سا اسين پاڻ محسوس ڪريون
ٿيون: ۽ اها اسان جي موجوده نسل مان ئي نمايان
آهي؟ انتهائي افسوس آهي ته اسين عورتون نهايت پٺتي
پيل آهيون. اسين هن وقت زندگيءَ جي هڪ خطرناڪ دور
مان گذري رهيون آهيون. اسان جي حالت ناگفته به
آهي. اسان جي حال زار تي جيترو گهڻو روئجي، اوترو
ٿورو آهي. اسان عورتن ڪم علميءَ، سستيءَ ۽ جهالت
جي ڪري، پنهنجو ۽ پنهنجي قوم جو ايترو نقصان ڪيو
آهي، جنهن جي تلا في نه ٿي سگهندي. مگر اڃا به وقت
ويو نه آهي؛ هن کان پوءِ به، جيڪڏهن اسان پاڻ نه
سنڀاليو ۽ پنهنجي زندگيءَ ۽ عزت لاءِ پاڻ نه
پتوڙيو، ته يقيناَ َ اسين هميشه لاءِ پنهنجو وقار
۽ عزت وڃائي ويهنديون سين. اسان عورتن جي حالت
ايتريقدر ڪِري چڪي آهـي، جـو مـرد هـرگـز ائيـن
نـٿا سـمـجـهن ته اسان کي به، گهٽ ۾ گهٽ انساني
حيثيت ۾، ساڻن برابريءَ جو ڪو حق آهي، يا جيڪا دل، ۽ جيڪي جذبا
وٽن آهن، سي ڪو اسان عورتن وٽ به موجود آهن!
هوڏانهن تاريخ شاهد آهي ته ڪئين اهڙيون عورتون ٿي
گذريون آهن، جن علم عقل، سياست ۽ بهادريءَ ۾ مردن
کان ڪو گهٽ جوهر نه ڏيکاريو آهي، جنهن مان ثابت
آهي ته خداداد قوتون جيڪي مرد ۾ آهن، سي عورتن ۾
به آهن. مگر افسوس فقط هيءُ آهي ته اسان عورتن جون
اهي قوتون، اسانجي بي علميءَ ۽ بي توجهيءَ ڪري،
دٻيون پيون آهن يا بلڪل مفقود ٿي ويون آهن: پنهنجي
انهن لڪل ۽ مئل قوتن کي جاڳائڻ ۽ زنده ڪرڻ سان ئي
اسين پنهنجو اصل وقار ۽ صحيح مرتبو حاصل ڪري
سگهنديون سين.
مگر اي منهنجون ڀينرون! ڪڏهن هڪ لمحي لاءِ اهو به
سوچيو اٿئون ته اسين ڇا ڪري رهيون آهيون ۽ ڇا ڪرڻ
کپيسون؟ خدارا، ٻڌايو ته هن کان پوءِ، ڪڏهن خواب
غفلت کان بيدار ٿينديون سين؟ ڇا، اوهين پنهنجي ذات
۽ پنهنجي وجود کي ختم ڪرڻ گهرو ٿيون؟ ڇا، اوهين
هميشه لاءِ زوال، پستيءَ ۽ بي چارگيءَ جي زندگي
بسر ڪرڻ گهرو ٿيون؟ ڇا، اي نماڻيون ناريون! توهين
پنهنجي عزت ۽ عظمت کي ٻنهي جهانن ۾ ناس ڪرڻ جو
مڪمل ارادو ڪري چڪيون آهيو؟ ڇا، توهان پنهنجيون
ذميواريون_ الله ڏانهن، انسانن ڏانهن، قوم ڏانهن،
گهـَرَ ڏانهن ۽ ٻارن ڏانهن_ وساري ڇڏيون آهن؟ ڇا،
توهان کي پنهنجي هن حال تي ڪو به رحم ڪونه ٿو اچي؟
ڇا، توهان جو احساس ايتريقدر گم ٿي ويو آهي، جو
توهين نفعي ۽ نقصان کان بي خبر ۽ بي خوف آهيو؟ آخر
ڇو توهان تي ايتريقدر بي حسيءَ جو عالم طاري آهي؟
منهنجون عزيز ڀينرون، توهين پاڻ کي سنڀاليو! عورت
جي هستي، رواجي هستي نه آهي. هوءَ هن ڪائنات جي
معمار آهي ۽ دنيا جي هر ڪاروبار ۾ حيدار. هوءَ قوم
جي نگ ۽ ناموس لاءِ جوابدار آهي. هن جي صلاحيت قوم
جي صلاحيت آهي. هن جي زوال ۾ قوم جو زوال آهي.
