عشق جو سودو، درحقيقت، سر ساهه جو سودو آهي. هيءُ
قربانيءَ جو ميدان آهي، ڪوس گهر آهي: هتي سر جي سٽ
آهي، دنيا، مال، اولاد ۽ جان سڀڪجهه نذر ڪرڻو ٿو
پوي.
”عشق ناهي راند، جيئن کيڏن ڳڀرو،
سسي نيزي پاند، اڇل ته اڌ ٿئي!“_شاهه
عشق واقعي آسان معاملو نه آهي. عشق جي راهه پرخطر
آهي، جتي هزارها مصيبتن جو مقابلو ڪرڻو پوي ٿو،
صدها آزمائشن جي هيٺ اچڻو پوي ٿو. عشق، پنهنجي
دعويدار جي سچائي ۽ ثابت قدمي پرکڻ جي ڪوشش ڪندو
آهي. رنج ۽ مصيبت، عشق جو لازمي نتيجو آهن.
نااميدي ۽ ناڪامي، ان جي سفر جا سامان آهن.
درحقيقت، اهو درد، جو عشق، انسان جي دل ۾ پيدا ٿو
ڪري، ان جي ئي بدولت سڀ منزلون ۽ مرحلا طئه ڪري،
هڪ عشق، هر آزمائش ۽ هر امتحان ۾ ڪاميابي پائي،
وصال حق حاصل ڪري ٿو سگهي.
هيءُ درد بذات خود دست جي در وٽ پهچڻ جو ذريعو ٿئي
ٿو، ۽ درد مان ڦري دوا ٿئي ٿو. جنهن هن درد کي درد
سمجهي قدم هٽايو، سو وصال يار کان محروم رهجي
ويندو: جو اڳتي وڌيو، تنهن يار پاتو! عشق جو درد
ئي عشق جو رهبر آهي. سواءِ درد جي، سواءِ رنج ۽
مصيبت جي، هيءُ مشڪل حل نه ٿيندو سچ ته هيءُ آهي
ته عشق جو درد، درد نه آهي؛ بلڪ هڪ پرلطف ۽ ناياب
سرور ۽ راحت آهي، جنهن جي لذت پنهنجو مٽ پاڻ آهي.
هيءُ درد يا غم اهو نه آهي، جنهن ۾ هڪ ظاهر پرست
يا نفس جو غلام گرفتار آهي. هيءُ عشق جو غم، ظاهر
بين لاءِ، عذاب مثل؛ ۽ عاشق لاءِ هزار نعمتن جو
سرچشمو آهي. هو؛ پنهنجي محبوب جي جسماني گرفتار ۽
رفتار ۾ الله عزوجل جا اونها اسرار ڏسي ٿو، ۽
انهيءَ سپرينءَ جي سونهن مان سالڪ بنجي پنهنجي
حقيقي مالڪ جي جستجو ڪري ٿو.
”صحيح سڃاتم سپرين، يار يقينو ٿيون،
’خلق الاشيا و هو عينهما‘ شڪ وچون ٻيو ويو!“_
پوءِ جيڪڏهن، هڪ دفعو عشق حقيقيءَ دل ۾ ديرو
ڄمايو، ته پوءِ دنيا جون هزار نعمتون هڪ طرف، ۽
درد دل جو لطف ٻئي طرف: ڇو ته عشق جي بيمار جي
سيني ۾؛ جو محبت جو سيلاب وڌندو رهندو، سو سڄيءَ
دنيا کي هن لاءِ زهر مثل ڪري ڇڏيندو. اهوئي سبب
آهي، جو هڪ عاشق، دنيا جي هر شيءِ کي يار جي خاطر
قربان ڪري ٿو. جان، مال، اولاد، عيش آرام ۽ ٻيون
دنيا جون سڀ لذتون هن جي نظر ۾ هيچ آهن، ۽ فقط
وصال يار هن لاءِ حيات جاودان ۽ پنهنجي دل جي
خوشيءَ ۽ شادڪامي جو سبب آهي. پروانو شمع تي عاشق
آهي: هو ڪيئن شمع لاءِ تڙپي، سڙي ۽ پچي ٿو! سوين
عذاب سهي ٿو، پر پري نٿو ٿئي، تان جو جان فدا ڪري
ٿو. شمع جو عشق، پرواني کي پنهنجي مصيبت، عذاب بلڪ
حياتيءَ کان به بي نياز بنائي ٿو ڇڏي. پنهونءَ جو
عشق، سسئيءَ کي جهنگ ۽ جبل رلائي ٿو: هوءَ وادين ۽
ماٿرين ۾ ڀڄي ٿي؛ ڊڪي ٿي، ۽ پهاڙن ۾ پنهونءَ لاءِ
پڪاري ٿي؛ پر جي مرن ۽ بلائن کان بي خطر ۽ پنهنجي
موت يا حياتيءَ کان بي فڪر ٿي، پنهنجي پياري
پنهونءَ لاءِ، آخر پنهنجي قيمتي حياتي ڏيڻ لاءِ
تيار ٿئي ٿي. مجنون، ليليٰ جي عشق ۾ پنهنجو خون
سڪائي ٿو. سهڻي، ميهار جي وصال خاطر، بي تحاشا
درياءَ جي پرشور لهرين ۾ پاڻ اڇلائي ٿي، ۽ پنهنجي
جان جي ڪا به پرواهه نه ڪري، آخر درياءَ جي بدمست
موجن ۾ لڙهي رواني ٿئي ٿي.
