پيش لفظ
غالباَ َ هي ٻيو دفعو آهي جو مصنفه ادبي دنيا ۾
پير پاتو آهي. هڪ تصنيف سندس اڳي به منهنجي نظر
مان گذري آهي. هيءَ تصنيف اڳيئن کان بدرجها بهتر
آهي.
مصنفه هڪ موچاري ۽ متوسط درجي جي خاندان جي فرد
آهي. ابتدائي تعليم پنهنجي والده کان ملي اٿس. پاڻ
به انهيءَ جو ذڪر هن ڪتاب ۾ ڪيو اٿس. اردو، پارسي
۽ انگريزي زبانن جو چڱو مطالعو اٿس_ جئن هت به ڏسڻ
۾ اچي ٿو ته موقعي موقعي تي ڪونه ڪو پارسي، اردو
يا انگريزي قول يا شعر ڏنو اٿس. انهن زبانن تي
قادر ٿيڻ کان پوءِ، پنهنجي تجربات، معلومات ۽
احساس جي دائري کي قلمبند ڪري، پنهنجي هم جنس طبقي
کي سجاڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس. اهڙيءَ ڪوشش ۽ جفا
ڪشيءَ ڪرڻ لاءِ، هيءَ خاتون تحسين ۽ تبريڪ جي لائق
آهي؛ ڇو ته جيتريقدر مون کي معلوم آهي، سنڌ ۾ تمام
ڳاڻ ڳڻين عورتن ميدان ادب ۾ پير رکيو آهي. جيڪڏهن
ڪن مضمون نگاريءَ جي ڪوشش ورتي آهي، ته به اخباري
ڪالمن يا رسالن جي دائري اندر. تنهنڪري بادام بيگم
کي بيشڪ جس هجي، جنهن پنهنجي مضمونن کي ڪتابي صورت
۾ دنيا جي اڳيان پيش ڪرڻ جي جرئت ڪئي آهي.
هي ڪتاب مقالات جي صورت ۾ لکيو ويو آهي، جنهن ۾
خدا تعاليٰ جي صفت ۽ حمد ۽ ديباچي لکڻ بعد ڏهه
مقالا درج ڪيا ويا آهن، اهي مقالا مختلف موضوعن تي
لکيا ويا آهن، جهڙوڪ ”عورت“، ”مرد“، ”حسن ۽ عشق“،
”بهار ۽ خزان“، ”مفلسي ۽ مرتبو“، ”عمل ۽ عبادت“،
وغيره وغيره. انهن مان ٻه مضمون ساڳئي نموني جا ٻن
خيالي ڪهانين تي مبني ڪيا ويا آهن _ مثلاَ َ
مقابلو نمبر 1 ”حميده جي ڪهاڻي“، ۽ مقالو نمبر 9
”حسينه جي سرگزشت“. حقيقت ۾ ٻنهي هيروئنن جي احوال
زندگيءَ تي نظر ڦيرائبي ته ڄڻ ٻنهي جو هڪڙو ئي
معاملو ٿو معلوم ٿئي_ ائين پيو ڀانئجي ڄڻ ته مصنفه
پنهنجي زندگيءَ جي ڪهاڻي انهن هيروئنن جي واتان
بيان ڪئي آهي.
ڪتاب تي نظر وجهبي ته هڪ گلن جي ٽوڪري نظر ايندي.