تنهنڪري منهنجي محترم ڀيڻ تون پاڻ کي صحيح معنيٰ ۾
”انسان“ بنائڻ جي ڪوشش ڪر! پاڻ کي ”عورت“ تصور نه
ڪر؛ ڇو ته هن وقت ”عورت“ لفظ جو تنهنجي دماغ ۾ غلط
تخيل ويهي ويو آهي، جو تون ائين سمجهي ويٺي آهين
ته هار سينگار ۽ زيور ئي عورت جي زندگيءَ جو مقصد
آهي ۽ بس. مگر ”عورت“ سمجهڻ کان اڳ ۾، پاڻ کي هڪ
انسان سمجهه. هروڀرو نه مڙين، ته به فقط اهي
گهڙيون پاڻ کي عورت سمجهه، جي گهڙيون تون پنهنجي
مرد جي حضور ۾ آهين، ۽ بس. جڏهين تون پاڻ کي صحيح
انسان بنائيندينءَ، تڏهن ئي تون ”عورت“ لفظ جي ذلت
آميز مفهوم کي سمجهندينءَ. تنهنڪري پهرين پاڻ کي
انسان بناءِ ۽ پاڻ ۾ انسانيت پيدا ڪر، ان کان پوءِ
ئي تون پنهنجو پاڻ سڃاڻيندينءَ؛ اڃا تائين تو
پنهنجو پاڻ نه سڃاتو آهي. تون جو ڪجهه پاڻ کي تصور
ڪري رهي آهين، اُها نه آهين؛ ۽ نه انهيءَ مقصد سان
الله تعاليٰ توکي هن ڪائنات ۾ موڪليو آهي. توتي
وڏيون جوابداريون ۽ ذميواريون آهن. تون پنهنجي دل
۾ پنهنجي ذميوارين جو احساس پيدا ڪر. تنهنجي بي
توجهي ۽ بي حسي، قوم کي بي حس بنائي ڇڏيندي.
تنهنجي ترقي، قوم جي ترقي آهي، ۽ تنهنجي تنزل ۾
قوم جو تنزل آهي. قوم کي از سر نو بنائڻ لاءِ، مرد
جي اڪيلي ڪوشش ڪجهه نه ڪري سگهندي، ۽ نه هو اڪيلي
سر هن بگڙيل حالت کي درست ڪري سگهندو. توکي ئي هن
سان ساٿ ڏيڻو آهي، ۽ قوم جي ڪِريل حالت کي درست
ڪرڻ ۾ هن جي مدد ڪرڻي آهي: جيڪڏهين تون وڌيڪ وقت،
انهيءَ گهريءَ ننڊ ۾ رهندينءَ ته قوم ۾ ڪمزوري،
تفرقو، خود غرضي، سياسي تعطل، ۽ بي حسي طاري ٿي
ويندي، ۽ پوءِ حالتن کي مـُنهن ڏيڻ مشڪل ٿي پوندو.
اک ورائي ڏس ته موجوده مرد ۽ عورتون ۽ انهن جي
حالت ايتري ڪريل ۽ ڪم_وهيڻي فقط انهيءَ ڪري آهي،
جو انهن جي صغيريءَ ۾، انهن جي مائرن، انهن جي ڪا
به پوري ۽ سنئين پرداخت ڪانه ڪئي آهي. انهن جي
جسماني ۽ روحاني ترقيءَ کي نظر انداز ڪيو ويو آهي.