جڏهن مجازي عشق جي پرستارن جو اهو حال آهي،تڏهن
اهي سالڪ جيڪي محبوب حقيقيءَ جا متوالا هوندا، سي
ڇا ڇا نه ڪري سگهندا! ڪٿي عشق حقيقي، ۽ ڪٿي عشق
مجازي! جيڏو وڏو نالو الله جو، اوڏوئي بلند مرتبو
سندس عشق ۽ عاشق جو آهي، ۽ اوتري زياده آهي سندس
عشق جي ڪشش ۽ ان جي لذت. اهڙي محبوب ۽ ان جي وصال
لاءِ، ڪو عاشق هڪ نه بلڪ هزار جانيون قربان ڪرڻ
لاءِ تيار ٿئي، ته به سودو کيس سستو ئي اڪلندو.
”جي ڪر قيام مڙن ته به اوڏا سپرين،
تنهان ڏور سجهن، واڌايون وصال جون!“_ شاهه
عمل ۽ عبادت
عمل:
انسان جي روزاني رهڻي ڪهڻيءَ، چال چلت، ۽ ٻين
انسانن ڏانهن سندس نيڪ خواهه بدسلوڪ ۽ وهنوار کي
”عمل“ سڏيو وڃي ٿو. جزا ۽ سزا به نيڪ ۽ بد عمل جي
ماتحت، درگاهه عاليءَ مان ملي ٿي، ۽ نه عبادت جي
ڪثرت يا قلت جي خيال کان.
”انسانيت“ جو سمورو دارومدار ”عمل“ تي آهي، ۽ نه
انساني صورت تي. گناهن جا داغ به نيڪ عمل ۽ توبهه
تائب ٿيڻ سان صاف ٿي سگهن ٿا، ۽ نه ”عبادت“ سان.
الله پاڪ کي اسان جي عبادت جي پرواهه ناهي: جِنَ،
مـَلڪ، حورون، پريون، پکي وکڻ، انسان حيوان، سڀ هن
جي عبادت ۾ محو آهن. عبادت برابر انسان کي الله
سان واصل ٿي ڪري، مگر نيت صاف ۽ عمل پاڪ کان
سواءِ، عبادت کي هڪ ”اٽڪل“ چئجي ته به بجا آهي: ۽
”اٽڪل“ سان الله نه ملندو آهي.
انسان هڪ مٽيءَ جو ڀانڊو، هوس جو مرڪز ۽ حرص جو
پتلو آهي. حالتن جي لحاظ کان، هو، بجنسي هڪ جانور
جو مجسمو آهي؛ مگر روحاني قوتن جي خيال کان، هو
”اشرف المخلوقات“ آهي: ڇو ته هو انهن قوتن جي
ذريعي الله سائينءَ جي قريب ٿي سگهي ٿو؛ ۽ پنهنجي
ذهني قوت جي ڪري، باقي مخلوق تي (جا به دنيا ۾
آهي) غالب آهي.
بزرگن جو قول آهي ته پهرين ”حقوق العباد“ جو انسان
تي وڏو بار آهي، جنهن ۾ هن کي عورت، اولاد،
والدين، پاڙيسرين، ۽ پوءِ هر انسان ذات (بکين،
ڏکين، اگهاڙن ۽ عاجزن) ڏانهن، پنهنجي وسعت آهر، حق
ادا ڪرڻا آهن: ۽ پوءِ ”حقوق الله“، يعني پنهنجي
مهربان مالڪ ڏانهن بندگيءَ جو فرض کيس بجا آڻڻا
آهن، عبادت ۾ محض هن جي حضور ۾ ”ادب جا تحفا“ عرض
رکڻا آهن، ۽ عمل ۾،
هن جي هر امر
جي اطاعت ڪرڻي آهي. هاڻي امر ڀلو يا ادب! ان لاءِ
حديث آهي ته ”اَلامر فوق الادب“ (امر، ادب کان مٿي
آهي). ”اَمر“ جي معنيٰ آهي حـُڪم، ۽ حڪم جي پيروي
هيءَ آهي ته جا ڳالهه حاڪم کي ناراض ڪري، ان کان
قطعاَ َ پرهيز ڪرڻ، ۽ هڪ حاڪم سان گڏ، ٻيءَ ڪنهن
چيز جي اطاعت نه ڪرڻ.