مصنفه هڪ جذباتي تماشائيءَ جي حيثيت ۾ باغ ادب جو
معائنو ڪندي، ويئي آهي گل گونٽا، ڪنڊا ڪرڙا،
ٽاريون ٽانگر، پن ٻوٽا پٽيندي ۽ هڪ ٽوڪريءَ جي تري
۾ داخل ڪندي. انهن فطرت جي نفيس نازڪ وڻن کي
گلدستي جي شڪل ڏيئي، گلدان جي حوالي ڪرڻ هن پنهنجو
فرض نه سمجهيو آهي_ اهو فصل ۽ عمل بڪارين جي ذمي
ڇڏيو اٿس. (يعني اعليٰ اديبن جي). تنهنڪري، موجوده
صورت ۾ اهي گل گونٽا بي ترتيبا نظر اچن ٿا ۽ سندن
ذاتي نکيڙ نمايان ۽ نمودار نٿو ڏسڻ ۾ اچي. باوجود
انهيءَ جي، غائر نظر سان ڏسبو، ته نه گلن خوشبوءِ
کي خيرباد چئي آهي، نه پنن ساوڪ جي سونهن ڇڏي آهي
۽ نه ٽارين تازگي مٽائي آهي_ فقط ٽوڪريءَ جي تري
ڏانهن هٿ ڊگهيربو، ته ڪنڊن ڪرڙن جون رهڙون البت
ايذائينديون. هن تمثيل جو مطلب هي هو ته مصنفه جي
مقالات جو نفس مضمون توڻي طرز تحرير بلڪل پسنديده
آهن_ مگر منجهس خاميون به ڪي ڪجهه نظر اينديون،_
مثلاَ َ ”عمل ۽ عبادت“، ”مفلسي ۽ مرتبو“، ”حسن ۽
عشق“، ”بهار ۽ خزان“ جي مقالن ۾، هن دلچسپ نوع ۾
درس اخلاق ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ۽ موجوده معاشرتي
زندگيءَ جا نقص نروار ڪري ناظرينن جي آڏو رکيا
آهن، جن مان نوجوان نر ۽ ناريون سبق پرائي سگهن
ٿا_ خصوصاَ َ عورت جي هيڻائي، جهالت ۽ مظلوميءَ
ڏانهن قـلم کي قـرطـاس
جي ميدان تي زياده ڪڏايو اٿس، ۽ متمول طبقي جي مردن جي عورتن
سان ارهه زورائي ۽ ظالمانه روش تي ڳچ جيترا ڳوڙها
ڳاڙيا اٿس_ پر ڪٿي ڪٿي، جوش ۽ جذبي جي لهرن ۾
لڙهي، ڪنهن ڪنهن مهل، مبالغي ۽ مغالطي جي ڪـُنن ۾
ڪاهي پيئي آهي. سوسائٽيءَ جي هر هڪ طبقي جي مرد
بنسبت ڪجهه نه ڪجهه خيال آرائي ڪئي اٿس. سياسي
ليڊرن تي نقط چيني، وڏن زميندارن ۽ جاگيردارن تي
جرح، ۽ مفلس طبقي کي تنبيهه ڪئي اٿس. ڪٿي ڪٿي
ناصحانه نقطا نروار ڪندي تصوف جي بحر ذخار ۾
شناوريءَ جو شوق ڏيکاري، ”تنبو، ترهو، نه تڙ
تانگهو_“ نهاريندي، ”لڙهي لهرين ۾ لهواري“ جي
مصداق بنجي وڃي. تصوف جي فلسفي جي گوناگون مسئلن
جو پورو محاورو ڪونه ڪيو ٿو ڏسجيس، مگر جذبات جي
هجوم کان متاثر ٿي، جسماني جهان کي بي ثبات ۽ بي
فيض ڏيکاري، روحاني راهه ڏانهن راغب ٿيڻ جي تلقين
ڪئي اٿس. ”حقوق الله ۽ حقوق العباد“ جي مسئلن تي
به زور ڏنو اٿس. جهالت کي تڙي توائي ڪري علم جي
چراغ کي سرزمين سنڌ ۽ قلمروي پاڪستان ۾ روشن ڪرڻ
جي پرجوش ترغيب ڏني اٿس.
مٿئين تبصري مان معلوم ٿيندو ته مصنفه رواجي رومان
لکڻ جي بجاءِ، جو اڄڪلهه جو دستور آهي، پنهنجي ڪلڪ
کي ڪارآمد مضمونن لکڻ تي مجبور ڪيو آهي_ جو هڪ
عورت لاءِ آسام ڪم نه آهي،_ ۽ ائين ڪرڻ سان، مصنفه
سنڌي اديب عورتن لاءِ هڪ نئون رخ رٿيو آهي_ شايد
سندس هم جنس به هن کان پوءِ سندس نقش قدم تي هلي،
اسان جي ثقافتي ۽ معاشرتي زندگيءَ ۾ انقلاب آڻين.