نه انهن کي پوري تربيت ملي آهي، ۽ نه انهن کي
پوريءَ طرح سنڀاليو ويو آهي. زندگيءَ جي هر پهلوءَ
۾ ڏسجي ٿو ته اسان جي روش، انسانيت جي درجي کان
ڪريل آهي: رشوت خوري، ٺڳي، زنا، چوري، خونريزي،
وغيره وغيره، روزمرهه جا واقعا آهن. اهي ڳالهيون
ڏيکارين ٿيون ته اسين صورت ۾ انسان آهيون، پر اسان
جي سيرت، اخلاق ۽ اسان جي روش ڄڻ ڪنهن حيوانيت جي
سانچي ۾ ڍالي ڇڏي آهي. ڀِتِ جي هر هڪ سِرَ بذات
خود ڪا به حيثيت نٿي رکي؛ مگر جڏهن اهي سرون گڏ
ٿين ٿيون، تڏهن ئي ڀت جي صورت اختيار ڪن ٿيون، جا
نهايت مضبوط ۽ طاقتور رهي ٿي. اسان مان به هر هڪ
جي حيثيت ”قومي ديوار“ جي هڪ سر جي برابر آهي.
جيڪڏهن اسان گڏجي ڪو به ڪم هٿ ۾ کڻنديونسين، ته
يقيناَ َ ڪامياب ٿينديونسين، ۽ جيڪڏهن سڀڪا سِرَ
الڳ الڳ رهندي ته ان جي حيثيت هڪ سر جهڙي رهندي،
جنهن کي ڪا به وقعت نه آهي، بلڪ اهو ان اڪيليءَ جو
موت آهي. تنهنڪري جڏهن اسين هڪ تنظيم جي صورت ۾
رهنديونسين، ته گويا اسين زنده آهيون، ۽ جڏهن اسان
مان هر هڪ اڪيلي ۽ جدا آهي، ته اها گويا سڀ جي
تباهي آهي.
ان ڪري، خدارا، اي منهنجي ڀيڻ! انهيءَ خواب غفلت
مان سجاڳ ٿيءُ: پنهنجي عاقبت، عظمت، عصمت ۽ عزت جو
خيال رک. پـنـهـنجي حال ۽
خيال ۾ سنجيدگي پيدا ڪر. پنهنجي قول ۽ فعل کي درست رک. هي ظاهر
هار سينگار ۽ بيهوديون ڳالهيون، تنهنجي لاءِ زهر
قاتل جي برابر آهن. اهڙين ڳالهين ۽ ظاهري سينگار ۽
پوشاڪ جي بدران، پاڻ کي خوش اخلاق ۽ نيڪ عادتن سان
آراسته بناءِ. فقط انساني صورت نه کپي. بلڪ
”انساني سيرت“ به گهرجي. پنهنجو پاڻ سڃاڻ. پنهنجي
جدا جدا جوابدارين ۽ ذميوارين کي محسوس ڪر. پنهنجي
فرض ادائيءَ ۾ ڪوتاهي نه ڪر. پنهنجي، ۽ پنهنجي قوم
جي ننگ ۽ ناموس جو خيال رک. تنهنجي ذميوارين جي
ابتدا تنهنجي گهر مان ٿئي ٿي؛ جا سڀ کان وڏي، ۽
تنهنجي پهرين ذميواري آهي. پنهنجي معصوم ٻچن کي
صحيح تربيت ڏي. هنن جي ظاهر ۽ باطن کي سينگار.