ماڻهن جي اکين ۾ سرمون وجهڻ، ۽ دنيا کي ٺڳڻ وارن
کي سمجهڻ گهرجي ته جهان جو خالق، دلين جو مالڪ ۽
ڄائڻهار آهي. انسان، جنهن نيت سان، جو به فعل ڪري
ٿو، سو هن کان ڳجهو نٿو رهي؛ ۽ ”نيڪ را نيڪ، بد را
بد“ حساب مندو ئي ٿو رهي.
قادر مطلق، انسان ذات ۾ ٻن قسمن جون قوتون ۽
خواهشون ميسر رکيون آهن: پوءِ، ماڻهوءَ جي دل ۽
دماغ ۾، انهن ٻن طاقتن جي ڪشمڪش ۽ مقابلو ٿيندو
آهي. اهي ٻه چيزون، هڪ ”رحماني“ ۽ ٻي ”شيطاني“
طاقتون آهن. رحماني قوت، روحاني ڳالهين جهڙوڪ
عبادت، زهد، تقويٰ ۽ نيڪيءَ لاءِ ترغيب ڏئي ٿي، ۽
بد ڪمن لاءِ ملامت ڪري ٿي؛ شيطاني قوت، انسان کي
نيڪيءَ جي رستي کان هٽائي، بديءَ ڏانهن هلڻ تي
آماده ڪري ٿي. هنن ٻن قوتن کي ٻين لفظن ۾ ”روح ۽
نفس جون خواهشون“ ٿو چئجي. انسان کي، الله تعاليٰ
ڪنهن حد تائين فعل مختار به ڪيو آهي. هن کي جائز
خواه ناجائز جي سمجهڻ جي قوت به ڏني آهي. هر هڪ
شخص کي ”ضمير“ به خدا ڏنو آهي، جنهن کي اندر جو
آواز به سڏجي ٿو، ۽ ان ۾ اها طاقت آهي، جو هو
فوراَ َ ٻڌائي ڏئي ٿو، ته هيءُ ڪم ڀلو آهي يا برو
آهي، جائز آهي يا ناجائز آهي؛ هي ڪجي يا نه ڪجي،
وغيره وغيره.
پر جيڪڏهن ڪو انسان، فطرت جي پسند ڪيل دستور جي
حڪمن جي خلاف ورزي ڪندو رهندو، اندر واري جي آواز
جي حڪم تي نه هلندو، ۽ باز نه ايندو، ته ڪو وقت
اهڙو ضرور ايندو، جو هن کي ڪنهن به قسم جي گناهه
ڪندي، پشيماني نه ٿيندي. هيءَ اها حالت آهي، جنهن
کي پهچڻ کان پوءِ، انسان پنهنجي ”انسانيت“ وڃائي
ٿو ويهي. هن جي روحانيت دفنائجي ٿي وڃي. هن جو وري
خدا ڏانهن موٽڻ مشڪل ٿو ٿئي، ۽ روح ۽ ايمان جي
شڪست سبب، هڪ شتر بي مهار جيان، هو گناهه جي انتها
۾ ٿو وڃي پوي. اهڙن انسانن لاءِ، خداوند تعاليٰ
قرآن شريف ۾ چيو آهي ته ”اهڙن ماڻهن جي دلين تي
مهر هنئي ويئي آهي: هـُو ڪنن هوندي ٻوڙا آهن، ۽
اکين هوندي انڌا آهن.“ هنن جي دل، صحيح حقيقت کي
سوچي ۽ سمجهي نه سگهندي. هنن جو دماغ، عاقبت ۽
آخرت جي معاملن کي سلجهائي نه سگهندو. هو اهو
سمجهي نه سگهندا ته انسان، هن دنيا ۾ مهمان آهي، ۽
فقط چند ڏينهن لاءِ تماشو ڏسڻ آيو، ۽ هيءَ دلفريب
دنيا، الله ۽ انسان جي وچ ۾ هڪ پردو آهي: پردو پري
ڪيو ته پرين سامهون آهن.
حديث آهي ته ”دنيا هڪ ڍونڍ آهي، ۽ ان جا طالب
ڪـُتا آهن“. تنهنڪري، صالح انسان کي، هن طلسمي ڄار
۾ ايترو گرفتار ٿي، پاڻ کي گنهگار ۽ شرمسار ۽ سزا
الاهيءَ جو حقدار نه ڪرڻ گهرجي. کيس، هميشه، دنيا
جي عذاب، سڪرات جي عذاب، ۽ قبر جي عذاب،۽ مرڻ واري
وقت کان قيامت تائين واري عرصي، جنهن کي ”عالم
برزخ“ چئجي ٿو، ان جي عذاب جو خيال رکڻ گهرجي.
پوءِ، جن جا عمل صالح آهن، انهن کي ”اندر باغ
بهاريا، ٻيا ميوا منجهيئي“ ٿي ملندا، ۽ قبر ۾ آرام
۽ سڪون سان رهندا، ۽ انهن کي قبر کان قيامت تائين
وارو وقت، ”ٻه رڪعتون نفل“ جيترو معلوم ٿيو. پر
.... هڪ گنهگار، اهو ساڳيو وقفو سمجهندو ته هزارها
سال آهن، ۽ اهو سڄو وقت هـُو قبر جي عذاب ۾ گرفتار
هوندو. مگر ڪوتاهه بين انسان ڪجهه به نٿو سمجهي:
”مرد مان را سربسر در خواب دان،
گشت بيدار آنڪ رفته از جهان“.