ڪراچي
2_ جون 1955ع __ ميران محمد شاهه
سيد
انتساب
آءٌ، هيءُ پنهنجي محبت ڀريءَ محنت جو ناچيز تحفو،
پنهنجي پياريءَ ماءُ جي خدمت ۾ ”نذر عقيدت“ طور
عرض ٿي رکان ۽ سندس نالي منسوب ٿي ڪريان: جنهن مون
کي ماءُ وانگر نپايو، ۽ پيءُ وانگر پاليو؛ استاد
ٿي پڙهايو، ۽ پنهنجي عالماڻي ۽ شريفاڻي مزاج جي
فيض جي گنج مان، نيڪ تربيت سان نوازيو ۽ صلاحيت ۽
سنجيدگيءَ جو سبق پڙهايو.
هيءَ نيڪ بخت خاتون، هڪ پاڪ خمير ۽ خالص دل جي
مالڪياڻي آهي. هن قسم جي بلند خيال ۽ نيڪ اخلاق
ماءُ ڪنهن خوش نصيب ٻار کي ڀاڱي ۾ آئي هوندي، ڇو
ته اهڙي قسم جي ماءُ هڪ ”فيض جو درياءُ“ آهي.
انسانيت ۽ نيڪي، ماءُ جي جهوليءَ کان سواءِ، ڪٿان
ملڻ جيڪڏهن ناممڪن نه، ته محال ضرور آهي: ماءُ جي
تربيت، هر ٻار جي مستقبل جو گويا ”سنگ بنياد“ آهي.
جو ڪجهه مون حاصل ڪيو آهي، سو سندس ئي نيڪ تربيت ۽
نيڪ ڪوشش جو نتيجو آهي. اهڙي نيڪ خصلت ماءُ جي غير
معمولي خدمتن جي ڀيٽ ۾، هي تحفو معمولي ۽ ادنيٰ
آهي. منهنجي ماءُ جو هي سبق، نه فقط اسان اولاد پر
ساريءَ قوم لاءِ ڪارآمد آهي:
”دنيا مصيبتن جو گهر آهي. هڪ نه ٻيءَ مصيبت ۾، هر
بشر گرفتار آهي؛ مگر دل تي هڪ ’شاندار نظريو‘
اڪريل هجي، ته پوءِ مصيبت، مصيبت معلوم نه ٿيندي،
پر سٺي لڳندي، ڇو ته ان حالت ۾ اکين آڏو هر وقت
’مقصد‘ هوندو، جنهن سان انسان جو بيخود عشق هوندو؛
تنهنڪري تتيءَ ۽ ٿڌيءَ ڏانهن نه ڏسجي، پر ’مقصد‘
آڏو رکي، فقط ڪم ڪجي ۽ ڪندو رهجي: بس“
هن جي ٻي نصيحت هيءَ آهي ته:
”ڏک ۾ صبر ڪجي، خوشيءَ ۾ شڪر ڪجي، ۽ هر حال ۾ راضي
رهجي؛ ڇو ته ’هر چه از دوست آيد خوب است‘؛ غربت ۾
به شان سان رهجي، عزت برقرار رکجي، ڪنهن جي آڏو هٿ
نه ٽنگجي.“
غرض ته هن جو هر قول، فعل ۽ خيال شاهاڻو ۽ عارفاڻو
آهي: شاعر جو هيءُ سخن سندس خيالن جي هوبهو تائيد
ٿو ڪري ته:
”گر بدولت بَرسِي، مست نه گردي، مردي؛
گر بغربت بـُرسِي، پست نه گردي، مردي.“
خدا ڪري ان نيڪ سيرت ۽ اهل دل عورت جي بدولت،
منهنجي هيءَ محنت بار آور ثابت ٿئي _ آمين!