باقي جيڪڏهن غير صالح ۽ ناڪام اولاد پيدا ڪيئي، ته
چئبو ته رڳو ڍنگرن تي اٽو پئي هاريو اٿئي. نانگ
بلا پيدا نه ڪر، جي قوم جي دلين کي دم دم ڏنگين،
بلڪ فرشته خصلت انسان پيدا ڪر، عامل ۽ ڪامل فيض جا
دريا، عقل جا خزانا، ۽ ماڻهوءَ جي صورت ۾ ملائڪ
پيدا ڪر. جي ماڻهوءَ جي صورت ۾ شيطان پيدا ڪيئي ته
گويا پنهنجي نااهليءَ ۽ جهالت جو ثبوت ڏنئي. تون
اولاد نوڪرن جي حوالي ڪري، ڪلب يا سئنيما تي نه
وڃ، ڇو ته هو، هنن ۾ بدخصلتون پيدا ڪندا. نونهال
ٻچو، تو وٽ قوم جي امانت آهي، جنهن جي پرداخت ۽
تربيت جو بار توتي وڌو ويو آهي. ان جي روحاني ۽
جسماني ترقيءَ جي سڄي جوابداري تنهنجي ذمي ڪئي
ويئي آهي، ۽ ان کي بااخلاق يا بدڪردار ڪرڻ تنهنجي
هٿ وس آهي. تنهنڪري، تون پاڻ ڏانهن ۽ پنهنجي قوم
ڏانهن وفادار ٿي، قوم جي سپرد ڪيل امانت جو هر وقت
خيال رک. هن نازڪ ۽ ڪچڙي گل کي، دنيا جي گرم ۽ سرد
هوائن جي جهـُوٽن کان، محفوظ رک. هن گل مان بدلجي
ڦـُل ٿيندا. انهيءَ گل مان ٻج، ۽ ٻج مان پودا ۽
درخت. گويا قوم جي نشوونما جو مدار، تنهنجي گردن
تي آهي. قوم جي اجڙيل باغ کي سرسبز ۽ آباد، ۽
بارءَ جو نيپاج نهايت احتياط سان ڪر. تون، ان کي
صحيح تربيت ڏي. قوم سان، فعل سان، عقل سان، نرميءَ
سان، گرميءَ سان، ضابطي سان، پيار سان، ان کي درست
ڪر. سڀ طريقا اختيار ڪر، سڀ حيلا هلاءِ، هر تجويز
عمل ۾ آڻ، هر مناسب ڪوشش وٺ، ۽ پاڻ کي پنهنجي قوم
جي آڏو سرخرو بناءِ، ۽ قوم کي هڪ صحيح انسان تحفي
طور پيش ڪر!
جڏهن تو پنهنجي انهيءَ پهرينءَ ذميواريءَ کي
پوريءَ طرح ادا ڪيو، ته پوءِ پڪ ڄاڻ ته ٻيا سڀ
قومي مسئلا آسانيءَ سان حل ٿي ويندا، ۽ تنهنجي قوم
هڪ صلاحيت واري قوم ٿي پوندي، ۽ ڪا به ڌاري طاقت
ان کي ريٽي نابود ڪري نه سگهندي، ۽ سندس هر هڪ فرد
آزاديءَ ۽ عزت جي زندگي بسر ڪري سگهندو.
هيڻيءَ عورت جي صلاح، ڏاڍي مرد کي
هن ڪائنات ۾، هر مخلوق ٻن جنسن ۾ موجود آهي:
”مذڪر“ ۽ ”مونث“. قرآن شريف ۾ پڻ ائين آيل آهي ته
”مون شين کي، جوڙو جوڙو ڪري، خلقيو آهي.“ اسان کي
ائين چيو ويندو آهي ته هر شيءِ، جا مذڪر آهي، اها
مونث تي غالب آهي: خداوند تعاليٰ، جيتوڻيڪ ذات ۽
صفات کان بالاتر آهي ۽ هر چيز کان نيارو، ۽ هڪ
نـُور آهي، تاهم سندس سمورا نالا، جهڙوڪ، قادر،
قيوم، ڪريم، رحيم وغيره سڀ مردانه آهن: خداوند
تعاليٰ، پهريائين حضرت آدم عليه السلام کي پيدا
ڪيو؛ جنهن جي آڏو ملائڪ به سر سجود ٿيا؛ بيبي حوّا
ته پوءِ، خود حضرت آدم عليه السلام جي پاسريءَ مان
پيدا ٿي: جيڪي به پيغمبر يا نبي، انسان ذات ڏانهن
موڪليا پئي ويا آهن، سي سڀ مرد هئا، وغيره وغيره.
اسان جي انساني سماج ۾، پنهنجي بلند مرتبي ۽ برتري
غابت ڪرڻ لاءِ، اڪثر مرد، مٿيان دليل پيش ڪندا
آهن، ۽ چوندا آهن ته مرد، عورتن کان، هر نقطي نظر
کان، زياده لياقت رکن ٿا ۽ ان زياده لياقت سبب ئي
مردن کي، زندگيءَ جي هر شعبي ۾ حاڪميت حاصل آهي! |