الله پاڪ قيامت جي ڏينهن سڀني کي وري وجود ۾
آڻيندو: اهو اسان مسلمانن جو عقيدو ۽ ايمان آهي.
حساب ڪتاب ٿيڻ کان پوءِ، صالح بهشت ۾ ويندا، ۽
گنهگار، دوزخ ۾: ۽ ان کان پوءِ سڀني کي ”حيات
ابدي“ ملندي، سڀ جوان رهندا، نه پيرسن ٿيندا ۽ نه
مرندا.
ان مان ظاهر آهي ته هي انساني جامو، عارضي وقت
لاءِ، هڪ سعيد موقعو آهي. هن دنيا جي نعمتن ماڻڻ
سان گڏ، اسان کي گهرجي ته محبوب حقيقيءَ جي حضور ۾
حاضر ٿيڻ لاءِ عبادت جي تحفي سان گڏ، نيڪ عمل جو
توشو به ساڻ کڻون، تان ته وٽس مقبوليت پائي سگهون.
عبادت:
عبادت جي معنيٰ آهي بندگي: هر نيڪ فعل، جو نيڪيءَ
جي ارادي، ۽ خدا جي واسطي ڪيو وڃي ٿو، سو عبادت ۾
داخل آهي. انسان ذات کي، خداوند تعاليٰ فقط
پنهنجيءَ عبادت لاءِ پيدا ڪيو آهي: جيئن قرآن شريف
۾ فرمايل آهي ته ”جـِنَ ۽ انسان عبادت لاءِ ئي
پيدا ڪيا ويا آهن“. پارسيءَ واري پڻ چيو آهي ته
”زندگي آدم براي بندگي ست،
زندگي بي بندگي شرمندگي ست“.
پر، جيڪو انسان غافل رهيو، ۽ پنهنجي اچڻ جي مقصد
کي وساري ويٺو، ۽ پنهنجي معبود جي عبادت کان منهن
موڙيائين، تنهن کي انساني درجي کان ڪريل ئي سمجهڻ
گهرجي.
انسان جو درجو، خدا عزوجل سٺي مخلوقات کان بالاتر
ڪيو آهي، ۽ هن کي ”اشرف المخلوقات“ جي لقب سان
نوازيو آهي. ملائڪ، ڏينهن رات خدا جي عبادت ۾ رهن
ٿا، جن کان ڪو به گناهه سرزد نٿو ٿئي، انهن کان به
انسان جو درجو مٿي ڪيو اٿس: ڇو ته ملائڪ، هر
نفساني خواهش کان پاڪ آهن، هنن جي ذهن يا خيال ۾
ڪنهن به گناهه جو ارادو پيدا ٿي نٿو سگهي، ۽ نه هو
ڪو گناهه جهڙو ڪم ڪريئي ٿا سگهن، ۽ نه اهڙي ڪا
اهليت ئي رکن ٿا: تنهنڪري ئي هو سڄو وقت عبادت ۾
رهن ٿا. مگر انسان جي حالت نرالي آهي. هن ۾ خدا
تعاليٰ، نـُوري ۽ ناري، ملڪوتي ۽ حيواني قوتون
رکيون آهن، جنهنڪري هو هڪ وڏي آزمائش هيٺ آهي.
انسان، نفس ۽ شيطان ۽ دنيا ۽ انهن جي خواهشن سان
ٽڪر کائي، پاڻ بچائي، ۽ انهن کي شڪست فاش ڏيئي،
پنهنجي معبود حقيقيءَ جي عبادت جي طرف قدم وڌائي
ٿو، ۽ پوءِ ئي پاڻ کي سچو ٻانهو ثابت ڪري ٿو.
اهوئي سبب آهي جو کيس اشرف المخلوقات جو لقب عطا
ٿيو آهي.
اها حقيقت آهي ته نيڪيءَ جا ڪم بظاهر ڏکيا ۽ مشڪل
نظر ايندا، ۽ هر بڇڙو ڪم سهل نظر ايندو، ۽ ان ۾
لذت نفساني آهي. انسان جي نفس جي تقاضا آهي ته هو
عيش ۽ آرام ۾ رهي، ۽ تڪليف کان بچي. مثلاَ َ، روزي
رکڻ جي حالت ۾ انسان کي بک ۽ اُڃ جي تڪليف سهڻي
پوي ٿي، ۽ پڻ هر نفساني خواهش کي ضبط ڪرڻو پوي ٿو.