_ بادام ”ناتوان“
عرض حال
آءٌ ڪا ايڏي علمي لياقت ڪانه ٿي رکان، ۽ نه پنهنجي
علمي لياقت جي آڌار تي قلم هٿ ۾ کنيو اٿم. البت دل
زنده اٿم، جا چاهي ٿي ته ’زندگي‘ حسرتن تي ڇانئجي
وڃي؛ ۽ نه حسرتون، زندگيءَ تي: جا جذبات سان ٽمٽار
۽ ڀرپور آهي، ۽ جنهن جي بي ڪنار ۽ عميق جذبات جي
درياءَ ۽ ان جي موجن ۽ لهرن جي اٿل ۽ اڇل کي روڪڻ
منهنجي دست قدرت کان ٻاهر آهي:
”جي پيا مـُنهِن، مهراڻ، تن ٻانڌين ٻيٽ نه اڄهي.“
_شاهه
حياتي مختصر آهي؛ جا خدمت پاڻ کان پڄِي سگهي، تنهن
۾ دير هرگز نه جڳائي: سو منهنجي قلم به محض دلي
جذبات جي ماتحت ئي ايتري ساريءَ منزل طئه ڪرڻ جي
جرئت ڪئي آهي؛ ۽ سفر جي دوران ۾، جذبات کان بدمست،
خطرناڪ رفتار سان، سمورو وقت اڳتي ڪاهيندي، صرف
منزل مقصود تي پهچڻ جي ڪوشش ۾ ئي محو رهي آهيان.
”اَڻکو تان ڪوه، ڪچو آيم ڪرم،
جيءَ جن جا جَم، پڪا سي پڇنديون.“ _شاهه
هي چند مضمون جيڪي هن ڪتاب ۾ پيش ڪيا اٿم، تن سڀني
۾ صرف پنهنجي جذبات جي ئي لڙهه لڳي آهيان. جيڪڏهن
مون کان ڪي خاميون۽ غلطيون سرزد ٿيون هجن، ته اميد
اٿم ته ناظرين انهن تي چشم پوشي ڪندا، ڇو ته هيءُ
منهنجي خالص اندر جي اڌمن ۽ من جي وِجهـُل جو
نتيجو آهي، ۽ نه منهنجي علم ۽ عقل جو.
”وَڻَندُن ته وَڙُ ڪندا، نه تـه اڳيـن جـي
اخـتـيار،
ڪاڏي ٿيو ڪوهيار، ڪاڏي ٿي هٿ کڻي!“_شاهه
جهنگ جي ويران هڪ طرف، دل جي پريشاني ٻئي طرف _
روزمره جو سج بس ائين ئي پيو اُڀري ۽ لهي، تنهن
هوندي به، هوبهو آفتاب وانگر، دنيا جي هر وندرکان
دور، پهاڙ جيان فرض تي محڪم رجهي، ڪم ۽ غم جي گردش
۾، ڏينهن مان مهينا ۽ مهينن مان سال ڪندي، دل دنيا
تان تارڪ ٿي چيو:
چرا زان آشـيان بيگـانه گشـتي؛
چو دونان چغد اين ويرانه گشتي!
اُٿِ پکي به پرواز ٿا ڪن؛ تو ۾ ته لامڪان جي سفر
ڪرڻ جي قوت آهي! عمل ۽ عبادت سان انسان ڇا ڇا نٿو
ڪري سگهي؟ سڀ کان پهريائين حقوق العباد يعني خدمت
خلق جو فرض آهي: هيستائين ته فقط پنهنجي اولاد
ڏانهن حق پئي ادا ڪيا اٿئِي، اڃا ته منزل پري آهي!