هن کي: ”هوش دردم، نظر برقدم، خلوت در مجلس“ ٿي
دنيا ۾ وڏي ذميواريءَ سان هلڻو ٿو پوي. مرد مجاهد،
انهن بلڪ هزارها ٻين تڪليفن ۽ خوف ضابطگين جي
باوجود چوندا آهن: ”اسان الله پاڪ جو اڃا حق ادا
ڪري نه سگهيا آهيون“.
رات جو اٿي ٿڌ يا گرميءَ ۾ عبادت ڪرڻ، مٺي ننڊ
ڦٽائي، راهه حق ۾ جنگ ڪرڻ يا شهيد ٿيڻ، مال اولاد
جي قرباني ڪرڻ وغيره سڀ عبادت ۾ داخل آهن، پر هي
سڀ ڪم نفس لاءِ تڪليف ده ۽ مشڪل آهن، ۽ انهن سڀني
ڪمن جو نه ڪرڻ، نفس لاءِ نهايت آسان آهي. روزي رکڻ
جي عيوض، سڄو ڏينهن، کائڻ پيئڻ ۽ عيش ڪرڻ، يا رات
جو ننڊ ڦٽائي، عبادت ڪرڻ جي عيوض، ننڊ ۽ آرام ڪرڻ،
يا جنگ جي ميدان ۾ وڃي، جان ڏيڻ جي عيوض، پنهنجي
گهر سلامتيءَ سان ويهي رهڻ، اهي سڀ ڳالهيون نفساني
خواهشن جي
مطابق آهن. اهڙيءَ طرح، نيڪيءَ ۽ عبادت جي راهه ۾، نفس ۽ ان جون
خواهشون، رڪاوٽون آهن؛ ليڪن خداوند تعاليٰ، انسان
ذات جي هن مشڪل جو حل به پيدا ڪيو آهي: يعني کيس
اهو وجدان بخشو اٿس، جنهن جي مدد سان، هو نيڪيءَ ۽
بديءَ جي وچ ۾ امتياز ڪري سگهي ٿو، ۽ ان سان گڏوگڏ
انسان کي عقل ۽ فهم به عطا ڪيو اٿس، ته جيئن هو هر
ڳالهه کي سمجهڻ جي اهليت رکي. ساڳئي وقت، انسان کي
هڪ حد تائين فعل مختيار به ڪيو اٿس: يعني هن ۾ اها
صلاحيت رکي اٿس، جو هو بديءَ سان مقابلو ڪري، پاڻ
بچائي سگهي ٿو. ايترين ڳالهين کان پوءِ به ڪو
انسان وڃي الجهن ۾ پوندو، ۽ نفس ۽ دنيا جي خواهشن
۾ پاڻ مبتلا ڪري، خدا کي وساري ويهندو، ته اهو وڏو
بدبخت آهي ۽ سزا جو مستحق آهي.
مٿي بيان ڪيو ويو آهي ته نيڪيءَ جي ڪم ۾ وڏيون
قربانيون ڪرڻيون پونديون آهن، ۽ هر نيڪيءَ جو ڪم
مشڪل هوندو آهي، ۽ هر بدي آسان ۽ سهنجي، پوءِ ڀلا
ڪهڙي آڌار تي انسان پاڻ کي تڪليف ۾ وجهڻ لاءِ تيار
ٿيندو ۽ ايتريون قربانيون ڪندو؟ ان سڄيءَ ڳالهه جو
دارومدار، انسان جي اعتقاد ۽ ايمان تي آهي. جيڪڏهن
اعتقاد درست نه هوندو ۽ ايمان پختو نه هوندو، ته
ڪو به انسان عبادت هرگز ڪري نه سگهندو، ۽ نه هن کي
عبادت مان ڪو لطف ايندو. جيڪڏهن دل ۾ اهو اعتقاد
هوندو ته نيڪ ڪمن ۽ نيڪيءَ ڪري خدا راضي ٿيندو،
خدا جو پاڪ ڪتاب ۽ ان جا واعدا سچا آهن، قيامت
ٿيندي، جزا سزا جو ڏينهن ٿيندو، دوزخ ۽ بهشت آهن،
قبر جو عذاب به آهي، هر گناهه جي سزا ۽ هر نيڪ عمل
جو ثواب آهي، خدا جي راهه ۾ جيڏي وڏي قرباني ڪبي،
اوترو هن جو لطف ۽ نوازش جي نظر ٿيندي، ۽ اوتريون
نعمتون حاصل ٿينديون: جيڪو به انسان انهيءَ اعتقاد
جو هوندو ۽ پختو ايمان جو هوندو، بس اهوئي نيڪ
عملن جي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. هو پاڻ، پنهنجي اهل
اولاد، مال ملڪيت کي قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿيندو؛
ڇو ته هو ڄاڻي ٿو ته ان قربانيءَ جي عيوض خدا وٽ
تمام وڏو آهي. خدا وٽ هر نيڪ عمل جو قدر ۽ قيمت
آهي. هن اعتقاد تي، هو پنهنجا سڀئي دين دنيا جا
مطلب، پنهنجي خالق جي اختيار تي ڇڏي،پاڻ ”ٿي تحقيق
تسليم سين لاهي غم و هم“، فقط خدا جي ياد ۾ محو
رهي ڪري، راه راست تي ئي ثابت قدم رهي ٿو. هن قسم
جي يقين محڪم سان هو پنهنجا ٻئي جهان موچارا ڪري،
وڃي حاصل حضور ٿو ٿئي.
پر هتي وري اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته عبادت، جا
بظاهر ڪئي وڃي ٿي، سا واقعي عبادت آهي يا نه؟ ان
لاءِ حديث آهي ته ”الاعمال بِالنّيات“، يعني سڀ
عمل نيتن تي آهي. سو، هر عبادت جو ڪم عبادت آهي،
جيڪڏهن اهو ڪم نيڪ نيتيءَ سان، خدا جي واسطي، ڪيو
ويو هجي. عبادت اها آهي، جي رياءَ ۽ ڏيکاءُ کان
پاڪ هجي، ۽ انهيءَ نيت سان نه هجي ته ماڻهو نيڪ يا
چڱو چون. تنهنڪري، عبادت کي هڪ ”رسم“ سمجهي ادا نه
ڪجي، پر محبت ۽ عقيدت سان، هڪ نيازمندانه فرض
ادائيءَ طور ان کي ادا ڪرڻ گهرجي.
”تون سمنڊ آءٌ سيڪڙو، تون ڏاتار آءٌ ڏوهه؛
تون پارس آءٌ لوهه، جي سڃين ته سون ٿيا!“_شاهه
اڪثر ڏٺو ويو آهي ته عبادت يا هر نيڪ ڪم، بطور
نمائش جي ڪيو وڃي ٿو. ڪيترا اهڙا ماڻهو آهن، جي
بظاهر پرهيزگار ۽ نيڪ آهن، پر روزمره جي معاملات
۾، هنن کان وڌيڪ بدتر ماڻهو نه ملندو. ان جو سبب
هيءُ آهي ته هو عبادت نيڪ نيت ٿي نٿا ڪن، جنهنڪري
ان جو اثر به نٿو ٿئي، ورنه هن جي طبيعت ۽ ذهنيت
ڀلا ڇو نه بدلجي، ۽ هر معاملي ۾ صاف ۽ سٿرا ڇو نه
هجن، ۽ هزارها الاهي آزمائشن جي باوجود، هو ڇو ڪين
اطمينان جي زندگي بسر ڪن؟ رياءَ وغيره جي دوکيبازي
پڻ نفس ۽ شيطان جي شرارت جو نتيجو آهي. خاص طرح،
رياءَ جي معاملي ۾ شيطان نهايت عجيب غريب طريقا
اختيارڪري، ٻانهي کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي،
۽ هن کي راهه راست کان ڀٽڪائي، وڃي وڏيءَ الجهن ۾
وجهندو آهي. رياءُ هڪ وڏي موتمار بيماري آهي، جا
اسان جي نيڪ عمل ۽ عبادت کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏي ٿي:
ظاهري هر قول، فعل ۽ عبادت سان گڏ، انسان جو باطل
يعني نيت به ٺيڪ ۽ نيڪ هئڻ گهرجي، ورنه عبادت،
عبادت نٿي رهي.
صحيح معنيٰ ۾، عبادت جو معيار اڃا بلند آهي؛ جو
ڪجهه بيان ڪيو ويو آهي، اهو عام ۽ رواجي ٻانهي سان
واسطو رکي ٿو. خدا جا خاص ۽ نيڪ ٻانها اهي آهن،جن
جو مقصد فقط الاهي رضا حاصل ڪرڻ آهي: هنن جو مرڻ ۽
جيئڻ، خدا جي واسطي آهي. هو دنيا ۽ ان جي هر خواهش
۽ هوس کان، ۽ آخرت جي هر نعمت کان بي نياز آهن. هو
عبادت، بهشت ۽ ان جي نعمتن حاصل ڪرڻ لاءِ يا دوزخ
۽ ان جي عذاب کان بچڻ لاءِ ڪونه ٿا ڪن. هنن جي
دلين ۾ نه بهشت جي تمنا ۽ خواهش آهي، ۽ نه دوزخ ۽
ان جي عذاب جو ڀو آهي. هو عبادت، کي وصال حق جو
ذريعو سمجهي ۽ فرض سمجهي ٿا ڪن. هو عبادت کي
زندگيءَ جو مقصد ٿا سمجهن. هنن لاءِ عبادت هڪ روشن
چراغ آهي، جنهن جي اجالي ۾ هو پنهنجي مالڪ ۽ معبود
کي ڳولي هٿ ٿا ڪن: تنهنڪري، هو هر قربانيءَ لاءِ
تيار آهن. اهڙيءَ عبادت ۾ جو لطف آهي، اهو دنيا جي
ٻيءَ ڪنهن به شيءِ ۾ نه آهي؛ ۽ اهوئي سبب آهي جو
زاهد جي دل هر لمحي، خدا جي ياد ۾ محو ۽ مصروف
رهي ٿي.