پنهنجي مهجوريءَ کي مدنظر رکي، مظلوم ”مسلم عورت“
کي سجاڳ ڪرڻ جي نيت سان قلم هٿ ۾ کڻي، پنهنجي ئي
روح رنجائي ۽ چڪيل چاڪن کي چوري ڦولهي، دل، جا
بذات خود هڪ ڪتاب بلڪ هڪ خزانو آهي، ان جي معصوم
خيالن کي عطيه طور، وڃي پنهنجي اٻوجهه ڀينرن جي
آڏو عرض رک؛ ڇو ته لفظ ”عبادت“ جي اصل معنيٰ آهي
ئي اها ته الله تعاليٰ جي مجبور ۽ بيڪس بندن جي
رهبري ۽ واهر ڪئي وڃي؛ محبوب حقيقي سان واصل ٿيڻ
جو پڻ جو اهو هڪ ئي رستو آهي ته سندس ”حڪم جي
بجاوري“ ڪئي وڃي؛ جنهن لاءِ شاهه صاحب ٻين لفظن ۾
فرمايو آهي ته ”يا رهه وٽ پرين يا ڪر پچار پرين
جي“: تنهنڪري،
بيفشان بال و پرز آميزشِ خاڪ،
بــپـر تـا ڪ نگري ايوانِ افلاڪ.
حقيقت هيئن آهي ته منهنجي دل کي، دنيا جي ناجائز ۽
نامناسب روش، ۽ پرده نشين ڀينرن جي بي انتها دکن ۽
سندن پنهنجين عجيب غريب عادتن، ۽ اولاد ڏانهن بي
توجهيءَ تي بيحد ارمان ۽ عجب لڳندو آهي. سچ ته هن
ڪتاب جي لکڻ وقت، مون مس جي عوض، جگر جو خون ڪم
آندو آهي. آءٌ اميد ٿي رکان ته سنڌ جون ڀينرون،
هيءُ ڪتاب پڙهي، ان مان پورو پورو فائدو وٺنديون ۽
نئون انقلاب آڻينديون، جوئي هن بيقرار دل لاءِ
تسڪين جو باعث ٿيندو_ آمين! باقي، ”حال دل جو ته
آهي چوڻ کان وڌيڪ.“
جيڪڏهن باري تعاليٰ، انساني شِڪوي ۽ شڪايت کان
بالاتر آهي، ته گهٽ ۾ گهٽ، هي جو انسان انسان تي،
حڪمران رعيت تي، زميندار ڪـُڙمين تي، سرمايه دار
مزدورن تي ڪيس ڪري رهيا آهن، تن کي ظاهر ڪرڻ، ۽ ان
لاءِ کين مياردار بنائڻ ۾ ته ڪو قصور نه آهي! ڪيئي
حليم ۽ سليم نياڻيون، نااهل ۽ ڪند فهم ڊاڪـُن، ۽
رهزن سـَسـُن جي رخ چڙهيل آهن، جن کي روحاني،
جسماني ۽ دلي دُکن، گونگو، ٻوڙو ۽ بدحواس ڪري ڇڏيو
آهي. اڪثر، نيڪي بديءَ جي هٿ ۾، ملائڪ شيطان جي
هنج ۾، ۽ رحم ظلم جي وس ۾ اچي چـُڪو آهي، ۽ معلوم
هي ٿي رهيو آهي ته اسان پنهنجي ديس کي اڃا پارسا
عورتن جي لائق، مادر وطن ثابت ڪري نه سگهيا آهيون.
ڪاش! منهنجي سنڌ جون، منهنجون ڀينرون سجاڳ ٿين!
درسخن مخفي منم، چون بـُوي گل دربرگ گل،
هر که ديدن ميل دارد، در سخن بيند مرا.
شڪارپور
20 مارچ، 1955ع _ بادام
”ناتوان“
دعا
لوچان ٿي لاحد ۾، هادي! لهان نه حد.