پرهيزگاري
”پرهيزگاري“لفظ جي معنيٰ آهي پاڪيزگي، گناهن کان
پرهيز ڪرڻ يا پري رهڻ. لفظ پرهيز گاري بذات خود
دلفريب ۽ دلچسپ آهي. هيءَ اها خاصيت آهي، جنهن جي
بنا تي انسانيت، روحانيت ۽ ايمان جي ديوار کڙي ڪجي
ٿي. هيءَ صفت، الله تعاليٰ کي بلڪل محبوب ۽ پسند
آهي، ڇو ته خداوند تعاليٰ پاڻ پاڪ آهي، ۽ انهيءَ
ڪري پاڪيزگي پياري اٿس. هيءَ صفت، مرد ۽ عورت ٻنهي
لاءِ سينگار آهي. ۽ ان کان سواءِ ٻيئي بي زيب ۽
بيڪار آهن. پرهيزگاري، انسان کي فرش کان عرش تي
پهچائي ٿي، ۽ ملائڪن کان به سندس مرتبو مٿي ڪري
ٿي. ملائڪن جي پاڪيزگي، سندن خوءِ ۽ عادت آهي، جو
انهن ۾ نفساني خواهشون عدم موجود آهن: هو فطرتي
طور تي ڪو به گناهه نٿا ڪري سگهن. باقي انسان کي
پنهنجي نفس ۽ دنيوي خواهشن سان مقابلو ڪري، پنهنجي
عصمت ۽ پرهيزگاري رکڻي آهي. انهيءَ ڪري، هڪ
پرهيزگار انسان جو درجو ملائڪن کان به مٿي آهي.
پرهيزگاريءَ جو سمورو دارومدار ”دل“ ۽ ان جي حالت
تي آهي، ۽ نه علم تي. تحقيق، علم انسان کي نيڪ ۽
بد ۽ ان جي سٺي ۽ خراب نتيجن کان آگاهه ڪري ٿو، پر
نيڪ ۽ بداعمالن جو ڪرڻ يا نه ڪرڻ، دل ۽ ان جي حالت
تي دارومدار رکي ٿو.
”دل“ بظاهر ته هڪ ننڍڙي شيءِ آهي، پر حقيقت ۾،
هوءَ هڪ بي انت مها ساگر جي حيثيت رکي ٿي: هوءِ
گوناگون ۽ بي پناهه جذبن جي کاڻ آهي. نفرت ۽ محبت
جي جذبن جو مرڪز آهي، ۽ هن ساري جسم تي حڪمران
آهي، ڇو ته دل ۽ ان جي جذبات جو سڄي بدن تي قبضو ۽
ضابطو آهي، ۽ جسم جو هر حصو ۽ ان جي ماتحت ۽ زير
فرمان آهي.
هر نيڪ ۽ بدخيال ۽ خواهش؛ جا پيدا ٿئي ٿي، سا دل ۾
پيدا ٿئي ٿي. ان ۾ هزارها خواهشون ۽ جذبا پيدا
ٿيندا رهن ٿا. انسان کي کپي ته دل، جا الله جو گهر
آهي؛ ان کي صفا رکي، ۽ ان ۾ ڪنهن به قسم جي
خرابيءَ کي اچڻ نه ڏئي؛ ڇو ته خداوند تعاليٰ ان دل
۾ پنهنجي جاءِ نه ڪندو، جا دينوي هوس سان ڀريل
هوندي. اسان کي گهرجي ته پنهنجي دل پاڪ ۽ درست
رکون، ڇو ته اسان جي هر قول ۽ فعل جو مدار، اسان
جي دل ۽ ان جي چڱائيءَ ۽ برائيءَ تي آهي. انسان،
تيسين تائين، انسان نه ٿيندو، جيسين تائين هن جي
دل درست نه هوندي ۽ دنيا ۽ ان جي هر خواهش ۽
خرابيءَ کان پاڪ نه هوندي.
انسان جي اچڻ جو اصل مقصد فقط اهو آهي ته پاڻ کي،
دنيا ۽ ان جي هر خواهش کان الڳ رکي، پنهنجي خالق
اڪبر جي بندگي ۽ ان جي هر حڪم جي پيروي ڪري. انسان
۾، خدا عزوجل، نفساني خواهشون به رکيون آهن.