ساون پنن جي وچ ۾ لڳندڙ نسيم جي نازڪ جهوٽن ۾؛
ڪارن ڪوئلن جي وچ ۾، ٻرندڙ باهه جي سونهري اُلن ۾؛
درياهه جي دهشت ڀرين ۽ امنگ اٿاريندڙ ڇولين ۾ـ
ميريءَ مٽيءَ مان پيدا ٿيندڙ، من موهيندڙ خوشبودار
گلن ۾؛ آسمان جي نيريءَ چادر، بدمست طوفان جي
گهوگهاٽ، هـُنَ جي راڳ، هِنَ جي جلوه آرائي ڏٺيم؛
يعني ڪائنات جي ڪـُل ڪار سازيءَ ۾، الله عزوجل جي
اڪبري قوت جا اظهار ڏٺم. اي عظيم ڪلاڪار! تون
واحد، پر تنهنجي جلي جا جمال سئو هزار ڏٺم:
”ڪوڙيين ڪايائون تنـهـنـجون لِکن لـَکَ هزارَ،
پـريم تـنـهـنـجـا پار، ڪهڙا چئي ڪيئن چوانَ“
_شاهه
اي ڄاڻڻهار! هر جاءِ هر حالت ۾، تنهنجي ئي مام ڀري
مصلحت ڏٺيم. هـُنَ جي عظمت، هِن جي هيڻائيءَ، هڪ
جي حـُسن، ٻئي جي ڪوجهائيءَ ۾ به، اي باري
بيپرواهه! اي نرمل نور! تنهنجوئي جلال ڪار فرما
نظر آيم: ڏسي ڏسي ڳوليم، ڳولي لڌم، لهي پاتم، ۽
دنيا جي رنگينيءَ کي بنهه ڀـُلايم: ڇو ته پنهنجيءَ
بي بسيءَ مان پڻ توکي ئي حاصل ڪيم. چنانچه ٻين کي
خوش، پاڻ کي غم ۾ رکيم؛ ٻين سان وفا، پاڻ سان دغا
ڪيم؛ مگر هر حال ۾، اي انساني دل ۾ رهڻ وارا
موليٰ! سندءِ آواز جي عزت رکيم، ۽ پاڻ کي نهايت
اطمينان ۾ ڏٺم:
”وڏي سـگـهه سـندياءِ، ٻاجھن ڀريو آهـين،
مون تان مهر مَ لاهه، آئون تنهنجي آهيانَ“ _شاهه
حميده جي ڪهاڻي
حميده ان گهر ۾ ڄائي هئي، جنهن گهر تي خدا جي خاص
عنايت هئي. ننڍن خواهه وڏن ۾، عجيب سلوڪ هوندو هو.
هر مرد ۽ عورت نيڪيءَ جي جنسي تصوير هئي. غرض ته
سـُونهن سوڀيا سان گڏ، نيڪ سيرت پڻ انهن کي عطا
ٿيل هئي.
حميده، هڪ چنڊ جهڙو چهرو، شڪل شباهت ۽ حسن اخلاق ۾
پنهنجو مٽ پاڻ هئي. گول مـُنهن، آبدار اکيون،
ڪشادي پيشاني، چمڪندڙ چهرو_ مطلب ته نه رڳو حـُسن
جي راڻي هئي، بلڪ ان سان گڏوگڏ، شرم و حيا،
پرهيزگاريءَ، بردباريءَ، خدمت گذاريءَ؛ صبرـ دک
برداشت ڪرڻ ۽ ٻين انيڪ خوبين جي مالڪياڻي هئي. مگر
افسوس جو حميده؛ اٺن سالن جي عمر ۾ يتيم ٿي، ۽
پوءِ بلوغت کي پهچڻ سان، دستور موجب، هن جي شادي
ٿي ويئي.
هيءَ دنيا آهي: پنهنجي دستور تي قائم آهي: دل ۽
انجي ذاتي جوهرن کان اڪثر بي خبر ۽ بي نياز آهي.
گهڻي قدر، هن دنيا ۾؛ انسان اهو ڪامياب آهي؛ جو
چالاڪ آهي، جو مڪر ۽ فريب ڄاڻي ٿو. سڌو سادو ۽
نيڪ سيرت انسان، ڪو مشڪل سان ڪامياب نظر ايندو.
نيڪي ۽ اخلاص جو قدر، عام طرح، هتي ٿئي ڪونه.
ماڻهن ۾ نه آهي اها چشم بينا ۽ نه اٿن حق ۽ انصاف
جو احساس، جو ڪنهن خوبيءَ ۽ خاصيت جي تميز ۽ قدر
ڪري سگهن.
حميده جو واسطو به اهڙن ماڻهن سان پيو هو، جن وٽ
نيڪ خصلتن جو قدر ڪونه هو. پنهنجي شريڪ حيات جي
اڍنگيءَ روش کان، حميده جي دل دائمي مغموم ۽
منجهيل رهندي هئي. هن جي حالت هميشه اهڙي غمزده
معلوم ٿيندي هئي، جهڙي جهرڪيءَ جي باز جي چنبي ۾
اچڻ وقت هوندي آهي. ويچاري حميده، پريشان پر خاموش
زندگي گذارڻ لڳي. هوءَ يتيم هئي؛ آخر پنهنجي درد
جي دانهن ڪنهن کي ڏئي!
حميده جي نماڻي دل، جا اڳيئي دکايل هئي، سا ڏينهون
ڏينهن ويئي وجهلندي ۽ ڳڻتين ۾ ڳرندي جهرندي. سسڻس
جي رِنجهه ڪِنجهه هڪ طرف، ۽ مڙس جو ڏاڍ ۽ ڏمر ٻئي
طرف. دنيا هن جي دردوند دل کي خوب ستايو. حميده جي
دل، جهوريءَ ۾ جهڄندي، اوسيڙن ۽ ارمان جا انبار گڏ
ڪري، حسرتن جو مرڪز بنجي پيئي. هن جو سينو سوز سان
ڀرپور ٿي ويو، ۽ نراس ٿيڻ لڳي ته سهڳ ته سنئون نه
آهي؛ ڪٿي اولاد جي حق ۾ اُميديون اجايون نه وڃن!
هوءَ هاڻ محسوس ڪرڻ لڳي ته:
”ٽڙياسين دامن صحرا تي، خوشبوءِ ئي اجائي ويئي،
خدا معلوم، ڪنهن رنگين چمن ۾ ڇو نه ڄاياسين.“
هن، دل جي سور کي دل ۾ پالي وڏو ڪيو؛ دنيا کي وڌيڪ
غور سان جانچيو؛ زال ذات جي بي بسيءَ کي پڙهيو ۽
پروڙيو. هن جي دل؛ دريا وانگر موجز هئي، جنهن ۾
جذبات جو طوفان متل هو، ۽ دل ئي دل ۾ چوندي هئي:
”اي خاتون! جڏهن توکي بيدرديءَ سان ٺڪرايو وڃي،
جڏهن تنهنجي هر خدمت بي معنيٰ سمجهي وڃي، جڏهن
تنهنجي هر لياقت نظر انداز ڪئي وڃي، جڏهن توکي ڪو
رفيق حيات بنائي پوءِ به رفيق نه رهي، ته پوءِ عين
اهڙن نازڪ ۽ نراس لحظن ۾، تنهنجي جذبات ۾ ولولو نه
پيدا ٿئي، خون ۾ جوش ۽ جنبش نه اچي، ۽ اهڙي قسمجي
ظلم۽ تشدد ۽ انسانيت سوز ڪارروائين خلاف آواز بلند
نه ڪرين، ته پوءِ حيف آهي_ صد بار حيف آهي، تنهنجي
هستيءَ تي!“
مگر هيءُ سڀڪجهه سمجهڻ جي باوجود به، هوءَ ڪري
ڪجهه نٿي سگهي؛ ڇو ته هوءَ بيوس هئي؛ ۽ جهڙا تهڙا
حياتيءَ جا ڏينهن ڪاٽيندي ٿي رهي. ڪڏهن ڪڏهن تنگ
ٿي ۽ زندگيءَ مان بيزار ٿي، هيءَ بي بس عورت،
درگاهه عاليءَ ۾ پڪارڻ ۽ ٻاڪارڻ لڳندي هئي ته ”اي
ذات پاڪ! مون کي پنهنجي حضور ۾ گهراءِ! هن قسم جي
زندگي آءٌ وڌيڪ عرصي لاءِ نٿي سهي سگهان!“
هيءُ، ان جهوني ۽ جهل جي پاتال ۾ پيل زماني جو ذڪر
آهي، جنهن زماني ۾، والدين نياڻين جي عاقبت کان
وڌيڪ رسم ۽ رواج جو خيال رکندا هو. هو، ان جي شادي
اڪثر پنهنجي ڪنهن عزيز سان ڪرائيندا هئا، چاهي اهو
ڪهڙو به جاهل ۽ نااهل هجي _ ڇوڪريءَ جي زندگي
هميشه لاءِ تلخ رهي يا تارج ٿي وڃي: ڇا هڪ پارسا ۽
عابد عورت، ڇا هڪ بدڪردار مرد!