پرهيزگاري اها راهه راست آهن، جا بندي کي پنهنجي
منزل مقصود تي پهچائي ٿي. جتي هو معبود حقيقيءَ جو
وصال حاصل ڪري ٿو: ۽ اهوئي انسان جي پيدا ٿيڻ جو
مقصد، ۽ سندس عروج جو ڇيهه آهي. ليڪن هن رستي ۾
ڪيئي مشڪلاتون آهن، ڪيترين ئي مصيبتن جو مقابلو
ڪرڻو پوندو آهي، باطل جو مقابلو ۽ حق جي طرفداري
ڪرڻي پوندي آهي. اهو سڀڪجهه اهوئي انسان ڪندو،
جنهن جو اعتقاد ۽ ايمان مضبوط ۽ پختو هوندو؛ جو
الله جي رضا مندي حاصل ڪرڻ ۾، پنهنجي خوشي ۽
خوشنودي سمجهي ٿو؛ جو ديدار حق ۾ هڪ پرڪيف لذت
محسوس ڪري ٿو؛ جنهن جي نظر ۾، دنيا ۽ ان جون لذتون
هيڍ آهن؛ جو سمجهي ٿو ته دنيا جو هر عيش وبال جان
ٿيندو؛ ۽ اهڙي اوڙاهه ۾ اڇلائيندو جتان نڪرڻ محال
ٿيندو؛ جو سمجهي ٿو ته دنيا جو عيش هڪ ڄار آهي،
جنهن جو نتيجو محروميءَ ۽ مصيبت کان سواءِ ٻيو
ڪجهه به نه آهي: خدا ناراض ٿيندو، سندس هر
مهربانيءَ کان بندو محروم رهندو، سندس ڪنهن به
شفقت جو حقدار نه رهندو، بلڪ سندس غصي ۽ غضب جو
شڪار ٿيندو، سندس سرڪار ۾ هڪ مجرم جي حيثيت ۾ پيش
ٿيندو، ۽ خدا جي سرڪار وٽ هر گناهه جي اها ڳري سزا
آهي، جنهن جي گرفت کان ڪو به پاڻ بچائي نه سگهندو؛
جو ڄاڻي ٿو ته گهڙيءَ جو عيش يا لذت هن لاءِ دائمي
عذاب جو باعث ٿيندو: مطلب ته دنيا ۽ ان جي خواهشن
۾ مبتلا ٿيڻ سان، انسان اهو سودو ڪري ٿو، جنهن ۾
سندس نقصان ئي نقصان آهي. تنهنڪري، ضروري آهي ته
انسان پنهنجيءَ دل کي قبضي ۾ رکي ۽ ان ۾ ناپاڪ ۽
ناجائز خيالن کي ڪو به دخل نه ڏئي.
”دل بدست آور، ڪ حج اڪبر است،
از هزاران ڪعبه يڪ دل بهتر است:
ڪعبه بنياد خليل آذر راست،
دل گذر گاهه جليل اڪبر است“.
هر انسان، جو پيدا ٿيو آهي، سو ان لاءِ ته هو وري
اوج ۽ عروج حاصل ڪري، روحاني ترقي ڪري. هو ”اشرف
المخلوقات“ آهي؛ تنهنڪري هن جا ڪم ڪاريون به انداز
تي هئڻ گهرجن. هو، هڪ جانور وانگر، فقط وحشاني
خواهشن ۾ مبتلا نه رهي. جيئن ڪنول گل پاڻيءَ ۾
رهندي به پاڻيءَ کان مٿي ٿو رهي، تيئن انسان به
دنيا ۾ هجي، پر دنيا کان ٻاهر هجي: يعني هر ناپاڪ
خواهش کان بالاتر هجي؛ هن جو مرڻ ۽ جيئڻ حق جي
واسطي هجي: دنيا هن لاءِ هجي ۽ هو دنيا لاءِ نه
هجي.
جو انسان، زندگي انهيءَ طرح گذاريندو، ۽ پنهنجي
نفس تي قبضو رکندو، ۽ روحاني تقاضائن موجب هلندو،
ته يقيناَ َ ان جو درجو ملائڪن کان مٿي هوندو: هو
زمين جي عيوض افلاڪ جا سير ڪندو.
”بيفشان بال و پرز آميزشِ خاڪ،
بپر، تاڪ نگري ايوانِ افلاڪ“.
اهڙو ماڻهو اهي انوار الاهي ڏسندو ۽ اهڙا مشاهدا
ڪندو، جو هن کان هيءَ دنيا ۽ ان جون لذتون بلڪل
وسري وينديون. پرهيزگار، اهو انسان ٿي سگهي ٿو،
جنهن کي خدا جي محبت سڀ کان زياده هوندي؛ جنهن جي
دل ۾، دماغ ۾، ذهن ۽ جسم جي رڳ رڳ ۾ سوز ۽ گداز
هوندو، جنهن کي ديدار حق لاءِ جنون هوندو، جو
بيتاب ۽ بيقرار هوندو، جو نفس مڪار ۽ ان جي هر
خواهش کان بالاتر هوندو، جو نفس مڪار ۽ ان جي هر
خواهش کان بالاتر هوندو، جنهن پنهنجي هر خيال ۽
خواهش کي معبود حقيقيءَ ڏانهن رجوع ڪيو هوندو،
جنهن دنيا ۽ ان جي هر لذت کي هيچ سمجهِي، هر مصيبت
کي آزمائش ۽ امتحان سمجهي، خنده پيشانيءَ سان
برداسٽ ڪيو هوندو، ۽ ان کي بار جو سنيهو سمجهي
قبول ڪيو هوندو. |