آخر قدرت کي حميده تي قياس آيو. حميده جي مڙس کي
بوتل سان اڻکٽ محبت هئي، ۽ بوتل وگهي ئي، هڪ ڏينهن
اوچتو حميده جِي هميشه لاءِ جند آزاد ڪري، راهه
رباني وٺي رمندو رهيو.
حميده، پاڻ کي اڪيلي سمجهي؛ يا پنهنجي ارد گرد
پنهنجا ٻه ٻچا ڏسي؛ ڪڏهين به نااُميد يا نراس نه
ٿي. هوءَ هڪ پاڪدامن ۽ پارسا عورت هئي؛ ۽ هن کي
پنهنجي پروردگار ۾ پورو پورو ڀروسو هو. هن کي
معلوم هو ته:
”ڪـار سازِ مابفڪ ڪارِ ما؛
قڪرِ مادر ڪارِ ما آزارِ مـا.“
خداوند تعاليٰ سڀڪنهن لاءِ روزيءَ جو ذمو کنيو
آهي؛ سندس نالو ئي رازق آهي ته پوءِ غم ڇا جو:
”خدا داري، چه غم داري، دهد روزي هزاران را“_ ها،
ايترو ضرور آهي ته انسان کي ڪوشش ڪرڻ کپي: سو
حميده، پراڻيءَ رسم مطابق، سال کن عدت ۾ ويهڻ کان
پوءِ، پنهنجن معـصوم ٻـچن جـي پـرورش ۽ گذاري لاءِ
محنت مزدوري شروع ڪئي: جو انسان بک، بيروزگاريءَ،
بيماريءَ ۽ ٻين دنياوي دُکن جي داٻ هيٺ اچي ٿو، ۽
پوءِ هـُو پنهنجي سموريءَ خداداد قوت سان، ناساز ۽
پريشان ڪندڙ حالتن کـي سـازگار بنائـڻ لاءِ، عزم ۽
استقلال سان مردانه وار مقابلو ڪري ٿو، اهو نيٺ
فتح پائي ٿو. ان وقت اهڙي انسان جي دل ۾ سـُکن ۽
خوشين جي تمنا نٿي رهي. هن جو آُدم ۽ اورچائي محض
مصيبتن کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ ئي قائم رهي ٿي.
ساڳي حالت حميده جي هئي. هوءَ پنهنجي آرام ۽ آسائش
کي هڪ طرف رکِي، ۽ پنهنجي نفس جي دنيا ڀـُلجي،
ڏينهن رات پنهنجي اولاد جي پرورش ۽ پالنا جي خيال
۾ محو ۽ مصروف رهي. هن کي جيڪڏهن ڪا تمنا ۽ آرزو
هئي، ته فقط اها ته پنهنجي اولاد جو عروج ۽ اقبال
ڏسان. اها خواهش ۽ اهو ارادو، سندس هڪ انقلابي
خواهش ۽ هڪ انقلابي ارادو هو: ڇاڪاڻ ته تِن ڏينهن
سندس ديس ۾، ويچاري عورت، معصوم ٻارڙن وانگر، اڃا
پنهنجن پيرن تي به بيهڻ ڪين سِکي هئي. هن صورت حال
۾، هن صاحبدل خاتون جا خيال ۽ ارادا جنسي عرش تي
اڏامندا رهيا. |